سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2025ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

 

 

 

 

شاهه ڪريم جي بيتن جو منظوم فارسي ترجمو

بيان العارفين جو هڪ ناياب نسخو

 

شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (944-1032/1538-1623) سنڌي ٻوليءَ جو پھريون مستند شاعر آهي جنھن جا ٽيانوي بيت سندس ملفوظات ”بيان العارفين و تنبيھ الغافلين“ ۾ ملن ٿا. اها ملفوظات سندس وفات کان فقط ڇھه سال پوءِ 1038هه ۾ سندس لائق فائق مريد ۽ عقيدتمند محمد رضا ٺٽوي مرتب ڪئي.(1) شاهه ڪريم سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيترن حوالن سان نھايت نمايان شخصيت آهي. سڀ کان پھرين ته هو سنڌ جي بيمثال وڏي ۾ وڏي شاعر شاهه عبداللطيف جو تڙڏاڏو آهي، جنھنڪري چئي سگهجي ٿو ته شاهه لطيف کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي.
”بيان العارفين“ پھريون ڪتاب آهي جنھن ۾ شاهه عبدالڪريم جي خاندان جو شجرو ۽ ان خاندان جي سنڌ ۾ اچڻ جو احوال ملي ٿو. شاهه ڪريم پھريون وڏو صوفي شاعر آهي، جنھن تي مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو ناقابل ترديد اثر موجود آهي. جيتوڻيڪ هن جو نالو ڪٿي به نه ٿو کڻي. شاهه ڪريم کان هلندڙ انھيءَ روايت جو اثر شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عروج تي نظر اچي ٿو، جنھن مولانا روميءَ جو ڇھه دفعا نالو کڻي روميءَ جي فڪر کي ساراهيو ۽ ان کي قبول ڪيو.

شاهه ڪريم جا اهي بيت سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو بنياد فراهم ڪن ٿا. سنڌي لوڪ داستانن سسئي، مارئي، سھڻي، ليلا، ڏاتار ۽ سخين، ملاحن ۽ گهاتوئن جي باري ۾ سڀ کان پھرين اُهي بيت ملن ٿا. انھيءَ روايت کي شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه لطيف وڌيڪ وسعت ڏيئي چوٽيءَ تي پھچائي ڇڏيو. جيستائين شاهه ڪريم جي صوفي فڪر جو تعلق آهي، ته هو اسلامي دنيا جي وڏن معتبر صوفين ابراهيم ادهم، جنيد بغدادي، بايزيد بسطامي، ابوطالب مڪي، ابوالحسن خرقاني ۽ ابن عربيءَ کان باخبر نظر اچي ٿو. هڪ بيت ۾ خرقانيءَ جو نالو کڻي خدا کان اهڙي فيض ملڻ جي دعا گهري ٿو جيئن هن کي خاص طور نوازيو ويو هو، جنھن جو گهڻي ۾ گهڻو ذڪر مشھور ڪتاب
”تذڪر
ة الاوليا“ ۾ ملي ٿو. ابن عربيءَ جي فڪر جو بنيادي حوالو ’سبحان من اظهر الاشياءَ وهو عينها‘ سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ پھريون دفعو هن ڪتاب ۾ ملي ٿو.

شاهه ڪريم جي ملفوظات جو مؤلف محمد رضا پڻ ٺٽي جي علمي خاندان جو فرد هو. سندس احوال مير علي شير قانع مقالات الشعراءَ ۾ ڏنو آهي، جنھن مان خبر پوي ٿي ته هو شاعر به هو، اهو ساڳيو محمد رضا هو جنھن مير معصوم جي
”تاريخ معصومي“
جو مستند نسخو 1045هه ۾  تيار ڪيو جنھن تان تاريخ معصوميءَ جو موجوده ايڊيشن وجود ۾ آيو.(2)

ملفوظات مان اندازو ٿئي ٿو ته، محمد رضا شاهه ڪريم جو نھايت مخلص مريد هو ۽ ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونھي ته جنھن محبت ۽ عقيدت سان هن ملفوظات مرتب ڪئي، ان شاهه ڪريم جي شخصيت، عرفان ۽ فڪر کي نھايت بلند مقام وارو ثابت ڪري ڏيکاريو، جنھن ڪري ملفوظات کي سنڌ جي علمي حلقن ۾ مسلسل وڏي مقبوليت حاصل رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو ان جا ڪيترائي قلمي نسخا، سنڌ جي ڪيترن ڪتبخانن ۾ اڄ به موجود آهن.

هتي اسان ”بيان العارفين“ جي هڪ اهڙي نسخي جو ذڪر ڪري رهيا آهيون جيڪو هڪ مجموعي ۾ شامل آهي. اهو مجموعو ڊاڪٽر بلوچ کان مليو هو، جڏهن آءٌ شاهه لطف الله قادريءَ جي تصوف بابت نثري تصنيف ’منھاج المعرفت‘ تي تحقيق ڪري رهيو هئس.(3)

بيان العارفين“ مڪمل تحقيق ۽ تخريج سان پھريون دفعو سال 1989ع ۾ شايع ٿيو هو ۽  ان جو ٽيون ڇاپو وڌيڪ سڌارن ۽ واڌارن سان بورڊ طرفان 2020ع ۾ شايع ٿيو آهي. ليڪن تازو جڏهن انھيءَ قلمي نسخي جو اتفاقي جائزو ورتو ته، خبر پئي ته ان ۾ ”بيان العارفين“ جو نسخو جيتوڻيڪ شروع ۽ آخر ۾ ناقص آهي جنھن ڪري سندس لکت جو سال به نه ٿو ملي، پر اهو نسخو ڪنھن عالم فاضل شخص جي ملڪيت هو، جنھن پنھنجي طرفان پوءِ ان جي حاشين ۾ تصوف بابت ڪيتريون ئي عمديون وضاحتون شرح طور شامل ڪيو آهن ۽ ان سان گڏ شاهه ڪريم جي 25 بيتن جو منظوم فارسي ترجمو پڻ ڏنو آهي.(4) اهو ترجمو هن ڳالھه جي وڏي شاهدي آهي، ته شاهه ڪريم جي بيتن کي سنڌ جي علمي حلقن ۾ غيرمعمولي مقبوليت حاصل هئي. اهو فارسي منظوم ترجمو جيڪو سنڌي بيتن کي سمجهڻ جو نئون رخ مھيا ڪري ٿو، وڏي وٿ سمجهي هتي پيش ڪجي ٿو.

شاهه ڪريم جو پھريون بيت جيڪو خدا جي توحيد بابت نھايت سولي سمجهاڻي ڏئي ٿو هن ريت آهي:

تون چؤ الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سک

سچو اکر من ۾ سوئي لکئو لک

فارسي ترجمو:

بگو خدا يکي تو مياموز سخن غير

يکي حرف راست ست تو در دل همان نويس

ٻئي سنڌي بيت جو منظوم ترجمو ڪونھي، البت ٽيون سنڌي بيت هن طرح آهي:

چرئن جيئن چت ڪري، سڱ سڀئي ڇنُ

جي ڀانئين پرين مڙان، ته مت منھجي ڳنُ

هن جو منطوم ترجمو هن ريت آهي:

دلرا چو ديوانه سازي پسر

ز من راز يابي نصيحت ببر

ز جمله خلائق يقين در کسل

يقين آر با دوست هر شب نهر

يعني اي پٽ، جڏهن تون پنھنجي دل کي پاڳل ڪري وجهين ته پوءِ مون کان راز طور هڪ نصيحت ٻڌي ڇڏ. تون ڀلي سموري مخلوق کان غافل ۽ سُست ٿي وڃ پر دوست جو ڏينھن توڻي رات ۾ هر وقت اعتبار ڪر ۽ اعتمار رک.

ٽيون بيت:

پريان سندي ڳالڙي، جي ڪو ٻئي ڪري،

مت منھجي ڪن ڪري، تنھن کي جواب مَ ڏي.

هن بيت جو فارسي ترجمو هن ريت آهي:

جُز حديث يار گر آرد زبان کس

هرگز مگو جواب عيان هم و نهان بس

يعني جيڪو دوست جي ڳالھه کان سواءِ ٻي گفتگو زبان تي آڻي، ته هن کي ظاهر توڻي ڳجهو ڪو جواب نه ڏي، بس، اهو ڪافي سمجهه.

چوٿون بيت جنھن جو ترجمو ملي ٿو هي آهي:

وائي ٻي مَ ڀل، مروئان موران پکڻان

بلا سندو سڄڻين، هو هلاچو هُل.

فارسي ترجمو:

ز آواز موران و طائوس هر همه ستور

بقرآن که هاؤ هو هواست دوست

يعني ڪوِلين، ماڪوڙين توڻي مور جھڙي پکيءَ ۽ ٻين جانورن جوجيڪو آواز آهي، قرآن جو قسم ته اهو سڀ هل هنگامو انھيءَ دوست جو آهي.

پنجون بيت هن طرح آهي:

متيون ميڙي کانءِ، واءَ چاڪجي وچ پُوءَ

جو تو سائر ڀانئيو، سو هُرنبوئي ناهه.

منظوم فارسي ترجمو هي آهي:

تو اماره عقلي سوز اي جوان

که عقل ست خامي شب و روزدان

تو دريا مپندار يک گام نيست

که ابله درين راه پيکار نيست

يعني اي جوان تون پاڻ واري انھيءَ حڪم هلائيندڙ عقل کي ساڙي ڇڏ، اهوعقل ڏينھن رات ۾ هر وقت ناقص سمجهه، تون دريا کي ائين نه سمجهه ته اهو هڪ وِک به ڪونھي، ڇو ته اهو ڪم عقل لاءِ ويڙهه جو ميدان ناهي.

ڇھون بيت هينئن آهي:

هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ

کڏيون ۽ کروٿون، ايءَ پڻ سڳر ٿوڪ.

فارسي منظوم ترجمو:

دلرا بدو ده تو عواض خَلق

که حُجره و مساجد همه نيک خُلق

يعني تون پنھنجي دل هن (دوست) جي حوالي ڪر باقي سڀ ڪجهه عام ماڻھن کي ڏئي ڇڏ. اهي نويڪلائي ۾ عبادت جون جايون ۽ مسجدون سڀ سٺي اخلاق وانگر آهن.

ستون بيت هي آهي:

وهاڻيءَ ئي وڃ، تو نه سرندي تن ريءَ

تا سا وڃي ڀڃ، پيئي جا ڪاڻ پرين سين.

فارسي ترجمو:

برو گرچه سحرش پس در دميد

ترا غير زانهان نباشد مديد

ترا شرم با دوست افتاده است

شايد که سپري درکين درشده است.

يعني تون اُٿي هلڻ شروع ڪر توڻي جو سھائو صبح ٿيڻ وارو آهي، توکي ٻئي ڪنھن وٽ ايتري دير ترسڻ نه گهرجي، توکي دوست اڳيان شرمسار ٿيڻ گهرجي شايد ان سان توکي معافي ملي وڃي.

(هتي فارسي شعر جي آخري سِٽ صحيح طور نه لکي وئي آهي. جنھنڪري ان جي معنيٰ اوٽ تي ڪئي وئي آهي.)

اٺون بيت:

اٿي چل چرئن جيئن، سڱ سڀئي ڇنُ

جي ڀانئين پرينءَ مڙان، ته مت منھجي ڳن.

ان جو منظوم ترجمو هي آهي:

قم رو چو ديوانه بشکن هوس

نصيحت ز من گير و پس يار پرس

يعني، اُٿي هل، چرين وانگر ۽ پنھنجي هر خواهش کي ختم ڪر. منھنجي اها نصيحت وٺ ۽ پوءِ پنھنجي يار جي پڇا ڪر.

نائون بيت:

جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي

مَنُ پريان نيئي پڳھيو پاڻ ڳري.

فارسي شعرن ۾ ترجمو هن ريت آهي:

آنکس که ياد يار ز بيدار هست

پس خفته آن دوست آئينه هست

دلم برد جانان برشته مسيح

همه عضو آن يار آخذ فصيح

يعني جيڪو يار جي يادگيريءَ سبب هر وقت هوشيار آهي ته اهڙي ستل لاءِ به اهو دوست آئيني وانگر آهي، منھنجي دلڙي هو مسيحا صفت دوست کسي کڻي ويو آهي، انڪري منھنجو انگ انگ هن جي ياد ۾ لڳل آهي، يا منھنجو هر عضوو هن جي قبضي سبب يادگيري ڪندڙ آهي.

ڏهون بيت:

پاڻھياري سڀڪا، جا سر گهڙو ڌري

ڪا لئي سندي سڄڻين، ڪا پورهئي لئه ڀري.

فارسي ترجمو هن ريت آهي:

سبو دار برسر ز عورت که هست

گروهي ز محبت و اجر دار هست

يعني هر عورت جي مٿي تي پاڻيءَ جو دِلو رکيل آهي، انھن مان ڪي محبت سان ڀري ٿيون وڃن ته ڪي وري مزدوري خاطر ائين پيون ڪن.

يارهون بيت:

ور وسري ته ڪوه، پر وَرُ نه وسرئوس

ڪونه چوندو ڪڏهين، ته اڱڻ اونداهوس

فارسي ترجمو هن ريت آهي:

شوهرش کرده فراموش چه شد

شوئي از ياد دلش هيچ نرفت

کس نگويد هيچ گاهي اين سخن

خانه اش تاريک يا مغفول رفت

يعني جيڪڏهن سندس مڙس کيس وساري ڇڏيو ته ڇا ٿي پيو، پر هن عورت جي دل مان مڙس جي يادگيري ڪڏهن به نه وئي، ان صورت ۾ ڪوبه ائين نه چوندو ته هن جو گهر اونداهو ٿي ويو يا برباد ٿي ويو.

ٻارهون بيت:

مُٺ ڀيريائي ڀلي، جو اُپٽي ته واءُ

جو پڌر وڌي ڳالڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ

فارسي ترجمو:

به بُسته مشت کشادي و باد

سخن چون فاحش بلندت نباد

يعني مُٺ بند آهي ته بھتر ڀرجي کلي پئي ته ڪجهه نه بچندو. گفتگو جيڪا اجائي آهي ان جو وڏو آواز نه هجڻ گهرجي.

تيرهون بيت:

جيڪي گهران مَ وڃ، جيڪي موٽ مَ سھڻي

هيڪڙائي هٿ ڪري، ٻئو ڀيري ڀَڃُ.

فارسي شعر:

طالب مرو ز خانه، چو رفتي مگرد باز

يک بارگي دوان شو ديگر مگير راز

يعني اي طالب گهران ٻاهر نه وڃ يا جيڪڏهن نڪتو آهين ته پوءِ وري پٺتي نه موٽ. هڪ ڀيرو نڪري ٻاهر آئين ته وري اهو راز نه کول.

سوئي هيڏانھن، سوئي هيڏانھن، سوئي من وساءِ

تھين سندي سوجهري، سوئي سو ڏساءِ

فارسي ترجمو هن ريت آهي:

همان راست آن چپ، بدل قائم است

همان روشن آرد، همان آن بديد

يعني اهوئي سڄي توڻي کٻي آهي ۽ دل ۾ به اهوئي ويٺل آهي. اهوئي روشني ڏيندڙ آهي  ۽ اهوئي ڏسندڙ آهي ۽ ڏيکاريندڙ آهي.

پندرهون بيت:

ڦٽيون ڪر ڦڙڪيون، ور ونگائي پاءِ

جا تن اندر ڪاءِ، سا معلوم محبوب کي.

فارسي ترجمو:

بگذار رقعه و مصلا ز سر

بياراش دستار تسبيح بر

محبت که داري درين جا سکون

معلوم محبوب داند فزون

يعني اها پڳڙي (ڪپڙي جو ويڙهيل ٽڪر) جيڪو مٿي تي اٿئي ۽ مصلو انھن کي ڇڏي ڏي، تون هونئن پنھنجي سِر کي سينگار ۽ تسبيح کڻ. اها محبت جنھن سان روح کي سڪون ملي اها محبوب وٽ وڌيڪ مان واري آهي.

سورهون بيت:

فڪر ڪر ڦڙڪيين، ور ونگائي لاهه

سائي ساري هٿ ڪر، سيڻن جا سُھاءِ

فارسي ترجمو:

بگذار  دستار زينت بسي

شايد که باشي ز خاصان يکي

توان آرد ز دستت اي جان پسر

که نزد دلارام خوش سربسر

يعني اهو سھڻي پڳ پائڻ وارو سينگار ڇڏي ڏي، شايد تڏهن تنھنجو شمار خاص ٻانھن ۾ ٿي وڃي، اي منھنجا مٺڙا، تون ڪوشش ڪري اها شيءِ هٿ ڪر جنھن سان تنھنجو محبوب بلڪل راضي رهي.

سترهون بيت:

ڪاڻياريون ڪيئن ڪن، عمر اڇا ڪپڙا

جنين جا ٿرن ۾، ور ٿا ويڻ سھن.

فارسي ترجمو:

ملبوس البياض شايد کسي را

که دل صاف دارد بر آرد خم را

نشايد که محتاج بر سرکند

در اقليم دشت و دلارام را

يعني انھن کي اڇو (صاف پاڪ) لباس سونھي ٿو، جن جي دل صاف ۽ نماڻي آهي، جيڪو اڳيئي لاچار آهي اهو بيابان ۾ محبوب کي ڪٿان ڳولي لھندو.

ارڙهون بيت:

متارڪا ڳڀرو، گرٿ نه ٻڌن گوڏ

آئيا اڱڻ هوڏ، سر ڏئو سرو پين

فارسي ترجمو:

پسران مستان بعشرت تمام

نه بندد اجوري بگرد مدام

سرداد ميخانه روي مي خورند

پس حمد بر حمد گويند مدام

يعني اهي مست جوان ايڏو خوش هوندا آهن جو ڪڏهن به ڳنڍ ۾ پئسا ٻڌي کڻي نه هلندا آهن، بلڪ اهي ميخاني ۾ پھچڻ سان سر (عيوض) ڏئي پيالا پيئندا آهن ۽ ان ريت ساقيءَ جي ساراهه جا ڍُڪ ڀريندا رهندا آهن.

اڻويھون بيت:

جا تو گهيڙي گهٽ، ماڪڙياري مڇڙا

ان ڪنڊيءَ ڪڍي ڪيترا، نيئي پڇاڙئا پٽ

فارسي ترجمو:

آنگه ترا اين سمک آورد خشک

اين را نديدي شست دردام حلق

يعني اي مڇڙا، توکي جيڪا شيءِ خشڪي تي ڇڪي وٺي آئي آهي، اها ڪُنڍي آهي. جيڪا تو نه ڏٺي آهي پر تنھنجي نڙيءَ ۾ ڦاٿل آهي.

ويھون بيت:

ڏورا پسي ڏور، جي وهين وهرو ڪري

ماڪڙياري مڇڙا، هوند نه وڌئي هور

فارسي ترجمو:

اگر آن رشته تو ديدي ز نظر صاف بريدي

پس ازان زود برفتي هيچ زان ترس نگردي

يعني جيڪڏهن تون اها ڏور پري کان چڱيءَ طرح ڏسين ها ته پوءِ اتان تڪڙو تڪڙو نڪري وڃين ها ۽ ان مصيبت ۾ نه پوين ٿا.

ايڪويھون بيت:

ڪنز قدوري ڪافيه، جي پڙهي پروڙين سڀ

ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوه ۾ پئي ڪڇي اُڀ

فارسي ترجمو:

گر تو خواندي اي خود هم کنز و کافيه

همچو موري تحت چاهي لنگ فکر مي کند

لنگ فکر مي کند گويا که پيمايد سما

از چه آيد مور لنگ خام فکر مي کند

يعني جيڪڏهن تون پاڻ ڪنز ۽ ڪافيه ڪتاب پڙهي پورا ڪرين ته گويا منڊي ماڪوڙي کوهه اندر سوچ ۾ گُم آهي، اها منڊي ماڪوڙي پنھنجي ليکي آسمان کي پئي ماپ ڪري، اها منڊي ماڪوڙيءَ جي اجائي سوچ آهي جنھن مان ڪجهه ورڻو ناهي.

ٻاويھون بيت:

ڪنز قدوري ڪافيه، ڪي ڪين پڙهئوم

سو پاڙهه اي ڪو ٻئو، جئان پرين لڌوم

فارسي ترجمو:

کنز کافيه هم قدوري خوانده ام

راه ديگر بود کانجا يار ديده ام

يعني اسان ڪنز، قدوري ۽ ڪافيه سڀئي ڪتاب پڙهي پورا ڪيا، پر اها راهه ٻي هئي جنھن سان اسان يار کي ڳولي لڌو.

ٽيويھون بيت:

لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين

سوئي پڙهئو سو پڙهان، سوئي سو حرف.

فارسي ترجمو:

خلق خواند نحو صرف و من بخوانم روي دوست

هم بخواندم هم بخوانم همه خوانم حرف

عام ماڻھو صرف ۽ نحو جا ڪتاب پيا پڙهن پر آءٌ رڳو پنھنجي محبوب جي مطالعي (ياد) ۾ مصروف آهيان، مان هن کي ئي پيو پڙهان (ياد ڪريان) ۽ هن کي ئي پيو دل ۾ ياد ڪريان، يا اهو ساڳيو حرف پيو دهرايان.

چوويھون بيت:

سيئي سيل ٿئام، پڙهئام جي پاڻ لئه

اکر اڳيان اڀري، واڳو ٿي وريام.

فارسي ترجمو:

چه دانم چه گويم که سابق حروف

باغلال و انکال در گردن آمد

چو آفات همه حرف شد چون نهنگ

پيوسته بامن چو آسيب لهنگ

يعني مان ڇا ٻڌايان ڇا ڄاڻان جيڪي حرف اڳ ۾ پڙهيا اٿم، جيڪي هينئر سڀ منھنجي ڳچيءَ ۾ ڳٽ ۽ زنجير بنجي پيا آهن، اهي سڀ لفظ منھنجي لاءِ واڳون ٿي پيا آهن، جيڪي مون لاءِ وڏي مصيبت جو  سبب آهن.

پنجويھون بيت:

مُنڌ مَ منھه ويھه، اڀي اوسڙ اُس ۾

تو سيئي سيڻ ڪئا، ڏور جني جو ڏيھه.

هن کان اڳ شايع ٿيل سڀني نسخن ۾ اهو بيت ٻه سٽو آهي. پر هن نسخي ۾ هڪ سٽ جيڪا بظاهر حاشيي ۾ وڌايل آهي هن طرح آهي:

پاڙي پاڙي پيھه، لوچ ته لھين سپرين.

ان کان پوءِ وري ان وڌايل سِٽ جو فارسي ترجمو هينئن ڪري ٿو:

جابجائي  در شود جستجوئي کن بغايت

تابيابي مطلوب خود را يعني همان دوست

يعني هرهنڌ هٿ پير هڻ ۽ پنھنجي پوري ڳولا ڪر ته جيئن پنھنجي محبوب کي ڳولي لھين جيڪو تنھنجو دوست آهي.

شاهه ڪريم جو هڪ بيت آهي:

اسين سڪون جن کي، تا سي اسين پاڻ

هاڻي وڃ گمان، سچڻ سڃاتا سپرين.

هن کان اڳ ٻين سڀني نسخن ۾ سچڻ بجاءِ صحيح آهي.

هن بيت جي حاشيي ۾ هڪ نئون بيت ملي ٿو، جيڪو هن بيت ۾ سمايل وحدت وجودي فڪر جي مقابلي ۾ وحدت شھودي فڪر جو مڪمل اظھار ڪري ٿو.

اسين سڪون جن کي، اسين نه سيئي

لم يلد ولم يولد، وانء ايڏاهم پيھي

پڪ سان نه ٿو چئي سگهجي ته هي بيت ڪنھن جو آهي پر غالب گمان آهي، ته اهو هن نسخي جي مالڪ جو آهي جنھن پنھنجو نالو ٻن يا ٽن هنڌن تي ابراهيم ڄاڻايو آهي. خاص طور ڪتاب جي آخر ۾ جتي مولانا جاميءَ جي قصيده برده جو فارسي منظوم ترجمو نقل ڪيل آهي اتي پنھنجو نالو پوريءَ طرح ڄاڻايو اٿس جيئن اسان اڳتي هلي ان تي وڌيڪ روشني وڌي آهي، قصيده برده جي حاشين تي وري دعاءِ قنوت جو منظوم فارسي ترجمو پڻ ڏنو اٿس، جيڪو بلڪل معياري آهي ۽ سندس فارسي نظم ڏانھن رجحان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته اهو ترجمو به سندس تصنيف آهي.

جيئن اسان شروع ۾ عرض ڪيو ته ”بيان العارفين“ جو هي نسخو شروع ۽ آخر ۾ ناقص آهي، تنھنڪري ان جي ڪاتب جي نالي ۽ لکت جي سال جي خبر نه ٿي پوي. وڏي ڳالھه ان جي حاشين تي ڪيترائي تشريحي حاشيا ۽ شرح موجود آهن، اسان هتي جن بيتن جا فارسي منظوم ترجما ڏنا آهن. اهي به حاشين تي لکيل آهن. جيڪي ڪل چوويھه معلوم ٿيا آهن.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته سمورن سنڌي بيتن جون پڙهڻيون گهڻي ڀاڱي اهي ساڳيون آهن، جيڪي هن کان اڳ اسان پنھنجي تحقيق ۾ ڏئي چڪا آهيون، البت ڪجهه بيتن ۾ معمولي لفظ ڪجهه صورتخطيءَ جي تبديليءَ سان ملن ٿا. ان کان سواءِ متن ۾ ڪجهه معمولي واڌارا به ملن ٿا. جيئن ان ۾ هڪ نئون هندي بيت مليو آهي، جيڪو هن کان اڳ اسان کي ٻئي ڪنھن نسخي ۾ نظر نه آيو.

اونچي تُن کجور، تيري ڀلپن ديکي

ڦر تمارا ڏور، ساٿي ڇاءِ نه وهنا.

هن هندي بيت جو فارسي ترجمو هن ريت ملي ٿو:

بلند تو نخل ست ديديم بزرگي

شما ميوه تو دورست و سايه کسي نه نشيند

ترجمو: اي کجيءَ جا وڻ توکي گهڻو بلند ڏسون ٿا، تنھنجو ڦل گهڻو پري آهي ۽ تنھنجي ڇانوَ ۾ ڪوئي نه ٿو ويھي سگهي.

ٻيو هڪ قابل ذڪر نُڪتو اهو آهي ته بيان العارفين ۾ هڪ هنڌ وڏي صوفي ابوطالب مڪيءَ جو عربيءَ ۾ هڪ قول ملي ٿو:

انا اول من ربي سنتين

آءٌ پنھنجي رب کان به سال اڳ ۾ هوس

هن نسخي ۾ ان قول جي تشريح جي لحاظ کان ڪجهه وڌيڪ جملا عربيءَ ۾ هيٺين ريت ملن ٿا جيڪي ٻئي ڪنھن نسخي ۾ نظر نه آيا آهن. اها حقيقت اسان جي تحقيق سان شايع ٿيل بيان العارفين ۾ شامل فارسي عڪس مان ثابت ٿئي ٿي. موجوده نسخي ۾ وڌيڪ عربي جملو هن ريت آهي:

انا اول من المرشدين بالوجود سنتين حتيٰ  يلاق المرشد ثم يقول لاانا.

يعني مان پنھنجي سڀني مرشدن کان وجود جي لحاظ کان ٻه سال اڳ ۾ آهيان، تانجو هو مرشد سان ملاقات ڪري ٿو ۽ چئي ڏئي ٿو مان نه آهيان.

”بيان العارفين“ جو موجوده نسخو معلوم ٿئي ٿو ته مختلف عالمن جي هٿن مان گذريو آهي جيتوڻيڪ اڪثر حوالا ساڳي دستخط ۾ آهن، ليڪن انھن سان گڏ يا ڪن هنڌن تي وري مختلف دستخط جو نمونو به ملي ٿو، حاشين ۾ شروعات ۾ لطف الله قادري جي ڪتاب منھاج المعرفت مان خاص طور ’اسم اعظم‘ جي باري ۾ تحقيقات نقل ٿيل آهي. تنھن کان پوءِ حاشين تي شيخ سعديءَ جي گلستان ۽ بوستان مان تمام گهڻا اشعار ملن ٿا. اهڙيءَ طرح هڪ هنڌ وري حنفي فقيه شمس الائمھ حلوائي ۽ محمد هاشم ٺٽويءَ جا ٻن هنڌن تي حوالا  آهن. جن ٻين ڪتابن جا حوالا ملن ٿا، انھن جا نالا هن ريت آهن: ”جامع الرموز، خزانة الروايات“، ”مختار الفتويٰ“، ”شرح حصن حصين“، ”ڪيداني منھيات“، ”صلواة مسعودي“، ”شرح اسماءَ الاهي، قاضي حميدالدين ناگوري“، ”ڪشف اللغات“، ”اخلاق جھانگيري“ وغيره. شاعريءَ ۾ ديوان محي الدين ۽ ديوان راجا مان ڪيترائي شعر ملن ٿا. اُچ جي بزرگ قطب العالم جمال الدين اُچي ۽ تصوف جي مشھور تصنيف اسرار  الوحي کان علاوه امام غزاليءَ جو به هڪ حوالو آيل آهي.

اهي تشريحي حوالا، حديثون، صوفي اقوال، اشعار ۽ فقھي رايا ايترا گهڻا آهن، جو انھن کي ڪٺو ڪجي ته هڪ ننڍو ڪتاب تيار ٿي ويندو. بھرحال گهٽ ۾ گهٽ ٻن هنڌن تي ڪاتب پنھنجو نالو ’ابراهيم‘ لکيو آهي. حاشين پڙهڻ ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته جڏهن ڪتاب کي جلد ٻڌو ويو ته سامھون ڪاغذن کي برابر ڪرڻ لاءِ ڪاٽيو ويو جنھنڪري ڪجهه لفظن جا شروعاتي حرف ڪٽجي ويل آهن. هن مجموعي جي آخر ۾ مولانا جاميءَ جي قصيده برده جو منظوم فارسي ترجمو ڏنل آهي جنھن جي پڄاڻيءَ تي ان جو ترقيمه هن طرح ملي ٿو:

تمّت بالخير بيد الفقير حقير حافظ ابراهيم ولد مرحوم مغفور عبدالواحد بتاريخ سيزدهم روز دوشنبه ماه مبارک ذوالحج 1202هه

يعني خير سان مڪمل ٿيو هٿان حقير حافظ ابراهيم ولد مرحوم مغفور عبدالواحد، (اهو پويون نالو به پوريءَ طرح چٽو ناهي). 13 اڱارو ذوالحج 1202هه.

انھيءَ صفحي تي پنج مھرون لڳل آهن جن لاءِ هن پاڻ ’سجع مھر‘ هن طرح لکي آهي ۽ پاڻ کي ’مالک صاحب خاتم‘ يعني مُھر جو مالڪ ڄاڻايو آهي.(5)

فدائي نام محمد

مدام ابراهيم

اسان جي خيال ۾ ’بيان العارفين‘ ۾ حاشيي تي ٻن هنڌن تي جيڪو ’ابراهيم‘ لکيل ملي ٿو، اهو ساڳيو آهي. هڪ ٻن هنڌن تي هو پاڻ نقشبندي سلسلي جي بزرگن جو نالو کڻي ٿو، اتي بنده ابراهيم لکي ٿو. ان مان غالب گمان اهو آهي، ته هو پاڻ نقشبندي سلسلي سان وابسته آهي ۽ پاڻ ئي انھن حاشين ۽ منظوم ترجمي جو مؤلف ۽ مصنف آهي.

هاڻي سوال اهو آهي ته اهو ابراهيم ڪير آهي، بيان العارفين جي حاشيي تي نقشبندي سلسلي جي تعريف ۾ ڏهاڪو شعر ملن ٿا، جن جي آخر ۾ ’بنده ابراهيم‘ لکي ٿو، جنھن مان ان گمان کي تقويت ملي ٿي، ته سندس واسطو نقشبندي سلسلي سان آهي. بلڪل آخري ورق تي پنھنجو نالو چِٽو ڪري لکيائين ۽ سال 1202هه لکي ٿو. ان جو مطلب ته هو ٻارهين صديءَ جو بزرگ آهي.

مير علي شير قانع ”معيارِ سالڪان طريقت“ ۾ ٻارهين صديءَ جي بزرگن ۾ هڪڙي ’ميان ابراهيم‘ جو ذڪر ڪري ٿو جنھن جي پنجن ڇھن همعصرن جا نالا ڏئي ٿو ۽ ان کان وڌيڪ بس ڪا معلومات نه ٿو ڏئي.

اسان جي خيال ۾ جيستائين وڌيڪ معلومات نه ٿي ملي تيستائين اهو گمان ڪري سگهجي ٿو، ته اهو ساڳيو ميان ابراهيم آهي جيڪو هن نسخي جو مالڪ آهي ۽ اندر حاشين ۾ ڪيترن علمي اضافن جو مصنف ۽ مؤلف آهي جنھن ۾ ’دعاء قنوت‘ جو فارسي منظوم ترجمو پڻ شامل آهي.

حوالا:

 

 

1) 

ڏسو اسان جي تحقيق سان شايع ٿيل ’بيان العارفين و تنبيھ الغافلين‘ ڇاپو ٽيون 2020ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

2)                                   

تاريخ معصومي (سنڌي) ص 4، سنڌي ادبي بورڊ 1985، ڄام شورو.

3)                                   

ڏسو اسان جي تحقيق سان شايع ٿيل ’منھاج المعرفت‘ ص ٻيو، سنڌالاجي، ڄام شورو 2009ع.

4)                                   

سال 1937ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي ’شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘ نئين تحقيق بعد شايع ڪيو جنھن جو بنياد بيان العارفين جو اصلي نسخو جيڪو مصنف محمد رضا مرتب ڪيو هو، ۽ ان کان سواءِ ٽن ٻين قلمي نسخن تي رکيو. ڊاڪٽر دائود پوٽي محمد رضا جي طرفان سنڌي بيتن جو فارسي نثر ۾ ترجمو جيئن جو تيئن شامل ڪيو آهي.

5)                                    

ڏسو هن صفحي جو عڪس ۽ ان تي مھرون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org