سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2025ع

باب:

صفحو:17 

مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

مثنوي ختم السلوڪ 1199هه (فارسي)

                از: ميرعلي شير قانع ٺٽوي، تحقيق، مقدمو ۽

سمجهاڻي ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

 

مثنوي ختم السلوڪ، مير علي شير قانع ٺٽوي جي اها لافاني ۽ بيمثال بلڪه شاهڪار تصنيف آهي، جنھن کي اوليائي ڪرام کانسواءِ شريعت ۽ طريقت جي عالمن به پنھنجي لاءِ مشڪل هدايت سمجهيو آهي. هي مثنوي تصوف تي جامع مثنوي آهي. ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته: ”مثنوي ختم السلوڪ خالص تصوف جي موضوع تي مير علي شير قانع جي اهم تصنيف آهي، جنھن ۾ 4043 اشعار يا بيت آهن. اها مثنوي سندس چوڻ مطابق، هن مثنوي روميءَ کان متاثر ٿي لکي هئي، ان ڪري هن مثنوي جي اهميت گهڻو وڌي وڃي ٿي، ڇو ته انھيءَ ساڳي ٻارهين صدي ۾ شاهه لطيف پڻ مثنوي روميءَ جي عظمت جو پنھنجي شاعري ۾ اقرار ڪيو آهي. ياد رهي ته قانع، شاهه لطيف جو ننڍو معاصر آهي، جنھن پھريون دفعو سندس مختصر احوال تحفة الڪرام ۾ درج ڪيو آهي.“ (ص 8)

هيءَ مثنوي تصوف، دل جي پاڪيزگي، احساس، اخلاص ۽ عشق الٰهي ۾ گُم ٿيڻ جو نالو آهي. صوفي بزرگن تصوف جي روشني ۾ انسانيت، اخلاقي اقدار، محبت جو درس ڏنو آهي. صوفيانه تعليم، شريعت کان جدا نه آهي. صوفياءِڪرام پنھنجي عمل جو جواز قرآن حڪيم ۽ سنتِ رسول ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان پيش ڪن ٿا. تصوف جو بنياد ٻن شين تي آهي. الله تعاليٰ جي محبت ۽ قرب ذاتي، صوفي بزرگن جو چوڻ آهي ته قرآن ۾ قربِ ذاتي جو واعدو ڪيو ويو آهي. هو چون ٿا ته شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت، تصوف جون سلسليوار منزلون آهن. شريعت تي دل جي حضور سان عمل ڪرڻ کانپوءِ ئي سالڪ طريقت جي منزل تي قدم رکي ٿو. انھيءَ ڪري تصوف نه شريعت کان جدا آهي ۽ نه متصادم آهي. نه فقط ايترو پر اسلامي تصوف جو سرچشمو ۽ ماخذ، اسلامي تعليم آهي.

زيرِ نظر مثنوي ختم السلوڪ تاريخي نالو آهي.  جيئن مير علي شير قانع، مثنوي جي هيٺين ٻن بيتن مان مثنوي جي اختتام پذير هجڻ جو سال ڪڍي ٿو:

يازده صد تو دنه فرق آن

سالِ ختم مثنوي شد عيان

يعني يارهن سؤ نوي ۽ ان ۾ نَو وڌايو ته هن مثنوي جي خاتمي جو سال 1199هه ظاهر ٿئي ٿو.

هيءَ مثنوي ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي تحقيق مطابق 1199هه ۾ لکي پوري ٿي. مير علي شير قانع هن مثنوي کي ٻاويھن مقالن ۾ ورهايو آهي، جنھن جا عنوان معرفت، فقر، توبھ، توڪل، صبر، رضا، حال ۽ مقام، خوف ۽ رجا، جمع ۽ تفرقه، سڪر ۽ صحو، فنا ۽ بقا، غيبت ۽ شھود، تجلي ۽ استستار، محبت، سماع، خرقي، ڍڪڻ جا آداب ۽ لوازمات وغيره آهن. انھن مان گهڻا عنوان دراصل ڪشفِ المحجوب ۾ به موجود آهن. ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته مير علي شير قانع جي مواد جو گهڻو انحصار ان ئي ڪتاب يعني ڪشفِ المحجوب تي آهي.

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، مثنوي جا ماخذ ۽ فڪر جي عنوان هيٺ لکي ٿو ته، ”مثنوي جي مطالعي مان اهو چڱيءَ طرح واضح ٿئي ٿو ته هت قانع صاحب انھن سڀني ڪتابن مان وڌيڪ اهميت ڪشفِ المحجوب کي ڏي ٿو، جنھن منجهان صوفين جا اقوال، قرآن شريف جون آيتون، حديثون انھن جي وضاحت يا تشريح کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪري ٿو، ڪيترن هنڌن تي ائين محسوس ٿئي ٿو ته گويا قانع صاحب نثر کي نظم جو سھڻو ويس ڍڪايو آهي.“ (ص 31)

مثنوي جي ابتدا جي فضيلت مير علي شير قانع، حمد و ثنا سان ڪري ٿو. هن مثنوي جي فضيلت، حقيقت ۾ رڳو ان جي قدامت تي قائم نه آهي، پر مثنوي جي رنگارنگي معنوي وصفن تي به مبني آهي. مثنوي جھڙي طرح تصوف جي تاريخ جو خزانو آهي، اهڙيءَ طرح روحاني ڄاڻ جي کاڻ به آهي، جنھن ۾ هٿ وجهڻ سان اڻ ملھه موتي حاصل ٿين ٿا. هن ۾ شڪ ناهي ته مثنويءَ ۾ جابجا اهڙا ڪنايا، رمزون، تشبيھون ۽ استعارا سمايل آهن، جن مان اعليٰ درجي جا ئي علم ۽ عرفان جا ڄاڻو فائدو وٺي سگهندا ۽ طريقت ۽ شريعت جي ڄاڻن وٽ هن مثنوي جو مقام تمام ارفع و اعليٰ آهي.

مقدمي نگار، مثنوي ۾ قرآن مجيد جون آيتون، حديثون ۽ آخر ۾ بزرگن، صوفين جا قول ڏنا آهن. مقدمي جي مطالعي مان اِها پروڙ پوي ٿي، ته مصنف هر موضوع جو وسيع نظر سان مطالعو ڪيو آهي ۽ ٻين اقوالن جو نقل ڪونه ڪيو آهي، پر ڪٿي ڪٿي منطقيانه ۽ فلسفيانه مسئلا منجهيل ٿيندا آهن، جن کي سمجهڻ لاءِ ذهين فڪر جي ضرورت هوندي آهي، پر ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو اعليٰ دماغ جو مالڪ آهي، جو هن آسانيءَ سان انھن رمزن، اشارن، ڪئاين کي وڏي تحقيقي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو جي تحقيق مطابق، مصنف هن مثنوي کي لکڻ وقت جن ڪتابن تان استفادو حاصل ڪيو آهي، تن مان ڪن جا نالا مقدمي ۾ ڏنل آهن، تن مان:

(1) ڪشفِ المحجوب، (2) عوارف المعارف،
(3) مصباح الھدايه، (4) نفحات الانس ۽ (5) فصل الخطاب.

انھن رهنمائن، يعني مٿين ڪتابن جي مصنفن کان علاوه، مصنف وقت جي جيّد عالمن، صوفين ۽ بزرگن جي خدمت ۾ حاضري ڀري انھن جي صحبتن مان فيضياب ٿي پنھنجي رشحاتِ قلم مان جيڪي موتي پويا آهن، اهي نور اعليٰ نور آهن.

مثنوي ختم السلوڪ کي مرتب ڪندي،ڊاڪٽر عبدالغفار سومري هڪ باب تخريجِ آياتِ قرآن، احاديث و اقوال جو اضافو ڪيو آهي. هن باب ۾ سومري صاحب، باوجود پنھنجي بي پناهه مصروفيتن جي قرآني آيتن، حديثن ۽ بزرگانِ دين جي قولن جي جيڪا تشريح ڪئي آهي، سا پڻ هڪ قابل فخر و مباهات تحقيق آهي. ڊاڪٽر عبدالغفار سومري نھايت اڻٿڪ محنت ۽ وڏي جاکوڙ ۽ تحقيقي انداز ۾ جيڪو مقدمو لکيو آهي، سو سندس تبحرِ علمي جو بينّ ثبوت آهي.

بھرحال هي مثنوي جيڪا 1199هه جو مينار نور آهي، تنھن متعلق اوليائي ڪرام ۽ صوفيائي عظام جو متفقه فيصلو  آهي، ته تصوف متعلق هي بھترين تصنيف آهي، تنھنڪري سنڌ جي مشھور اداري، ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ۽ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو حڪومتِ سنڌ، هن مثنوي کي عقيدتمندن جي دل جي تسڪين ۽ روح جي راحت واسطي شايع ڪرايو آهي. مقدمي جي ٻولي عام فھم هئڻ کانسواءِ علمي ۽ ادبي آهي، جنھن مان ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو جي محنت ۽ صلاحيت جي پوري پروڙ پوي ٿي.

اللہ کرے زورِ قلم اور زیادہ۔

 

پروفيسر ڊاڪٽر نعمت الله سومرو

 

 

 

 

علمِ حديث ۾ علامه ابوالحسن سنڌي ڪبير جون خدمتون

(هڪ علمي مطالعو)

 

قرآن پاڪ کان پوءِ اسلامي احڪامن جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي ماخذ نبوي حديثون آهن، نبوي حديثن کان بغير قرآن پاڪ جي احڪامن کي سمجهڻ ناممڪن آهي. انھيءَ ڪري اهل اسلام طرفان رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اقوال ۽ آثار جي حفاظت ۾ جيڪا غير معمولي سرگرمي ڏيکاري وئي آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. پھرين صدي هجري جي آخر ۾ حضرت عمر بن عبدالعزيز (وفات 101هه) جي ڪوششن سان حديثن کي جمع ڪرڻ سان گڏ علم حديث جي تدوين جو به باقاعدي آغاز ٿي چڪو هو.

برصغير ۾ اسلام جي آمد اصحابن جي دور کان ئي شروع ٿي چڪي هئي ۽ بيشمار صحابه ڪرام پنھنجي تشريف آوريءَ سان هندستان جي سرزمين کي عزت بخشي، چنانچه اسلام جي مشھور ۽ نامور مورخ قاضي اطھر مبارڪپوريءَ اهڙن ڏهن صحابن جو ذڪر ڪيو آهي، جن پنھنجي ورود مسعود جي ذريعي سر زمين هند کي شرف بخشيو،  حضرت عثمان بن ابي العاص ثقفي، حضرت حکم بن ابي العاص، حضرت حکم بن عمرو ثعلبي، حضرت سنان بن سلمه ۽ حضرت عبدالله بن معمر تيمي رضي الله عنھم اُهي صحابي آهن جن جي پاڪ نفوس ۽ بابرڪت قدمن سان سرزمين هندستان سعادت ماڻي . اهڙيءَ طرح تابعين ڪرام به هندستان جي سرزمين ڏانھن توجه ڏنو ۽ هتي اچي رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دين جي تبليغ ۽ اشاعت ڪئي ۽ قال الله و قال الرسول جو نعرو بلند ڪيو، تنھنڪري ننڍي کنڊ جي رهواسين کي علم حديث ۾ انس پيدا ٿيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ هندستان ۾ محدثين جو هڪ وڏو گروهه تيار ٿيو، چانچه خلف بن سالم سنڌي. (231هه)، محمد بن رجا سنڌي (286هه)، شيخ ابوالحسن لاهوري (529هه)، ابوالفوارث احمد بن محمد سنڌي (349هه)، سڀ ابتدائي زماني جا محدث آهن. اهڙي طرح پوئين دور ۾ امام حسن بن محمد صغاني لاهوري (ت: 650هـ)، شيخ الاسلام بھاءُالدين زڪريا ملتاني (666هه)، شيخ عبدالحق محدث دهلوي، اهي نالا آهن، جن علم حديث ۾ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

ٻين علائقن وانگر سنڌ ۾ به علم حديث جون سرگرميون شروع ٿي چڪيون هيون، سنڌ ۾ به ڪجهه صحابه ڪرام ۽ محدثين عظام جي آمد جو ڏس ملي ٿو ، جڏهن ته ٻئي طرف هن علائقي جا ماڻهو به اسلامي دنيا جي مختلف علمي مرڪزن جو دورو ڪندا رهيا ۽ علمي ۽ تحقيقي سرگرمين سان واڳيل رهيا، ڪيترن ئي سنڌي عالمن حديثن جي مختلف طريقن سان خدمت ڪئي آهي، ڪجهه عالمن حديث جي تشرح و تفھيم ۾ خوب محنت ڪئي آهي، انھن شخصيتن منجهان متبحر محدث عظيم المرتبت عالم، صحاح سته جو مشھور شارح  مخدوم محمد بن عبدالھادي ٺٽوي المعروف ابوالحسن ڪبير ٺٽوي سنڌي (وفات 1138هه) به هڪ آهي، جنھن صحاح سته سميت مختلف ڪتابن تي حواشي ۽ شرح تحرير لکيا، هن مضمون ۾ علمِ حديث ۾ سندس خدمتن جو علمي مطالعو پيش ڪجي ٿو.

مختصر احوال :

سندس نالو ۽ نسب هن ريت آهي: مخدوم محمد بن عبدالھادي ٺٽوي، المعروف ابوالحسن سنڌي (ڪبير) جي نالي سان مشھور آهي. ڪبير چوڻ جو سبب هي آهي ته سنڌ جو هڪ ٻيو عالم (علامه محمد بن صادق) ابوالحسن جي ڪنيت سان آهي، جنھن کي صغير چيو وڃي ٿو ۽ انھن ۾ فرق ڪرڻ لاءِ ڪبير ۽ صغير جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.

سندس ولادت سنڌ جي مشھور علمي مرڪز ٺٽي جي هڪ علمي گهراڻي ۾ ٿي. انھن جي تاريخ ولادت معلوم نه ٿي سگهي . البته قرائن ۽ ثبوتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو يارهين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ ڄائو هو.

          سندس تعلق هڪ علمي خاندان سان هو، انھن جو والد پنھنجي وقت ۾ ٺٽي جو وڏو عالم هو. هن پنھنجي والد ۽ ٻين عالمن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي، ٺٽي جي استادن مان فقط سندس جي والد عبدالھادي سنڌي جو ذڪر ملي ٿو. هن مختلف علمن ۾ ايتري مھارت حاصل ڪئي، جو هو پنھنجي علائقي ۾ هڪ محقق عالم جي حيثيت سان علم جي اڃارن جو هڪ مرجع بڻجي ويو. پنھنجي وطن ۽ حرمين شريفين جي جيد عالمن کان علم حاصل ڪيائين.

اسفار:

هيءَ ڳالھه سج وانگر چٽي آهي ته سفر ظفر يعني ڪاميابي جو ذريعو آهي، سفر مان انسان کي بيشمار فائدا حاصل ٿيندا آهن. علم پرائڻ ۾ سفر جي اهميت اڃان وڌي وڃي ٿي، اڳوڻن عالمن جي حالات جي ورق گرداني ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته انھن علم جي حصول لاءِ هزارين ميلن جو سفر ڪيو. خطيب البغدادي ”الرحلة في طلب الحديث“ نالي هڪ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو علم حديث جي تلاش ۾ سفر ڪرڻ جي موضوع تي آهي. ان سان گڏ هڪ صحابي (حضرت جابر بن عبدالله) جو قصو به مشھور آهي، جنھن هڪ حديث ٻڌڻ لاءِ هڪ مهيني جو سفر ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو عالمن علم جي حصول ۾ سفر ڪرڻ ۽ گهر ڇڏڻ کي وڏي اهميت ڏني آهي. ڪن عالمن جو بيان آهي ته هو سالن تائين پنھنجي وطن کان پري رهيا.

ان ڪري مخدوم ابوالحسن سنڌيءَ به سفر ڪيا، بلڪه حرمين شريف ڏانھن هجرت ڪري اتي هميشه لاءِ مقيم ٿيا ۽ سندس تدفين به جنت البقيع ۾ ٿي.

مشھور ڳالھه آهي ته پاڻ پھريون سفر  تستر ڏانھن ڪيو. بظاهر اها ڳالھه درست نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ تستر جي ايتري علمي حيثيت نه هئي، جو ان ڏانھن سفر ڪجي. غالب گمان هيءُ آهي ته ڪاتب جي غلطي آهي، جنھن ٺٽه کي تستر لکيو آهي.

هن حرم شريف ڏانھن سفر ڪيو. واقعن جي تسلسل مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو دور 11 صديءَ جي پڇاڙي وارو دور هو.حرمين شريف ۾ پاڻ هيٺين برک عالمن کان علم پرايو:

1. ابو عبدالله محمد بن علاءُ الدين شمس الدين البابلي (وفات 1077هه).

2. برهان الدين ابراهيم بن حسن ڪردي ڪوراني (وفات 1102هه)، پاڻ هڪ محقق ۽ فقيه هئا. جنھن جي تعليم و تربيت مديني منوره ۾ ٿي. پنھنجي والد ۽ مديني جي ٻين عالمن وٽ تعليم حاصل ڪيائين. سندن تصنيفات ۾ ”شرح شواهد الرضي للبغدادي“ جي اختصار جو نالو اچي ٿو. سندن وفات به مديني ۾ ٿي ۽ بقيع ۾ دفن ٿيو.

3. محمد بن عبدالرسول برزنجي (وفات 1103هه)، سندن پورو نالو ۽ نسب هن ريت آهي: محمد بن عبدالرسول بن قلندر بن عبد السيد بن عبدالرسول الحسيني البرزنجي الشھرزوري ثم المدني الشافعي. مديني منوره ۾ سندن جي وفات ٿي.

4. شيخ عبدالله بن سالم بصري (وفات 1134هه)، پاڻ بخاري شريف جو شارح آهي، سندس شرح ، بخاريءَ جي بي مثال شرح آهي، جيڪا ”ضياء الساري“ جي نالي سان مشھور آهي. هن نالي مان ابجد جي حساب سان شرح جي شروعات جو سال نڪري ٿو. عبد الله بن سالم بصريءَ صحاح سته جي تصحيح جو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.

5. محدث يوسف بن ابراهيم زهري، شرواني (وفات 1134هه)، جيڪو پڻ ڪيترن ئي نامور عالمن ۽ بزرگن وٽان فيضياب ٿيندو رهيو.

تدريس:

مخدوم ابوالحسن سڀني علمن ۾ فراغت حاصل ڪرڻ بعد، تصنيف و تاليف ۽ درس و تدريس جو مشغلو اختيار ڪيو. حرم مديني پاڪ ۾ تفسير بيضاوي، صحاح سته، موطا امام مالڪ، مسند امام احمد جو درس ۽ فقه ۾ هدايه جو درس ڏيندا رهيا. انھن مان مستفيد ٿيندڙ ماڻھن جي ڳڻپ ڪرڻ ناممڪن آهي، انھن مان ڪجهه مشھور و معروف شاگردن جا نالا هي آهن:

1. محمد حيات سنڌي (وفات 1163هه)، علامه شيخ محمد حيات سنڌي ٻارهين صدي هجريءَ جو مشھور ديني عالم، محدث، فقيھه ۽ مجتھد هو. حديث ۽ فقه ۾ بين الاقوامي شھرت جو حامل هو، پنھنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو مسجد نبويءَ ۾ درس ڏيندو رهيو ۽ ڪيترائي نامور عالم پيدا ڪيائين. هن جو جنم سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي لڳ عادلپور ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو. والد جو نالو ملا ابراهيم عرف فلاريو چاچڙ هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ئي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، پوءِ سنڌ جي مشھور و معروف علمي مرڪز ٺٽي ڏانھن رخ ڪيو ۽ اتي محمد معين بن محمد امين ٺٽويءَ کان وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. ٺٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد حجاز ڏانھن هجرت ڪيائين ۽ مديني ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. مديني ۾ پنھنجي وقت جي عظيم محدث شيخ ابوالحسن ڪبير ٺٽوي سنڌيءَ جي صحبت ۾ رهيو ۽ انھن وٽان حديث جا ڪتاب مڪمل ڪيائين. شيخ ابوالحسن ڪبير ٺٽوي کان علاوه شيخ عبدالله بن سالم بصري (وفات: 1134هـ)، شيخ ابو طاهر محمد بن ابراهيم بن حسن ڪردي ڪوراني شافعي ۽ شيخ ڪبير ابو الاسرار حسن بن علي عجيمي وٽ درسي نصاب پڙهي ڪري حديث جي اجازت حاصل ڪيائين . شيخ ابوالحسن ڪبير ٺٽوي سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ سندس جانشين ٿيو ۽ سندس مسند تي ويٺو ۽ مسجد نبويءَ ۾ درس ڏيڻ لڳو. درس جو اهو سلسلو سندس وفات تائين مسلسل 24، 25 سال جاري رهيو. سندس شاگردن ۾ علامه محمد قائم سنڌي، شيخ احمد بن عبدالرحمان شامي، شيخ محمد سعيد بن محمد امين سفر المدني، شيخ عبدالقادر بن خليل بن عبدالله رومي مدني حنفي ڪرڪ، شيخ عبدالقادر بن احمد بن عبدالقادر (دمشقي)، شيخ عبدالخالق بن ابوبڪر زبيدي حنفي، امير يماني محمد بن اسماعيل (شارح بلوغ المرام)، شيخ ابراهيم بن مصطفيٰ حنفي حلبي (مدفون استنبول)، محمد بن عبدالوهاب. نجدي وغيره قابل ذڪر آهن.

هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ شرح الترغيب والترهيب للمنذري (2 جلد)، تحفة المحبين شرح الاربعين للنووي، مختصر الزواجر لابن حجر مڪي، شرح الاربعين حديثاً من جمع الملا علي القاري ، الايقاف على سبب الاختلاف، رساله رد بدعت تعزيه، فتح الغفور في وضع الايدي علي الصدور، رساله في النهي عن عشق المردان و النسوان، رساله في حرمة اخذ الاجرة على القرآن، مواهب الحڪم شرح الحکم الحداديه، موقظ الھمم شرح الحکم العطائية، تحفة الانام في العمل بحديث النبي عليھ الصلاة والسلام شامل آهن. هن 26 صفر 1163هه بمطابق 4 فيبروري 1750ع اربع جي ڏينھن مديني منوره ۾ وفات ڪئي ۽ علم جو هڪ قيمتي ورثو ڇڏي ويو. سندس جنازي نماز مسجد نبوي ۾ گنبذ خضرا جي ڇانوَ ۾ ادا ڪئي وئي ۽ کيس جنت البقيع ۾ دفن ٿيڻ جو شرف عظيم حاصل ٿيو.

2. عبدالخالق بن زين المزجاجي (وفات 1152هه)، سندس پورو نالو ۽ نسب هن ريت آهي: عبدالخالق بن زين بن محمد بن صديق بن زين بن اسماعيل مزجاجي، پنھنجي والد، چاچي ۽ ٻين عالمن کان تعليم حاصل ڪيائين..

3. شيخ اسماعيل عجلوني (وفات 1162هه) پاڻ دمشق جو مشھور محدث ۽ عالم هو، اٽڪل 1087هه ۾ عجلون شھر ۾ ڄائو، سندس ڪيترائي استاد آهن، جن ۾ ابوالمواهب حنبلي، محمد ڪاملي، الياس ڪردي شامل آهن. سندس تصنيفات ۾ حلية اهل الفضل و الڪمال، الفوائد الدراري بترجمة البخاري، ڪشف الخفا و مزيل الالباس عما اشتھر من الاحاديث على السنة الناس ۽ شرح البخاري مشھور آهن.

4. شيخ علي بن مصطفيٰ دباغ شافعي (وفات 1174هه)، 1104هه ۾ پيدا ٿيو. سندن جي تصنيفات ۾ شرف البخاري ۽ حاشيه دلائل الخيرات جا نالا سر فھرست آهن.

5. شيخ محمد بن حسن همات (وفات 1175هه)، پاڻ اصل ترڪمانستان جا هئا ، ڪجهه عرصو مڪي ۾ رهيا، پوءِ قسطنطينيه هليا ويا. سندس تصنيفات ۾ تحفة الراوي، التنکيت والافاده، اصطلاحات المحدثين ۽ شرح نخبة الفڪر مشھور آهن.

سندس ٻين شاگردن ۾ شيخ طحٰه جبريني (وفات 1178هه)، محدث شيخ محمد سعيد بن سفر المدني (وفات 1192ھ)، شيخ محمد بن محمد بن عبدالله مالڪي فاسي (وفات 1201هه)، شيخ ميرڪ بن ابي قاسم هروي، شيخ عبدالقادر بن احمد ڪوڪباني، شيخ انور علي بن صالح عماري، سيد علي بن ابراهيم عامر صنعاني، شيخ علي بن زين مزجاجي، شيخ علاءُ الدين مزجاجي، شيخ احمد بن محمد بن اسحاق وغيره شامل آهن.

همعصر:

پاڻ ٻارهين صدي هجريءَ جي عالمن مان آهن، جيتوڻيڪ سنڌ اسلام جي شروعات کان وٺي علم جو مرڪز رهي آهي، پر سنڌ جي علمي تاريخ جيتري ٻارهين صدي هجريءَ جي عالمن جي باري ۾ معلوم آهي، اوتري ڪنھن ٻئي صديءَ بابت نه آهي. پاڻ زندگيءَ جو آخري حصو حرمين شريفين ۾ گذاريائين، جتي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان عالم اچي  درس و تدريس ڪندا هئا. جيڪڏهن اسان تاريخ، سوانح ۽ اسانيد جي ڪتابن جي ورق گرداني ڪنداسين ته ان دور ۾ علم جا وڏا ماهر نظر ايندا . سنڌ ۽ هند ۾ سندس همعصر عالمن ۾ هڪ پاسي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي، مخدوم محمد قائم ٺٽوي ۽ شاهه ولي الله دهلوي جھڙا عالم آهن، ته ٻئي طرف شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مير محسن، محمد پناهه رجا وغيره آهن. شاعرن ۽ اديبن سميت. حرم پاڪ ۾ سندس همعصرن ۾ امام عيسيٰ ثعلبي، شيخ عبدالله بن سالم البصري، شيخ احمد نخلي، مفتي عبدالقادر صديقي، شيخ ابراهيم بن حسن الڪردي وغيره شامل آهن. سندس ڪجهه همعصرن جو ذڪر هيٺين سٽن ۾ ڪجي ٿو:

1. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌي، مخدوم صاحب ڪنھن تعارف جو محتاج ناهي، پاڻ 1104هه ۾ ٺٽي جي ڀر واري شھر ميرپور بٺورو ۾ پيدا ٿيا ۽ ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ پنھنجي والد کان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ٺٽي هليا آيا ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائون. بعد ۾ ٻه سال حرمين شريفين ۾ رهيا، جتي وڏن عالمن کان شاگرديءَ جو اعزاز حاصل ڪيائون. سندس استادن ۾ مخدوم سعيد ٺٽوي، مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي، شيخ ابو طاهر محمد بن ابراهيم الڪردي الڪوراني ۽ شيخ محدث عبدالقادر بن ابي بڪر بن عبدالقادر صديقي مڪي شامل آهن. پاڻ مختلف فنن تي عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ اٽڪل 175 ڪتاب لکيا آهن. سن 1174هه ۾ وفات ڪيائين.

2. شاهه ولي الله (احمد بن عبدالرحيم فاروقي دهلوي) سندس نالو مشھور ۽ معروف آهي. سندس ولادت 1114هه ۾ ٿي. ستن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف جو حفظ مڪمل ڪيائون ۽ پندرهن سالن جي عمر ۾ رسمي تعليم مان فراغت حاصل ڪيائين. ٻه سال حرمين شريفين ۾ به رهيو، ۽ اتي جي عالمن کان فيضياب ٿيو. هندستان ۾ علم حديث جي فروغ جو اعزاز کين حاصل آهي. سندس تصنيفات ۾ الفوز الڪبير في اصول التفسير، حجت الله البالغه، ازالة الخفا عن خلافة الخلفاء، فتح الرحمان في ترجمة القرآن، الارشاد الى مھمات الاسناد،  الانصاف في سبب الاختلاف، المسوي من احاديث الموطا ۽ المصفي في شرح الموطا شامل آهن. هن 1176هه ۾ دهليءَ ۾ وفات ڪئي.

3. شيخ ابو الطيب سنڌي مدني، سندس نالو ۽ نسب هن ريت آهي: محمد بن عبدالقادر السندي المدني، پاڻ فاضل محدثن مان هڪ آهن، سندس جي ولادت ۽ پرورش سرزمينِ سنڌ ۾ ٿي، جتي علم جي تحصيل ڪيائين، ۽ سنڌ جي عالمن کان علم حاصل ڪرڻ بعد حرمين شريف جو سفر ڪيائين ۽ حرمين جي عالمن کان مستفيض ٿي، مديني ۾ درس و تدريس شروع ڪيائين، جتي زندگيءَ جي آخر تائين درس ڏيندو رهيو. علمِ نبوي جي بيشمار عالمن ان کان علم حاصل ڪيو، جن ۾ شيخ ابو الخير بن احمد بن ابي المغيث مغلبائي، شيخ عبدالرحمٰن بن عبدالڪريم انصاري، شيخ عبدالله بن ابراهيم البري المدني ۽ ٻيا شامل آهن. سندس تصنيفات ۾ شرح جامع الترمذي ۽ قرة الانظار علي شرح تنوير الابصار جا نالا شامل آهن.  سن 1149هه ۾ مديني ۾ وفات ڪيائين.

4. شيخ عبدالغني نابلسي دمشقي، سندس پورو نالو ۽ نسب هن ريت آهي: عبدالغني بن اسماعيل بن عبد الغني النابلسي الدمشقي. سندس ولادت 1050هه ۾ دمشق ۾ ٿي. سندس تاليفات جو تعداد لڳ ڀڳ 12 آهي، جن ۾ ڪنز الحق المبين في احاديث سيد المرسلين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ، ذخائرالمواريث في الدلالة على وضع الاحاديث، الجواب التام عن حقيقة الڪلام، برهان الثبوت في تربت هاروت و ماروت وغيره شامل آهن. سن 1143هه ۾ وفات ڪيائين.

5. شيخ محدث محمد بن اسماعيل الامير الصنعاني:  سندس ولادت باسعادت سنه 1099هه ۾ ڪھلان شھر ۾ ٿي، پر پوءِ والد سان گڏ هجرت ڪيائين ، ۽ وڏن عالمن، جھڙوڪ: سيد زيد بن محمد بن الحسن، صلاح بن الحسين الاخفش، عبدالله بن علي وزير، علي بن محمد العنسي وغيره کان فيضياب ٿيو. سندس تصنيفات ۾ مشھور ڪتاب هي آهن: سبل السلام شرح بلوغ المرام، منحة الغفار حاشية علي ضوءِ النهار، العدة علي شرح العمدة، التنوير شرح الجامع الصغير للسيوطي، ثمرات النظر في علم الاثر. سن 1182هه ۾ وفات ڪيائين.

6. شيخ محدث قاري البناء الدمياطي:  شيخ شھاب الدين احمد بن محمد بن احمد بن عبدالغني المعروف ”البناء“
دمياطي مصري. پاڻ  دمياط شھر ۾ پيدا ٿيو. اتي پڙهڻ کان پوءِ قاهره ۾ وڏن عالمن کان استفادو ڪيائين. بعد ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ يمن ويو. ان کان پوءِ درس و تدريس شروع ڪيائين. سندس تصنيفات ۾ اتحاف فضلاءِ البشر بالقرائات الاربعة عشر، حاشيه شرح الورقات ۽ مختصر السيرة الحلبية شامل آهن. هن 1117هه ۾ سفر حرمين جي دوران وفات ڪئي ۽ اتي ئي بقيع ۾ دفن ڪيو ويو.

مشائخ ۽ علماءَ جي نظر ۾ علامه سنڌيءَ جو مقام:

ڪيترائي مشھور علم ۽ فضل وارا، مخدوم ابوالحسن سنڌيءَ جي علمي فضيلت جا معترف آهن ۽ کيس بھترين لقبن سان نوازن ٿا. ابوالفضل محمد خليل بن علي المرادي لکي ٿو:  علامه، محقق، مدقق، الفھامه، مدرس حرم شيخ ابوالحسن سنڌي  حديث، تفسير، فقه، اصول، معاني، منطق ۽ علوم عربيه جا جيد عالم هئا .

علامه قطاني لکي ٿو ته: ابوالحسن سنڌي، مديني منوره جو محدث ۽ متاخرين عالمن ۾ علم حديث ۾ منفرد هو، بھرحال سندن علمي خدمتون ساراهه جي لائق آهن.

شيخ اسماعيل بن سعيد لکي ٿو: احد الحفاظ المحققين والجھابذة المدققين.

علامه عمر رضا ڪحاله کين هنن لفظن سان ياد ڪيو آهي: محدث، حافظ، مفسر، فقيه.

علامه عجلوني لکي ٿو ته: اسان جو شيخ محقق ابوالحسن سنڌي، هڪ فاضل عالم هو، ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو.

تصنيف و تاليف:

هن پنھنجي سڄي زندگي علم حديث ۾ خرچ ڪئي ۽ ان جي خدمت ڪندي گذاري ۽ ان سان گڏ درس و تدريس جي ميدان ۾ به اڳڀرو  رهيا . درس و تدريس سان گڏ لکڻ جي ميدان ۾ به پنھنجو پاڻ مڃرايو ۽ امت کي املھه ڪتابن جو تحفو ڏنو. هن صحاح سته سميت حديث، فقه ۽ تفسير جي  ڪيترن ڪتابن تي مفيد ۽ جامع حاشيا لکيا، جيڪي اختصار ۽ جامعيت ۾ پنھنجو مثال پاڻ آهن . سندس حواشي درياءَ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جو مصداق آهن. عرب و عجم جا عالم سندس حواشي مان لاڀ پرائن ٿا ۽ ساراهه کان سواءِ نه ٿا رهن . سندن وڏو ڪارنامو مسند امام احمد جو شرح آهي، ان کان اڳ مسند امام احمد جي ڪجهه موضوعن تي ڪم ٿي چڪو هو، پر ڪنھن به ان جو باقاعدي شرح  نه لکيو هئو. ڪن لغات تي ڪم ڪيو ۽ ڪن رجال تي قلم کنيو . پر پاڻ پھريان عالم هئا، جنھن مسند امام احمد تي باقاعدي تفصيلي شرح لکيو. ساڳيءَ ريت ننڍي کنڊ ۾ صحاح سته تي به شرح لکڻ جي لحاظ کان سندس کي اوليت حاصل آهي، ان کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ صحاح سته  تي ڪا به شرح نه لکي وئي هئي. سندس علمي تصنيفن ۽ حاشين جا جيڪي نالا ملي سگهيا، سي هيٺ ڏجن ٿا:

قرآني علوم:

1. تفسير القرآن الکريم، هن تفسير جو ذڪر سندس شاگرد شيخ حيات سنڌي ”حاشية السندي علي البخاري“  جي سر ورق تي لکيل پنھنجي تاثرات  ۾ ڪيو آهي، حاشيه جو هي نسخو مڪتبه شيخ عارف حڪمت ، مديني منوره ۾ موجود آهي.

2. حاشيه تفسير بيضاوي، هن ڪتاب جو ذڪر سندس بيشمار سوانح نگارن ڪيو آهي، پر ان جو ڪوبه نسخو ملي نه سگهيو آهي. شيخ ابوالحسن صغير به پنھنجي ڪتاب الخلق و الڪسب ۾ صفحي نمبر: 13/ ب تي، انھي حاشيه بيضاوي تان هڪ عبارت نقل ڪئي آهي، هو چوي ٿو: ”وقال العلامة ابوالحسن ابن عبد الھادي السندي في تعليقاته على البيضاوي. “

3. حاشيه تفسير جلالين: شيخ ابوالحسن جي ٻن سوانح نگارن هن ڪتاب جو ذڪر ڪيو آهي، هڪ مولانا عبدالرسول قادري پنھنجي ڪتاب ”سوانح مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“ (سنڌي ٻوليءَ ۾) ۽ ٻيو مولانا عبدالشھيد نعماني ماهوار ”بينات“(اردو) (سن 1397ھ)  ۾ ٻنھي هن ڪتاب جو ذڪر شيخ ابوالحسن ڪبير جي تصنيفات جي ضمن ۾ ڪيو آهي. باقي ان بابت ڪو به حوالو ذڪر نه ڪيو آهي. معلوم ٿيو آهي ته ان جو هڪ قلمي نسخو، ڪانڌلا/هندوستان ۾ مولانا نور الحسن راشد ڪانڌلوي جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.

علم حديث:

1. حاشيه صحيح البخاري

2. حاشيه صحيح مسلم

3. حاشيه سنن ابي داؤد

4. حاشيه سنن النسائي

5. حاشيه جامع الترمذي

6. حاشيه ابن ماجه

7. حاشيه مسند امام احمد بن حنبل (ان جو تفصيلي احوال ايندڙ سٽن ۾ ايندو).

8. حاشيه شرح جمع الجوامع (الآيات البينات)  جمع الجوامع، شيخ الاسلام علي بن عبدالڪافي السبڪي جو لکيل آهي، جنھن جو شرح علامه ابوالقاسم ڪيو هو. شيخ ابوالحسن ڪبير ان شرح تي هڪ حاشيو لکيو آهي. جيتوڻيڪ هن ڪتاب جو ذڪر سوانح نگارن ڪيو آهي، پر ان جو ڪوبه نسخو اڃان تائين دستياب نه ٿيو آهي.

9. حاشيه اذڪار نووي، هن ڪتاب جو ذڪر سندس شاگرد شيخ حيات سنڌي سميت ڪيترن سوانح نگارن ڪيو آهي.

10. الوجازة في الاجازة، هيءُ ڪتاب ابوالحسن سنڌيءَ جو لکيل آهي، جنھن جو پورو نالو آهي ”الوجازة في الاجازة لڪتب الحديث مع ذڪر بعض الاحاديث الممتازة“
جنھن ۾ ڪجهه منتخب حديثون، حديث جي ڪتابن جي مصنفين تائين سند سان گڏ لکيل آهن. علامه عبدالحي الڪتاني پنھنجي ڪتاب فھرس الفھارس ۾ مخدوم ابوالحسن ڪبير جي تصنيف جي حيثيت سان ان جو ذڪر ڪيو آهي.

فقھ:

1.       البدر المنير في الڪشف عن مباحث فتح القدير ، هي ابن الهمام جي ڪتاب فتح القدير جو حاشيو آهي، جيڪو ڪتاب النکاح  تائين آهي. ان جو هڪ قلمي نسخو مڪتبه محموديه، مديني منوره ۾ (رقم عام: 959 ۽ رقم خاص سان: 254) موجود آهي.  هي نسخو 662 صفحن تي مشتمل آهي.

2.   حاشية الزهراوين لملا علي قاري، اڪثر سوانح نگارن هن ڪتاب جو ذڪر سندس تصنيفات جي ضمن ۾ ڪيو آهي، پر ان جو ڪوبه نسخو موجود ناهي.

 انھن کان سواءِ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا به ارباب علم و دانش وٽ مشھور آهن.

وفات:

مخدوم ابوالحسن سنڌي سنه 1138هه ۾ شھر مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ علم حديث جي جوت جلائيندي آخرت لاءِ روانو ٿيو ۽ جنت البقيع ۾ دفن ٿيو، سندس وفات تي مديني ۾ غم جي فضا ڇائنجي ڍ وئي. عوام و خواص جي وڏي تعداد سندس جنازي ۾ شريڪ ٿي . سندس جي وفات جي سال بابت چار چوڻيون آهن، پر مشھور ۽ عام راءِ موجب سندس وفات 1138هه ۾ ٿي.

حديث جي ڪتابن تي شيخ ابوالحسن جا حاشيا :

هيٺين سٽن ۾ علم حديث جي متعلق سندس ڪتابن جو مختصر علمي جائزو پيش ڪجي ٿو. سڀ کان پھريائين انھن حاشين جي مشترڪه خصوصيتن کي پيش ڪيو ويندو، جنھن کان پوءِ هر حاشيي تي هڪ الڳ تبصرو لکيو ويندو.

شيخ ابوالحسن السندي جا حواشي هيٺين خصوصيتن جا حامل آهن:

1. سندس حاشيا انتھائي مختصر آهن، جنھن ڪري پڙهندڙ آسانيءَ سان حديث جو مقصد سمجهي وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن کان مستغني/ ٿئي ٿو. هي اختصار ئي مقبوليت جو بنيادي ڪارڻ آهي. پر اهڙو اختصار نه آهي، جو پڙهندڙ جي اڃ باقي رهي، بلڪه هو پڙهڻ کان پوءِ مڪمل مطمئن ٿي وڃي ٿو.

2. اڪثر ائين ٿيندو آهي ته، اختصار جي ڪري جامعيت باقي نه رهندي آهي ۽ موضوع جا ڪيترائي پھلو اڻپورا رهجي ويندا آهن. اهڙي صورت ۾ پڙهندڙ معلومات حاصل ڪرڻ بدران وڌيڪ مونجهاري ۾ پئجي وڃي ويندو آهي ۽ وڌيڪ معلومات جو طلبگار ٿي پوندو آهي، پر شيخ ابوالحسن جي حاشين جي ٻي خصوصيت انھن جي جامعيت آهي. هي حاشيا اختصار جي باوجود تمام جامع آهن، جن ۾ حديث جي سڀني پھلوئن کي سمايو ويو آهي ۽ ڪٿي به تشنگي محسوس نه ٿيندي آهي.

3. فقھي تعصب کان دوري به انھن حاشين جي خاصيتن مان هڪ آهي. پاڻ عصبيت کان انتھائي پري هئا، بلا تفريق حديث جي اهڙي تشريح ڪندا هئا، جنھن مان صحيح مذهب ثابت ٿئي .

4. عالمن جي اختلاف جو به ذڪر ڪندو آهي،  ان ڪري گهڻن هنڌن تي انھن جا قول به نقل ڪيا اٿس.

5. سندس فقھي استنباط به نرالو آهي، هو فقھي مسئلن کي حديث جي لفظن ۽ سياق و سباق (اڳ پٺ) مان اخذ ڪري حديثن مان انھن جي تائيد به پيش ڪري ٿو.

6. حديث جي لفظن جي لغوي تحقيق ۾ سندس ڪو مٽ نه آهي، هن حديث جي لفظن جي مختصر انداز ۾ اهڙي لغوي تشريح لکي آهي، جيڪا  لغت جي بيشمار ڪتابن کان بي نياز ڪري ٿي.

7. سندس حاشين جي خاصيتن مان هڪ خاصيت ”ضبط الفاظ“ به آهي، پاڻ هر مشڪل لفظ کي اهڙي آسان ۽ مختصر انداز ۾ ضبط ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪو پڙهندڙ جي سڀني مونجهارن کي ختم ڪري ٿو.

8. ڪن جڳهن تي اعتراضن ۽ اشڪالن جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ انھن جا اطمينان جوڳا جواب ڏئي ٿو.

9. حديث جي مجموعن ۾ جيڪو لفظ گهٽ استعمال ٿئي، ان کي اصطلاح ۾ غريب چيو ويندو آهي، ان موضوع تي ڪيترن ئي عالمن ڪتاب لکيا آهن، علامه سنڌيءَ انھن لفظن جي اهڙي تشريح ڪئي آهي، جيڪا غريب الحديث جي سڀني ڪتابن جو نچوڙ پيش ڪري ٿي. جنھن سان حديث کي سمجهڻ ۾ تمام آساني ٿئي ٿي.

10. ترجيح الاقوال ۾ سندس جو ڪو ثاني ناهي، پاڻ دليلن جي روشنيءَ ترجيحي راءِ پيش ڪري  دليل سان وجه ترجيح به بيان ڪري ٿو.

11. مختلف قولن کي تطبيق ڏيڻ سندس ڏائي هٿ جو ڪم آهي. حتى الامڪان ڪوشش ڪري اختلافي قولن ۾ تطبيق واري صورت به بيان فرمائي ٿو.

12. ضرورت مطابق حديثن جي نحوي ترڪيب به ذڪر ڪندو آهي، جنھن سان پيچيده عبارت کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.

13. ضرورت وقت اعلام (شخصيات) جو تعارف پڻ پيش ڪري ٿو.

14. ڪيترن ئي هنڌن تي شهرن ۽ ملڪن جي وضاحت پڻ ڪري ٿو.

15. ان کان علاوه مختلف قرائتن جي توجيه به بيان فرمائي ٿو.

حاشيه صحيح البخاري :

سنڌي عالمن ٻين علمن وانگر علم حديث ۾ به شاندار تحقيقي ڪتاب ۽ رسالا لکيا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌي عالمن پاران صحيح بخاري تي به مختلف طريقن سان علمي ڪم ٿيو آهي، جيئن مخدوم محمد اڪرم نصرپوري سنڌي (وفات 1130هه) بخاري جو جامع شرح لکيو آهي. ان سان گڏ سندس والد صاحب مخدوم عبدالرحمان نصرپوري به رجالِ بخاري تي قلم ڪشائي ڪئي آهي، عثمان بن عيسيٰ صديقي سنڌي (وفات 1008هه) جو ”غاية التوضيح للجامع الصحيح“ صحيح بخاريءَ جو جامع شرح آهي، ڪفاية القاري شرح ثلاثيات البخاري از حميد الدين درٻيلي مڪي (وفات 1009هه)، حياة القاري باطراف صحيح البخاري از مخدوم هاشم ٺٽوي (وفات: 1174هـ) ۽ منحة الباري في جمع روايات البخاري از محمد عابد سنڌي (وفات 1257هه) پڻ مشھور علمي ڪم آهن، پر ابوالحسن ڪبير جو مختصر شرح بخاري عوام و خواص ۾ وڌيڪ مقبول آهي.

 امام ابوالحسن سنڌي ٺٽوي جو هي حاشيو 1312 هجري ۾ 4 جلدن ۾ مطبع ميمنه، قاهره، مصر مان شايع ٿيو. ان کان پوءِ 1343هه ۾ چئن جلدن ۾ مطبع بهيه، قاهره/مصر مان ڇپيو، جنھن جو عڪس 4 جلدن ۾ دارالمعرفة بيروت/لبنان مان شايع ٿيو. اهو ساڳيو شرح جديد انداز سان 4 جلدن ۾ 1419هه/1998ع تي دارالڪتب العلميه، بيروت / لبنان طرفان شايع ٿيو. هي حاشيو قديمي ڪتبخانه ڪراچي جي طرفان پڻ بخاري شريف تي حاشيه طور ڇپيل آهي، جيڪو اڄ به مدرسن ۾ رائج آهي. بروڪلمان تاريخ الادب العربي ۾ لکيو آهي ته ان جو پھريون ڇاپو 1304هه ۾ لاهور مان شايع ٿيو ۽ هن نسخي جا قلمي نسخا دنيا جي ڪتب خانن ۾ موجود آهن. ان جو هڪ نسخو مڪتبه عارف حڪمت مديني منوره ۾ موجود آهي، جيڪو شيخ محمد حيات سنڌي (وفات 1163هه) جي ملڪيت ۾ هو ۽ پوءِ 1172هه ۾ ابراهيم بن رئيس محمد زرني جي ملڪيت ۾ آيو. آخر ۾ اهو شيخ محمد عابد سنڌي (وفات 1257ع) جي ملڪيت رهيو ۽ سنه 1249هه ۾ ان وقف ڪيو. بھرحال ابوالحسن ٺٽوي جو بخاري تي لکيل هي حاشيو جامع هجڻ سان گڏ مختصر پڻ آهي.

حاشية السندي علي صحيح مسلم:

هيءُ صحيح مسلم جو مختصر ۽ جامع حاشيو آهي، جنھن مان موصوف جي علمِ حديث تي دسترس صاف ظاهر ٿئي ٿي. انھيءَ حاشيي ۾ علامه سنڌيءَ اختصار کي سامھون رکندي موقع مناسبت سان جامع وضاحت ڪئي آهي. حديث جي لفظن جي درستگيءَ جو خاص خيال رکيو آهي. ڏکين ۽ نادر لفظن جي معنيٰ بيان ڪئي آهي. اعراب به تحرير ڪيا آهن.  حديثن مان فقھي مسئلا به مستنبط ڪيا آهن. ان کان سواءِ قاضي عياض، امام نووي ۽ امام اُبي جي شروحاتِ مسلم مان استفادو به ڪيو آهي. ڪن هنڌن تي، اعتراض اٿاري انھن کي ختم به ڪري ٿو.

بعد ۾ اچڻ وارا اهلِ علم ان حاشيي کان مستغني نه آهن، جيئن الحل المفھم لمشڪلات صحيح مسلم مع تعليقات الڪاندهلوي ۽ فتح الملھم شرح صحيح مسلم ۾ مختلف هنڌن تي علامه سنڌيءَ جي حاشيه مسلم مان استفادو ڪيو ويو آهي. هي حاشيو سڀ کان پھريون ڀيرو ابو تراب محمد عبدالتواب ملتاني جي ڪوششن سان 1347هه ۾ ملتان مان شايع ٿيو. اهو ساڳيو حاشيو اڄ به پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڇپيل صحيح مسلم ۾ موجود آهي، عام طور تي برصغير ۾ ان کان سواءِ صحيح مسلم به مطبوع نه پئي ٿئي. دنيا جي ڪيترن ئي مڪتبات ۾ هن حاشيي جا قلمي نسخا موجود آهن. مڪتبه محموديه مديني منوره ۾ پڻ ان جو هڪ نادر نسخو موجود آهي. ابوالحسن ٺٽوي جو اهو حاشيو علي بن احمد الڪندي جي تحقيق سان مؤسسة البينونة، متحده عرب عمارات جي طرفان هڪ جلد ۾ 1432/2011ع ۾ شايع ٿيو آهي.

فتح الودود بشرح سنن ابي داؤد:

هيءَ شرح ڪن جي چوڻ پٽاندر مرقاة الصعود الى سنن ابي داؤد از جلال الدين سيوطي جي اختصار و زيادات تي مشتمل آهي. ان سان گڏ شارح موصوف معالم السنن از خطابي، حقائق السنن از طيبي، مرقاة المفاتيح شرح مشڪوات المصابيح از ملا علي قاري مان به استفادو ڪندي نظر اچي ٿو. هن شرح ۾ ابوالحسن سنڌيءَ جي طريقي ۽ انداز جو خلاصو هيءُ آهي ته حديث جي لفظن جي تصحيح ۽ اعراب جو خاص خيال رکيو آهي. اَعلام (شخصيات) جو تعارف ۽ شهرن ۽ ملڪن جي وضاحت پڻ ڪئي آهي. ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ اعراب بيان ڪئي، ابوداؤد جي حديثن جي رجال تي جرح و تعديل به ڪئي وئي آهي. ابو داؤد جي مختلف نسخن جي مدد سان متن جي تصحيح به ڪئي وئي آهي، مختلف مذهبن جو بيان مع ترجيح به درج آهي.

هيءَ شرح متاخر عالمن ۾ مشھور رهيو آهي، عون المعبود شرح سنن ابي داؤد ۾ شيخ محمد شمس الحق عظيم آباديءَ مختلف مقامن تي فتح الودود جا اقتباس نقل ڪيا آهن.

اهڙيءَ طرح ابوالحسن عبيدالله مبارڪپوري، مرعات المفاتيح شرح مشڪوات المصابيح ۾ڪيترن ئي هنڌن تي ان شرح مان استفادو ڪندي نظر اچي ٿو.

امام ابوالحسن ڪبير ٺٽويءَ جي هيءَ شرح  فتح الودود جي نالي سان پھريون ڀيرو چئن جلدن ۾ هڪ عرب محقق محمد ذڪي الخولي جي تحقيق سان مڪتبه لينيه مصر، ۽ مڪتبه اضواء المنار مديني طرفان 1431ھ ۾ شايع ٿيو، جنھن جو بنياد هن شرح جو اهو خطي نسخو آهي، جيڪو پير جهنڊو جي لائبريريءَ ۾ موجود آهي. ان کان پوءِ هيءَ شرح امارات/دبئي جي سلطان شيخ عبدالرحيم جي نگرانيءَ هيٺ محققن جي هڪ گروهه جي تحقيق ۽ تخريج سان 8 جلدن ۾ ”جائزه دبئي الدولية للقرآن الڪريم“ نالي مشھور اداري جي طرفان سن 1437ھ ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ محققين هن شرح جي دنيا ۾ موجود چئن قلمي نسخن کي سامهون رکيو.

حاشيه امام ابوالحسن سنڌي ٺٽوي علي سنن النسائي:

امام ابوالحسن ڪبير ٺٽوي سنڌيءَ جو هيءَ تفصيلي شرح، 130 سال اڳ مطبع مجتبائي دهلي جي طرفان 1315هه ۾ پھريون ڀيرو شايع ٿيو، پوءِ 1333هه ۾ 4 جلدن ۾ قاهره، مصر مان شايع ٿيو. اڄڪلھه هي ڪتاب پنجن جلدن ۾ مڪتبه دارالمعرفة ، بيروت مان ڇپجندو رهي ٿو. هيءَ شرح بخاري ۽ مسلم جي شرح کان وڌيڪ تفصيلي آهي. هيءَ شرح برصغير ۾ مسلسل شايع ٿيندو رهيو آهي، درس نظاميءَ ۾ شامل سنن نسائي علامه سنڌيءَ جي حاشيي کان سواءِ نه ٿي ملي. صحاح سته منجهان سنن نسائي جا شرح ۽ حاشيا تمام گهٽ ملن ٿا، ابن ملقن (وفات 804هه) ۽ علامه جلال الدين سيوطي جو مختصر شرح (زهرالربا علي المجتبي) مشھور آهن. علامه سنڌيءَ هن شرح ۾ هي انداز اختيار ڪيو آهي ته حتى الامڪان سنن نسائي جي متن جي تصحيح ڪئي آهي. تنھن کان علاوه هن مشڪل لفظن کي معتبر لغات ذريعي به بيان ڪيو آهي ۽ ڪن هنڌن تي اعرابن جو به خاص اهتمام ڪيو آهي. امام نسائي رحه جي شرطن کي به بيان ڪيو آهي، حديث جي لفظن جي مختصر تشريح پڻ ڪئي آهي، فقهه الحديث جو به اهتمام ڪيو آهي.

حاشية السندي على سنن الترمذي :

امام ابوالحسن ڪبير ٺٽوي سنڌيءَ جو هيءَ شرح، پھريائين مفقود/گم هئو، خيال اهو هو ته ناپيد آهي، پر سنڌ جي ٽن نوجوان عالمن (شيخ امتياز احمد سنڌي، شيخ عبدالباقي ادريس سنڌي ۽ شيخ عبدالقادر عبدالله سنڌي) ان کي پرنسٽن يونيورسٽي، آمريڪا جي لائبرريءَ مان دريافت ڪري، ان جو قلمي نسخو حاصل ڪيو ۽ ان تي تحقيقي ڪم ڪيو، ابوالحسن ٺٽوي جو اهو شرح، انھن ٽنهي محققن جي تحقيق، تخريج ۽ تعليق سان پھريون ڀيرو 1442هه بمطابق 2021ع ۾ 3 جلدن ۾ مڪتبه دارالڪتب العلميه بيروت مان شايع ٿيو، هن حاشيي جي تحقيق نگارن مقدمي ۾ مؤلف جي منھج کي هن طرح بيان ڪيو آهي:

هن حاشيه ۾ مسئلن کي بيان ڪيو ويو آهي، مختلف مذهبن ۾ راجح کي ترجيح ڏني وئي آهي، اعرابن ۽ عبارتن جي معنى جي تصحيح ڪئي وئي آهي، حديث جي متن کي درست ڪيو ويو آهي، اسناد جي وضاحت ڪئي وئي آهي، متضاد قولن ۾ جمع و تطبيق جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، مختلف اقوالن مان راجح قول جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، اهلِ علم جي تسامح/غلطين جي تصحيح ڪئي وئي آهي، حديث مان فقھي مسئلن کي اخذ ڪيو ويو آهي،  ترمذيءَ جي مختلف نسخن مان صحيح نسخي جي نشاندهي ڪئي وئي، فقھاءَ جا اختلاف بيان ڪيا ويا آهن، حديثن مان نڪتل ڪجهه مسئلن تي اعتراضات جا جامع جواب ڏنا ويا آهن، راجح مسئلن جي وجه ترجيح ذڪر ڪيو ويو آهي، مشڪل معنى جي تشريح ڪئي وئي آهي، سَنَدُن جي اختلاف جي به وضاحت ڪئي وئي آهي،  صحيح ۽ ضعيف حديثن جي لحاظ کان انھن جو درجو بيان ڪيو ويو آهي، حديثن جي مختصر ۽ جامع تشريح ڪئي وئي آهي.

حاشيه سنن ابن ماجه:

امام ابوالحسن سنڌيءَ جو هيءَ شرح، سندس ٻين شرحن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ مفصل آهي، جيڪو هندستان ۾ ڪيترائي ڀيرا ڇپجي چڪو آهي، ۽ ٻن جلدن ۾ 1313هه ۾ قاهره جي المطبعة العلمية مان شايع ٿيو، ان کان پوءِ 1349هه ۾ المطبعة التازية مصر مان شايع ٿيو. پوءِ ان جو عڪس دارالجيل بيروت مان شايع ٿيو. وري نئين تحقيق سان 5 جلدن ۾ (پنجون جلد فھرست تي مشتمل آهي) دارالمعرفة، بيروت، لبنان مان شايع ٿيو، جنھن جو چوٿون ڇاپو 1427هه/ 2006ع ۾ ڇپيل راقم ڏٺو آهي. علامه سنڌيءَ، ابن ماجه جي هن حاشيه ۾ حديثن جي مختصر ۽ جامع انداز ۾ وضاحت ۽ تشريح ڪئي آهي. حديثن جي لفظن جي درستگيءَ جو اهتمام ڪيو آهي، مشڪل ۽ نادر لفظن جي معنى ۽ اعراب جو اهتمام ڪيو آهي، حديثن مان فقھي مسئلا استنباط ڪيا آهن،  ۽ پڻ حديث جي حيثيت ۽ سند تي به مختصر گفتگو ڪئي آهي .

حاشيه مسند امام احمد از ابوالحسن سنڌي جو اسلوب:

امام ذهبيءَ لکيو آهي ته: ڪاش مسند امام احمد ڏانھن ڪير ڌيان ڏئي ۽ ان جي خدمت ڪري. ان تي ڪيترن ئي عالمن ڪم به ڪيو آهي، امام ابو موسى مديني (وفات: 581هه) ان جي خصوصيات تي ڪم ڪيو ۽ هڪ ڪتاب ”خصائص المسند “ جي نالي سان لکيو، ابن حمزه حسيني شافعي (وفات: 765هه) ان جي رجال/ راوين تي ڪم ڪيو ۽  ”الاڪمال في تراجم من لھ رواية في مسند الامام احمد“  نالي هڪ ڪتاب لکيو.

امام سيوطي (وفات 911هه) ان جي مشڪل اعرابن تي ڪم ڪيو ۽ ان جو نالو ”عقود الزبرجد علي مسند احمد“رکيو. علامه ثعلب (وفات: 345هه) مسند احمد جي غريب الحديث تي ڪم ڪيو ۽ هڪ ڪتاب ”غريب الحديث علي مسند احمد بن حنبل“ لکيو.

پر ان جو باقاعدي شرح ڪنھن به نه لکيو ۽ نه وري ڪو حاشيو لکيو، اهو ڪم ٺٽي، سنڌ جي هن جليل القدر عالم سر انجام ڏنو ۽ مسند احمد تي تفصيلي شرح ۽ حاشيو لکيو ، هي حاشيو مسند احمد جو سڀ کان جامع ۽ مستند حاشيو آهي. هن شرح ۾ شارح موصوف ڪيترن ئي ڪتبِ حديث، ڪتب اسماءُ الرجال، شروحات احاديث، ڪتبِ تفاسير ۽ معتبر فقھي ڪتابن مان استفادو ڪيو آهي. ان ۾ شارح  هي انداز اختيار ڪيو آهي ته سڀ کان پھريائين راوي صحابيءَ جو مختصر احوال ۽ تعارف بيان ڪيو آهي، ڪن هنڌن تي حديث جي سند تي به ڪلام ڪيو آهي، يعني سند ۾ موجود راوي جو احوال بيان ڪري، ان جي ثقھ يا ضعيف هجڻ جي صراحت، ۽ حديث جي صحت تي ڪلام ڪيو آهي. ۽ جيڪڏهن حديث جي ٻين ڪتابن ۾ اها حديث موجود آهي ته ان جي صراحت ۽ تخريج به ڪئي آهي. مسند امام احمد جي مختلف نسخن ۾ اختلاف جي وضاحت به ڪئي آهي.  مسند احمد ۾ جيڪڏهن سندس پٽ عبدالله يا ان جي ڪنھن شاگرد ڪو واڌارو ڪيو آهي، ته ان جي به نشاندهي ڪئي اٿس،  شارح موصوف، مسند جي مڪرر (دهرايل) حديثن کي ڇڏي، تقريباً 11000 يارنھن هزار حديثن جو شرح ڪيو آهي. حديثن ۾ وارد  ڏکين ۽ غريب لفظن جي تشريح به ڪئي آهي، ڪٿي ڪٿي لغوي ، نحوي ۽ صرفي بحث سان گڏ، اعرابن جي وضاحت پڻ ڪئي آهي.  حديثن مان مستفاد فائدن ۽ مسئلن سان گڏ  فقھي احڪام پڻ واضح ڪيا آهن، ڪن هنڌن تي مذاهب اربعه کي به ذڪر ڪندي، احناف جي مؤقف جي تائيد ۾ دلائل ۽ اختلافي مسئلن ۾ پنھنجي تحقيق پيش ڪئي آهي.  ڪٿي ڪٿي حديث جي لفظن جي مناسبت سان واقعات ۽ سيرت رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏانھن اشارا به تحرير ڪيا آهن.  ڳالھه جو خلاصو ته هيءَ شرح متعارض حديثن، اسماءُ الرجال، مشڪل لفظن جي معنى، فقھي مسئلن سان گڏو گڏ علمي لطائف ۽ نادر نڪات سان مزين آهي. علمي ۽ تحقيقي ابحاث ۾ هيءَ شرح ڪيترن ئي شروحات حديث کان فائق آهي. هي شرح علمي دنيا جو هڪ نادر ۽ ناياب سرمايو آهي.

هيءَ شرح پھريون ڀيرو 52 جلدن ۾ ”مؤسسة الرسالة“ بيروت طرفان شايع ٿيو، (جنھن سان ٻين عالمن جا حاشيا شامل آهن). ان کان پوءِ طارق عوض الله ابو معاذ جي تحقيق سان پنجن جلدن ۾ سن 1431هه/ 2010ع ۾ دارالماثورللنشر والتوزيع طرفان شايع ٿيو.

 پوءِ وري اهو ئي شرح پھريون ڀيرو 17 جلدن ۾ نورالدين طالب جي تحقيق سان 1428هه/ 2008ع ۾ قطر جي وزارت اوقاف و مذهبي امور طرفان شايع ٿيو. ان کان پوءِ 1434هه/ 2013ع ۾ دار النوادر، لبنان/ڪويت مان شايع ٿيو. ان کان سواءِ مسند احمد جي تحقيق ڪرڻ وقت شيخ شعيب ارناؤط به ڪيترن هنڌن تي علامه سنڌيءَ جي تحقيق مان استفادو ڪيو آهي.

خلاصو :

اسان جو هيءُ مضمون اسلام جي نامور عالم شيخ ابوالحسن سنڌي (وفات 1138هه) جي محدثانه خدمتن جو احاطو ڪري ٿو. شيخ ابوالحسن السندي پنھنجي وقت جو وڏو عالم هو، هو سنڌ جي علمي مرڪز ٺٽي ۾ پيدا ٿيو، اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين ۽ درس ذريعي علم جي اشاعت شروع ڪيائين. وڌيڪ علم جي شوق کيس حرمين شريفين وڃڻ تي مجبور ڪيو. هو  اتي ويو ۽ پنھنجي وقت جي اساطينِ علم کان استفادو ڪيائين. حرمين شريفين ۾ علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ اتي ئي رهي پيو ۽ علم جي اڃارن جي اُڃ اُجهائڻ لڳو. سندس وفات به اتي ئي ٿي ۽ بقيع ۾ دفن ٿيو.

هن پنھنجي سڄي زندگي حديث جي مطالعي ۾ گذاري ۽ تصنيف سان گڏ درس و تدريس جي ميدان ۾ به پنھنجو پاڻ مڃرايو. هن حديث، فقھ ۽ تفسير جي ڪتابن، جن ۾ صحاح سته به شامل آهن، انھن تي اهڙا ته حاشيا لکيا، جيڪي اختصار ۽ جامعيت ۾ مثالي آهن. سندس جا حواشي درياهه کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جا مصداق آهن. عرب و عجم جا عالم سندس جي حاشين/شرحن مان استفادو ڪن ٿا ۽ ساراهه کان سواءِ نه ٿا رهن. مسند امام احمد جي شرح ڪرڻ ۾ پاڻ اڳڀرا آهن، ان کان اڳ مسند امام احمد جي ٻين موضوعن تي ته ڪم ٿي چڪو آهي، پر ڪنھن به ان جو شرح باقاعدي نه لکيو آهي. ساڳيءَ طرح ننڍي کنڊ ۾ صحاح سته تي حواشي لکڻ جي حوالي سان کيس اوليت حاصل آهي.

هن مقالي ۾ سندن حديث جي خدمتن جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي ۽ هر ڪتاب جي حاشيي تي به وسيع تبصرو ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org