سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2025ع

باب:

صفحو:10 

ڪهاڻيون

جنم: 1947ع  وفات: 2021ع

 

”حُر مکيءَ جا“ انگريز سامراج جي خلاف 1898ع ڌاري جيڪا پھرين حُر تحريڪ هلي هئي، ان جي پسمنظر ۾ لکيل ڪھاڻي آهي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ مزاحمتي ادب جي پھرين ڪھاڻي پڻ چئي سگهجي ٿو.

لعلچند امرڏنومل جڳتياڻي هڪ وڏي نثرنگار هجڻ سان گڏ اولين ۽ اهم ڪھاڻيڪار پڻ هو. ”ڪشنيءَ جا ڪشٽ“، ”ننڍڙي نئنا“، ”تلوڪ ٽيمي“، سندس سٺيون ڪھاڻيون ليکيون وڃن ٿيون.

ان شروعاتي دور جا ٻيا ليکڪ جن جي ڪھاڻين ۾ سماج ۾ جاري غلط ريتن رسمن ۽ اوڻاين جي اپٽار ڪيل هئي، سي هئا: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ڄيٺمل پرسرام، جهمٽمل ڀاوناڻي، منوهرداس ڪؤڙومل، پرڀداس ڀيرومل، محمد صديق مسافر، نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻي ۽ لطف الله بدوي. ڄيٺمل پرسرام جي ڪھاڻين جو مجموعو ”چمڙا پوش جون آکاڻيون“ 1922ع ۾ ڇپيو. جيڪو سنڌي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو آهي. انھن ڪھاڻين ۾ نام ڪٺين سماجي ۽ ڌرمي آدرشن ۽ رسمن رواجن کي وائکو ڪيو ويو هو.

سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ جديد حقيقت نگاريءَ جو دور 20 صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي کان شروع ٿيو، ان دور جو اوائلي ڪھاڻيڪار امرلعل هنڱوراڻي هو، جنھن 1930ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، ”ادو عبدالرحمان“ مونولاگ يا خود ڪلامي جي ماڊرن ٽيڪنڪ ۾ لکيل ڪھاڻي آهي. امرلعل هنڱوراڻي جيتوڻيڪ هيءَ ڪھاڻي 80 سال اڳ لکي هئي، پر اها اڄ به نئين لڳي ٿي. ”ادو عبدالرحمان“ ۾ سنڌي ڪلچر جي خالص صوفيپڻي جا رنگ ۽ آدرش چٽيل آهن. هيءَ ڪھاڻي دنيا جي ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. يونيسڪو طرفان ڇپايل دنيا جي بھترين ڪھاڻين جي مجموعي ۾ پڻ ان کي شامل ڪيو ويو هو. ”ادو عبدالرحمان“ نه رڳو سنڌيءَ ۾ حقيقت نگاري جي شروعاتي دور جي نمائنده ڪھاڻي آهي، پر ان کي سنڌي ٻوليءَ جي جديد ڪلاسڪ ڪھاڻيءَ جي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي.

ان دور جا ٻيا اهم ڪھاڻيڪار نادر بيگ مرزا ۽ آسانند مامتورا هئا. نادر بيگ مرزا سنڌ ۾ ان وقت جي سيڪيولر مزاج ۽ ماحول کي پنھنجين ڪھاڻين ۾ آندو. سندس ڪھاڻين ۾ هندن، مسلمانن ۽ پارسين جي معاشرتي زندگيءَ جي جهلڪ آهي. رومانيت جي موضوع تي لکيل هن جي اڪثر ڪھاڻين ۾ پيار جي نفيس جذبي جو خوبصورت اظھار ڪيل آهي. هي سنڌي ڪھاڻيءَ جو اهو اوائلي دور هو، جنھن ۾ سماج جي عام مسئلن کي وڌيڪ اهميت ڏني پئي وئي. آسانند مامتورا پنھنجن همعصر ڪھاڻيڪارن امرلعل هنڱوراڻي ۽ نادر بيگ مرزا کان ان ڳالھه ۾ منفرد هو ته هن سماجي مسئلن سان گڏ فرد يا شخص جي من جي دنيا جو ڇيد ڪيو. جنسيات ۽ نفسيات يا منو وگيان جي موضوعن تي لکيل سندس ڪھاڻي ”ڳنوارڻ“ (ڪڪي) سنڌي ادب جي بھترين ڪھاڻين ۾ ليکي وڃي ٿي. سندس ڪھاڻي ”ڪاري“ اڄ به سنڌ جي موجوده حالتن سان ٺھڪندڙ آهي، سنڌ ۾ ”غيرت وچان قتل“ (Honor Killing) جو غير انساني ۽ جھالت وارو رواج اڃا تائين قائم آهي، جنھن ۾ عورت ۽ مرد تي ناجائز تعلق جو الزام لڳائي، کين ”ڪارو ڪاري“ سڏي قتل ڪيو ويندو آهي، پر ان ۾ مرد گهٽ عورتون وڌيڪ قتل ڪيون وڃن ٿيون. آسانند مامتورا اها ڪھاڻي 1938ع ڌاري لکي هئي. 74 سال گذرڻ کان پوءِ به اُتر سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج ۾ غيرت جي نالي ۾ اهو ڪُڌو ڪم ساڳئي ريت هلندڙ آهي.

سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ جو لاڙو اڳتي هلي مارڪسزم جي اثر هيٺ سماجي حقيقت نگاريءَ ۾ بدليو. هندستان ۾ پروگريسو رائٽرس ائسوسيئيشن يا انجمن ترقي پسند مصنفين 1936ع ۾ قائم ٿي چڪي هئي. ان وقت جا نوجوان سنڌي شاعر ۽ ڪھاڻيڪار جيڪي اڪثر مارڪسواد هئا يا ان نظريي کان متاثر هئا، تن ڪجهه سال پوءِ هڪ اسٽڊي سرڪل ٺاهي هئي. گوبند پنجابي، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، آنند گولاڻي، ڪرشن کٽواڻي جي ترقي پسند تحريڪ سان وابستگي هئي. هنن جو خيال هو ته ادب خاص طور شاعري ۽ ڪھاڻي جي وسيلي طبقاتي نظام جي بنياد تي ٺھيل سماج خلاف انقلاب آڻي ان کي غر طبقاتي يعني سوشلسٽ نظام ۾ تبديل ڪرڻ ممڪن هو.

شوڪت حسين شورو

ڪتاب: ”سؤ سالن جون چونڊ سنڌي ڪھاڻيون“ (جلد پھريون)

مرتب: شوڪت حسين شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو،

 2017ع، ص 17-18-19 تان کنيل

 

زيب سنڌي                                                                              فليش فڪشن 

 

 

 

 

 

ڪهاڻي چونڪ

 

صحرا

صحرا ۾ تتل واريءَ تي هلندڙ عورت ڊگهي پنڌ تان پاڻيءَ جا ٻه گهڙا کڻي اچي رهي هئي. هڪ گهڙو سندس مٿي تي ۽ ٻيو سندس چيلھه تي رکيل هو.

ايئرڪنڊيشنڊ فور ويل گاڏيءَ ۾ ويندڙ شھري عورت جي صحرائي عورت تي نظر پئي ته، شھري عورت گاڏي روڪرائي هيٺ لھي آئي.

ٿڪل صحرائي عورت ساهه پٽڻ لاءِ گهڙا ھيٺ رکڻ لڳي ته، شھري عورت کيس ايئن ڪرڻ کان روڪي ورتو.

شھري عورت جي ڊرائيور جي هٿ ۾ ڪئميرا هئي.

شھري عورت، صحرائي عورت سان گڏ ڪجهه فوٽو ڪڍرايا ۽ بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي وڃي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏيءَ ۾ ويٺي. ڊيش بورڊ تي رکيل باڪس مان چار پنج ٽشو پيپر ڪڍي مُنھن اگهيائين ۽ ڊور هولڊر ۾ رکيل منرل واٽر جي ٿڌي باٽل ڪڍي وات ۾ اوتي ڇڏيائين.

صحرائي عورت جي چيلھه ۽ مٿي تان گهڙا هيٺ ڪري پيا.

عورت ڪنڌ هيٺ ڪري ڏٺو.

هارجي پيل پاڻي صحرا جي وارِي پي وئي ته، عورت پاڻ به صحرا بڻجي پئي ۽ سندس نڙيءَ ۾ ٿوهر ڦُٽي پيو.

 

بکيو

فيس بڪ فرينڊ جي موت بابت پڙهي، کيس هڪدم انفرينڊ ڪري ڇڏيائين.

سبب پڇيومانس ته چيائين، ”مري ويل ماڻهو ڪمينٽ يا لائيڪ ته ڏئي نه سگهندو.“

رائيڊر

رات جي وقت نوجوان رائيڊر موٽر سائيڪل تي پيزا پھچائڻ وڃي رهيو هو. ويران رستي تي ٻن ڦورن پستول ڏيکاري رائيڊر کي روڪيو.

هڪ ڦورو پستول جو رخ رائيڊر ڏانھن ڪري بيٺو رهيو. ٻئي ڦوروءَ رائيڊر جي کيسي مان پئسا ۽ موبائيل فون ڪڍي ورتي. رائيڊر خوف سبب خاموش رهيو.

ڦر ڪندڙ نوجوان رائيڊر کي گريبان کان جهلي موٽر سائيڪل تان لاٿو.

رائيڊر روئندي چيو، ”موٽر سائيڪل منھنجي روزگار جو ذريعو آهي، انھيءَ کان سواءِ ته مان بک مري ويندس!“

موٽر سائيڪل ڦريندڙ ڦوروءَ پنھنجي ساٿي ڦوروءَ ڏانھن ڏسندي چيو، ”اها ته زيادتي آهي، هي ويچارو بک مري ويندو.“

”ها بلڪل، اها ته واقعي وڏي زيادتي آهي. اسان کيس بک مرڻ نه ڏينداسين.“ پستول سڌو ڪري بيٺل ڦوروءَ اهو چئي گولي هلائي ڇڏي.

 

آتم ڪٿا

هن سڄي عمر لکيو پر ڪنھن به پبلشر سندس ڪوبه ڪتاب نه ڇپرايو.

پوڙهائپ ۾ بيمار ٿيو ته پنھنجي ٿورڙي بچت جا سمورا پئسا خرچ ڪري پنھنجو ڪتاب پاڻ ڇپرائي ڇڏيائين.

ڪنھن پڇيس، ”پنھنجو علاج ڪرائڻ بدران ڪتاب ڇو ڇپرائي ڇڏيئي؟“

هن چيو ”دوائون کائي مرڻ کان ڪتاب ڇپرائي مرڻ چڱو آهي.“
 

شگفته شاهه

 

 

 

 

اَسين مارُو لوڪَ

 

”جيجي! مون کي ٻه هزار ڏيندا؟ منھنجي پگهار مان اهي پئسا ڪٽي وٺجو“.

نور بانو اها فرمائش ڪئي، جيڪا هر ٻئي مھيني ڪندي آهي ۽ مون کي ان ڳالھه کان چڙ وٺندي آهي. مون کيس حسب معمول دڙڪا ڏيندي چيو:

”نور بانو! توته هاڻي اها عادت بنائي ڇڏي آهي. وقت کان اڳ توکي پگهار مان ايڊوانس گهرجي. آئون ته سرڪاري نوڪري ڪندي آهيان، پوءِ مون کي جيڪر گهرج پوي، ته ڇا سرڪار مون کي منھنجي پگهار مان اڳواٽ پئسا ڏيندي؟“ مون کيس بار بار ورجايل جواب ڏنو.

”جيجي! ڏاڍي مجبوري آهي“. هن به بار بار ورجايل جواب ڏنو.

”تنھنجا پٽ ڪنھن ڪم ڪار جا ڪونه آهن. هن عمر ۾ به تنھنجي ڪمائي ٿا کائين. پاڻ ڪو هٿ پير نه ٿا هڻن. تون وري سندن شاديون ڪرائي انھن جي ٻارن جون ذميواريون به ڳچيءَ ۾ وجهيو ويٺي آهين. تون بيمار ٿي گهر ۾ ڪم تي نه ايندي آهين ته در تي اچي بيھندا آهن، ته امان بيمار آهي، پئسا ڏيو ته دوا وٺي ڏيونس. جوان پٽ اٿئي پر ڪو ڪم ڪار ڪري. توکي سک نه ٿا ڏين“.

”جيجي ڪم ملندو اٿن، ته ڪندا آهن. ڪڏهن مزوري ڪندا آهن، ته ڪڏهن ڪو ٻيو ڪم، پر کين پڪي نوڪري نه ٿي ملين“.

”نور بانو! مون کان جيڪو ٿي سگهيو، اها مدد ڪيم. هڪ نه پر ٻه ڀيرا کين رڪشا وٺڻ جي ايڊوانس جا پئسا ڏنم، پر هڪ ڀيرو قسطون وقت تي نه ڏيڻ سبب پٺاڻ سندس رڪشو واپس وٺي ويو ۽ ٻيو ڀيرو وري رڪشن جي ريس ۾ رڪشا جو ايڪسيڊنٽ ڪرائي واپس ڪري ڇڏيائون. منھنجا ته ڏنل پئسا ئي ٻڏي ويا. مون ته ڀلائي ڪئي هئي، ته غريب روزگار سان لڳندا ته مون کي قسطن ۾ پئسا موٽائي ڏيندا. پر منھنجي ته نيڪي ئي ڪم نه آئي“.

”ها جيجي! اهو ته آهي. هن ڀيري ٻه هزار ڏئي ڇڏ، پگهار مان ڪٽي ڇڏجانءِ.“

”اهڙو ڪھڙو ضروري ڪم اچي پيو اٿئي؟“

”جيجي! ننڍي پٽ جو نڪاح ڪري ڀت جي ديڳ ورهائڻي اٿم“.

”ڇا....؟ ننڍو پُٽ؟ جيڪو نائين ڪلاس ۾ ٿو پڙهي؟“ مون حيرت مان پڇيو.

” ها جيجي!“

”ڪھڙي ضرورت آهي ان عمر ۾ سندس شادي ڪرائڻ جي؟ هڪڙن جي پورت ٿئي ئي نه ٿي، وري ٻئي کي به پرڻائي ذميواري ڳچيءَ ۾ پائيندئين.“

”بس جيجي! مجبوري آهي“. هن عاجزيءَ سان چيو.

”ڪھڙي مجبوري آهي، جو اوچتو هڪ ڏينهن ۾ ٿي سندس شادي ڪرائين؟“

”جيجي! منھنجي ڀائٽيءَ جي شادي ڪجهه سال اڳ ٿي هئي. سندس گهر وارو بيماريءَ وگهي گذاري ويو. هاڻي منھنجو ڀاءُ سندس شادي پڪي عمر جي ماڻھوءَ سان ٿو ڪرائڻ چاهي. سندس عمر منھنجي ننڍي پٽ جيتري آهي. ان ڪري هوءَ راضي نه هئي ۽ ڪالھه رات ڀڄي منھنجي گهر آئي“.

”اوهه....! پوءِ ڇا ٿيو؟“

”ڇوڪريءَ مون کي چيو ته آئون پنھنجي پٽ سان کيس ڪٿي پري موڪلي ڇڏيان، ته جيئن کيس پوڙهي سان شادي نه ڪرڻي پوي“.

”پوءِ....ڇا ٿيو؟“ مون حيرت ۽ تجسس مان پڇيو.

”مون چيومانس ته امان اهو مناسب نه ٿيندو. ائين ڀڄي ويندئينءَ، ته اسين ڀيڻ ڀاءُ ٽٽي وينداسين ۽ ڀڄي وڃڻ سان مسئلا ختم ڪونه ٿيندا. تون گهر وڃ، آئون ادا کان سڱ گهران ٿي تنھنجو“.

”هم م م....!“

”مون ادا سان ڳالھايو ته، چيائين ته هڪ ڏينهن اندر ڇوڪريءَ جو نڪاح ڪري وٺي وڃ، نه ته آئون ٻئي هنڌ سندس شادي ڪرائي ڇڏيندس. ان ڪري پئسا ٿي گهران ته ويجها مٽ مائٽ گهرائي اڄ رات جو پٽ جو نڪاح ڪري ڇوڪريءَ کي گهر وٺي اچان، نه ته هوءَ ويچاري رُلي ويندي“.

اهو ٻڌي آئون چپ تي ويس مون کيس ڏٺو. هوءَ اسان وٽ گذريل ٻاويھن سالن کان ڪم ڪري رهي هئي. آئي هئي ته جوان هئي ۽ هاڻي پوڙهي ٿي چڪي هئي. هيءَ ڪمزور، ڪاري ڪوجهي عورت نه ته عورتن جي ڏينھن تي پلي ڪارڊ هٿ ۾ کڻي ريليءَ ۾ شامل ٿيندي آهي نه ئي عورتن جي ڪنھن تنظيم سان وابسته هئي.پوءِ به ڪيڏي نه مھان هئي، جو هڪ ڇوڪريءَ جي زندگي بچائڻ لاءِ هڙان وڙان ڏيڻ لاءِ تيار هئي.

مون خاموشيءَ سان ٻه هزار هن ڏانھن وڌائي ڇڏيا.

نوان ڪتاب

 

جمن احمداڻي

 

 

 

 

”خودڪشي جو پوسٽ مارٽم!“

 

خودڪشي کي قانوني شڪل ملندي ئي، ملڪ ۾ ادارا ٺھڻ شروع ٿي ويا. ادارا ٺھڻ کان اڳ ۾ ئي ماڻھو مايوسي، ڊپريشن، ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي پاڻمرادو زهر کائي مري رهيا هئا، اهو تصور ئي ڀيانڪ ۽ دل ڌوڏيندڙ ھو. ماڻھو، سھپ جي آخري حد تائين پھچي خودڪشي جو سوچيندي، پل لاءِ جذبات کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي تدبيرون ڪري، ٿڪجي، ٽٽي، ورهائجي، ٻيرا ٻيرا ٿي، وکري وري وري پاڻ کي جوڙي ٿڪجي پيا هئا. جسم جوڙڻ هنن لاءِ ڪو مسئلو نه هو. پر روح جو اُڊڙڻ کين ٿڪائي وڌو هو.

سائنسي دور ۾ فطرت جو ستياناس ٿي ويو. ڌرتي تان سبزه زار جي جڳھه، بلڊنگن، پڪن رستن، ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار، زمين کي خشڪ ميدانن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، ڌپ ۾ ڀريل ڊرينج سسٽم، گٽر نالن جي والار، قدرتي ماحول ۾ زهر پکيڙي ڇڏيو. پاڻي جا قدرتي وهڪرا پٿرن سان قيد ڪري، ڪنڌين ڪنارن کي مصنوعي ترقي جو نالو ڏيئي قدرت جي نعمت کي وڪرو ڪيو ويو. ندين واهن، ڍنڍن ڍورن مان پاڻي ختم ٿي ويو . صبح جي حسين نظارن ۾ سرگوشيون ڪندڙ ٿڌيون هوائون گم ٿي ويون. رات پھر ۾ آسمان تي ٽمڪندڙ ستارن سميت، چنڊ جي ٿڌڙي روشني کي به بلبن، اسٽريٽ لائٽنگ ذريعي مصنوعيت ۾ بدلائي ڇڏيو. اهڙي ماحول ۾ انسانّ پنھنجي خوشي، روح جي توانائي ڪٿان ڳولھي سگهن. کين ڪوبه اهڙو ماڳ نه پئي سُجهيو، جتي سڪون جون دلربا هوائون گهلنديون هجن. ماڻھو عجيب بيمارين ۽ بُکن ۾ وڪوڙجي ويا. هائبرڊ کاڌن، دوائن، ڪيمڪل ذريعي پيدا ڪيل فصلن، ماڻھن جي جسم ۾ زهر ڀري ڇڏيو. اهو زهر جسم مان منتقل ٿي روح ۾ ڦاسي پيو. روح ۾ زهر ڇا ڦاٿو- انسان هڪٻئي لاءِ، شڪ، ڪوڙ، وهم، بي اعتباري، ڪاوڙ، حسد، احساس ڪمتري ۾ وڪوڙجي ويو. روين ۾ ڦھلجندڙ زهر دنيا جي آبادي کي ائبنارمل وجودن ۾ بدلائي ڇڏيو. جنم وٺندڙ هر نئون ٻار هن عجيب دنيا ۾ داخل ٿي چريائپ ۽ وائڙپ ۾ سمجھه جي صلاحيت وڃائي، مصنوعي شين ۾ پاڻ کي ڳولھڻ لڳو.

آرٽيفيشل دنيا ۾ سڀ شيون سمورا رنگ هئا، سڀ ڪجهه ھو، پر فطرت نه هئي. نظارا نه هئا، قدرتي جهرڻا نه هئا. پوکيل فصل، اناج، جبل، وڻ، پکي بارشون سڀ ڪتابن جون ڪھاڻيون بڻجي ويون هيون. ڪڏھن ڪو آسمان تي ڊوڙندڙ سرمائي ڪڪر ڏسندا هئا، ته حيرت ۾ پئجي ويندا هئا. جسماني بيمارين ۽ بکن کي منھن ڏيڻ آسان نه هو، ٻئي طرف روح به خالي کوکلا، بُک اُڃ ۾ پياسا هئا. حسن ڪائنات جا رنگ وکري ٽٽي آرٽيفيشل جھان ۾ گم ٿي ويا هئا. هر گهر، ڳوٺ، شھر اوڙي پاڙي، در دفتر ۾ رڳو پياسن روحن کي انساني وجود ۾ قيد ڪيو ويو هو.

ڌن دولت، اميري غريبي تي بحث ڪندي، رياست ۾ رهندڙ ماڻھو جيئڻ جا جتن ڪندي هڪٻئي جي احساسن، امنگن، خواهشن کي لتاڙيندي انڌا ٿي زندگي جي جنگ وڙھي رهيا هئا. نه ننڊ آرام، نه خوشي نڪو ڪا رونق. بظاهر ماڻھو، ماڻھو ئي هئا، پر اندر ۾ کوکلا خالي، ڪنھن به ٻئي کي نه ٿي ڄاتو ته سندس روح ۾ ڪيڏا سوراخ ٿي چڪا آھن. خبر تڏھن پوندي هئي، جڏھن ڪو زهر کائي، گولي هڻي يا پاڻ کي ڦاهو ڏيئي خودڪشي ڪري ڇڏيندو هو. خودڪشي جا واقعا روز بروز وڌڻ لڳا. رياستي حآڪمن کي پريشاني ٿيڻ لڳي ته ماڻھو بظاهر ته خوش آھن. پوءِ به هڪ ئي وقت، غريب به خودڪشي ڪري رهيو آھي، ته امير طبقي ۾ به اهو رجحان وڌي رهيو آھي. ان تي باقاعدي ريسرچ ڪئي وئي. سيمينار ڪوٺايا ويا. ٻاهرين ڊونرز ايجنيسين کان مدد ورتي وئي، پر روح ۾ ڀريل زهر تيزي سان پکڙجڻ لڳو. حڪمران طبقي جي گهرن ۾ به اهو زهر ڦھلجي ويو. بدنامي وڌڻ ڪري باقاعدي بحث مباحثو ڪيو ويو. ملڪ ۾ هزارين ماڻھو روزانو جهنگن جهرن شھرن ۾ خودڪشيون ڪري رهيا هئا. حڪمرانن وڏي سوچ ويچار کانپوءِ فيصلوڪيو، ته ڇو نه ان کي قانوني شڪل ۾ آندو وڃي. ان سان گهٽ ۾ گهٽ ملڪ بدنام ٿيڻ کان بچي ويندو. هڪ ڏينھن نيٺ ملڪي آئين ۾ خودڪشي کي قانوني شڪل ملي وئي. خودڪشي کي قانوني شڪل ملندي ئي نوان نوان ادارا ٺھڻ شروع ٿي ويا. عملو ڀرتي ڪيو ويو. ملڪ جي هر ڪنڊڪڙڇ ۾ ذيلي شاخون قائم ٿي ويون. خودڪشي جو رجحان رکندڙ شخص ان ۾ داخل ٿيندو هو ۽ ان کي آساني سان ماري عقيدي موجب سندس رسمون ادا ڪري دفن ڪيو ويندو هو. روزانو جي بنياد تي خودڪشي جا انگ اکر باقاعدي آن لائين رياستي حاڪمن ڏانھن اماڻيا ويندا هئا. پرڏيھي دورن ۾ خودڪشي جي ادارن لاءِ ڊونرز ايجنسين کان فنڊ ملڻ لڳو. ملڪي معيشيت سگهاري ٿيڻ لڳي. پر پوءِ به، آرٽيفيشل سماج ۾ روح جا اڊڙيل بّخيا ڪير به ڳنڍي نه سگهيو. هڪ ڏينھن وڏي خبر بريڪ ڪئي وئي ته ملڪ جو بادشاھه گهرو اڻبڻت سبب، خودڪشي اداري ۾ داخل ٿي پاڻ کي مارائي ڇڏيو !!

نوان ڪتاب

سنڌي ادبي بورڊ جو ريپرنٽ ڪتاب

 

 

ڊاڪٽر احسان دانش                                                                         ڪوتا ڪهاڻي

 

يادن جو ڪوهيڙو

 

 

تنھنجون يادون منھنجي زندگيءَ جو حاصل آهن.

مان اڄ به تنھنجي ياد جي آڱر پڪڙي،

وک وک اڳتي وڌي رهيو آهيان.

تنھنجي يادن جا هجوم

منھنجي ماضيءَ جي ميراث آهي

منھنجو ماضي، تنھنجي وجود کان سواءِ

بي معنى آهي

توکي مان پنھنجي جيئڻ جو جواز سمجھندو هيس

۽ اڄ تائين تنھنجي يادن ئي

منھنجي زندگيءَ جي وڻ کي سائو رکيو آهي

مان تنھنجين يادن جو دامن وٺي

خلائن ۾ پھچي ويندو آهيان

مان تنھنجي يادن جي ڏوري پڪڙي

ڌرتيءَ کي ڪڇي سگھان ٿو

اُڀ کي ماپي سگھان ٿو

تنھنجيون يادون

مون کي زمان ۽ مڪان جي حدن کان ٽپائي

هڪ انوکي جھان ۾ وٺي وينديون آهن

مون کي توسان گھاريل هڪ هڪ لمحو ياد آهي

مون کي اڄ به

تنھنجي قدمن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي

تنھنجي گفتگو جي موسيقي سڻڻ ۾ اچي ٿي

تنھنجا سوال ياد اچن ٿا

اهي لمحا ياد اچن ٿا

جن لمحن ۾ عجيب سرور هو

اهي منظر اکين اڳيان ڦرن ٿا

جن منظرن کي تنھنجو وجود

ويتر حسين بڻائي ڇڏيندو هو

توکي ياد آهي؟

ڄام شوري جي مست هوا کي محسوس ڪندي

تون ۽ مان زيرو پوائنٽ کان آهستي آهستي هلندي

آءِ آءِ قاضي جي مزار تي پھتا هئاسين

سُرمئي شام ويلي

پُر سڪون ماحول ۾

نه ڄاڻ ڪھڙي وڻ تان ڪويل جو آواز ٻُريو هو

جنھن ماحول کي وڌيڪ رومينٽڪ بڻائي ڇڏيو هو.

دل ۾ ڪيئي جلترنگ ڇِڙي پيا هئا

ڪي گھڙيون خاموشيءَ سان

تنھنجن گھرن نيڻن ۾ تڪيندي

انھن جي گھراين ۾ گم ٿي ويو هئس.

تو پڇيو هو:

”ڪويل جي آواز ۾ ايڏو سوز ڇو هوندو آهي؟

چيو هيم:

”ڪويل درد جي مٽيءَ مان ڳوهيل هوندي

ان ڪري ئي ته هن جي لات ۾

بانسري جھڙو دُک دُکندو آهي....

پر اڄ الا جي ڇو

مون کي سندس آواز

کوڙ سُڪون ٿو ڏئي....“

تون اڳتي وڌي

ايلسا قاضي جي قبر تي بيھي پڇيو هو:

”ڪوئي ڪنھن سان ڪيترو پيار ڪري سگھي ٿو؟“

”محبت جي ڪٿ ڪو به نه ٿو ڪري سگھي...“ چيو هيم.

ڇوته محبت جي ڪا حد ۽ سرحد نه آهي.

........ RRR .........

مون کي هر اهو لمحو ياد آهي

جيڪو توسان گڏ گھاريو هيم

تنھنجي مرڪ

تنھنجا ٽھڪ

تنھنجو رسڻ

ننڍڙيون ننڍڙيون شڪايتون

منھنجو ڪنھن به ڇوڪريءَ سان

ٻه لفظ ڳالھائڻ تي

تنھنجو اعتراض

تنھنجي هر ادا

تنھنجو هر ماڻو

منھنجي ذهن جي ڪئنواس تي چٽيل آهي

مست هوا ۾ کُليل وارن کي قابو ڪرڻ

هاسٽل جي گيٽ تان هٿ لوڏي مرڪي موڪلائڻ

ڪلاس ۾ اشارن ئي اشارن ۾ ڳالھائڻ

ڪينٽين تي گرم چانھن پيئندي

تنھنجو ”آ“ ڪرڻ

ڪنھن ڳالھه تي شرمائي

تنھنجو هيٺين چپَ کي هلڪو چڪ هڻڻ

سڀ ڪجھه ياد آهي......

وسري به ڪيئن ٿو سگھي

ڀلا ڪنھن زنده وجود کان

ساهه کڻڻ به وسري سگھي ٿو...!

 

منھنجو ذهن

تنھنجي يادن جي ڪوهيڙي سان ڀريل آهي

پر مان ان ڌنڌ ۾ به

اڄ تائين تنھنجو چھرو

صاف صاف ڏسي سگھان ٿو.

مان ماضي جي هڪ هڪ ياد کي

ميڙي ۽ سھيڙي سگھان ٿو....

مان اهي سويرا ۽ سانجھيون

ڪيئن ٿو وساري سگهان

جيڪي تنھنجي پيار جي پناهن ۾ گذاريا هئا.

مون کي اڄ به ياد آهي

المنظر تي گهاريل اها شام

جيڪا منھنجي زندگيءَ جي حسين شام هئي.

ان شام سنڌوءَ جي لھرن ۾ مستي هئي

ان شام آسمان تي هلڪا هلڪا بادل ڇانئيل هيا

ان شام منھنجو هِردو قرار جي هندوري ۾ لُڏيو هيو

ان شام نه ڄاڻ المنظر جي هيرن ۾ هڳاءُ هيو

يا تنھنجي وارن جي خوشبو!

ان خوشبو منھنجي وجود کي ويڙهي ڇڏيو هيو.

ياد ٿئي تون هوڙهي ۾ ويھي چيو هو:

”دل ٿي چوي هي هوڙهو ائين ئي

سنڌوءَ جي لھرن ۾ لڏندو ۽ هلندو رهي

تون ۽ مان ونجھه هلائيندا رهون

۽ زندگي گذري وڃي.....“

 

اڄ سوچيان ٿو ته خواب ٿي لڳي اها شامَ

جنھن شامَ

مست هوائون

الاجي ڪٿان ڪارا ڪارونڀار کڻي آيون هيون

مينھن اوڙڪون ڏئي اُٺو هيو.

کنوڻ سان گڏ وڏو گجگوڙ هيو.....

ٻنھي جا لباس پُسي ويا هئا

جسم آلا ٿي ويا هئا.

هوا، بدن ۾ سيءُ ڀري ڇڏيو هو.

اچانڪ آسمان ۾ وڏو ٺڪاءُ ٿيو هو.

تون بيساخته مون سان چنبڙي پئي هُنئينءَ.

تنھنجي دل اڇلون ڏئي رهي هئي.

منھنجي دل جي ڌڙڪن به بي ترتيب ٿي وئي هئي.

تون پل اپل ۾ مون کان ڇڄندي

پنھنجون نظرون هيٺ جھڪائي ڇڏيون هيون.

تنھنجي چھري تي شرم جي سرخي لھي آئي هئي.

ان پل تو هڪ لفظ نه ڳالھايو هو

پر تنھنجين نظرن

هڪ رشتي کي معنى ڏني هئي.

ان رات جڏهن مينھن موجن سان وسي بند ٿيو هو

۽ ڪڪرَ چنڊ جي چھري تان هٽي چُڪا هئا

ته مان هاسٽل جي ڇت تي وڃي سمهيو هيس

ان رات مون کي آسمان ڏاڍو حسين لڳو هو

ان رات مون دير تائين چنڊ سان ڳالھيون ڪيون هيون

تارن سان رهاڻيون ڪيون هيون

ان رات منھنجو روح مھڪي پيو هو

منھنجو جسم مھڪي پيو هو.

.................

هڪ شام پپل جي ڇانوري ۾

منھنجي ڪُلھي تي ڪنڌُ رکي

چيو هيئي

”الائي ڇو مون کي

کوڙ شاعرن جي شاعري

مئل لفظن جي قافلي جھڙي لڳندي آهي.

پر تنھنجن شعرن ۾

تنھنجي دل ڌڙڪندي آهي.“

چيو هيم:

”مان تنھنجي محبت کي

روح جي پاتال تائين محسوس ڪيو آهي

ان ڪري توکي منھنجو هر لفظ

زنده ۽ چرندڙ پُرندڙ لڳي ٿو.

خبر ٿئي

جڏهن توتي منھنجي پھرين نظر پئي هئي

ته مون هڪ نظم لکيو هو....

ٻڌايانءِ؟“

مرڪي وڏي چاهه سان چيو هيئي ”هون“

تنھنجي نيڻن ۾ پيار جو خمار هيو

تنھنجي نيڻن جي خمار ۾ ٻڏي

توکي نظم ٻڌايو هيم:

”چاندنيءَ جا ڪجهه کڻي ڪرڻا خدا

تنھنجي صورت کي آ بخشي روشني

ڪجهه گلابي پنکڙين مان او پرين

تنھنجي رخسارن آ ورتو روپ ڪو

نيڻ گھرا ڍنڍ جيان تنھنجا ڏسي

ڪيترا حيران ٿي ويا آدمي

وارَ پاڇو يارَ تنھنجي جسم جو

جسم ڄڻ مر مر جي آهي مورتي......“

تو چھري تي ڪريل پنھنجا وار سنواري

پيار مان منھنجي ڪُلھي تي مٺي ڏني هئي.

 

ياد ٿئي تون مون کان ڏاڍا سوال پڇندي هُئينءَ!

هڪ ڀيري

غم ۽ خوشيءَ کي ڊفائن ڪرڻ لاءِ چيو هيئي

چيو هيم ”سچ ٻڌايانءِ“

”هون“ چئي منھنجي نگاهن ۾ گم ٿي وئي هُئينءَ

”منھنجي لاءِ خوشي

توسان گڏ گذاريل وقت آهي“

چيو هيم

”۽ توکان سواءِ

رُڃ ئي رُڃَ آهي

درد ئي درد آهي.“

سيني تي هلڪي مُڪَ هڻي

مرڪي چيو هيئي

”هل ڪوڙا“

چيو هيم

”تنھنجو قسم“

 

ياد ٿئي سياري جي هڪ منجهند

جڏهن اُس تي بدن کي سيڪيندي

آرٽس فيڪلٽي واري رستي ڏانھن پئي وياسين

ته ڪافي جي فرمائش ڪئي هيئي

مون کي اهو ئي سوئيٽر پاتل هو

جيڪو تو پنھنجي هٿن سان اُڻي ڏنو هو

مان ان سوئيٽر مان تنھنجي هٿ جي ڇھاءَ کي

محسوس ڪندو هيس

ڪينٽين تان ڪافي جا ٻه ڪَپ وٺي

ان لان ۾ اچي ويٺا هئاسين

جنھن کي لورس پوائنٽ چوندا هئا.

ڪافي جي ڪپ مان سپَ ڀري

اچانڪ پڇيو هيئي

”محبت جي انتھا ڇا آهي؟“

مان تنھنجي سوال تي ٿڌو ساهه ڀري

اکيون پوري

ڪي پلَ خاموش ٿي ويو هئس.

مان محبت کي

پنھنجي نس نس ۾

محسوس ڪري رهيو هئس

منھنجي چپن تي

اياز جون سٽون تري آيون هيون

”خبر ناهي ته ڇو آهي ۽ ڇا آهي

محبت زندگيءَ جي انتھا آهي

محبت ئي اسان جي منزلِ آخر

محبت ئي اسان جي رهنما آهي“

تون ”واهه واهه“ چئي

مُک تي اهڙي مرڪ آندي هئي

جنھن جي سحر کي مان

اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان

 

پر تون مون کي ائين وساري ڇڏيندينءَ

اها ڳالھه

منھنجي سوچ جي سرحدن کان ٻاهر هئي

مان اڄ تائين هر پل

توکي پنھنجي آس پاس محسوس ڪندو آهيان

تنھنجي تصوير سان

اڄ جيان

ائين ئي ڳالھائيندو آهيان.

منھنجي خود ڪلامي

ڪڏهن تنھنجي ڪميءَ جو احساس نه ڏياريندي آهي

ڪاش ايڪسيڊنٽ ۾ ڪٽجي ويل

منھنجي ٽنگ ڏسي

مون کان منھن موڙڻ بدران

تون منھنجي ڳڀا ڳڀا ٿيل

روح ۾ جهاتي پائين ها

منھنجي دل جي شيشي جون

ڪِرچون ميڙين ها

مان

تنھنجي يادن جي ڪوهيڙي ۾ گم ٿيل

تنھنجو پريمي

اڄ به تنھنجي حسين سنگ کي ساري

تڙپي ۽ لُڇي رهيو آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org