محمد
پُنهل
ڏهر

ڊاڪٽر غلام محمد
لاکو
]سوانح
۽ سندس علمي ادبي ڪارناما[
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ملڪ جي انھن ناميارن عالمن،
اديبن ۽ محققن مان هڪ هو، جن تحقيق جي ميدان ۾
ملڪي سطح تي تمام گهڻي شھرت ماڻي. هن تاريخ 6
جولاءِ 1954ع تي ڳوٺ مٺا خان جوکيو (تعلقو دولتپور
صفن ضلعو شھيد بينظيرآباد) ۾ محمد ابراهيم لاکي جي
گهر ۾ جنم ورتو. محمد ابراهيم لاکي کي پنجن پٽن ۽
هڪ نياڻي جو اولاد هو، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سندس
پٽن جي اولاد مان ٻئي نمبر تي هو.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان
هو. سندس پرورش ۽ شروعاتي تعليم ڏاڏي خضر لاکي جي
سرپرستي ۾ ٿي. هن پورا چار سال پنھنجي نانيءَ جي
سايي ۾ گذاري گهڻو ڪجهه سکيو ۽ پرايو، جيڪا وڏي
ديندار ۽ پڙهيل خاتون هئي. هن ديني ۽ پرائمري
تعليم پنھنجي ڳوٺ مٺا خان جوکيو مان پرائي مئٽرڪ
تائين تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول دولتپور صفن مان
1971ع ۾ حاصل ڪئي. انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ ڪاليج
نوابشاهه مان 1974ع، بي.اي گورنمينٽ مھراڻ ڪاليج
موري مان 1978ع، ايم.اي (انگريزي ادب ۾) سنڌ
يونيورسٽي ڄام شورو مان 1980ع، ايم.اي (تاريخ ۾)
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان 1982ع ڌاري ۽ پي.ايڇ
ڊي ”ارڙهين صدي عيسوي جي سنڌ“ جي عنوان سان
پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل جي رهنمائي ۾ سنڌ
يونيورسٽي ڄام شورو مان ڊگري ورتائين.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پنھنجي عملي زندگي جو آغاز،
انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ ”النور شگر ملز شاهپور
جھانيان“ ۾ عارضي طرح سان ڪلرڪ طور ڪئي. 1982ع ۾
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سڪرنڊ ۾ عارضي بنياد تي
انگريزي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ
گورنمينٽ مھراڻ ڪاليج موري ۾ سندس بدلي ٿي. سال
1984ع ۾ تاريخ شعبي ليڪچرار طور مقرر ٿيو ۽ سندس
ڊيوٽي جي مقرري گورنمينٽ ڪاليج ۾ ٿي، جتي پڻ ڊيوٽي
خوش اسلوبي سان سرانجام ڏنائين.

غلام محمد لاکو 1 جون 1987ع تي سنڌ يونيورسٽي ڄام
شورو ۾ پاڪستان اسٽڊي شعبي ۾ ليڪچرار ٿيو. آڪٽوبر
1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه هن کي شعبي تاريخ
(جنرل هسٽري) ۾ مقرر ڪيو، جتان ترقي ڪندو 2008ع ۾
پروفيسر جي عھدي تي پھتو ۽ 2012ع ۾ انھي شعبي جي
چيئرمين طور خدمتون سرانجام ڏنائين، جتان 5 جولاءِ
2014ع تي انھيءَ عھدي تان يونيورسٽي جي سروس تان
رٽائرڊ ٿيو.(1)
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو خاندان، آڳاٽو چند پيڙهين
کان ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ مقيم هو. سال 2024ع جي
شروع ۾ هن خاندان جي سڀني فردن پنھنجو ٻني ٻارو ۽
گهر وڪڻي، دولتپور صفن شھر جي ڀرسان لڏي اچي ويٺا
۽ انھي فيملي جا ڪجهه فرد وري قاضي احمد شھر جي
ڀرسان لڏي اچي ويٺا.
رٽائرمينٽ کانپوءِ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پنھنجي
فيملي سميت ڄام شورو ۾ پنھنجي ذاتي رهائشگاهه
ٺھرائي، انھيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي کي نوجواني کان ئي ادبي دنيا
ڏانھن تمام گهڻو لاڙو هو، خاص طور تي تاريخي ۽
تحقيقي ادب ڏانھن. هن 1976ع کان باقاعدگيءَ سان
لکڻ شروع ڪيو هو. هن کي شروعات کان ئي سنڌ جي
سياسي، سماجي ۽ ادب تاريخ سان حد درجي جو لڳاءُ
هو. هي پنھنجي
مادري زبان سنڌي سان گڏ اردو، فارسي ۽ انگريزي
زبانن تي تمام سٺي دسترس رکندو هو. علمي ادبي ذوق
خاطر هن 1978ع ۾ پنھنجي دوست غلام علي باگاڻي سان
گڏجي دولتپور صفن ۾ هڪ ادبي تنظيم ”گرامي
پبليڪيشن“ جو بنياد رکيو، جتان مختلف سالن ۾
تقريباً پنج عدد ڪتاب شايع ٿيا.(2)
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾
مقالا ۽ مضمون لکندو هو، جنھن جو تعلق گهڻو ڪري
سنڌ جي سياسي، سماجي، سوانحي ۽ ادبي تاريخ سان
هوندو هو. سندس اِهي مقالا ملڪ جي مشھور ادبي
رسالن جھڙوڪ: ”نئين زندگي“، ”پيغام“ ۽ ٽماهي
”مھراڻ“ وغيره ۽ مختلف اخبارن ۾ وقت بوقت ڇپجندا
رهندا هئا. هن ڪيترن ئي مشھور اسڪالرن جي اردو ۽
انگريزي مقالن جو سنڌي ترجمو به ڪيو هو ۽ ملڪ جي
ڪيترن ئي اديبن وري هن جي لکيل سنڌي مقالن جو اردو
۽ انگريزي زبانن ۾ ترجمو ڪيو هو. لاکي صاحب جا
گهڻو ڪري سنڌي مقالا مشھور ادبي رسالي ”مھراڻ“ ۾
وقت بوقت شايع ٿيندا رهندا هئا. سندس لکيل انھن
مضمونن ۽ مقالن کي ادبي حلقن ۾ تمام گهڻو ساراهيو
ويندو هو ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڪري
مختلف وقتن تي مختلف علمي ۽ ادبي ادارن، جھڙوڪ:
سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ثقافت کاتو، سنڌ
آرڪائيوز، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ
بورڊ ۽ پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي جو به
ميمبر رهيو. سنڌ يونيورسٽي جي سينيٽ اڪيڊمڪ
ڪائونسل جو ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي بورڊ آف
ايڊوانس اسٽڊيز ۽ ريسرچ جو ٽن سالن لاءِ ميمبر پڻ
رهيو. اِنھيءَ کان علاوهه ڊاڪٽر لاکي صاحب ڪيترين
ئي قومي ۽ بين الاقوامي ادبي
ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ اُتي پنھنجا تحقيقي مقالا
پڙهيا، جن کي ملڪي ۽ ٻاهرين دنيا ۾ قدر جي نگاهه
سان ڏٺو ويو.(3)
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو تحقيق جي لحاظ کان گهڻو ڪري
سيد حسام الدين راشدي ۽ ايم.ايڇ پنھور صاحب کان
گهڻو متاثر نظر اچي ٿو. انھن جي نھج تي ئي هي
پنھنجي تحقيقي ڪم کي شروع ڪري ٿو ۽ پايئه تڪميل تي
پھچائي ٿو. انھيءَ ڪري ئي هن پير صاحب ۽ ايم.ايڇ
پنھور صاحب جي ڪيترن ئي ناياب مقالن ۽ مضمونن کي
مختلف رسالن ۽ ڪتابن مان هٿ ڪري وڏي محنت ۽ ڪوشش
سان سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻي شايع ڪرايو، جنھن مان
موجوده دؤر جو هرهڪ محقق ۽ اديب مستفيض ٿي رهيو
آهي. هن کي سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان ايڏو عشق هو،
جو سيد حسام الدين راشدي جي نقشِ قدم تي هلندي،
سندس هر وقت اها دلي خواهش هوندي هئس ته سنڌ جي
سياسي، سماجي، سوانحي تاريخ ۽ ادب متعلق جيڪي به
آڳاٽا (فارسي توڙي سنڌي وغيره) لکيل قلمي نسخا،
جيڪي اڃان تائين ملڪ جي مختلف ذاتي ۽ سرڪاري
ڪتبخانن جي زينت بڻيل آهن، سي جلد شايع ٿي وڃن ته
جيئن هرهڪ اديب ۽ محقق اُن مان روشناس ٿي استفادو
ڪري سگهي. اِنھيءَ سلسلي ۾ هن جي وڌ کان وڌ ڪوشش
هوندي هئي. هر وقت مختلف لائبريرين مان اهڙا ناياب
شھپارا هٿ ڪرڻ ۽ انھن کي ايڊٽ ڪرائي شايع ڪرائڻ جي
ڪوشش ۾ هوندو هو. اِنھيءَ سلسلي ۾ هن جا ناميارن
عالمن، اديبن ۽ محققن سان هر وقت رابطا هوندا هئا،
انھن کي هر وقت همٿائيندو رهندو هو ۽ کين چوندو
رهندو هو ته فلاڻو قلمي نسخو ايڊٽ ڪيو ته جيئن
اِهو ناياب ۽ قيمتي مواد جلد کان جلد ڇپجي شايع ٿي
اچي. سندس خوشي جي ان وقت حد نه هوندي هئس، جڏهن
سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان واسطو رکندڙ ڪو ناياب قلمي
ڪتاب ايڊٽ ٿي شايع ٿيندو هو ته ان تي پاڻ به خوش
ٿيندو هو ۽ فوراً ٻين ادبي دوستن کي به ان جو
اطلاع ڏيندو هو. اخبارن ۽ روزاني ڪاوش حيدرآباد،
روزانه جنگ ڪراچي ۽ انگريزي اخبار ڊان، روزانو
باقاعدگي سان گهرائيندو هو ۽ پڙهندو هو. انھن ۾
جيڪڏهن ڪنھن خاص ڪتاب جي ڇپجڻ جو پڙهندو هو ته پاڻ
به ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ ٻين ادبي دوستن کي به ان
جي ڇپجڻ جو اطلاع ڪندو هو.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پنھنجي علمي ۽ ادبي ذوق جي
خاطر پنھنجي رهائشگاهه ۾ هڪ عظيم الشان لائبريري
به جوڙي، جنھن ۾ خاص طور تي تاريخ جي موضوع تي ۽
خاص ڪري سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي تاريخ،
آثارِ قديمه، تصوف ۽ ادب وغيره تي مختلف زبانن ۾
لکيل خاص طور تي سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽
انگريزي ۾ لکيل تقريباً سمورا ڪتاب موجود آهن.
اهڙيءَ طرح پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي تاريخ ۽
حالات حاضره تي لکيل ڪتاب به گهڻي تعداد ۾ موجود
آهن. سندس لائبريري ۾ سنڌي ۽ فارسي زبان جا ڪيترا
ناياب قلمي نسخا به موجود آهن. جن جو گهڻي قدر
تعلق سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ تصوف وغيره سان آهي.
علمي ۽ ادبي اُڃ اجهائڻ خاطر ۽ پنھنجي مطالعي جي
اضافي خاطر اهي ڪتاب هر وقت گهرائيندو ۽ خريد ڪندو
رهندو هو ۽ انھن جو مطالعو ڪندو رهندو هو. سندس
لائبريري جا دروازا هر هڪ اديب لاءِ خاص طور تي
محققن لاءِ هر وقت کليل رهندا هئا، جنھن مان مقامي
توڙي ٻاهريان اديب ۽ محقق هر وقت مستفيض ٿيندا
رهندا هئا. پاڻ هر وقت لکندڙن ۽ تحقيق ڪندڙن کي
لکڻ لاءِ همٿائيندا رهندا هئا ۽ انھيءَ سلسلي ۾
کين هر قسم جي مدد فراهم ڪندو رهندو هو، ايتري قدر
جو کين گهربل مواد اصل صورت ۾ يا فوٽو اسٽيٽ ڪرائي
کين پنھنجي ئي خرچ تي پوسٽ ذريعي موڪلي ڏيندو هو ۽
ان متعلق کين فون ڪري ٻڌائيندو به هو ۽ ان مواد جي
پھچ متعلق به بار بار فون ڪري کانئن پڇندو رهندو
هو ته کين اِهو موڪليل مواد پھتو يا نه. کيس اُن
وقت تسلي ٿيندي هئس، جڏهن مواد جي پھچڻ جو کيس
ٻڌايو ويندو هو. پاڻ پنھنجا وقت بوقت ڇپيل ڪتاب ۽
ٻيا هٿ آيل اضافي ڪتاب به پنھنجي خاص ادبي دوستن
ڏانھن وقت بوقت تحفي طور پوسٽ ذريعي موڪليندو
رهندو هو. انھيءَ ڪري ادب ۽ تحقيق سان واسطو رکندڙ
ماڻھو کيس قدر ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. پاڻ
سنڌ شناسي ۾ خاص طور تي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ
جو ڄڻ ته انسائيڪلوپيڊيا هو. اِنھيءَ متعلق کانئن
جيڪي ڪجهه پڇيو ويندو هو ته پاڻ ان متعلق مڪمل ۽
تسلي بخش جواب ڏيندو هو.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هڪ اديب ۽ نامياري محقق جي
حيثيت سان پوري ملڪ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. انھيءَ
لحاظ سان پوري ملڪ جي ادبي حلقن ۾ هِن جي ڄاڻ سڃاڻ
آهي. ملڪ جي ڪيترن ئي ناليوارن اديبن ۽ محققن سان
هن جا ذاتي ۽ ادبي تعلقات هئا، انھن سان هن جي وقت
بوقت خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي ۽ وقت بوقت انھن
سان فون تي به هن جو رابطو ٿيندو رهندو هو. اهڙيءَ
طرح اُهي اديب ۽ محقق به هن سان وقت بوقت خط و
ڪتابت ڪندا رهندا هئا ۽ فون تي به هن سان
ڳالھائيندا رهندا هئا. سندن ۽ انھن جي وچ ۾ اِها
خط و ڪتابت ۽ فون تي رابطا ذاتي تعلقات ۽ ادبي حال
احوالن متعلق ٿيندا رهندا هئا. ملڪ پاڪستان ۽ صوبي
سنڌ جي ڪيترن ئي سنڌي ۽ اردو ناميارن اديبن سان هن
جا تمام ويجها ۽ گهاٽا ذاتي ۽ ادبي تعلقات رهيا.
انھن ۾ سنڌي اديبن مان خاص طور تي پير حسام الدين
راشدي، ايم.ايڇ پنھور، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري،
ڊاڪٽر آزاد قاضي، ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو، ڊاڪٽر
نواز علي شوق، قاضي غلام علي ٺٽوي، راقم (محمد
پنھل ڏهر)، سيد امام راشدي، نذير احمد شاڪر بروهي
۽ ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس السندي سومرو ۽ اردو
اديبن مان ڊاڪٽر خضر نوشاهي، ڊاڪٽر رياض الاسلام،
ڊاڪٽر عارف نوشاهي ۽ ڊاڪٽر سليم اختر سان هِن جا
تمام بھترين دوستانه تعلقات هئا.
پاڻ رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ به عمر جي تقاضا، مختلف
بيمارين کي منھن ڏيڻ ۽ جسماني طرح سان ڪمزور هجڻ
جي باوجود به زندگي جي آخري گهڙين تائين ادبي ذوق
۽ شوق کي برقرار رکيائين ۽ هر وقت ڪتابن خريد ڪرڻ
واري شوق، مطالعي ۽ لکڻ ۾ مصروف رهيو ۽ ٻين ذاتي ۽
سماجي ڪمن تي پڙهڻ ۽ لکڻ کي ترجيح ڏنائين.
سنڌ جو هي ناميارو اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام محمد
لاکو، تاريخ 3 مارچ 2025ع (بمطابق 2 رمضان المبارڪ
1446هه) بروز سومر تي شام جو تقريباً ساڍي 7 بجي
دل جي دوري پوڻ سبب تقريباً 70 سالن جي عمر ۾
پنھنجي رهائشگاهه تي وفات ڪري ويو. کيس 4 مارچ
2025ع (بمطابق 3 رمضان المبارڪ 1446هه) بروز اڱاري
تي سندس جسد خاڪي کي دولتپور صفن شھرجي هڪ قبرستان
۾ دفن ڪيو ويو. وفات جي خبر ٻڌي ادبي حلقن ۽ سندس
دوستن ۾ ڏک ۽ غم جي لھر ڇانئجي وئي.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي کي اولاد ۾ چار پُٽ ۽ چار
نياڻيون آهن، جن مان سندس وڏي نياڻي سندس زندگي ۾،
ڪجهه سال اڳ جواني ۾ گذاري ويئي هئي، لاکي صاحب جو
سمورو اولاد تعليم سان آراسته آهي ۽ سنڌ گورنمينٽ
جي تعليم کاتي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين ڪاليجن ۾
استاد جي حيثيت ۾ سٺن عھدن تي فائز آهن.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جا هن وقت تائين لکيل ۽ ڇپيل
سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبان ۾ ڪيترائي تحقيقي
مقالا، مضمون ۽ ٻيو مواد مختلف اخبارن، رسالن ۽
ڪتابن ۾ ٽِڙيل پکڙيل صورت ۾ موجود آهن. جنھن کي
سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي اشد ضرورت آهي ته جيئن
سندس اهو ٽِڙيل پکڙيل مواد يڪجا ٿي، ڪتابي صورت ۾
اچي هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي ته جيئن هر هڪ لکندڙ
پڙهندڙ شخص سندس لکيل انھيءَ قيمتي ۽ ناياب مواد
مان استفادو حاصل ڪري سگهي.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي سنڌ جي باري ۾ تقريباً هر
موضوع تي پنھنجي قلم کي تحقيق جي ميدان ۾ تيزيءَ
سان ڊوڙايو آهي ۽ زندگي جي آخري ڏينھن تائين
پنھنجي ٻين ذاتي مصروفيات جي باوجود ڪيترائي
معياري ۽ تحقيقي ڪتاب لکي ۽ مرتب ڪري ادبي ميدان ۾
آندا، جن کي تحقيق جي دنيا ۾ تمام گهڻو ساراهيو
ويو ۽ ليکڪن ۽ محققن پاران به پنھنجي راءِ ۾ خوشي
جو اظھار ڪيو ويو.
زندگيءَ جي آخري ڏينھن تائين ڊاڪٽر غلام محمد لاکي
جا سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسي ۾ اٺاويھه ڪتاب
شايع ٿي چڪا آهن، جن مان ڪجهه هن جا لکيل ۽ ڪجهه
مرتب ڪيل آهن. انھن ڪتابن ۾ اَٺ انگريزي ۾، هڪ
اردو ۾، ٻه فارسي ۾، ۽ سترهن ڪتاب سنڌي ۾ آهن.
انھن ڪتابن مان ڇويھه ڪتاب سندس زندگي ۾ ئي ڇپجي
چڪا هئا. سندس هڪ ڪتاب ”Sindh
Papers“
سندس زندگي جي آخري چند ڏينھن دوران ڇپيو هو، خبر
نه آهي ته پاڻ پنھنجي اِنھيءَ تازي ڇپيل ڪتاب کي
ڏسي به سگهيو الائي نه. سندس مرتب ڪيل ٻيو ڪتاب ”Andient
Sindh“
سندس وفات کان تقريباً مھينو کن بعد ۾ ڇپيو.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي کي آخري چند سالن ۾ ٻيا به
ڪيترائي ادبي ڪم هٿ ۾ هئا، جن مان هڪ ڪم ”تاريخ
مظھرشاهجھاني“ جي سنڌي ترجمي جي ٻئي ڇاپي تي
نظرثاني ۽ ايڊيٽنگ ڪرڻ هو. ڊاڪٽر لاکي صاحب محنت ۽
تحقيق کان ڪم وٺي اهو ڪم به خوش اسلوبي سان
سرانجام ڏنو هو ۽ اِنھيءَ جو مسودو سنڌي ادبي بورڊ
جي انتظاميه حوالي ڪري ڇڏيو هو. ٻيو ڪم ٽالپر دؤر
متعلق هو، پاڻ ٽالپور دؤر جي باري ۾، انگريزي دؤر
۾ لکيل ۽ ڇپيل ٽن ڪتابن: (1) ميرن جي صاحبي (مصنف:
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي)، (2) موٽي ميرن جي صاحبي
اچي ڇا (مصنف: جوت جو ايڊيٽر) ۽ (3) ميراڻي سنڌڙي
(مصنف: نارائڻداس ملڪاڻي) کي سھيڙي يڪجا ڪري، هڪ
ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪرڻ پئي چاهيو. اِنھيءَ ڪتاب
جو هن اِهو سمورو مواد، پنھنجي طرفان لکيل هڪ
تفصيلي مقدمي سان گڏ سھيڙي به ڇڏيو هو ۽ ڪمپوز به
ڪرائي ڇڏيو هو، اِنھيءَ ڪتاب جو اهو مواد سندس
وارثن وٽ موجود آهي. ڏاڍو سٺو ٿئي جو سندس وارث
اِنھيءَ ڪتاب کي جلد شايع ڪرائين ته جيئن لاکي
صاحب جي اِها محنت رائيگان نه ٿي وڃي ۽ ڇپجي
پڙهندڙن جي سامھون اچي وڃي.
ٻيو ڪم، آڳاٽي منظوميه سنڌي ۾ لکيل هڪ قلمي نسخي
جمجما سلطان تي هو. اِهو قلمي نسخو برطانيه ۾ برٽش
ميوزم يا برٽش لائبريري لنڊن ۾ موجود آهي، جتان
هِن اِنھيءَ ناياب قلمي نسخي جو فوٽو اسٽيٽ پنھنجي
هڪ دوست جي معرفت گهرايو، سندس اِهو دوست پنجاب
يونيورسٽي جو استاد هو ۽ ڪنھن تحقيقي ڪم جي سلسلي
۾ برطانيه ويل هو.
ڊاڪٽر لاکو اِنھيءَ آڳاٽي قلمي نسخي کي موجوده
سنڌي صورتخطي ۾ آڻي، ان کي مرتب ڪري شايع ڪرائڻ
پئي چاهيو. هن نسخي تي به ڊاڪٽر لاکي صاحب ڪافي ڪم
ڪيو هو، خبر ناهي ته اِهو ڪم هِن ڪٿي پھچايو هو.
ڊاڪٽر لاکي صاحب جو ٿيل اِهو ادبي ڪم به هن وقت
سندس وارثن وٽ مسودي جي صورت ۾ ضرور موجود هوندو.
ڏاڍو سٺو ٿئي جو سندس وارث سندس رهيل انھيءَ ڪم کي
به سنواري سڌاري اشاعت هيٺ آڻين ته جيئن اِنھيءَ
جي ڇپجڻ ڪري ڊاڪٽر لاکي جي روح کي راحت اچي ۽ اِهو
ناياب قلمي نسخو ڇپجي ڪري هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي
۽ هرهڪ پڙهندڙ جي سامھون اچي وڃي. دُعا آهي ته
الله تعاليٰ سندس ڇڏيل اِنھيءَ ادبي ورثي کي جلدي
اشاعت هيٺ آڻي ۽ پايئه تڪميل تي پھچائي.
هاڻي اسان سندس ڇپيل ڪتابن جو مختصر تعارف پيش ڪري
رهيا آهيون ته جيئن هرهڪ پڙهندڙ سندس علمي ادبي ۽
تحقيقي ڪاوشن مان واقف ٿي سگهي.
1. سنڌ صدين کان: هي ڪتاب پھريون ڀيرو 1980ع ۾
گرامي پبليڪيشن دولتپور صفن طرفان شايع ٿيو. مصنف
ڪجهه وقت اڳ راقم کي هڪ خط ذريعي ٻڌايو ته 2024ع ۾
هن ڪتاب جو نئون وڌايل ۽ سڌاريل ٻيو ڇاپو به اچڻ
وارو آهي. افسوس جو سندس اوچتي وفات جي ڪري مصنف
جو اِهو ڪم به پوئتي رهجي ويو.
هن ڪتاب ۾ مصنف سنڌ جي سياسي تاريخ جو ابتدا کان
وٺي تقريباً 1970ع تائين مختصر جائزو پيش ڪيو آهي.
2. سنڌي ادب (مختصر جائزو): هن ڪتاب جو ليکڪ سيد
حسام الدين راشدي آهي، هي ڪتاب اصل اردو ۾ لکيل
آهي. اهو ڪتاب پھريون ڀيرو 1952ع ڌاري اردو ۾
اداره مطبوعات پاڪستان ڪراچي طرفان شايع ٿيو هو.
اِهو اردو ڪتاب ٻيھر وري ”ماهنامه اظھار ڪراچي“
ماه اپريل- مئي 1983ع ۾ به شايع ٿيو. ڪجهه وقت
کانپوءِ روسي اسڪالر مس ييگور وارئيسا هن ڪتاب جو
روسي زبان ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو انسٽيٽيوٽ آف دي
پيپلس آف ايشيا، دي سائنس اڪيڊمي آف دي يو.ايس.اي
آر ماسڪو مان شايد سال 1963ع ۾ شايع ٿيو.(4) ڊاڪٽر
غلام محمد لاکي به هن ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو،
جيڪو پھريون ڀيرو سال 1981ع ۾ گرامي پبليڪيشن
دولتپور صفن مان شايع ٿيو. اِنھيءَ سنڌي ترجمي جو
ٻيو ڇاپو سال 1996ع ۾ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد
پاران ۽ اِنھيءَ جو ٽيون ڇاپو 2020ع ۾ نجي اشاعتي
اداري حيدرآباد پاران شايع ٿيو. مصنف هن ڪتاب ۾
سنڌي ادب جي اوسر ۽ ارتقا تي تمام سٺي روشني وڌي
آهي. ۽ مترجم وري ڪتاب جي شروع ۾ پنھنجي طرفان هڪ
مفصل مقدمو شامل ڪري پوءِ جي ٿيل ادبي اوسر تي
وڌيڪ روشني وڌي آهي. مترجم ٻئي ايڊيشن ۾ ڪجهه
نظرثاني به ڪئي آهي ۽ ڪجهه نواڻ به آندي آهي، خاص
طور تي ٻئي ايڊيشن ۾ نئين سر مقدمو لکي ڪتاب جي
افاديت ۽ اهميت کي وڌيڪ اُجاگر ڪيو آهي.
3. تاريخ جو سبق: هي ڪتاب اصل ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي
جو ”تاریخ
کیا
ہے“
جي عنوان سان لکيل آهي، جيڪو پھريون دفعو 1982ع ۾
آگھي پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيل آهي. ڊاڪٽر
غلام محمد لاکي اُن جو ”تاريخ جو سبق“ نالي سان
سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي، اهو سنڌي ترجمو پھريون ڀيرو
1984ع ۾ گرامي پبليڪيشن دولتپور صفن پاران شايع
ٿيو. هن ڪتاب ۾ تاريخ جي موضوع تي گفتگو ٿيل آهي.
4.
Mian Noor Mohammed Kalhoro:
هي مختصر انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابچو 1987ع ۾ پھريون
دفعو سيمينار ڪميٽي طرفان شايع ٿيو. سال 1987ع ۾
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي ڪوشش سان سنڌ جي حاڪم
ميان نورمحمد ڪلھوڙي جي مدفن گاهه تي سندس شخصيت
کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو هو،
انھيءَ سيمينار جي نسبت سان ڊاڪٽر لاکي صاحب هي
سووينيئر نما انگريزي ڪتاب تيار ڪيو، جنھن ۾
ڪلھوڙن جي حڪومت ۽ خاص طور تي ميان نورمحمد ڪلھوڙي
جي شخصيت ۽ سندس دؤرِ حڪومت تي روشني وڌي وئي آهي.
5. سمن جي سلطنت: سنڌ جي سمن حاڪمن جي باري ۾ لکيل
هي ڪتاب پھريون ڀيرو 1987ع ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو طرفان شايع ٿيو. هن جو ٻيو
نئون وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو سال 1996ع ۾ سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو پاران شايع ڪيو ويو آهي. مصنف طرفان
هن نئين ايڊيشن ۾ مواد جي لحاظ کان ڪافي واڌارا ۽
سڌارا آندا ويا آهن. جنھن جي ڪري ڪتاب جي اهميت ۾
اضافو ٿيو آهي. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو به سال 2005ع
۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو پاران شايع ڪيو ويو
آهي. مصنف ڪتاب جي هن ايڊيشن ۾ به ڪجهه واڌارا ۽
سڌارا آندا آهن. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو به سال
2010ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو طرفان شايع ٿيو
آهي ۽ ڪتاب جو پنجون ڇاپو به سال 2013ع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ پاران ئي شايع ٿيو آهي. هن ايڊيشن ۾ به
مصنف طرفان ڪجهه واڌارا ڪيا ويا آهن.
6. دولهه دريا خان: سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کاتي
آڳاٽو ”سنڌ جا سپوت (ٻاراڻو ادب)“ تحت مختلف عالمن
کان سنڌ جي مختلف مشھور شخصيتن تي ننڍڙا ڪتاب تيار
ڪرايا هئا. انھيءَ سيريز تحت ڊاڪٽر غلام محمد لاکي
سنڌ جي نامياري سپوت تي هي مختصر ڪتابچو لکيو،
جيڪو سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي ڪراچي طرفان
پھريون دفعو 1990ع ۾ شايع ٿيو. مصنف بعد ۾ پنھنجو
اهو مختصر ڪتاب، پنھنجي هڪ ٻئي ڪتاب ”سنڌي ٻاراڻو
ادب“ ۾ اضافن سان شامل ڪيو.(5)
7. تفسير آية الڪرسي: ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو
مرتب ڪيل هي ڪتاب پھريون دفعو پاڪستان اسٽڊي سينٽر
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو پاران 1990ع ۾ شايع ٿيو.
قرآن پاڪ جي آيت الڪرسي جي سنڌي ۾ آڳٽي لکيل هن
تفسير جو هڪ ناياب قلمي نسخو برٽش ميوزم لنڊن ۾
موجود آهي. لاکي صاحب پنھنجي ڪوشش سان هن ناياب
قلمي نسخي جو فوٽو ڪنھن دوست جي معرفت سان گهرايو
۽ پوءِ اُن کي مرتب ڪيائين ۽ اُن آڳاٽي سنڌي لکت
کي هاڻوڪي سنڌي صورتخطي ۾ آندائين. ڪتاب ۾ موجوده
سنڌي صورتخطي ۾ آندل متن سان گڏ، اصل قلمي نسخي جو
عڪس به شامل ڪيو اٿس. مرتب هن قديم تفسير جو مصنف،
مخدوم عبدالله نرئي واري کي ڄاڻايو آهي. پر بعد ۾
مرتب کي انھيءَ تفسير جو هڪ ٻيو قلمي نسخو سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو جي لائبريري مان هٿ آيو.
انھيءَ بعد ۾ هٿ آيل نسخي جي مطالعي ۽ سوچ ويچار
کانپوءِ مرتب کي معلوم ٿيو ته انھيءَ تفسير جو
مصنف مخدوم عبدالله نرئي وارو نه، بلڪه اها تفسير
خليفي ميان محمد ٺٽوي جي آهي. انھيءَ معلومات
کانپوءِ، مرتب انھيءَ ٻئي قلمي نسخي جي مطالعي جي
روشني ۾ هڪ مقالو تيار ڪيو. اهو مقالو انھيءَ نئين
هٿ آيل قلمي نسخي جي عڪس سان گڏ ٽماهي ”مھراڻ“
نمبر 4 سال 1995ع (سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو) ۾
شايع ٿيو. هاڻي ضرورت انھيءَ ڳالھه جي آهي ته
انھيءَ ڪتاب کي نئين هٿ آيل بعد واري قلمي نسخي جي
مطالعي جي روشني ۾، انھيءَ جي عڪس سان گڏ ٻيھر
شايع ڪرايو وڃي ته جيئن پڙهندڙ انھن ٻنھي قلمي
نسخن جي روشني ۾ انھي ناياب تفسير جي اهميت افاديت
کان مستفيض ٿي سگهن.
8. ڳالھيون منهنجي سنڌ جون: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو
هن ڪتاب جو مرتب آهي، مرتب هن ڪتاب ۾ سيد حسام
الدين راشدي جا ڪجهه تحقيقي مقالا، تقريرون، خط ۽
انٽرويو شامل ڪيا آهن. انھن مقالن مان چند مقالا
اهڙا آهن، جيڪي مانوارن اديبن ۽ عالمن جا سنڌي ۾
ترجمو ٿيل آهن، جيڪي اڳ ۾ مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپيل
هئا. ڪتاب جي شروع ۾ مرتب هڪ تفصيلي مقدمو ڏنو
آهي، جنھن ۾ هن سيد حسام الدين راشدي جي سوانح سان
گڏ سندس علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي ڀرپور روشني وڌي
آهي. مرتب پير صاحب جا اهي ناياب مقالا، انٽرويو ۽
تقريرون وڏي محنت ۽ ڪوشش سان، مختلف رسالن ۽
ڪتابن تان هٿ ڪري هن ڪتاب ۾ سھيڙيا آهن. هي ڪتاب
پھريون ڀيرو سال 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
پاران شايع ٿيو. هن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن به سال
2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو. مرتب کي
ڪتاب جي پھرئين ايڊيشن جي ڇپجڻ کانپوءِ پير صاحب
جو جيڪو به وڌيڪ مواد هٿ آيو. سو به هِن ٻئي
ايڊيشن ۾ شامل ڪيو ۽ ڪجهه اهڙي مواد کي هن نئين
ايڊيشن مان ڪڍي به ڇڏيائين جيڪو پير صاحب جو معلوم
نه ٿيو. هن ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن سال 2020ع ۾ پڻ
سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو هن ايڊيشن ۾ به مرتب بعد
۾ هٿ آيل وڌيڪ مواد شامل ڪيو آهي.
9. مطالعو سنڌ جو (جلد پهريون): هن ڪتاب ۾ سنڌ جي
سياسي ۽ ادبي تاريخ تي مختلف اسڪالرن جا انگريزي ۾
لکيل ست عدد مقالا شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي لاکي
صاحب جا ترجمو ڪيل آهن. انھن مقالن ذريعي سنڌ جي
سياسي، ثقافتي ۽ ادبي تاريخ تي مختلف رخن کان
روشني وڌل آهي، هنن انگريزي مقالن جا لکندڙ پنھنجي
دؤر جا وڏا عالم ۽ محقق ٿي گذريا آهن.
هي ڪتاب پھريون دفعو سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد
پاران سال 1992ع ۾ شايع ٿيو ۽ بعد ۾ هن جو ٻيو
ڇاپو به سال 2007ع ۾ ساڳئي اداري طرفان شايع ٿيو.
10. سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو: هي ڪتاب پھريون
ڀيرو سال 1997ع ۾ مارئي سماجي سنگت عمر مارئي ڳوٺ
ملير ڪراچي پاران شايع ٿيل آهي. ڪتاب جي شروع ۾
مصنف، مفصل پيش لفظ ڏنو آهي، جنھن ۾ ڪتاب جي باري
۾ ڀرپور روشني وڌل آهي. هن ڪتاب ۾ لاکي صاحب جا
لکيل 33 عدد مضمون ۽ مقالا شامل آهن. انھن ۾ سنڌ
جي تاريخ، ادب، قديم آثارن، مشاهيرن، فارسي ڪتابن،
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قلمي ڪتابن جو تفصيل سان احوال
ڏنو ويو آهي. ڪتاب کي پنجن عنوانن ۾ ورهايو ويو
آهي. خاص اڀياس، تاريخ، سوانح، آرڪيالاجي، فارسي
ادب، سنڌي ٻولي ۽ ادب ۽ پير حسام الدين راشدي.
ڪتاب جي آخر ۾ ويھه عدد ناياب تصويرون ۽ قلمي
ڪتابن جا عڪس به شامل ڪيا ويا آهن. جنھن جي ڪري
ڪتاب جي اهميت ۾ اضافو ٿيو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته
هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل راقم الحروف جو لکيل آهي.
11. مقالات راشدي: هي ڪتاب حسام الدين راشدي جي
لکيل اردو مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪو
غلام محمد لاکي جي تمام گهڻي جستجو ۽ محنت سان
سھيڙيل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا ۽ مضمون سنڌ جي
تاريخ، ادب ۽ سوانح تي آهن. ڪتاب جي شروع ۾ مرتب
طرفان لکيل هڪ مفصل مقدمو ڏنو ويو آهي، جنھن ۾
ڪتاب ۾ سھيڙيل مواد تي ڀرپور روشني وڌي وئي آهي.
هي ڪتاب پھريون دفعو سال 2002ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف
سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز جامعه ڪراچي پاران
شايع ڪيو ويو آهي.
12. ڪلهوڙا دورِ حڪومت: هي ڪتاب ڊاڪٽر غلام محمد
لاکي جي پي.ايڇ ڊي ٿيسز آهي، جنھن تي مصنف کي
ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ملي. معلومات ۽ مواد جي لحاظ کان
هن کان اڳ ۾ ڪلھوڙا دؤر تي اهڙو ضخيم ۽ تحقيقي
ڪتاب ڇپيل نه آهي. ڊاڪٽر لاکي، ڪلھوڙا دؤر تي هي
ڪتاب لکي واقعي تحقيق جو حق ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب
پھريون ڀيرو 2004ع ۾ انجمنِ اتحاد عباسيه پاڪستان
ڪراچي پاران شايع ٿيو ۽ ٻيو دفعو 2021ع ۾ نجي
اداري پاران شايع ڪيو. هن ٻئي ايڊيشن ۾ مرتب، بعد
۾ هٿ آيل مواد کي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ڪتاب ۾
واڌارا ۽ سڌارا به ڪيا آهن.
13. دردمندي جو ديس: هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر
الحاج رحيم بخش قمر جي قومي شاعريءَ جو انتخاب
آهي، جيڪو غلام محمد لاکي جو ڪيل آهي. ڪتاب جي
شروع ۾ ڪتابي عنوان سان محترم مير حسن لاکي صاحب،
شاعر رحيم بخش قمرجي سوانح، شاعري ۽ سندس دربدري ۽
مسڪيني حال تي ڀرپور نموني سان احوال لکيو آهي. ان
کان پوءِ مرتب غلام محمد لاکي مھاڳ جي عنوان سان
شاعر جي نثري ۽ منظوم تصنيفن جو مختصر تعارف پيش
ڪيو آهي. هي ڪتاب پھريون ڀيرو سال 2004ع ۾، لاکو
ڦلاڻي پبليڪيشن، لاکا آباد نوابشاهه مان شايع ٿيل
آهي.
14. مطالعو سنڌ جو، (جلد ٻيو): هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر
غلام محمد لاکي جا لکيل اَٺ مقالا ۽ مضمون شامل
آهن. اِهي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ جي
باري ۾ آهن. سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ تي لکيل
اهي مقالا تمام گهڻي محنت سان لکيا ويا آهن ۽ محقق
لاءِ آئينو آهن. هي ڪتاب پھريون دفعو سال 2004ع ۾
سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد پاران شايع ٿيل آهي.
15.
The Samma Kingdom of Historical Sindh:
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هن ڪتاب جو مرتب آهي، هن
ڪتاب ۾ سھيڙيل سڀ مقالا سنڌ جي سما دؤر سان تعلق
رکن ٿا، جيڪي مختلف ناميارن عالمن جا لکيل آهن.
اهي سما دؤر جي سياسي، سماجي، آبپاشي ۽ ادبي تاريخ
جي روشني وجهن ٿا. ڪتاب جي شروع ۾ مرتب ”پريفينس
اينڊ ارلي اسٽڊيز“ جي عنوان هيٺ، ڪتاب جي مواد،
سنڌ ۽ سومرن ۽ سمن جي دؤر تي ڀرپور مطالعو پيش ڪيو
آهي، مرتب ڪتاب جي آخر ۾ پنجن ضميمن ۾ سما دؤر ۾
سنڌ جي تعليم، فارسي شاعري، سنڌي ادب ۽ آبپاشي تي
تمام سٺي نموني سان تحقيق پيش ڪئي آهي. هي ڪتاب
پھريون ڀيرو سال 2006ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو طرفان شايع ٿيل آهي.
16.Sindh
Glimpses in to Modern history (Proceedings of
PHRIC, on history of Sindh, 1843-1991
جدید
سندھ کی
تاریخی
جھلکیاں:
هي ڪتاب پھريون دفعو سال 2008ع ۾ ڊپارٽمينٽ آف
جنرل هسٽري فيڪلٽي آف سوشل سائنسز يونيورسٽي آف
سنڌ ڄام شورو طرفان شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جا
مرتب محمد قاسم سومرو ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو آهن.
هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي جنرل هسٽري
ڊپارٽمينٽ پاران سال 2008ع ۾ آڪٽوبر مھيني جي 18 ۽
19 تاريخ تي ”سنڌ جي تاريخ، 1843ع کان 1999ع“ پير
حسام الدين راشدي انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ ملڪ جي
نامور اديبن ۽ محققن پاران سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾
پڙهيل مقالن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب ٽن حصن تي
مشتمل آهي. ڪتاب جي پھرئين حصي ۾ پنج اردو مقالا،
ٻئي حصي ۾ چار سنڌي ۽ ٽئين حصي ۾ 32 انگريزي مقالا
ڏنل آهن. اهي سڀ مقالا سنڌ جي سياسي، سوانحي ۽
آثارِ قديمه جي تاريخ جي باري ۾ آهن.
17. تاريخ سنڌ معروف به تاريخ معصومي: مير معصوم
بکري جو سنڌي جي تاريخ تي فارسي ۾ لکيل مشھور ڪتاب
تاريخ سنڌ المعروف تاريخ معصومي جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو
لکيل قلمي نسخو، جيڪو پنجاب يونيورسٽي لاهور جي
لائبريري جي زينت بڻيل آهي، سو تاريخ معصومي جي
فارسي متن کي ايڊٽ ڪرڻ مھل ڪنھن به محقق جي نظر
مان نه گذريو هو. تنھنڪري نظر کان اوجهل هجڻ جي
ڪري ڪوبه محقق هن ناياب قلمي نسخي تان استفادو
حاصل نه ڪري سگهيو هو، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو
اِهو ڪارنامو سنھري اکرن سان لکڻ جھڙو آهي ته جڏهن
هن کي تاريخ معصومي جي انھي آڳاٽي ۽ ناياب قلمي
نسخي جي ڄاڻ ملي ته هن سنڌ يونيورسٽي جي لائق ۽
فائق وائيس چانسلر جناب مظھرالحق صديقي صاحب جي
معرفت لکپڙهه ڪري وڏي جستجو کان پوءِ انھيءَ ناياب
شھپاري جي فوٽو ڪاپي گهرائي، ان کي نظر مان ڪڍي،
ايڊٽ ڪري عڪسي صورت ۾ شايع ڪرايو ته جيئن سنڌ جي
تاريخ سان لڳاءُ رکندڙ محققين هن ناياب شھپاري مان
استفادو حاصل ڪري سگهن. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي
اِها دلچسپي، ڪوشش ۽ محنت تمام گهڻي ساراهه جوڳي
آهي.
ڪتاب جي شروع ۾ مرتب، ڪتاب جي هن نسخي جي باري ۾
اُن جي حاصلات متعلق مختصر ڄاڻ ڏني آهي ۽ اُن
کانپوءِ ڪتاب جي مصنف جي سوانح، سندس ادبي
ڪارنامن، هن ڪتاب جي تعارف ۽ مختلف لائبريرين ۾ هن
ڪتاب جي قلمي نسخن جي ڄاڻ ۽ انھن جو تعارف ۽ آخر ۾
انھيءَ ناياب قلمي نسخي جي تعارف تي ڀرپور روشني
وڏي آهي. هن ڪتاب جو اهو پھريون ڇاپو 2008ع ۾
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
پاران شايع ٿيل آهي.
19. مشهور سنڌي ماڻهون (ٻاراڻو ادب): هن ڪتاب ۾
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي سنڌ جي اهم ۽ مشھور ٻاويھن
شخصيتن، بزرگن، مشاهيرن، عالمن، شاعرن ۽ چند نامور
محققن جي سوانح تي، خاص طور تي ٻارن جي مطالعي
لاءِ مختصر پر خاص ڄاڻ مھيا ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾
آيل مواد گهڻو ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن لاءِ
نڪرندر رسالي ”گل ڦل“ ۾ وقت بوقت ڇپجندو رهيو آهي.
جنھن کي ڪتاب جي مصنف ڊاڪٽر غلام محمد لاکي وري
سھيڙي هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي.
ڪتاب جي ترتيب ڏيڻ مھل مصنف چند ٻين مشاهيرن جو
احوال به شامل ڪيو آهي جيڪو هن بعد ۾ لکيو آهي، ۽
اهو بعد وارو مواد پھريون دفعو هن ڪتاب ۾ شامل ٿي
رهيو آهي. ٻارن جي ذهن مطابق لکيل هي مواد ٻاراڻي
ادب ۾ هڪ بھترين اضافو آهي. بعد ۾ غلام محمد لاکي
پنھنجي انھي ڪتاب وارو سمورو سوانحي مواد پنھنجي
ئي ڪتاب ”سنڌي ٻاراڻو ادب“ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
ڪتاب ”مشھور سنڌي ماڻھون“، پھريون دفعو سال 2009ع
۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي ڄام شورو
طرفان شايع ٿيل آهي.
20. سلسلو تاريخ سنڌ (جلد ٽيون) سنڌ عرب دور: هيءُ
ڪتاب ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ انگريزي ۾ لکيو، جنھن
جو پھريون ايڊيشن سال 1978ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد ۾ شايع ٿيو.
مرحوم ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ پنھنجي زندگي ۾ هن جو
سنڌي ترجمو ڪري اشاعت لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي
انتظاميه جي حوالي ڪري ويو هو. هن جي وفات کانپوءِ
هن سنڌي ترجمي تي نظرثاني ۽ تصحيح جو ڪم سنڌي ادبي
بورڊ جي انتظاميه ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي حوالي
ڪيو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جڏهن اصل انگريزي ڇاپي
کي سامھون رکي ڪتاب جي هن ترجمي تي نظرثاني جو ڪم
شروع ڪيو ته هن کي انھيءَ ترجمي ۾ ڪافي اوڻايون ۽
گهٽتايون نظر آيون. اِنھن اوڻاين جي باري ۾ ڊاڪٽر
لاکي صاحب انھي ترجمي واري ڪتاب جي آخر ۾ پنھنجي
طرفان لکيو آهي ته ”پاڻ (ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ)
جڏهن تاريخ سنڌ عرب دؤر ترجمو ڪيائين، تڏهن اُن تي
دل جئي سان ڪم نه ڪري سگهيو، ترجمو ڪندي جملن جا
جملا ڇڏي ڏنائين، ڪجهه بابن جا حوالا ۽ حاشيه
ترجمو نه ڪيائين، اٽڪل روءَ باب جي متن ۾ حوالن ۽
حاشين جا نمبر داخل نه ڪيائين. قرامطين وارو باب
ترجمو ڪندي بنھه آزاد ٿي هي باب لکيائين، جنھن ۾
اصل انگريزي ۾ لکيل مواد کان روگرداني ڪري ويو.
تنھنڪري انھي باب جو ٻيھر ترجمو ڪرايو ويو، جنھن
کي پوري توجه سان ايڊٽ ڪيو ويو. پٺاڻ صاحب ڪتاب جي
آخر ۾ ڏنل تعليقات ۽ ضميمن کي پڻ اڳتي پوئتي ڪري
ڇڏيو، جن کي اصل انگريزي ڇپيل ڪتاب سان ڀيٽي درست
طور تي نروار ڪيو ويو آهي. مون ڪتاب جي سنڌي ڇاپي
تي جيڪا محنت ڪئي آهي، ان جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ مصنف
جي ڪيل ترجمي جو مسودو سندس هٿ اکرن ۾ ڏسي بخوبي
اندازو ڪري سگهجي ٿو. اُن سڄي ماجرا ۾ مون کي ڪيل
تڪليف جي احساس بجاءِ خوشي ٿي ته منھنجي هٿان هڪ
اهم علمي ۽ تاريخي ڪم جو اُڪلاءُ ٿي رهيو آهي.
لاکي صاحب جي لکيل انھن سٽن مان سندس انھيءَ
تحقيقي ۽ محنت طلب ڪم جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي
ٿو. سندس انھيءَ تحقيقي ڪم اُڪلائڻ کانپوءِ هرهڪ
پڙهندڙ کان واهه واهه نڪري وڃي ٿي. ڪتاب جي آخر ۾
لاکي صاحب ”ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ ۽ عرب دؤر“ جي
عنوان سان ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ جي سوانح ۽ ادبي
خدمتن تي سير حاصل بحث ڪيو آهي. سندس تصحيح ۽ محنت
جي ڪري هن ڪتاب جي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
لاکو صاحب نظرثاني ۽ تصحيح دوران، جي هن ڪتاب جي
مٿي ڄاڻايل اوڻاين کي سنواري ۽ سڌاري نه ها ته
ڪتاب ۾ اها ڪمي رهجي وڃي ها، جنھن جو پڙهندڙن کي
احساس ٿئي ها. مطلب ته لاکي صاحب جي انھيءَ محنت
کي جيترو داد ڏجي سو گهٽ آهي. لاکي صاحب جو هي
قيمتي ادبي پورهيو، پھريون ڀيرو سال 2009ع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو پاران شايع ٿيو آهي.
21. تذڪره مشائخ سيوستان: سيوهڻ جي اوليائن ۽
بزرگن تي لکيل هي آڳاٽو تذڪرو عبدالغفور بن حيدر
سيوستاني جو فارسي ۾ لکيل آهي، جنھن جو قلمي نسخو
رائل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن ۾ موجود آهي، جتان پير
حسام الدين راشدي کي سندس دوست سائمن ڊگبي فوٽو
ڪاپي موڪلي. پير صاحب انھيءَ فوٽو ڪاپي جي آڌار تي
اُن جو فارسي متن سنواري سڌاري رسالي ”مھراڻ“ جي
نمبر 4-3/1974ع ۾ پنھنجي مختصر گذارش سان گڏ شايع
ڪرايو. بعد ۾ نياز همايوني اُن جو سنڌي ترجمو ڪيو،
اهو ترجمو به رسالي مھراڻ جي نمبر 4-3/1979ع ۾
شايع ٿيو. گهڻي عرصي گذرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر غلام محمد
لاکي انھي اصل فارسي متن ۽ سنڌي ترجمي کي مرتب
ڪيو. هن ڪتاب جي شروعات ۾ سنڌي تصوف جي تاريخ ۽
اُن تي لکيل ڪتابن جو ڀرپور جائزو ورتو آهي، هن
ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت تي به روشني وڌي آهي. هي
ڪتاب جشنِ لعل شھباز ميلا ڪميٽي ضلعي حڪومت ڄام
شورو طرفان پھريون دفعو سال 2010ع ۾ شايع ٿيو آهي.
22.
(Sindh Cutch relations)
سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا: انگريزي ۾ لکيل هي مختصر
ڪتابچو نامياري محقق ۽ مؤرخ ايم.ايڇ پنھور صاحب
جو ليڪچر آهي. جيڪو هن سنڌ آرڪائيوز جي دعوت تي
قومي عجائب گهر ڪراچي ۾ 9 ڊسمبر 1979ع تي ڏنو هو.
اِهو ليڪچر بعد ۾ 1980ع ۾ سنڌ آرڪائيوز ڪراچي
طرفان شايع ٿيو. گهڻو بعد ۾ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي
اُنھي ليڪچر جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، اهو رسالي
مھراڻ 2-1/1994ع ۾ ڇپيو. بعد ۾ لاکي صاحب انھيءَ
اصل انگريزي متن ۽ پنھنجي سنڌي ترجمي کي مرتب ڪري
ڪتابي شڪل ۾ آندو. اِهو ڪتاب پھريون ڀيرو سال
2016ع ۾ عمر سومرو اڪيڊمي ڪراچي طرفان شايع ٿيو.
ياد رکڻ گهرجي ته اهو سنڌي ترجمو بعد ۾ ڊاڪٽر غلام
محمد لاکي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سنڌ شناسي“ ۾ به شامل
آهي.
23. سنڌ شناسي (مقالا، مضمون، تقريرون ۽
انٽرويوز): هي ضخيم ڪتاب سنڌ جي نامياري عالم،
محقق ۽ اديب جناب ايم.ايڇ پنھور صاحب جي مقالن،
مضمونن، تقريرن ۽ انٽرويوز جو مجموعو آهي. مقالا ۽
مضمون انگريزي ۾ لکيل هئا، جيڪي مختلف ڪتابن ۽
رسالن ۾ ڇڙوڇڙ صورت ۾ ڇپيل آهن، البته سندس
تقريرون ۽ انٽرويو گهڻي قدر سنڌي ۾ آهن، جيڪي پڻ
ٽِڙيل پکڙيل حالت ۾ مختلف، اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن
جي زينت بڻيل آهن. سندس انگريزي مضمونن ۽ مقالن کي
مختلف اديبن ۽ اسڪالرن مختلف وقتن تي سنڌي ۾ ترجمو
ڪيو آهي، اِهي پڻ مختلف وقتن تي مختلف رسالن ۽
ڪتابن ۾ ڇپيا آهن. شابس آهي نامياري اديب ۽ محقق
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي کي، جنھن هن نامياري اديب ۽
محقق جي انھيءَ سموري سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ۽ سندس ٻئي
ٽِڙيل پکڙيل مواد کي مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن
تان وڏي جستجو ۽ محنت سان هٿ ڪري، سھيڙي، هن ضخيم
ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. انھيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه
آهي، ته اگر لاکو صاحب اِها محنت ۽ ڪوشش نه ڪري
ها، ته شايد اهو ناياب ۽ قيمتي مواد ائين ئي ٽِڙيل
پکڙيل حالت ۾ رهجي وڃي ها ۽ اڄ جا اديب ۽ محقق
انھيءَ ناياب ۽ قيمتي مواد کي اکين سان نه ڏسي
سگهن ها ۽ نه وري سنڌ متعلق لکيل انھيءَ مواد مان
استفادو پرائي سگهن ها، انھيءَ ڪري ڊاڪٽر غلام
محمد لاکي کي انھيءَ قيمتي مواد سھيڙڻ ۽ انھيءَ
ڪتاب ۾ يڪجا ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪجن ٿيون. ياد رکڻ
گهرجي ته هن ڪتاب ۾ پنھور صاحب جون چند اهڙيون
تحريرون به شامل آهن، جيڪي انگريزي ۽ ترجمي جي
صورت ۾ اڳ ۾ به علحده ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن.
جهڙوڪ: ”سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا“ وغيره.
لاکي صاحب جو سھيڙيل هي ڪتاب پھريون ڀيرو سال
2017ع ۾ ايم.ايڇ پنھور ٽرسٽ ۽ پيڪاڪ پبلشر ڪراچي
پاران شايع ٿي چڪو آهي ۽ ٻئي دفعي وري به سال
2022ع ۾ ڪجهه واڌارن ۽ سُڌارن سان ساڳئي اداري
طرفان شايع ٿيو آهي.
24.
Sindh Studies:
هي ڪتاب نامياري محقق ايم.ايڇ پنھور صاحب جي
انگريزي ۾ لکيل 16 مقالن جو مجموعو آهي، جيڪي اڳ ۾
مختلف رسالن ۽ ڪتابن جي زينت بڻيل هئا. اهي سڀ
مقالا ۽ مضمون سنڌ جي تاريخ جي مختلف پھلوئن سان
واسطو رکن ٿا، انھن مقالن کي نامياري تاريخدان
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي وڏي محنت ۽ ڪوششن سان هٿ ڪري
هن ڪتاب ۾ سھيڙيو آهي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جيڪر
ڪوشش ۽ محنت کان ڪم نه وٺي ها ته شايد اهي ناياب
تحقيقي مضمون ۽ مقالا يڪجا ٿي ڪتابي صورت ۾ نه اچي
سگهن ها. هي ڪتاب پھريون دفعو سال 2018ع ۾ ايم.ايڇ
پنھور ٽرسٽ ڄام شورو ۽ پيڪاڪ پبلشر سنڌ ڪراچي
طرفان شايع ٿيو آهي.
25.
On Sindh (History) Archaeology and
historyiography:
هن ڪتاب ۾ مٿين عنوانن تي لکيل نامياري محقق
ايم.ايڇ پنھور صاحب جي انگريزي ۾ لکيل مقالن ۽
مضمونن کي سھيڙيو ويو آهي. اهي مقالا ۽ مضمون
ڊاڪٽر خليل الرحمان شيخ ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جا
سھيڙيل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ”End
Note“
جي عنوان سان هڪ طويل مقالو ڏنل آهي، جيڪو ڊاڪٽر
غلام محمد لاکي جو لکيل آهي، جيڪو مٿئين عنوانن تي
بعد ۾ لکجندڙ ۽ اشاعت پذير ٿيل ڪتابن جي تعارف تي
مشتمل آهي. هي ڪتاب به پھريون دفعو سال 2021ع ۾
ايم.ايڇ پنھور ٽرسٽ ڄام شورو ۽ پيڪاڪ پبلشر سنڌ
ڪراچي طرفان شايع ڪيو ويوآهي.
26. سنڌي ٻاراڻو ادب: هي ڪتاب ڊاڪٽر غلام محمد
لاکي ٻارن جي ذهن مطابق ۽ انھن جي مطالعي لاءِ سنڌ
سان لاڳاپيل مختلف موضوعن تي لکيو آهي، جھڙوڪ: سنڌ
جي تاريخ، چند ٻاراڻين ڪھاڻين ۽ سنڌ جي بزرگن،
اوليائن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ محققن جي مختصر
سوانح تي لکيل آهن. گهڻي قدر مضمون رسالي گل ڦل ۾
ڇپيل آهن، ڪجهه وري لاکي صاحب بعد ۾ لکيا آهن،
جيڪي هن سھيڙي انھيءَ ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن. هن
ڪتاب ۾ مصنف جي آڳاٽو علحده صورت ۾ ڇپيل ٻن ڪتابن
”دولھه دريا خان“ ۽ ”مشھور سنڌي ماڻھون(ٻاراڻو
ادب) کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن جو مٿي تعارف اچي
چڪو آهي. مواد جي لحاظ کان هن ڪتاب جي مذڪوره نالي
سان راقم متفق نه آهي، ڪتاب جو نالو ”سنڌ جي تاريخ
۽ ادب (ٻارن لاءِ)“ هئڻ گهرجي ها ته بھتر ٿئي ها.
هي ڪتاب پھريون ڀيرو سال 2023ع ۾ هڪ نجي ڪتاب گهر
حيدرآباد طرفان شايع ٿيو آهي.
27.
Sindh Papers:
هي ڪتاب سندس لکيل انگريزي مقالن، مضمون ۽ ٻئي
مواد تي مشتمل آهي. اهو ڪتاب سال 2025ع ۾ پھريون
دفعو ايم.ايڇ پنھور ٽرسٽ ڄام شورو ۽ پيڪاڪ پبلشرز
سنڌ ڪراچي پاران شايع ٿيو آهي.
28.
Ancient Sindh:
هن ڪتاب ۾ ايم.ايڇ پنھور صاحب جا انگريزي ۾ لکيل
اُهي مقالا شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي قديم
تاريخ متعلق آهن. هي ڪتاب به پھريون ڀيرو سال
2025ع ۾ ايم.ايڇ پنھور ٽرسٽ ڄام شورو ۽ پيڪاڪ
پبلشر سنڌ ڪراچي پاران شايع ٿيو آهي.
حوالا:
(1) |
سووينيئر، سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي
جائزو، ڇاپو 1997ع، مارئي سماجي سنگت
ملير ڪراچي، صفحو 7 ۽ 8. |
= |
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد 12، ڇاپو
پھريون 2018ع، سنڌي ٻولي جو بااختيار
ادارو حيدرآباد، صفحو 416 ۽ 417. |
= |
ڊاڪٽر بدر اُڄڻ، سنڌي ادب ۾
تنقيدنگاري، ڇاپو پھريون 1999ع، سنڌ
ريڊرس فورم حيدرآباد، صفحو 560. |
= |
ساجد چانڊيو، سنڌي ادب ڪلاسيڪيت کان
جديديت تائين، ڇاپو پھريون 2020ع،
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، صفحو 937. |
= |
سووينيئر، ڪلھوڙا دورِ حڪومت، سال
2005ع، عباسي ڪلھوڙا اتحاد سنڌ
حيدرآباد، صفحو بئڪ ٽائيٽل. |
= |
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سنڌي ٻاراڻو
ادب، ڇاپو پھريون 2023ع، صفحو 68 کان
73. |
(2) |
بدرالدين ڌامراهو، سنڌي ادبي جماعتون
۽ اشاعتي ادارا (قلمي) صفحو 719. |
(3) |
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد 12، صفحو
416. |
= |
سووينيئر، ڪلھوڙا دورِ حڪومت، صفحو
بئڪ ٽائيٽل. |
= |
سووينيئر، سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي
جائزو، صفحو 8 ۽ 12. |
(4) |
پير حسام الدين راشدي، سنڌي ادب
(مختصر جائزو) ترجمو: غلام محمد لاکو،
ڇاپو ٻيو 1996ع، سنڌ تحقيقي بورڊ
حيدرآباد، صفحو مترجم جو نوٽ، 4، 9 ۽
12. |
= |
سووينيئر، سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي
جائزو، صفحو 12. |
(5) |
سنڌي ٻاراڻو ادب، صفحو 76 کان 110. |
|