سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2025ع

باب:

صفحو:16 

غلام نبي سومرو

 

 

 

رمـــــــــز

ڪھاڻي تخليقي ادب جي اهڙي صنف آهي، جنھن جو بنياد ۽ اهم جز قصه گوئي آهي. ڪردارن ۽ واقعات ۾ قصا آهن، جيڪي ڪھاڻيڪار سان گڏ هلي رهيا آهن يا ڪھاڻيڪار انھن سان گڏ هلي رهيو آهي. قصه گو محمود مغل ۽ راقم جو قصو به ائين آهي، ڪھاڻيڪار يا ڪھاڻي ٻڌائڻ وارو.

ارتقا جي مختلف مرحلن ۾ ڪھاڻيءَ جي يقينن الڳ صورت پئي رهي آهي ۽ جديد ڪھاڻي موجود دور ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ پنھنجي الڳ صورت گري ڪئي آهي. محمود مغل جون ڪھاڻيون به جديد ڪھاڻي جي بهتر صورت گري  آهن، ڪھاڻيڪار سان گڏ هو اهم داستان گو به آهي. هڪ پراچين قصه گو. ڪھاڻيءَ جي ماضيءَ جي روايت ۽ عهد حاضر ۾ انھيءَ جي جدت اسان کي سنڌي ڪھاڻي ۾ ڏسڻي آهي ته اها صورت ۽ تخيل، تخليق جي جادوگري ڪھاڻين جي سهيڙ ’محبتن جو شھر ٻڙي ميل‘ ۾ بخوبي ڏسي سگهجي ٿي. محمود جي ڪھاڻين تي هن تحرير ۾  اڳتي هلي ڳالھه ڪبي. محمود ۽ آئون همعصر آهيون. اها منھنجي خوشنصيبي آهي، اڄڪلهه هن سان سامهون ويهي ڳالھائڻ جو موقعو به آهي. لڳي ٿو ته هن سان تعلق دوستي ۾ بدلجي رهيو آهي. منھنجي عمر جي شام جي سمئه ۾ محبوب محمود جي صحبت منھنجي لاءِ انعام آهي.

محمود منھنجي لاءِ اهم آهي، پر هو پنھنجي پرستارن ۽ پنھنجن پڙهندڙن لاءِ انھيءَ کان وڌيڪ اهم آهي. هو ٽي.وي جو ڊرامه نگار آهي، پر انھيءَ کان به اهم ته هو اتي ئي جن پروگرامن جو ميزبان رهيو آهي، انھن مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن. ٽي وي پروگرام جي ميزبانيءَ جو هن جو انداز نرالو آهي ۽ هن جو پنھنجو آهي. هن جي آواز جي پِچ ۽ هن جي شخصيت جو جادو ۽ هن جي پروگرام جي وچ وچ ۾ ڳالھه هميشه اهم رهي آهي. اسڪول، يونيورسٽيون، ريڊيو، ٽيليويزن هن جي زندگي جي ڪم جا اهم مرڪز رهيا آهن. اڄڪلھه هو اسريٰ يونيورسٽي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هڪ اهڙو اسڪول جيڪو لڳ ڀڳ 45 سالن کان کليل ته هو  پر کيس شروع ڪندڙ هستيءَ جي خبر ڪنھن کي به نه هئي. انھيءَ اسڪول جي آکاڻي به عجيب آهي ته 45 سال پھرين جنھن ڏينھن اسڪول کليو هو، انھيءَ جي ٻي ڏينھن تي انھي اسڪول جو ويزن ڏيندڙ شخص پروفيسر مشتاق بخاري صاحب وفات ڪري ويو . اسڪول پنھنجي شروع ۾ ئي ڄڻ هڪ حادثي مان جنم ورتو. اسڪول جيئن تيئن بھرحال هلي رهيو هو. سال 23-2022ع کان محمود مغل هاڻ انھيءَ اسڪول کي تعليم جي جديد تقاضائن جي مطابق هلائڻ شروع ڪيو آهي ته ڄڻ مرحوم پروفيسر جي خواب کي تعبير ملي آهي.

هن اسڪول جي بانيڪار پروفيسر مشتاق بخاري جي خاندان سان رابطو ڪيو. جيئن ته تمام گهڻو وقت گذري چڪو هو. اندازو ڪريو ته ڪو شخص تڏهن هڪ سال جي عمر جو هو ته هاڻي 46 ورهين جو هوندو. انھيءَ سڄي خاندان کي مغل صاحب ڳولھي ورتو. انھن جي خوشي کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جڏهن نئين صدي ۾ هنن جي والد جو خواب هڪ ٻئي شخص جي هٿان تعبير ٿي رهيو ھو. مغل صاحب هن خاندان کي  ڳولھيو. پروفيسر صاحب جي گهر واريءَ سان ڪراچي  ۾ ۽ سندس پٽ سان ڪئنيڊا ۾  رابطو ڪيو. اهي سڀ انھيءَ رابطي تي حيران هئا ۽ خوشيءَ مان روئي رهيا هئا. هن جي پٽ نه صرف يونيورسٽي سان اسڪول لاءِ رابطو شروع ڪيو، پر مالي مدد به ڪئي ۽ جڏهن اسڪول جي افتتاحي تقريب پئي ٿي، تڏهن مقررين ۾ اهو شخص به هو. زندگي ۾ ناممڪن ڳالھيون ٿين ٿيون. انھيءَ ممڪنات تي اسان جهڙي سماج ۾ جيڪو ٻولين، نسلن ۽ عقيدن ۾ ورهايل آهي، تڏهن محمود نه صرف تعليم جي ميدان ۾ هڪ نئين روايت کي متعارف ڪرايو آهي، پر ورهايل سماج ۾ ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو آهي. اها ڪا گهٽ ڳالھه آهي، اسان جي سماج ۾ دوريون ۽ ليڪون ڊاهڻ ڪو آسان ڪم ڪونھي.

محمود اسان سان دوستي ۾ ۽ اربع وارين ادبي ڪچهرين ۾ انتهائي سادگيءَ سان حصو وٺندو آهي. اها سادگي هن جي وڏي ملڪيت آهي، پر اڄ جڏهن 12 آڪٽوبر 2024ع تي مضمون جو هي حصو لکي رهيو آهيان، تنھن صبح شايد ڪجهه ڏينھن اڳي ورلڊ مينٽل ڊي تي LUMHS ۾ ٿيل هڪ پروگرام ۾ محمود ٿري پيس سوٽ پايو بلڪل هڪ مختلف شخص جيان پنھنجي موضوع تي هڪ ڪمانڊ سان ڳالھائي رهيو هو. اهو ان جو علم ۽ ڄڻ پروفيشنل ڊيوٽي هئي. اسان جي ڪچهرين ۾ هو دوست آهي ۽ دوست واري نرمي ۽ هڳاءُ کڻي جڏهن هو اسان سان خيالن ۾ شراڪت ڪري ٿو، تڏهن هو هڪ مختلف شخص هجي ٿو.

زندگي جي سفر ۾ اهو ڏينھن انتھائي اهم آهي، جڏهن مون کيس انڊس هوٽل ۾ هڪ تقريب جي سرواڻي ڪندي ڏٺو، تڏهن کان وٺي اڄ تائين اهو ذهن ۾ ئي نه هو ته هن سان تعلق ايترو ويجهو ۽ پائيدار ٿي ويندو. مون جڏهن کيس پري کان ڏٺو تڏهن هو منھنجي ڪھاڻي ’فوٽو گراف‘ ۾ ڪجهه هن طرح ظاهر ٿيو:

انھن اسٽيج ڏانھن ڏٺو. فرشي مجلس هئي. ڊاڪٽر محمود مغل ويٺو آرام سان مسڪرائي ڪنھن شاگرد جي تقرير ٻڌي رهيو هو. ”محمود مغل ويٺو آهي، پاڻ کان گهڻو سينئر هوندو جڏهن پاڻ ميڊيڪل پڙهي رهيون هيونسين“ زرينه چيو.

محمود مغل ۾ اھا ڪھڙي ڪشش ھئي جو هن سان بنا ڄاڻ سڃاڻ جي آئون هُن کي پنھنجي تحرير ۾ بيان ڪري رھيو ھئس، ها اهو ضرور چئبو ته آئون ان جو پڙهندڙ ضرور هئس ۽ ٽي.وي تي هن جي ميزباني وارا پروگرام ڏسي رهيو هئس ۽ هو انھيءَ زماني ۾ ڊرامي جي دنيا ۾ به پنھنجو جادو جاڳائي رهيو هو، پر اهي سڀ نشانيون پري کان ڏسڻ جون هيون. مون جڏهن هن کي سامهون کان ڏٺو، انڊس هوٽل ۾ انھيءَ رات کي ڪھڙو جادو هو، ڪھڙي خوشبوءِ هئي جو هڪ طرف هو منھنجي تخليق فوٽو گراف جو حصو ٿيو ۽ اڳتي هلي هو اسان جي زندگين جو حصو ٿي ويو ۽ اسين هن جي زندگي جو حصو ٿي ويا آهيون. وزير حسين ميمڻ جي گهر اربع واريون ڪچھريون هجن يا ڄام شوري ۾ سندس دولت ڪدو هجي. اسين پيا هڪ ٻئي جي طرف اچون وڃون. هڪ رهگذر ٺھي وئي آهي، هن جي ۽ منھنجي درميان، انھيءَ رهگذر تي ڪير وڌيڪ پنڌ ڪري رهيو آهي، اهو حساب آئون نه ٿو لڳائي سگهان، جو آئون حساب ڪتاب مان ڄاڻان ئي ڪونھ. شايد هن فقير جي انھيءَ خوبي جي ڪري اهو بي نياز شخص پنھنجي مصروفيت مان  وقت ڪڍي مون سان ڪچهري ڪرڻ اچي ويندو آهي. دوستي جو هي ڪھڙو جهان آهي، انھيءَ کي دوستي به چئجي يا انھيءَ کان ڪو بلند مقام هجي ته انھيءَ جو اهو مقام آهي. انھيءَ صحبت ۽ همسفري جا اسان جي وچ ۾ اوچتو ڄڻ پئدا ٿي پئي آهي، انھيءَ جون الاهي معنائون آهن.

سر سری ہم اس جہاں سے گذرے

ورنا ہرجا، جہانِ دیگر بھی تھا۔

هي ڪھڙو جهانِ ديگر آهي، انھيءَ جو بيان شايد ٿي ئي نه سگهي. مٿي مون پنھنجي ڪتاب جو ذڪر ڪيو آهي، جنھن جي هڪ ڪھاڻي ۾ هو نظر اچي رهيو آهي ۽ هتي محمود جي ڪتاب محبت جو شھر ٻُڙي ميل جو ذڪر آهي. محمود جيئن ته تخليق ۽ تخيل جو ماڻهو آهي ۽ ڪھاڻي ٻڌائڻ ۽ لکڻ جو هنر هن جو پنھنجو آهي ۽ اسلوب به هن جو خوب آهي. ڪتاب جي شروع ۾ “منھنجا هٿ ڪشڪول” ۾ هو پنھنجي متعلق ڳالھه ڪندي هيئن لکي ٿو:

مون ۾ جي لکڻ جي ڪا خوبي آهي ته ڪچي ڦڪي تحرير به مون ئي لکي آهي. مان ان کي پنھنجي پوري شعور سان پنھنجو سمجهان ٿو ۽ هتي، هن مجموعي جي شروعات ۾ ڏيندي، مونکي ڪنھن به قسم جي، ڪنھن احساسِ ڪمتريءَ جي لھس نه ٿي محسوس ٿئي.

محمود جيئن ته فن جي دنيا جو اهم تخليقڪار آهي تڏهن هن جي ان سِٽ ۾ احساسن جي ڳالھه جهڙي طرح اُها ٿيل آهي، موزون نه ٿي لڳي. لفظ جو پنھنجو ڀرم هوندو آهي ۽ فاضل ليکڪ کان وڌيڪ انھيءَ کي ڪير سمجهي سگهي ٿو يا شايد ائين آهي ته هو پنھنجي جذبن ۽ پنھنجي سوچ کي جيئن جو تيئن پڙهندڙ تائين پهچائي ٿو. اسين جيڪي سندس همعصر آهيون. اسين سندس تحرير جا قائل آهيون. انھيءَ ڪري اسين هن جي لفظن ۽ جذبن کي محسوس ڪريون ٿا. تڏهن اسان کي احساس ڪمتري جو لفظ اضافي محسوس ٿئي ٿو. هو احساس جو ماڻهو آهي. ڪمتري ۽ برتري کان ڪجهه پرڀرو. سندس ڪھاڻين جو جائزو وٺون ته سندس ڪھاڻي جهونا مارڪيٽ ۾ ٻه جهونا ماڻهو جو هي حصو ڏسو:

هو اڳتي وڌي ويو، سامهون اوچتو آئينن وارو دڪان اچي ويس. هو نه چاهڻ جي باوجود به آئينن ۾ ڏسي ٿو. سندس منھن الاءِ ڪھڙي احساس سان پُر آهي، هن کي پنھنجو منھن اوپرو ٿو لڳي، ڄڻ اهو ڪنھن ڪبوتر جو هجي.

مٿي اسان سندس تخليقي احساس جي ڳالھه ڪئي آهي، هن ڪھاڻي جو منظر ماڻهوءَ جي ڪايا پلٽ کي ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ڪوئي ماڻهو آئيني ۾ پنھنجي پاڻ کي ڏسي ٿو تڏهن هن جو چهرو هڪ پکي ۾ بدلجي ويو آهي. دنيا جو ادب خاص طور تي جديد ناول ۽ ڪھاڻي ڄڻ شروع ئي ڪافڪا جي “ميٽامارفوسس” کان ٿي آهي. اسين هتي محمود جي ڪھاڻي جهونا مارڪيٽ ۾ ٻه جهونا ماڻهو ۾ هن جي ڪلا ۽ غير معمولي تخيل کي سمجهي سگهون ٿا. ڪھاڻيءَ ۾ جيڪو آئينو آهي، انھيءَ ۾ واقعي ئي غير معمولي ڳالھه ٿي رهي آهي. اصل ۾ آئيني مان ظاهر ٿيندڙ عڪس حيران ڪندڙ آهي. اهو بيان ڪري ليکڪ مون جھڙي پڙهندڙ کي حيرت ۾ وڌو آهي، حيرت ۽ تحير تخليقي ادب جي بنيادي نشاني آهي.

گهڻو گوڙ نه ڪر. بس ها، ڪر هو ذري گهٽ مٿان الري ٿي آيو. تو ڪڏهن مون سان ائين ڪونه ڳالھايو، ڪڏهن دڙڪو نه ڏنئي، اڄ الرون ٿو ڪرين ته لڳيم ٿو ڄڻ ڪجهه ڏنئي ڪونه“ هوءَ وري سڏڪي پئي. شايد اڃا به هار ڪونه مڃين هئائين. تو وري ڇا ڏنو آ. ٻار نالي ڪو ڇيڇڙو ته ڄڻيئي ڪونه. باقي هاڻي ٿي نخرا ڪرين هو اڄ الاهي ڪھڙي لئي ۾ هو، اٿي وڃي در وٽ بيٺو. شايد ڪامنا جو ديدار ڪجهه گهڻو ڪري ورتو هئائين. لاچان جو ڪنڌ جهڪي ويو. ڪجهه لمحا چپ رهي، هن جهڪيل ڪنڌ سان ئي چيو، ڀلي ڪر وڃين شادي، تنھنجي مرضي موتيءَ هڪدم در تي پيل ٽپڙي پري ڪئي، هن ڏانھن نھاريو ۽ تکو تکو ٻاهر هليو ويو. لاچان ڀانيو ڄڻ ان لڏندڙ ٽپڙيءَ ۽ هن ۾ ڪو فرق ئي نه هجي.

ٽپڙي ڪھاڻيءَ ۾ به ليکڪ پڙهندڙ کي هڪ منظر ڏيکاري حيرت ۾ وڌو آهي ته انھيءَ جي مکيه عورت ڪردار خود پنھنجي وجود کي ان لُڏندڙ ٽپڙي سان ڀيٽيو آهي، اها ڀيٽ ان معنيٰ ۾ آهي ته ڄڻ سندس ڪو وجود ئي نه هجي. زال ۽ مڙس ۾ انھيءَ بحث جنھن جو بنيادي سبب افلاس ۽ لاعلمي آهي. تڏهن اهي ڪھاڻي جي انھيءَ منظر ۾ وڙهي رهيا آهن ۽ جڏهن حياتي ۾ خوشيون رسي وڃن ته پوءِ اهڙو الميو جنم وٺندو آهي، جڏهن جيئڻ لاءِ رڳو لفظ هوندا آهن، زخمي ڪندڙ ۽ ماريندڙ لفظ، عورت ۽ ٽپڙي ۾ ڪو به فرق نه آهي. شين ۽ ماڻهن جي بي معنويت جو بيان ڏکوئيندڙ آهي.

ڪھاڻي سم ٿِنگ ان سائيڊ جو هي حصو ڏسو: منھنجي امڙ، منھنجي ضد اڳيان هميشه جيان هارائي زمين اندر هلي وئي. ها، هاڻي مون کي يقين آ، محبت انسان جا هوش حواس ختم ڪيو ڇڏي، پر ان کان وڌيڪ يقين ته ان ڳالھه جو آ ته آئيڊيل جو وجود ته هوندو آ، پر ان جي پنھنجائپ جي پڪ نه هوندي آ، ۽ مان شيرين، پنھنجي تمام تر حسن ۽ خاموشين سميت اڄ به پنڊپھڻ لڳي پئي آهيان.

هاڻي به هٿ مون لاءِ وڌندا آهن، پر مون پنھنجي وجود جي درن کي قلف هڻي، ڪنجيءَ کي لئنسڊائون پل ۾ لوڙهي ڇڏيو آ.

ها، اڄ به ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته هن جو مڱڻو ٿيل هو ته پوءِ هن مون سان محبت ڇو ڪئي، مون کي خط ڇو لکيو.

سم ٿِنگ ان سائيڊ ڪھاڻيءَ جي هن حصي ۾ تخليقيت جي وهڪري ۾ محبت جي متعلق ڪيترائي سوال اٿاريا ويا آهن. محبت جتي به آهي، اتي هڪ عجيب ڪھاڻي کي جنم ڏئي ٿي. آخري جملو ته حيران ڪندڙ آهي ها، اڄ به ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته هن جو مڱڻو ٿيل هو ته پوءِ هن مون سان محبت ڇو ڪئي، مون کي خط ڇو لکيو. پريم جي ڪھاڻي ۾ ڪجهه به طئي ناهي هوندو. محبت ڪيئن ٿي ويندي آهي ؟ خط ڪيئن لکجي ويندو آهي ؟ انھيءَ جو جواب اسان جي ڪھاڻي جي نائڪا وٽ به ڪونھي ۽ شايد ڪنھن وٽ به ڪونھي. محبت جي گهرائي ۽ انھيءَ جي شڪتي جي ڪنھن کي خبر پئي آهي ۽ اهو سوال ئي اسان جي تخليقڪار اٿاريو آهي ته محبت ۾ جيڪا اوچتائپ آهي انھيءَ سلسلي ۾ رڳو سوال آهن، جواب ڪٿي به ڪونھي.

محبتن جو شھر ٻُڙِي ميلَ جون هي سٽون ڏسو: چرياڻ، ڪوبه شھر ايندو آ ته پھرين گهڻو ڪري ڪچي آبادي ايندي آ، پوءِ شھر جي وچ تي خوبصورت علائقا هوندا آهن، ڊڄ نه، پھرين ڪچو ته لتاڙ.“

هڪ ته تون خاموش ڏاڍو هوندو آهين، خبر ناهي الائي ڪيتريون ڳالھيون، تنھنجي من ۾ ڀڄي ڀري وينديون هونديون.“

منھنجي دل چيو، مان هن کان سوئيٽر وٺي چوندم، مان ڏاڍو خوش ٿيو آن. پوءِ ان کي هن سامهون پائيندم. هوءَ پڪ خوش ٿيندي.

تون ڏاڍا مضبوط ۽ مختصر جملا ڳالھائيندو آهين.“

مان صوفي تي ڪري پيم، هوءَ چري آ ڇا. ڪيڏي مھل ڪھڙي ڳالھه ٿي ڪري ڪيڏي مھل ڪھڙي. الاءِ ڪيئن هوءَ مون ڏي ڏسندي رهي. باهه ۾ پيل ڪاٺيون ٽڙڪڻ لڳيون. کيس پيل ڳاڙهي شال سندس منھن تي ڳاڙهو شيڊ وجهڻ لڳي. هوءَ هڪدم ڪا اپسرا ٿي وئي هئي.

ته اياز مھدي، تون شھر جو ڪچو لتاڙي، خوبصورت علائقي ۾ گهڙيو هئين نه، اتي ته ڪجهه به ناهي، ان کان ڪچو چڱو آ. ڇڏ گاڏيءَ کي ته اهو لتاڙي، محبتن جو شھر هونئين به ته ٻڙي ميل هوندو نه، پوءِ کڻي گهڙ يا ڇڏ.

محبتن جو شھر ٻُڙِي ميلَ ڪھاڻي ۾ هي مڪالما هڪ اهڙي ڪيفيت کي بيان ٿا ڪن جيڪا هڪ عورت مرد لاءِ محسوس ڪري رهي آهي. عورت ايترو گهرو ڏسي ۽ سوچي سگهندي آهي، ڪھاڻيڪار بيان ڪيو آهي ۽ ڪردار کان چورايو آهي. هڪ ته تون خاموش ڏاڍو هوندو آهين، خبر ناهي الائي ڪيتريون ڳالھيون، تنھنجي من ۾ ڀڄي ڀري وينديون هونديون اڳيان وڌي وري هڪ ٻيو جملو تون ڏاڍا مضبوط ۽ مختصر جملا ڳالھائيندو آهين عورت ڪردار جي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو. ائين اسان جو ڪھاڻيڪار ڪردارن جي واتان غير معمولي تجزيو ۽ پھچ ۽ انھن جو واسطو ۽ محبت، ملڻ ۽ وڇوڙي کي غير معمولي تخليقيت سان ظاهر ڪري ٿو.

محبتن جو شھر ٻُڙِي ميلَ ڪھاڻي پنھنجي عنوان ۾ ئي انھيءَ ڳالھه ڏانھن اشارو ڪري ٿي ته اها محبت جي اهڙي مسافري آهي، جتي سفر ته آهي، پر فاصلو طئي نه ٿو ٿئي.

هڪ ڪلاڪ، ٻاويھه مِنٽ ڪتاب جي خوبصورت ڪھاڻي آهي، تحرير جو جادو ڏسو: منھنجي حياتيءَ ۾ هڪ شرٽ جون مٿي ٿيل ٻانھون آهن، هڪ واچ جو ڀڳل بيلٽ آهي، هڪ بال پين آهي، پنج وار آهن ۽ هڪ ڀاڪر آهي. جڏهن انھن تي هيءَ حياتي ايڏي سکي گذري آهي ته پوءِ جيڪو وقت هاڻي ملي ٿو ته اُهو ڪنھن احسان کان گهٽ ناهي؟

هڪ ڪلاڪ، ٻاويھه مِنٽ ڪھاڻي جو ڪردار پنھنجي حاصلات تي خوش آهي ۽ پنھنجي وجود ۾ ڀرپور آهي، پُرسڪون آهي. اهڙو سڪون جيڪو ڪنھن اهلِ دل کي ملندو آهي.

حياتي ۽ محبت جي ميراث انھيءَ کان مٿي ڇا ٿي سگهي ٿي. پنج وار ۽ هڪ ڀاڪر. واهه محمود سائين واهه.

ڪتاب محبتن جو شھر ٻُڙي ميلَ جي ڪھاڻين کي پڙهندي محمود جي جا شخصيت  ظاهر ٿئي ٿو، اها محبت جي ميراث آهي. پنج وار ۽ هڪ ڀاڪر. ڪھاڻيڪار وڏو بختاور آهي، جنھن کي اهڙي ميراث کي لکڻ، سوچڻ ۽ تخليق ڪرڻ جو هنر آهي. محمود پنھنجي شخصيت ۾ هڪ اڻٿڪ ماڻهو ته آهي ئي، پر هن جي شخصيت ۾ جيڪا عجب نرمي آهي، جنھن جو پسمنظر منھنجي خيال ۾ سندس وڏن کان هلندڙ دل جو رستو آهي. محمود جو تازو ڪتاب محمود مغل فن ۽ شخصيت جنھن کي ليکڪ مير حاجن مير مرتب ڪيو آهي. ان جي ارپنا مان ئي سڄي ڳالھه ظاهر ٿئي ٿي ته دل جي رستي جون گذرگاهون ڪھڙيون آهن.

ارپنا: سنڌ جي نامور بزرگ، عالمِ دين مخدوم بصرالدين صديقي سيوهاڻيءَ رحمة الله عليھ  سندس خليفي ۽ منھنجي والد محترم فقير ميان نور محمد مغل قلندري سيوهاڻي ۽ امان سانئڻ جيجيءَ جي نالي.___محمود مغل

اها ارپنا محمود مغل صاحب پاڻ ڪئي آهي. پاڻ کي فقيري سلسلي سان لاڳاپي، هن پنھنجي شخصيت جو هڪ نئون رخ ظاهر ڪيو آهي. انھيءَ ڪيفيت کي جيڪا روح ۽ دل جي رستن تي هلي ٿي ، دير سان ئي صحيح پر محمود پنھنجي شخصيت کي نئين طرح سان بيان ڪيو آهي.

هن جي ڪھاڻي ’هڪ ڪلاڪ ٻاويهه منٽ‘ ۾ محبت جي ميراث ليکڪ ڪجهه هن طرح تخليق ڪئي آهي. منھنجي حياتيءَ ۾ هڪ شرٽ جون مٿي ٿيل ٻانھون آهن، هڪ واچ جو ڀڳل بيلٽ آهي، هڪ بال پين آهي، پنج وار آهن ۽ هڪ ڀاڪر آهي. جڏهن انھن تي هيءَ حياتي ايڏي سکي گذري آهي ته پوءِ جيڪو وقت هاڻي ملي ٿو ته اُهو ڪنھن احسان کان گهٽ ناهي؟ ۽ هڪ ميراث تخليقڪار جي پنھنجي آهي، جنھن کي هن محمود مغل فن ۽ شخصيت ڪتاب جي ارپنا ۾ ظاهر ڪيو آهي. محمود جي ميراث فقيري ميراث آهي، مخدوم بصرالدين صديقي، محترم ميان نور محمد مغل ۽ امان سانئڻ کان ايندڙ ورثو ڏاڍو قيمتي آهي ۽ محمود انھيءَ ورثي جي ڪري دل جي نرمي حاصل ڪئي آهي. دل ۽ روح جي رستن ڏانھن مسافري محمود مغل جهڙا شخص ئي ڪري سگهن ٿا، اسان جو ليکڪ هڪ بختاور شخص آهي ۽ انھيءَ ۾ هن جي ورثي جو عمل دخل ڪيترو آهي، انھيءَ جو اندازو سندس تخليق ۽ شخصيت مان ظاهر آهي. ماڻھوءَ جي وجود ۾ جيڪا رمز ۽ سِريت آھي. اندر ئي اندر اُن جو جيڪو ڦھلاءُ آھي اُن تي ڳالھائڻ منھنجي سوچ ۽ ائپروچ کان مٿي آھي، پر ھڪ تخليقڪار ۽ سندس شخصي وجود ۾ ڪھڙي رمز ۽ اسرار ھجي ٿو اھا اڃا به گھري ڳالھه آھي. محمود مغل انھن ڪيفيتن سان ڪيئن مقابل ٿيو  ھوندو اھو ڪيئن ٿو ڄاڻي سگھجي. ھُن انھيءَ رمز ۽ اسرار کي ڪنھن ترتيب ۾ رکڻ لاءِ دل ۽ من ۾ ڪٿي ڪا جڳھه ضرور ٺاھي ھوندي. انھيءَ سڄي ظاھري ۽ باطني ڪشمڪش کي ڪير ڄاڻي سگھندو، پر ڪلا ڄاڻي ٿي ، ڪھاڻي ڄاڻي ٿي ۽ سندس ڪھاڻي ڪتاب محبتن جو شھر ٻڙي ميلَ انھيءَ رمز ۽ اسرار جون نشانيون ٻڌائي ٿو. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي ته اھي تخليقي نشانيون ۽ اشارا ڪتاب جي پڙهندڙن لاءِ موهه ۽ محبت جو ھڪ رستو ٺاھين ٿا.

ڊاڪٽر نواب ڪاڪا

 

 

 

 

ڪتاب ”دليل الذاڪرين“سنڌي ٻوليءَ ۾ تصوف

جي هڪ اهم ماخذ جو اضافو

 

موجوده دنيا تڪڙين تبديلين ۽ وسيع معلومات جي ڄار ۾ سوگهي ۽ سوڙهي ٿيندي پئي وڃي. مختلف، سماجن،  قومن ۽ ملڪن تائين  معلومات ته سيڪنڊن ۾ پھچي وڃي ٿي، پر ڇا انسانن جون دليون هڪٻئي جي ويجهو ٿي، درد تڪليف محسوس ڪري سگهيون آهن؟ ڇا اها ڄاڻ اڄ جي انسان کي انسانيت جي ان رتبي تائين پھچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهي آهي جيڪو ان جو اصل مقام آهي. اندر جو خالي پڻو وڌندو ئي وڃي ٿو. عالمي فڪري تحريڪون ۽ لاڙا ڪن خاص حالتن ۽ مخصوص دور تائين ته انساني اتساهه جو سبب رهيا، پر جڏهن حالتون تبديل ٿيون ته اهي تحريڪون ۽ لاڙا به ماٺا ٿي ويا.تصوف اهو عالمي فڪر آهي جيڪو هر دور ۾ انساني ڪردار جي روحاني توڙي سماجي تعمير ڪندو رهيو آهي. 

صوفياڻي فڪر ۾ عالمگيريت به آهي، ته فرد جي انفرادي ذات جي تعمير جو عنصر به شامل آهي. سنڌ ۾ صوفياڻي فڪر جي باقاعده ارتقا سورهين صديءَ ۾ مخدوم نوح سرورؒ (911هه کان 998هه ) جن کان نظر اچي ٿي. ان وقت سنڌ تي ارغون، ترخان گهراڻي جي حڪومت هئي. جيترو سک ۽ امن ڄام نظام الدين جي دور ۾ هو، ان جي ابتڙ هن دور ۾ هڪ طرف رت جو درياءُ ٻي طرف باهه ڌرتيءَ کي ساڙي رهي هئي.مخدوم نوحؒ جي وقت ۾ خاص ڪري مرزا باقي جھڙو سفاڪ،اقتدار جو بکيو ۽ رت جو پياسو حڪمران هو.تاريخ طاهري  جو ليکڪ لکي ٿو: ”جڏهن سندس ظلم حد کان وڌي ويو ۽ ماڻھو هن کان تمام تنگ ٿي ويا، ته مسلمانن مسجدن ۾ وڃي سندس موت جون دعائون گهريون ۽ هندن هوڻ شروع ڪيو.رات ڏينھن هر هنڌ اهو پٽڪو هلندو رهيوته خدايا ! هن بڇڙي ۽ ظالم حاڪم جو پاڇو اسان جي مٿان لاهه !.“ (ص 162 )

اهو مخدوم صاحب جي علم تدبر۽ حقيقي مالڪ جي ذات سان ويجھڙائي جي طاقت جو اثر هو، جو مرزا باقي جھڙو درندو  سندن لحاظ ڪندو هو. هن دور ۾ مخدوم نوح سرور نه صرف ڀٽڪندڙن کي دڳ لائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.پر ڏکويلن جي ڏک تي رات سان گڏ  ضرور پاڻ به رنو تڏهن فرمايائين:

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ م ڀانئيو ماڻھوئا،

روئي چڙهي رات ڏسي ڏکوين کي.

(ملفوظات، ص305 )

سنڌ جي تاريخ جي اهم ماخذن”چچ نامي“، ”تحفة الڪرام“، ”تاريخ معصومي“ ۾ سندن احوال موجود آهي. انھن کان علاوه ”حديقة الاولياءُ“، ”گلزار ابرار“، ”تاريخ طاهري“،
”تذڪره مشاهير سنڌ“، ”رساله فتحيه“، ”دليل الذاڪرين“،
”سڪينھ الروح“، ”راحت الروح“، ”تذڪره
مخدوم نوحؒ“،
”سراج العارفين“، ”گنجينھ الاولياء “۽ ٻيا ڪيترائي اهم ڪتاب  شامل آهن جن ۾ مخدوم نوحؒ جن جي زندگي، ڪردار، علمي حيثيت ۽ اهميت بابت تفصيلي معلومات ملي ٿي.

 مٿي ڄاڻايل ڪتابن مان”دليل الذاڪرين“ 1086هه ۾ محترم حاجي پنھور فارسيءَ ۾ قلمي صورت ۾ محفوظ ڪيو . فارسيءَ تان سنڌي ترجمو مولوي جمشيد احمد سڪندري ڪيو آهي. ڪتاب جا حوالا، حاشيه، تعليقات ۽ مقدمو  سنڌ جي نامور عالم ڊاڪٽر غفار سومري لکيو آهي. ڪتاب جي شروع ۾  مخدوم نوح سرور  رحه جي جي موجوده گادي نشين مخدوم جميل الزمان صاحب  جو مختصر ليک موجود آهي. مھاڳ ۽ تفصيلي مقدمو  مختلف اهم موضوعن ۾ ورهايل آهي.انھن ۾ مخدوم نوحؒ  جي دور جو تاريخي پسمنظر، مخدوم نوحؒ  جي سوانح، سماجي ڪردار بابت روايتون، مخدوم نوحؒ  جو تصوف ۽ مخدوم نوحؒ  جي قرآن فھمي موضوع شامل آهن. 66 صفحن تي لکيل هن مقدمي ۾ قرآن پاڪ، تفسير، تاريخ، تصوف ۽ ٻين موضوعن تي مختلف ٻولين جي 87 ڪتابن جا حوالا ڏنا ويا آهن.هي سموري تحقيق عالمانه انداز ۾ محترم  ڊاڪٽر غفار سومري صاحب ڪئي آهي.مخدوم نوحؒ  جي زندگي، سندن سڃاڻپ ۽ تاريخي ڪردار جي مختلف رخن کي جديد تحقيقي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اصل ڪتاب کان اڳ هيءَ سموري تمهيد  پڙهندڙ کي مخدوم صاحب بابت وڌيڪ پڙهڻ لاءِ اتساهي ٿي. تجسس ۽ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ چاهه پيدا ٿئي ٿو . اهو ڏسڻ لاءِ ته سنڌ جي اهڙين حالتن ۾ پنھنجي دور جي غوث، عالم، اهل دل عارف صوفي جي زندگي ڪيئن گذري،  ڪوبه مطالعو يا تحقيقي ڪم ڪرڻ کان اڳ ڪو مقصد، ڪارج يا اهڙو ڪو نڪتو ضرور هوندو آهي جيڪو  ذهني طور اڳتي وڌڻ لاءِ آماده ڪندو آهي.

 ڪتاب ۾ شامل مواد جي ذريعن، انھن جي صحت، انھن موضوعن جو ذڪر هن ڪتاب کان ڪھڙن ڪتابن ۾ موجود آهي يا هن ڪتاب تان محققن ڪيترو استفادو حاصل ڪيو آهي، سمورو تفصيل ڊاڪٽر غفار سومري صاحب پنھنجي عالمانه انداز ۾ لکي ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت  ۾ اضافو ڪيو آهي. ڪتاب ڪنھن ضخيم تحقيقي مقالي جيان تحقيق جون جديد گهرجون پوريون ڪري ٿو.سنڌ جي نامور عالم  ڊاڪٽر نبي خان بلوچ جي تحقيقي انداز جو تسلسل واضع نظر اچي ٿو. 

ڪتاب ”دليل الذاڪرين“ ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پھرين ڀاڱي ۾ ديباچي کان پوءِ ڇھه باب آهن. پھريون باب اسلاف جي سلسلن، توحيد جي باري ۾ ، ولايت وارن جي باري ۾ موضوعن تي مشتمل آهي. پيغمبر اسلام حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کان پوءِ علم ۽ هدايت حاصل ڪندڙن بابت لکي ٿو: ”آخر رسولن کي موڪلڻ ۽ ڪتابن کي نازل ڪرڻ جو اهو سلسلو اسان جي پيغمبر اسلام عليھ السلام جي اچڻ سان بند ٿيو. تنھن کان بعد ولايت جي راهه کلي وئي ليڪن الله تعاليٰ جي ولين ۽ دوستن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا ظاهري علم وارا يعني قرآن ۽ حديث جا ڄاڻو ۽ علم جدالي يعني اجتھاد ذريعي نون مسئلن جا حل ڪڍندڙ ۽ ٻيو قسم آهي علم باطن وارن جو جيڪي وري قرآن ۽ حديث جي مغز جا ڄاڻو آهن ۽ اهو علم هنن حضرت رسالت مآب صلي الله عليھ وآلھ وسلم کان حاصل ڪيو ۽ انھن ٻنھي علمن جو سلسلو قيامت تائين هلندو.“ (ص11) علم ۽ بصيرت جي واٽ جي هن ڪشف بابت طويل ۽ تفصيلي بيان ۾ قرآن پاڪ جون آيتون، حديثون، عربي فارسي نقل ڏنا ويا آهن.  علم تصوف جي حقيقت ۽ وحدانيت بابت جامع معلومات ڏني وئي آهي.

مخدوم نوحؒ  اويسي بزرگ هو. اولياءِ ڪرام ۾ اويسي سلسلي جي شروعات  حضرت اويس قرنيؓ کان ٿي. هن ڪتاب ۾ حضرت اويس قرنيءَ بابت حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو فرمان هن ريت بيان ڪيو ويو آهي: ”منھنجي امت ۾ هڪ اهڙو مرد آهي جنھن کي قيامت جي ڏهاڙي ربيعه ۽ مضر قبيلي جي رڍن جي وارن جيترو شفاعت جو مقام ملندو، اهي قبيلا رڍن جي گهڻائيءَ ۾ مشھور هئا. ڪنھن عرض  ڪيو ان جو نالو ڇا هوندو ؟ فرمايائون ته ”اويس“، عرض ڪيائون ته ڪٿان جو آهي. فرمايائون ”قرن“ پڇيائون ته حضرت رسالت مآب عليھ الصلوات والسلام جي صحبت سان مشرف ٿيل آهي؟ فرمايائون ظاهري طور تي نه “.(ص44) پاڻ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن نه ملڻ جا ٻه سبب فرمايا: ”حال جي غلبي، هٿن پيرن کان لاچار ۽ معذور نابين پوڙهي ماءُ جي خدمت جي ڪري“.  سندس حال هن شعر جيان معلوم ٿئي ٿو .

گر وصال تو بنا شد بفراق تو خوشم

جم فراق تو مرا به ز وصال دگران.

يعني جيڪڏهن تنھنجو وصال هٿ نه آهي ته آئون تنھنجي فراق سان به خوش آهيان. تنھنجو فراق مون کي ٻين جي وصال کان ڀلو آهي.

ان حوالي سان حضرت اويس قرنيؓ جي عبادت، رياضت ۽ زندگيءَ جي طرز جو تفصيلي بيان هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اهي  اولياءِ ڪرام ۽ صوفي جن کي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم کان اهڙو فيض حاصل ٿيو انھن به پاڻ کي اويسي سڏايو. مخدوم نوح سرورؒ  جن جو به اهو ئي سلسله طريقت آهي. اويسي سھروردي. حديقة الاولياء مطابق ”مخدوم نوح سرور رحمة الله عليھ، امير المومنين امام المتقين رفيق شفيق ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنھ جي وسيلي سان حضرت رسالت پناهه محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي خدمت ۾ پھتو ۽ ارادت جو هٿ ورتو. حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم کيس علم لدنيءَ جا ست سبق پڙهايا(حديقة الاولياء، ص 142). اهڙيون روايتون هن ڪتاب ”دليل الذاڪرين“ ۾ پڻ موجود آهن.

ڪتاب جو ٻيو باب ”مناقب مخدوم نوحؒ “ جي نالي سان آهي.  هن باب ۾ مخدوم صاحب جون ڪيتريون ڪرامتون، ڪردار ۽ عمل جون خوبيون، همعصر صوفين بزرگن سان رهاڻيون، قرآن پاڪ جي آيتن جو تفسير ۽ ٻيو بيان شامل آهي. هن باب ۾  مخدوم صاحب جا 133 نالا جيڪي بھاء الدين دلق پوش ۽ رساله فتحيه  ۾ آيا آهن، پڻ شامل آهن. مدحيه فارسي غزل، ۽ نظم سنڌي ترجمي سان پڻ شامل آهن.

ڪتاب جو ٽيون باب ”حسب نسب، هالن ۾ آمد ۽ سندن اولاد امجاد“ نالي سان آهي. مخدوم صاحب جن حضرت ابوبڪرصديقؓ جن جي نسب سان واسطو رکن ٿا. ان سلسلي ۾ هيءَ روايت نقل ڪئي وئي آهي: ”بھاء الدين گودڙيو پنھنجي رسالي ۾ لکي ٿو ته مولانا عبدالغفور بن مخدوم ناصر، مخدوم زاده عبداللطيف بن مخدوم جمال کان نقل ڪيو آهي جيڪو شيخ فخرالدين جي اولاد مان آهي. نقل هيئن آهي ته مخدوم صاحب جي زبان مان ٻڌو جو پاڻ چيائون ته هڪ دفعي حضرت ختم مرتبت رسالت مآب ِصلي الله عليھ وآلھ وسلم جي خدمت جو شرف حاصل ڪيم، جتي صديق اڪبرؓ به مجلس ۾ حاضر هئا.سندن خدمت ۾ عرض ڪيم ته مان اوهان جي اولاد مان آهيان يا نه؟ فرمايائون ته هائو، توهان منھنجي پٽ عبدالرحمٰن جي اولاد مان آهيو. تڏهن حضرت رسالت مآب عليھ الصلوات والسلام جن فرمايو ته اي مخدوم نوح! تون منھنجي اولاد مان پڻ آهين. اهو ائين جو منھنجي نياڻي فاطمه جي نياڻي بي بي اُم ڪلثوم امير المومنين عمر جي نڪاح ۾ آئي ۽ عمر بن عبدالرحمٰن بن ابي بڪر ان کي گهريو تون ان جي نسل مان آهين.“(ص 179) مخدوم نوحؒ  جي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي اڪثر مجلسن ۾ حاضري جو بيان ڪيو ويو آهي. اها خواب جي حالت هجي يا ڪا ٻي ڪيفيت هجي پر اها حاضري حقيقي ئي هوندي آهي. امام غزاليؒ لکي ٿو: ”رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم فرمايو آهي ته، جنھن مون کي خواب ۾ ڏٺو تنھن مون کي ڄڻ ته جاڳندي ڏٺو، ڇو جو شيطان منھنجي صورت ۾ اچي ڪين سگهندو“. (ڪيميائي سعادت ص 833 )

هن باب ۾ هالا ۾ آباد ٿيڻ ، حسب نسب ۽ سندن  ۽ اولاد جي فضليت ۽ ڪرامتن کي بيان ڪيو ويو آهي .

چوٿين باب جو عنوان ”مخدوم معظم جي يارن ۽ ارادتمندن جا مناقب“ آهي. هن باب ۾ نه صرف مخدوم صاحب جي علمي فضليت ۽ حجت کي بيان ڪيو ويو آهي، پر سندن صحبتي ۽ عقيدتمندن جي ڪرامتن ۽ فضيلتن کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب وٽان ڪلمي طيب جي تلقين سان مشرف ٿيندڙ  مخدوم ساهڙ لنجار، شيخ المشائخ هوٿي لاکو، سيد ابوبڪر لڪعلوي ۽ ٻين هن دور جي بزرگن بابت ڪيترائي نقل بيان ڪيا ويا آهن. مخدوم صاحب جي پنھنجي يارن سان ذڪر جي فضيلت جو درجو پڻ بيان ڪيو ويو آهي.تقوا پرهيز گاري ۽ حقيقي علم جي درياءَ مان پيالا پيئندڙن جا ڪيترائي واقعا بيان ڪيا ويا آهن.لاڳاپيل واقعن سان  قرآن پاڪ جي آيتن جو تفسير ۽ ٻيا مثال  پڻ بيان ڪيا ويا آهن. مخدوم صاحب جي صحبتين ۽ کانئس تلقين حاصل ڪري وڏو درجو حاصل ڪندڙن جو بيان به هن باب ۾ شامل آهي. مخدوم صاحب جي صبر ۽ هدايت جا ڪيترائي مثال نقل ڪيا ويا آهن، لکي ٿو: ”هڪ ڏينھن هڪ شخص مخدوم معظم جي خدمت ۾ ظاهر ڪيو ته دوستن ۾ مجاز جو اثر آهي، فرمايائون:
”المجاز قنطرت الحقيقت“ يعني مجاز حقيقت جي پل آهي. ڀلي هجي، ائين به چيائين گهڻو ٿا کائن. فرمايائين پنھنجو نصيب ٿا کائن“ (ص244)  اهڙي طرح مخدوم صاحب جي  صبر  ۽ ميٺ سان هدايت جا ڪيترائي واقعا بيان ٿيل آهن.

باب پنجين جو عنوان ”ڪلمي طيب لا الٰھ الا الله جي ذڪر جي فضيلت آهي. هن سڄي باب ۾ ڌڻي پاڪ جو ذڪر، آواز سان ڪرڻ، دل ۾ ڪرڻ ،ان جي اهميت ۽ فضليت بيان ڪئي وئي. ذڪر بابت قرآن پاڪ جون آيتون ترجمي ۽ تفسير سان شامل آهن.حديثون ۽ مختلف عالمن جا رايا ۽ قول به شامل آهن. ذڪر ڪندڙ  جي بلند درجي بابت به ساڳي طرح سان تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ڇھون باب ”خفي ذڪر جي باري ۾“ عنوان سان آهي. هن باب ۾ خفي ذڪر جو تفصيل ۽ ان جو درجو بيان ڪيو ويو آهي. ذڪر خفي ۽ جلي بابت مخدوم صاحب جي سمجهاڻي هن طرح آهي: ”هڪ طالب مخدوم معظم جي سعادت واري خدمت ۾ خفي ذڪر جي اجازت گهري، پاڻ چيائونس ته خفي ذڪر کي حرف ۽ آواز نه ٿيندا آهن جو واتان چئي سگهجي. تون جلي ذڪر ۾ مشغول ٿيءُ. عرض ڪيائين جلي ذڪر ۾ گهڻائي ڏينھن مشغول رهيو آهيان. پاڻ سمجهايائونس ته ساهه جو لحاظ رک. جڏهن ساهه ٻاهر اچي ته لاالٰھ سان ٻاهر آڻ ۽ الاالله سان اندر کڻ. انھيءَ طريقي سان جلي ذڪر تي هميشگي ڪر ته جيئن دنيوي ۽ اخروي تعلق ۽ اجائي قسم جا وسوسا مڪمل طرح سان دور ٿين. ان بعد خفي ذڪر جيڪو مشاهدي جو نالو آهي ته ”الشاهدت رويت الحبيب في الحجاب“يعني مشاهدو پردي ۾ دوست جي ديدار جو نالو آهي، واري ڪيفيت توتي پرٽجي ۽ ان جي نشاني هيءَ آهي ته واحد کانسواءِ ٻيو وجود نه ڄاڻي ۽ نه ئي ڏسي.“ (ص 363) مخدوم صاحب اهڙي طرح خلق کي حق سان هڪ ٿيڻ جي واٽ ڏيکاري.

هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ”رسالھ المسميھ بڪؤس فخريھ دليل الذاڪرين“ نالي سان شروع ٿئي ٿو. جيڪي چئن بڪئوس يا پيالن ۾ ورهايل آهن. ڪ/س اول (پھريون پيالو) ۾ اڳين بزرگن جي سلسلن ۽ سندن خليفن جي بيان ۾ آهي. ڪ/س ثاني مناقب مخدوم نوح عليھ رحمة باري ۾ آهي. چوٿون پيالو ذڪر جي   ڏاڍيان  ۽ هوريان فضيلت ۽ اطاعت  جي ڪلمي بابت آهي. ڪ/س رابع (چوٿون پيالو) نسب ولايت حسب ۽ سڪونت بابت ۽ هالا شھر جي پس گردائيءَ ۾ آباد ٿيڻ بابت آهي. هن ٻئي ڀاڱي جا ڪيترائي موضوع ۽ بيان پھرين ڀاڱي ۾ به اچي چڪا آهن.

ڪتاب ۾ مخدوم صاحب جو تاريخي ڪردار، خلقِ خدا کي حقيقي مالڪ جي ويجهو آڻڻ، همعصر بزرگن ۾ سندس علم ۽ فضيلت، مخدوم صاحب جي قرآن فھمي، آيتن جو تفسير ۽  ذڪر  جو طريقو ۽ فضيلتون، حسب نسب ۽ ڪيتريون ئي ڪرامتون بيان ڪيون ويون آهن.

مصنف مخدوم صاحب جي دور جي همعصر بزرگن ۽ سندس ويجهن ساٿين وٽان ۽ تصوف جي اهم ماخذن ۾ قلم بند ٿيل مختلف روايتن ذريعي، مخدوم صاحب بابت هي ڪتاب لکيو آهي.  هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب جي قرآن فھمي، مختلف وظيفا ۽ عمل به بيان ٿيل آهن. قاضي محمد شوڪت، مخدوم صاحب جي چونڊ ملفوظات ۾ مٿي ڄاڻايل فضليتن کان علاوهه خواص القرآن، خوابن جي تعبير، پيري مريدي جا آداب ۽ مخدوم صاحب جا مشھور بيت به شامل ڪيا آهن.

مخدوم صاحب جي علمي فضيلت ۽ اعليٰ ڪردار جا ڪيترائي دليل هنن ڪتابن ۾ موجود آهن. اهو سندن علم ۽ ڪردار جي طاقت جو اثر هو، جو سنڌ جي تاريخ جو هڪ سفاڪ ۽ بي رحم حاڪم مرزا باقي به سندن آڏو عاجزي اختيار ڪئي آهي. خير ۽ ڀلائي بارگاهه الاهي جي محبوب ۽ مقبول انسانن مان هئڻ سبب کين نَوَ لکي گودڙي به چيو وڃي ٿو.سندن  ڪمال مشاهدو ۽ بصيرت اها هئي، جو پوريل اکين سان به  پرينءَ جو مشاهدو ماڻيندا رهيا:

اُپٽيان ته انڌيون پوريون پرين پسن

آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي.

(ملفوظات،ص305 )

اڄ تائين هر سھائي سومار تي خاص ڪري ذوالحج جي سومار تي سڄي ملڪ مان پانڌيئڙا سفر ڪري هالا پھچن ٿا. مخدوم نوحؒ جي فڪر ۽ عملي ڪردار جو اثر هن خاندان ۾ اڄ تائين موجود آهي. هالا، نيو سعيدآباد ۽ ڀرپاسي ۾ سندن زمينون آهن، پر ڪڏهن به ڀرپاسي جي ڪنھن ڪڙمي جي زمين يا پاڻيءَ تي ڪو قبضو يا جهيڙو نه ٿيو آهي. ماڻھو سک امن سان زندگيءَ گذاري رهيا آهن. هالا شھر ۾ سندن ڪيترن ئي قيمتي پلاٽن تي ماڻھو گهر جوڙي  ويٺا آهن. باوجود سياسي اثر جي عام سياتدانن جيان پنھنجي اثر کي وڌائڻ لاءِ ڪو به نامناسب غير انساني قدم نظر نه ٿو اچي. خاص طور مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جي ڪردار کي ياد ڪندي، وڏي عمر جي بزرگن جون اکيون ۽ دل ڀرجي اچي ٿي ۽ روئي پون ٿا. سرور نوحؒ جي گاديءَ جو حق ادا ڪندي مسڪينن، لاوارثن ۽ هيڻن جي همدرديءَ لاءِ سندن دروازا سدائين کليل رهيا.اسان جي علائقي جو بزرگ ميون ڇٽو فقير ڪاڪو، مخدوم  نوح سرورؒ جو مريد ۽ معتقد ٿي گذريو آهي، جنھن ڪري ڪاڪا برادري  جي اڪثريت اڄ تائين ان تعلق کي نڀائيندي اچي. درگاهه تي يا گهرن ۾ به وڏي عمر جا مرد توڙي عورتون مخدوم نوح سرورؒ جا ڏهر ڏيندا رهيا آهن. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي سرپرستي، مريدن جي ڏک سک ۾ مالڪي ڪرڻ ۽ حق انصاف جا ڪيترائي قصا  ماڻھن کي اڄ به برزبان ياد آهن. جن کي به قلم بند ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي اهو تسلسل هو جيڪو مخدوم نوحؒ جي دور کان شروع ٿيو. سندن خير ۽ ڀلائي وارو ڪردار  تصوف جي باريڪين کان واقفيت ، قرآن فھمي ۽ ٻيون ڳالھيون زباني توڙي تحريري صورت ۾ محفوط ٿيل هڪ خزانو آهي. هن ذريعي سنڌ جي تصوف جي هڪ نرالي صورت دنيا جي سامھون اچي ٿي ته سنڌ جو صوفي پنھنجي عمل ۽ ڪردار ذريعي ڪنھن به جابر ظالم جي اڳيان ناهي جهڪيو. هن سدائين خلق جو خير گهريو آهي. دنياوي لوڀ لالچ کان پري رهيو رهيو. شريعت، طريقت ۽ معرفت جو رستو پاڻ تائين محدود ڪرڻ بجاءِ عام ڪيو. سندن ڪردار صرف هڪ مجذوب صوفيءَ تائين محدود نه هو، بلڪه هڪ عالم جيان انساني سڌاري ۽ خدمت وارو پاسو به نمايان آهي.جنيد بغدادي فرمائي ٿو: ”عالمن جو سارو علم ٻن حرفن تي منحصر آهي تصحيح ملت ۽ تجريد خدمت“.(مقالات الاولياء، ص 64 ) تصوف آهي اندر کي اجارڻ ،الاهي صفتن جاجيڪي جز انسان ۾ آهن انھن کي زور وٺائڻ، ڌڻيءَ سان ويجھڙائي پيدا ڪرڻ، پنھنجو قدر قيمت ڄاڻڻ جو نالو. هن تصنيف ۾ پڻ اهڙا فڪري نڪتا نمايان آهن. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هي ڪتاب سنڌ جي تصوف جي تاريخ بابت هڪ اهم ماخذ جو اضافو آهي، جيڪو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾  ترجمو ٿي، سنڌي ادبي بورڊ پاران هن سال (2025ع)  ۾ شايع ٿيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org