ادل سومرو

منھنجو تعارف
منھنجي ڪَوتا
نياز پنھور سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ ئي گهمندو رهيو
آهي ۽ ڪنھن هن کان پڇا نه ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪنھن هن
کان سندس سڃاڻپ پڇي آهي ته هن چيو آهي ته:
ڪارڊ سڃاڻپ وارو ڪونھي
منھنجو تعارف، منھنجي ڪوَتا.
(ص 65)
نياز
پنھور، شاعر هو، شاعر آهي ۽ شاعر رهندو. هن جو
سڃاڻپ ڪارڊ شاعري آهي. ڪنھن زماني ۾ هُن، صحافتي
ڪمبل، معاشي سرديءَ کان بچڻ لاءِ پاتو هو، پر پوءِ
اهو ڪمبل هن سان چنبڙي پيو هو. هُن جتن ڪيا پر
ڪمبل هن کي نه ڇڏيو. انھيءَ دور ۾ هو ”جادو ۽
سائنس“ واري ايم.سومار سومري سان مھراڻ اخبار ۾ ڪم
ڪندو هو، هو ڪڏهن ڪڏهن مارڪيٽ ٽاور وٽ کير پيئندي
نظر ايندو هو. ايم.سومار سومري جھڙي جينيئس
ماڻھوءَ کي اخبار ڳڙڪائي وئي. هن جي آتم ڪٿا جو
مسودو، گائيڊون ڇپيندڙ پبلشر، شاهه ولايت واري وٽ
آهي، يا گم ٿي ويو، ڪا خبر ناهي. اسان جي سماج ۾
ايم سومار سومري، جهڙن ڏاهن لاءِ ڪا گنجائش ناهي
هوندي، نياز پنھور جي سادگي ڏسو جو هو چوي ٿو ته:
”چاليھه سال گذرڻ جي باوجود، هڪ شاعر جي حيثيت سان
مون ڪڏهن به اِها تمنا نه ڪئي آهي ته مون کي شاعر
تسليم ڪيو وڃي.“
يار اِها به ڪا ڳالھه آهي! شاعر آهين ته آهين:
تنھنجي تخليق جي ناوَ هلي ٿي پئي، ڪڏهن ڪڏهن توکي
ننڊ اچي ٿي وڃي پر تنھنجي شاعريءَ جي ٻيڙي ته
هلندي رهندي. باقي زندگيءَ لاءِ تو سچ لکيو آهي ته
”شروع به پنھنجي مرضيءَ سان ٿيندي آهي ته ختم به
پنھنجي مرضيءَ سان ٿيندي آهي“. اِها حقيقت آهي ته
اُن ۾ اسان جي ڪا مرضي شامل ناهي. شوڪت شورو، نياز
پنھور کي پنھنجو ننڍو ڀاءُ سمجهندو هو. هن جو به
خيال هو ته: ”نيازَ، ٿوري ۽ سُٺي شاعري ڪئي آهي.
صحافت جي جهنجهٽ هن کي شاعريءَ کان کان پري ڪري
ڇڏيو آهي. (ص 44)
پر نياز پنھور ته صحافت کي جهنجهٽ نه ٿو سمجهي. هن
انھيءَ ”جهنجهٽ“ مان مڪمل سُرور ورتو آهي. 10 سالن
جي عُمر کان شاعري ڪندڙ نياز پنھور ڀاڳن وارو آهي،
جو کيس گهرواري پاسي کان به آزادي مليل آهي ۽
1990ع کان پوءِ به هو 1990ع کان اڳ جهڙي زندگي
گذاري رهيو آهي. اسان جي ڀاڄائيءَ جي فراخدلي ڏسو
جو نياز کي چوي ٿي ته: ”توهان شاديءَ کان اڳ ۾
جنھن ڇوڪريءَ لاءِ شاعري ڪندا هئا، هاڻ به ان لاءِ
ئي ڪندا ڪريو. بس منھنجي ته اِها ئي خواهش آهي ته
نياز، گهڻي کان گهڻي شاعرڪري، جيڪا سندس پھرين
سُڃاڻپ آهي. (ص 101).
بس هڪڙو ڀيرو پيار منجهان
اُن شخص جو وٺجان نانءُ مٺي!
اُن شخص جو نالو ”نياز“ آهي.
)ص-137
ش(
نياز پنھور کي سندس شاديءَ جي ڪارڊ ”ڪاوش“ اخبار
جي نيوز ايڊيٽري ڏياري ۽ پوءِ هو صفا سُڪَ ٿي ويو.
شڪل صورت مان گُرو يا درويش لڳندڙ نياز پنھور
واقعي به پنھنجي مزاج ۽ رويي ۾ هڪ درويش آهي.
دنيا نَيازَ! حَسين اٿئي
شاعر جي ارمان جيان.
ص 98 ش
هڪ شاعر جي حيثيت ۾ نياز جا به ڪيئي ارمان هوندا،
ڪي خواهش هونديون، ڪي پوريون ٿيون هوندس، ته ڪي
رهجي ويون هوندس. ننڍپڻ ۾ اِها خواهش هوندي هيس ته
هو وڏو ٿي خان محمد پنھور ٿيندو. هو خان محمد
پنھور ته نه ٿي سگهيو، پر هُن جا ڪجهه گُڻ نياز ۾
سمائجي ضرور ويا آهن.
نياز آهي ته هُن ۾ نيازمندي به آهي. شاعرن کي ڪڏهن
ڪڏهن انڪساري، عاجزي يا نيازمندي مھانگي پوندي
آهي. دنيا انھن جي نيازمنديءَ جو قدر ڪرڻ بدران
کين لتاڙي ويندي آهي. پيارو نصير مرزا پنھنجي دور
جو منفرد ۽ يگانو شاعر آهي. کيس به انڪساري، ورثي
۾ ملي آهي. اُن ڪري پنھنجي شعري مجموعي جو نالو
رکيائين: ”ٿي نه سگهيس شاعر“ يار اها به ڪا ڳالھه
آهي. ايترو خوبصورت شعري مجموعو، جنھن جي ٽائيٽل
تي پنھنجي اُها تصوير ڏني اٿائين، جنھن ۾ هو
شاعري تخليق ڪندي نظر اچي ٿو. وري چئي ٿو: ”ٿي نه
سگهيس شاعر“.
جيڪڏهن نصير مرزا، شاعر نه ٿي سگهيو ته پوءِ نياز
پنھور شاعر ڪيئن ٿي سگهندو!
نياز پنھور وٽ به پنھنجي شاعريءَ جي باري ۾ ساڳي
نيازمندي آهي، ته کيس شاعر نه به سمجهيو وڃي، ته
کيس ڪا پرواهه ناهي. چنڊ سان گڏ جاڳي ٿو، اڪيلو ۽
اداس رهي ٿو، ڪنھن کي ياد ڪري ٿو ۽ پوءِ به
شاعريءَ کي پنھنجو نه ٿو ڪري:
ادب چنڊ
آءٌ ۽ چنڊُ جاڳندا ٿا رهون،
لوڪ سارو سمھي رهيو آهين
ص55 ش
وري پاڻ کي ڪوي چئي مخاطب به ٿئي ٿو:
هاءِ ڪوي! تو دل جا اڌما
چئن سٽن ۾ ڪيئن سمايا.
ص-53 ش
*
ننگا وڻ، يتيمن جھڙا
پن نڌڻڪا، پن ڇڻ رُت ۾
*
تو ته مٽايا ماڳَ گهڻائي
منھنجا پو به نه رستا بدليا.
*
نياز پنھور! تُون گيت چوين ٿو
ڪوهيڙي مان سج نڪري ٿو.
ڪيترو نه پُر اميد شاعر آهي، پر هن کي اِهو به
وسارڻ نه گهرجي ته شاعري به محبوبه جيان وقت گهري
ٿي. ٿڪلُ، پاروٿو يا ورهايل وقت اُها قبول نه ٿي
ڪري.
شھزادي عالم ارواح مان سائين امداد حسيني به شادي
پليءَ جي نياز پنھور کي اِها صلاح ڏئي ٿو، ته
تنھنجي سڃاڻپ جا ٻيا حوالا ڀلي معتبر هجن پر ....!
تنھنجي شاعريءَ جي
ناوَ هلندي رهي.
رکيل مورائي

دل جو اداس خاڪو
نئين احساسداري، نئون اتساهه جيڪو حالتن سان منھن
ڏيڻ ۽ اڄ جي حالتن ۾ پنھنجي شرطن سان جيئڻ، وقت
سان ۽ سندس تلخين سان منھان منھن ٿيڻ جي سگهه
بخشيندو آهي ۽ هر وک اڳتي کان اڳتي کڻڻ جو سبب
بڻجندو آهي، ان اُتساهه رحمت پيرزادي کي نه وڻندڙ
ماحول ۾ به پاڻ کي وقتي طور ايڊجسٽ ڪرڻ سيکاري
ڇڏيو آهي. اُهو هن جو اڄ جو جيئڻ ٻڌائي رهيو آهي.
سرجڻ ۽ جيئڻ ٻه الڳ ڏسائون آهن، ٻنھي سان هڪ وقت
جي ننڍڙي دائري نڀاءُ ڪرڻ گهڻو اوکو ته آهي ئي پر
شايد ناممڪن نه آهي. رحمت مون کي اهڙي مثال ڏيڻ
وارو نوجوان شاعر/دوست ڀاسندو آهي، هونئن اهي
سڃاڻپون کيس ورثي ۾ به مليون آهن ۽ هلندڙ عمر جي
گهريلو ساٿ ۾ به سنڌو ان ساٿ جو اڻ ٽُٽُ حصو بڻيل
آهي، اهڙو ڀاڳ ڪن ٿورن جي جيون جو حصو هوندو آهي،
رحمت پيرزادي جو ته آهي ئي آهي.
ڪجهه لکڻ جو ساٿ/سرجڻ جو ساٿ لکندڙ لاءِ وڏي ۾ وڏو
اتساهه بڻبو آهي، رحمت جي اتساهه ۾ لکڻ جو اُهو
ساٿ به شامل آهي، جيڪو سندس زندگيءَ لاءِ به واڌو
اتساهه آهي. هونئن منھنجو من پسند ليکڪ آنند
کيماڻي چوندو آهي، ”لکڻ/ادب زندگيءَ کان فرار
آهي.“ رحمت جو ڪمال اهو آهي ته هن فرار ۾ زندگي
ڳولي لڌي آهي ۽ اها به نھايت ڪامياب اڄ جي تاريخ
تائين!
هن جي نظمن ۾ سندس ”اڄ“ ان ڪري (شايد لفظ وچ ۾ نه
آڻيندي) رحمت جو نظم مون کي فرار کان زندگيءَ
ڏانھن جو سفر لڳندو آهي، عمل ابتو آهي پر وڻندڙ
آهي. لکندڙ سدائين زندگيءَ کان فرار ڏانھن ويندڙ
رستي جي تلاش ڪندو آهي، رحمت پيرزادي جو نظم ان
عمل کي لڳاتار رد ڪندو رهي ٿو. اهو زندگيءَ ڏانھن
شفي پاسو آهي ۽ رحمت جي نظم کان ٻاهر به سندس
سموري شاعراڻي پرڪريا ۾ ائين آهي.

رحمت پيرزادي جو تازو ڪتاب ”دل جو اُداس خاڪو“
منھنجي هن لکڻ لاءِ هڪ اُتساهه کڻي اچڻ وارو ان
ڪري به آهي جو هيءُ سمورو ڪتاب پابند نظمن جو آهي،
پابندي جنھن سنڌي اڄ جي شاعريءَ کان ”نئون سوچڻ“
جو ۽ اظھارڻ جو اتساهه نپوڙي ۽ نھوڙي الڳ ڪري ڇڏيو
آهي، حالتن جي ڪڙائي لکندڙ جي سھپ کان ايترو پري
هلي وئي آهي، جو اڄ جو نوجوان شاعر انھيءَ سموري
عمل کان هڪ نئين فرار ڏانھن وڌي رهيو آهي، جنھن کي
ڪنھن الڳ لفظ جي معنيٰ ڏيئي رهيو آهي. جيڪا هڪ
نئون رومانس آهي، حقيقت کان ڪوهين ڏور! وقت ۽
کِڻِن کي جيئن جو تيئن ڏسڻ هن جي وس ۾ نه آهي، اهو
هڪ نئون فرار آهي، سھڻن لفظن ۾ وقت جي تلخي ماپي
نه سگهندي آهي. اڄ جو تيزيءَ سان بدلجندڙ دور
ويچار جي ڄار ۾ ته ماپي سگهي ٿو/ لفظن جي رومانس ۾
ڦاسي نه سگهندو.
”دل جو اُداس خاڪو“ نالو، ڪتاب بابت هڪ رومانس
ظاهر ته ڪري رهيو آهي پر ڪتاب جي هر پني تي اڄ جي
تلخ زندگيءَ ۽ حالتن جي اپٽار ڪري ٿو ”اڄ“ کان
فرار ممڪن نه آهي، زندگيءَ جو ”سچ“ الڳ آهي، جيڪو
رحمت پيرزادي جي هن ڪتاب جي نظمن ۾ نھايت
خوبصورتيءَ سان ظاهر ٿيو آهي، جيڪو سچ سندس
ٻلھڙيجي ۽ سڪرنڊ واري زندگيءَ ظاهر نه ڪري سگهي
ها، ”اتي مان شايد لفظ جو سھارو نٿو وٺان“ جو رحمت
پنھنجي نظمن ۾ اهڙو ڪجهه سوچڻ جي گنجائش نه ڇڏي
آهي.
رحمت پيرزادي جا نظم پنھنجي پنجوڙ ۾ ان ويچار جي
آزاديءَ کي جڪڙي نه سگهيا آهن، اُهي جنھن آزاديءَ
جا گهرجائو آهن، اها آزادي نظمن ۾ جيئن جو تيئن
پنھنجو روپ ظاهر ڪري سگهي آهي، رحمت جي نظمن جي
اها خوبي آهي. ڪو به نظم ڏيڻ کان وڌيڪ سٺو لڳندو
ته مان انھن نظمن جا عنوان ڏيان، پڙهڻ وارو انھن
مان وقت ۽ حالتن جي ڏاڍ کي آسانيءَ سان جاچي
سگهندو.
مثال طور نظم ”آخر پڪڙيا وياسين“، ”زندگي موت جو
الارم“، ”سار جو سگريٽ ٻرندو ٿو رهي“، ”جدائي“ ۽
ٻيا گهڻا نظم، جيتوڻيڪ رومانس يا رومانوي ڌارا سان
جڙيل هوندي به پنھنجي حالتن جي تلخيءَ مان اسرن
ٿا. ”رات“
نظم جون هيءُ سٽون پاڻ ڳالھائين ٿيون.
زهر کي ذات ۾
شامل ٿو ڪيان
پوءِ ٿو لکان.
يا، نظم جون هي سٽون:
ديوارون هر در، گهٽيون گهر ساڳيان هن،
هو جو هڪڙو شخص، هٿن مان نڪري ويو.
يا
تون به نه ساڳيو،
مان به نه ساڳيو،
ساڳي سونھن نه تاب
دنيا ساري خواب
يا
هاڻ هوءَ
هر مقدر جي انڌاري رات کي،
پنھنجي پيرن سان لتاڙي ٿي سگهي،
هي نه آهن ڪي فرشتا،
۽ نه آهن ڪي وڏا عالي جناب،
هي نسل در نسل خانا خراب.
رحمت پيرزادي پنھنجي نظم ۾ وقت کي بنھه چٽي نموني
پنھنجي سموري سٺائيءَ توڻي بڇڙائيءَ سميت ظاهر ڪيو
آهي، پوءِ به سنڌي هلندڙ شاعريءَ وانگر هن جو
”چوڻ“ ٻوليءَ جي خوبصورت اظھار هيٺ اڻ چٽو رهجي
وڃي ٿو. ٻوليءَ جي خوبصورتي اهم بڻجي وڃي ٿي ”چوڻ“
غير اهم بڻجي ٿو ته سمجهڻ گهرجي اسان وٽ ٻوليءَ جو
ورثو ڪيترو مظبوط آهي، اڄ جي لکندڙ کي ان رومانس
مان ڪنھن به طرح جان ڇڏڻ گهرجي، مان چوڻ اهو
چاهيندس ته ڪو به رومانس ”زندگيءَ کان فرار“ لفظ
جي هم معنيٰ آهي، جنھن کي هن دور ۾ قبولي نه ٿو
سگهجي.
زندگيءَ کي جيئن جو تيئن اظھارڻ، وقت ۽ حالتن سان
منھان ٿيڻ شاعر لاءِ بنھه ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته
ڪالھه جو پتو اڄ کي پئجي نه سگهندو ۽ اڄ جو پتو
صبحاڻ کان لڪي ويندو ٿيڻ نه گهرجي. جيڪا ڪوشش رحمت
جي هن ڪتاب ۾ شامل نظمن مان گهڻي چٽي ٿي رهي آهي،
اها سندس حالتن کي قبولڻ واري ڪامياب ڪوشش آهي،
جنھن ڏانھن هو لڳاتار وڌي رهيو آهي، سرهائي ڏيندڙ
ڳالھه آهي.
ڪتاب ”دل جو اداس خاڪو“ بنهه اداس نه آهي، ڇاڪاڻ
ته اُهو وقت سان نبرڻ به چاهي ٿو ته پنھنجي اصولن
سان هلڻ به چاهي ٿو. اها منجهس قوت جاڳي آهي، پڪ
سان هو ان قوت سان ئي رومانس جي فرار کان الڳ ٿي
حقيقي زندگيءَ جي ويجهو ٿيندو ۽ زندگي جي
سچ/ڪڙائيءَ کي محسوس ڪندو ۽ اظھاريندو. شاعري جو
سفر ائين پنھنجي وقت جي سمورين ڪڙاين، توڻي مٺاين
سان اڳتي اڃا به اڳتي وڌندو، رحمت مان اهڙي اميد
رکڻ اجائي نه هوندي.
سندس هيءُ ڪتاب هڪ سؤ ڏهن صفحن جي پکيڙ تي آهي،
جنھن ۾ مڙئي نظم پابند نظم آهن. پڪي جلد ۽ وڻندڙ
ٽائيٽل واري هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سندس دوست ۽
نالي ڀائي رحمت سومري لکيو آهي، سنڌي ڪتاب مھاڳي
بار پنھنجي مٿان لاهي رهيا آهن، سٺو سنئوڻ آهي،
ڪيترائي بار سنڌي ڪتاب کي پاڻ مٿان لاهڻا آهن، جن
جي شروعات ٿي چڪي آهي، ريکائون پبليڪيشن ڪراچي
پاران ڇپيل هن ڪتاب جو مُلھه ٽي سئو رپيا گهڻو نه
آهي، مناسبيت کي واکاڻ جي ويجهو آڻڻ کپي ۽ بس!
قاضي غلام علي ٺٽوي

قطب القطاب سيد شاهه مراد شيرازيرح
سنڌ ولين، صوفي بزرگن ۽ درويشن جي سرزمين رهي آهي.
جنھن پنھنجي زمين تي ڪيترن ئي الله وارن کي جڳهه
ڏني آهي. انيڪ ڪامل ولين درويشن مان هزارين الله
وارا اولياء پنھنجي مختلف درجن تي فائز رهيا. جن ۾
غوث، قطب، قلندر پڻ ڳڻي سگهجن ٿا. سڄي سنڌ ۾ ٺٽو ۽
مڪلي تمام وڏي اهميت رکن ٿا. مڪلي جي شھر خموشان ۾
الله جي صالح بزرگن سان گڏ قطب الاقطاب سيد حسين
شاهه عرف شاهه مراد شيرازي جو نالو پڻ قابل فخر
آهي.
حضرت شاهه مراد شيرازي جي ڄمڻ جي خبر شيخ عيسى
لنگوٽي ڏني هئي، جيڪو پنھنجي وقت جو وڏو ڪامل بزرگ
هو. ان کان علاوه ٺٽي شھر ۾ ڪامل بزرگ حضرت شاهه
گوهر گنج پڻ اها خبر سندس والد سيد احمد شاهه کي
ڏني هئي. ”تحفة الڪرام“ موجب سندس ڄمڻ جو سن 831هه
”قرة العين“ (معنيٰ: اکين جو ٺار) سن مان نڪري
ٿي. هو ڄام فتح علي خان ولد ڄام سڪندر خان سمي جي
حڪومت ۾ ڄائو هو. ڄمڻ کانپوءِ اکيون نه ٿي
کوليائين. شيخ عيسى لنگوٽي کي وڃي ٻُڌايائون، ته
نئون ڄاول ٻار اکيون نه ٿو کولي. ته پاڻ هڪدم سندس
زيارت جي لاءِ ڊوڙي وٽس پھتو، ته هن ٻارڙي شيخ
عيسى جي اڳيان پنھنجيون اکيون کوليون. ان تي شيخ
عيسى لنگوٽي چوڻ لڳو، ته هي اهو بزرگ آهي، جنھن جي
مريديءَ جي لاءِ مون انتظار پئي ڪيو، الحمدلله اڄ
منھنجي مراد پوري ٿي. جنھن کان پوءِ شيخ عيسيٰ
لنگوٽي جي ٽئي ڏينھن وفات ٿي وئي.
سيد حاجي محمد حسين صفائي سندن شان ۾ ڪتاب ”تذڪرة
المراد“ ۾ لکيو آهي ته، سندن ذات سڳوري جو مَٽُ
گذريل خواهه ايندڙ زماني ۾ به ڪو ورلي پيدا ٿيو يا
ٿيندو.
ڪيترائي مشائخ سندس مريديءَ تي فخر ڪندڙ آهن. هڪ
تمام وڏي جماعت سندس مريدي جي فيض سان فيضياب ٿي،
ولين ۽ متقين جي سلسلي ۾ شامل ٿي. پاڻ شريعت جي
پابندي وعظ، تصوف ۾ پنھنجا برڪت ڀريا ڏينھن
گذاريندو هو. ”تحفة الڪرام“ جي مصنف مير علي شير
قانع ٺٽوي موجب ته حضرت شيخ بهاؤالدين ذڪريا
ملتاني جو پوٽو شيخ صدرالدين ٺٽي ۾ آيو، ته سندس
زيارت ڪيائين ۽ ٻئي بزرگ گڏجي ٺٽي جي وڏي جامع
مسجد جنھن کي مسجد ولي نعمت سڏجي ٿو، اها مسجد اصل
۾ سمن بادشاهن جي ٺھرايل آهي. ٻئي بزرگ اتي آيا.
مسجد طرف رستي ويندي شيخ صدرالدين هڪ مئل ٻلي کي
ڏسي فرمايو، ”هڪدم زنده ٿيءُ“، ته ٻلي هڪدم اُٿي
کڙي ٿي وئي. حضرت شاهه مراد شيرازي مسجد ۾ ويھي هڪ
خادم کي فرمايو ته ٻاهر وڃ ۽ ڪوبه ماڻھو ڏسين ته
ان کي وٺي اچ، خادم هڪ برهمڻ کي ڏٺو ته ان کي مسجد
۾ وٺي آيو. برهمڻ، سيد صاحب جي ڪرامت سان منبر تي
چڙهي واعظ ڪرڻ لڳو ۽ بسم الله لفظ جون 14 معنائون
ٻڌايائين. اُتي سيد، شيخ کي چيو ته مئل کي جيئرو
ڪرڻ بدعت آهي،ڇو جو ماڻھن کي ائين ڪرڻ سان ايذاءُ
پھچي ٿو ۽ موت جو عذاب ۽ ايذاءُ وري وري چکڻو پوي
ٿو، پر مئل کي جيئارڻ ۾ مشائخن جو هڪ طريقو آهي.
شيخ فرمايو ته توهان مشائخن جي مراد آهيو.
ٺٽي جي مسجد صفا سيد شاهه مراد شيرازيرحه
جي آثارن مان آهي. اتي هندن جي هڪ مڙهي هوندي هئي
هن مڙهي جو ذڪر رسالي ”تذڪرة المراد“ ۾ موجود آهي.
اها مڙهي ڄام نطام الدين سمي حاڪم جي وزير لکيسر
هندو جي هئي. جنھن ۾ بتخانو به موجود هو. ان وقت
لکيسر هندو، سائين جن وٽ پنھنجي پوٽي جي حق ۾ دعا
گهرائي. سائين جن فرمايس ته تون هن کي چئو، اتر
طرف وڃي رهو اتر پاسي ڏانهن جيڪو شھر هوندو، اهو
تنھنجي پوٽي جي نالي سان مشھور ٿيندو.
حضرت شاهه مرادرحه جي شادي قاضي نعمت
الله عباسي جي خاندان مان ٿي هئي. حضرت شاهه مراد
شيرازي جو لباس پيغمبري لباس وانگيان شريعت محمدي
۽ تقوى وارو هو . سندس لباس ۾ چادر، پھراڻ ۽ دستار
هوندا هئا. پاڻ اڪثر ڪري سوٽي ٿُلھو ڪپڙو پھريندا
هئا. ڳاڙهي رنگ وارو ڪپڙو ڪونه پھريندا هئا، جڏهن
ته سفيد رنگ وارو ڪپڙو بيحد پسند ڪندا هئا. پاڻ
سمھڻ جي لاءِ ريشمي ڪپڙي جي رلي/ سوڙهه استعمال
ڪندا هئا. حضرت شاهه مراد شيرازي پھريل ڪپڙن ۾
ڪڏهن تڏي تي ۽ ڪڏهن خالي زمين تي آرام ڪندا هئا،
ته ڪڏهن وري بستري تي به آرام ڪندا هئا. بستري تي
ٽن ڏينھن کان وڌيڪ آرام ڪونه ڪندا هئا. پاڻ جڏهن
پھران پھريندا هئا، ته ان جو پلاند بڪين تائين
هوندو هو. پاڻ لباس ساڄي پاسي کان پائيندا ۽ کاٻي
پاسي کان لاهيندا هئا، پٽڪو سفيد ململ جو ٻڌندا
هئا ۽ ان جي مٿان ڪاري رنگ جي پڳ به ٻڌندا هئا.
حضرت شاهه مراد شيرازيرحه نماز باجماعت
ادا ڪندا هئا.
حضرت سائين جن کي ڪوبه مريد ٻاهران بيھي سڏ نه
ڪندو هو جيستائين پاڻ حويلي مان ٻاهر اچن،
تيستائين مريد انتظار ڪندا رهندا هئا. پاڻ اڪثر
ڪري مريدن کي صحي حديثون ٻڌائيندا هئا ۽ ڪيترن ئي
حديثن بابت مريدن کي تلقين ڪندا هئا. گهڻا مريد
سائينجن کان حديثون ٻُڌي لکي ڇڏيندا هئا.
ڪرامتون:
1. هڪ ڏينھن پاڻ فرمايائون ته، آءٌ چاهيان ٿو ته
ماڻھن جي الله پاڪ جي راهه ۾ رهنمائي ڪريان ۽
ماڻھن سان گڏ پکي پکڻ کي به الله جي راهه ۾ دعوت
ڏيان. پوءِ ماڻھن سان گڏ پکي پکڻ به اچي گڏ ٿيندا
هئا. سندن نوراني تعليمات مان مريدن ۽ عام ماڻھن
ڪافي استفادو حاصل ڪيو. ماڻھن ڏٺو ته جهنگ جر جا
پکي به ”ذڪر جَھَر“ يعني ڏاڍيان ذڪر الاهي
لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللهُ
ڪري رهيا هئا. اها سندن پھرين وڏي ڪرامت هئي.
2. پاڻ هڪ ڏينھن مسجد جي محراب ۾ ويٺا هئا. کين
ماڻھن هن حالت ۾ ڏٺو ته سندن ٽنگ مبارڪ جي بڪي
سمنڊ جي گجيءَ سان ڀري پئي آهي ۽ سندس پيشاني
مبارڪ مان پگهر وهي رهيو آهي ۽ سندس هٿ مبارڪ مان
کاري درياءَ جي پاڻيءَ جا ڦڙا وهي رهيا آهن. سندن
خادم اها ماجرا معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ
فرمايائون، سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ کي سامونڊي طوفان ۽
برسات جو خطرو محسوس ڪري رهيو هئس. ان ٻيڙيءَ ۾
منھنجو خادم به موجود هو، جيڪو بلڪل قريب الموت
هو. ان مون کي پڪاريو ”يا مرشدي يا مرشدي“ مون ان
پريشان حال جو آواز ٻُڌو پوءِ ٻيڙيءَ کي هٿ وجهي
طوفان کان بچائي ورتم، ڇو ته ان ٻيڙيءَ جي غرق ٿيڻ
جو خطرو هو. ان کان پوءِ ان ٻيڙيءَ وارا ماڻھو
سندن خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا. هنن جيڪي به نذرانو
آندو سڀ فقراء ۾ تقسيم ڪري ڇڏيائون. ان مجلس ۾ پنج
هندو به مسلمان ٿيا.
3. حضرت شاهه مراد شيرازي جي مريدن مان ڪنهن مريد
کين دعوت ڏني هئي. پاڻ مريدن جي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ
جي لاءِ وڃي رهيا هئا، ساڻن گڏ مريدن جي هڪ وڏي
جماعت هئي. رستي ۾ ڄام نظام الدين سمون جو هڪ
ملازم، جيڪو سندن مريد پڻ هو، اهو پنھنجي گهر جي
ماڙي اڏائي رهيو هو. جڏهن حضرت شاهه مراد شيرازي
کي ڏٺائين، ته هڪدم هيٺ لهي آيو ۽ اڳيان اچي سندن
قدم بوسي ڪيائين. حضرت شاهه مراد شيرازيرح
کانئس پڇيو ته هي ماڙي ڇا لاءِ ٿو اڏائين؟ جنھن تي
هو چوڻ لڳو، ته ڄام صاحب مون کي ڪجهه خدمتون
سونپيون آهن ان ڪري مون وٽ ماڻھن جي اچ وڃ تمام
گهڻي آهي ۽ گهر جي جاءِ تنگ آهي تنھنڪري ماڙي
اڏايان پيو. تنھن تي شاهه مراد کانئس پڇيو، ان
ماڙي ٺھرائڻ تي تخمينو گهڻو آهي؟ ان مريد وراڻيو،
ته يارنھن سؤ رپيا تخمينو آهي. پاڻ ان کي چيائون
ته هن ”قصر فاني“ جي عيوض ”مڪان جاويداني“ خريد
ڪر. ان مريد حڪم ملندي ئي يارنھن سؤ رپيا سندن
خدمت ۾ پيش ڪيا. پاڻ مريد کي حڪم ڏنائون ته هن مان
طعام پچائي غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيو. ان کان
پوءِ پاڻ هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو گهرايائون. ان تي هن طرح
لکيائون، ”اي الله عزوجل جي تنھنجو بندو، حضرت
محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو ۽ منھنجو مريد
آهي، هن فاني ٻني کي ڇڏي گلشن جاودانيءَ جي اُميد
رکي ٿو، هن کي غيب مان گلشن جاوداني عطا فرماءِ.“
هن کي اهو ڪاغذ ڏئي پاڻ دعوت طرف روانا ٿي ويا.
شاهه مراد کي ماڻھن چيو ته اهو ڇا هو؟ پاڻ
فرمايائون، ته هن ماڻھوءَ جي عمر جا اُهي آخري
لمحا هئا. اُن ماڻھوءَ کي ٺيڪ ٽن ڏينھن کان پوءِ
بخار آيو ۽ اهو ماڻھو وفات ڪري ويو. پُٽن کي وصيت
ڪيائين، ته هي ڪاغذ جو ٽڪرو منھنجي ڪفن ۾ وجهي
ڇڏجو. جڏهن ٻن ڏينھن کان پوءِ پُٽ سندس قبر تي
ويا، ته ڏٺائون ته جيڪو ڪاغذ جو ٽڪرو ڪفن ۾ رکيو
هو، اهو قبر جي مٿان پيو آهي. جنھن کي پاڻ سان گڏ
کڻي آيا. جڏهن ٽئين ڏينھن شاهه مراد شيرازي فاتحه
خواني لاءِ وٽن آيو، ته اهو ڪاغذ جو ٽڪرو بزرگ کي
ڏيکاريو ۽ پوءِ سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائون. سائينجن
جڏهن اهو ڪاغذ جو ٽڪرو ڏٺو ته مٿن ٻيا ڪجهه اکر به
تحرير ٿيل هئا. جنھن جو مضمون ڪجهه هن طرح هو،
”حضرت شاهه مراد شيرازي رح جيڪو ڪجهه ان ڪاغذ تي
اوهان لکي ڏنو هو، الله رب العزت اهو سڀ ڪجهه مون
کي عطا ڪري ڇڏيو. الله پاڪ مون کي ٻنهي جھانن جي
مصيبتن آفتن کان نجات ڏياري.“ اُن تحرير بعد حضرت
سائينجن ٻه رڪعتون نفل شڪراني جا ادا ڪري مريدن ۽
خادمن جي حق ۾ دعا ادا ڪئي.
حضرت شاهه مراد شيرازيرحه کي عباسي
قاضين مان شادي ڪرڻ بعد ٽي عالي گوهر فرزند ۽ ٽي
پاڪ دامن نياڻيون پيدا ٿيون. پُٽن ۾ سيد منصور
شاهه، سيد نعمت الله شاهه ۽ سيد حماد شاهه هئا،
حضرت شاهه مراد شيرازيرحه پالڪي نشين
هئا. سندن خاندان مان اڄ ڏينھن تائين سندن اولاد ۾
سيد گلبهار علي شاهه ۽ سيد اسماعيل شاهه پالڪي
نشين آهن.
سائينجن جي وفات جو سال ”تحفة الڪرام“ ۽
”معارف الانوار“ موجب 12 ربيع الاول 893 هجري آهي.
سندن مريد جو تعداد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهي.
هر مھيني 14 شريف تي حاضري به ڏيندا آهن.
مددي ڪتاب:
1.
مڪلي نامو، مير علي شير قانع ٺٽوي، ايڊٽ: حسام
الدين راشدي مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ.
2.
تحفةالڪرام (سنڌي) مير علي شير قانع ٺٽوي مترجم
مخدوم امير احمد، مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ.
3.
تحفةالڪرام (اردو) مترجم: اختر رضوي، مطبوعه سنڌي
ادبي بورڊ.
4.
معيار سالڪان طريقت، مير علي شير قانع ٺٽوي،
مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ.
5.
ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون، سيد حسام الدين راشدي،
مطبوعه ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ.
6.
معارف الانوار، سيد صالح محمد ذڪريا حسيني ٺٽوي
مترجم: حافظ حبيب سنڌي.
7.
تذڪرة المراد، سيد محمد حسين صفائي، مترجم: ڊاڪٽر
عبدالرسول قادري، مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ.
8.
انسائڪلو پيڊيا آف سنڌيانا جلد يارهون، ص 100،
مطبوعه سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
9.
تذڪره مشاهير سنڌ، (اردو) مولانا دين محمد وفائي
جلد 2، 3، مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ.
10.
لاڙ جي اددببي و ثقافتي تاريخ، ڊاڪٽر غلام علي
الانا، مطبوعه انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي |