سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2025ع

باب:

صفحو:8 

استاد لغاري

 

 

شاھه جي رسالي  ۾ شامل سرائڪي ڪلام ۽

ٻوليءَ جو تحقيقي جائزو

v    تعارفي ڪلمات:

شاھه جو رسالو سنڌي ٻوليءَ جو اهم دستاويز آهي. رسالي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته ان جو سنڌي ڪلام، مختلف ٻولين جي لفظن سان سينگاريل رنگارنگي گلدستو آهي. شاھه جي رسالي ۾ بلوچي، ڍاٽڪي، سرائڪي، سنسڪرتي، عربي، فارسي، مارواڙي ۽ هندي ٻولين جا الفاظ ملن ٿا، جيڪي رسالي جي سنڌي ڪلام جي سُونھن ۾ اضافو ڪن ٿا. شاھه جو رسالو ڄڻ مينھوڳي موسم ۾ اُجري انڊلٺ، اوڙڪون ۽ گھاٽيون گھنگھور گھٽائون آهي. رسالي جي مطالعي مان فن، فڪر، فھم، فراست ۽ فلسفي جا دروازا کُلندا رهن ٿا. رسالي جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو ۽ عاليشان اظھار آهي. مطلب ته شاھه جو رسالو هڪ ئي وقت آرزو ۽ اُمنگ به آهي، ته باک جي ساک به آهي، بسنت ۽ بھار به آهي، ته ٻاجهه ۽ ٻُڪيءَ به آهي. پاٻوهه ۽ پريت به آهي، ته راڳ ۽ ڀاڳ به آهي. اهڙيءَ ريت شاھه جو رسالو سُجود ۽ وُجود، سَڏ ۽ پَڙاڏي، صُورت ۽ سُونھن، فنا ۽ بقا، قيام ۽ قعدي، مُحبت ۽ مُروت ۽ نفي ۽ اثبات جو پيغام به آهي. شاھه جي رسالي ۾ جتي ٻين ٻولين جا الفاظ ملن ٿا، ته اُتي  سرائڪي ٻوليءَ جا بيت، وايون، سِٽُون، داستان ۽ سڄو سارو سرائڪي سُر ”مانجھ“ به ملي ٿو. سرائڪي ٻوليءَ جي سُر ”مانجھ“ (هير رانجھن) بابت محققن جو خيال آهي، ته هيءُ سُر شاھه جو پنھنجو ڪلام ڪونھي. انھي موضوع تي بعد ۾ اچجي ٿو،  پر سڀ کان پھريان رسالي جي سُرن ۾ موجود، سرائڪي ڪلام تي تحقيقي روشني وجھجي ٿي. هي ڪلام رسالي جي مختلف سُرن ۾، سِٽن، بيتن، واين، داستانن ۽ هڪڙي مڪمل سُر جي صورت ۾ موجود آهي.

v    سُر وار سرائڪي ٻوليءَ جون سِٽون:

·               سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي، نِينھَن نيڻين، ڳُڻ ڳالھِيين.1

(هي سُر ڪلياڻ ۾، داستان 2 جي وائي آهي، جنھن جي ٿلھه سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               دِلِ ماهِي دي نال لوڪو! دِلِ رانجھي دي نال لوڪو!2

(هي سُر ڪلياڻ ۾، داستان 4 جي وائي آهي، جنھن جي ٿلھه ۽ پھرين مصرع سرائڪي ٻوليءَ  ۾ آهن.)

·               عشق ساجن دا لڳا مَئن نُون مائِي! بِرهه ڍولڻ دا لڳا..3

(هي سُر ڪلياڻ ۾، داستان 4 جي وائي آهي، جنھن جي ٿلھه ۽ پھرين مصرع سرائڪي ٻوليءَ  ۾ آهن.)

·               عشق تُساڏي مَئن عاجُز ڪِتِي، وو مَيڏي مِيان!4

(هي سُر ڪلياڻ ۾، داستان 1 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               عشق تمام، بِرهه تمام وو! تمام لو!..5

(هي سُر يمن ۾، داستان 3 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               لايا عشق پَلِيتا، نيڻان وي دِلبر دي..6

(هي سُر يمن ۾، داستان 4 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. هن وائيءَ ۾ شاعر جو نالو “احمد” ڪتب آيل آهي.)

·               دِلبر آ، دِلبر آ، يار وو! دِلبر آ.7

(هي سُر بروو ۾، داستان 3 جي وائي آهي، جنھن جي ٿلھه سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               ڪهڙي ويلي جو لڳيان؟ مَئن ڇو ڄاڻان وي لوڪ!8

(هي سُر آبري ۾، داستان 6 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               لوچدا وي لوچدا، ميرا من لوچدا.9

(هي سُر آبري ۾، داستان 7 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               گُهنگھٽ کول کڙِين وي يار! هو بَڻڇِي والا يار!10

(هي سُر سورٺ ۾، داستان 2 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. هن وائيءَ ۾ شاعر جو نالو ”شاھه حُسين فقير“ ڪتب آيل آهي)

·               دِل لائي دُور نه جا، تنھنجي دَرسَ ديوانِي موٽ مِيان!11

(هي سُر پورب ۾، داستان 3 جي وائي آهي. هن جي ٿلھه ۽ پھرين مصرع سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهن. هن ۾ سرائڪي ۽ سنڌي ٻولين جا لفظ، گڏ وچڙ ملن ٿا)

·               ڪَڀِي ڪَرو ڦيري، غم لاهه گلِي ميري..12

(هي سُر رامڪليءَ ۾، داستان 7 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. هن وائيءَ جو شاعر ”شاھه حُسين فقير“ ڄاڻايل آهي.)

·               نَھِين نَھِين کتِ ميرِي..13

(هي سُر رامڪليءَ ۾، داستان 7 جي وائي آهي، جنھن جي ٿلھه سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               نَھِين نَھِين مَيڏي وَسَ وو! بِنا دِلبر هي دِل ماندِي.14

(هي سُر سھڻيءَ ۾، داستان 5 جي وائي آهي، جنھن جي ٿلھه سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               جان جاڳان تان نَھِين سُتِي وي، نال سڄڻ دي..15

(هي سُر سھڻيءَ ۾، داستان 6 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               مِل جا مِل جا سَجن! سانُون چورِي چورِي..16

(هي سُر سارنگ ۾، داستان 3 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               اَکيان ميگهه مَلارَ، صُورتَ تَيڏِي سَڀ جَڳ موهِيا.17

(هي سُر سارنگ ۾، داستان 4 جي وائي آهي، جنھن جي ٿلھه سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               ميندِي لاوَڻ ڏي لال! جِيوين شاھه! ميندِي لاوَڻ ڏي.18

(هي سُر ڪيڏاري ۾، داستان 1 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               چَلو يارو! مُسلمانو! ڪِنھِ پَر مارا هي حُسين ڪُون؟19

(هي سُر ڪيڏاري ۾، داستان 5 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

·               تيري نيڻان دِي عادَت ڪيھِي!20

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 2 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. هن وائيءَ جو شاعر ”شاھه حُسين فقير“ ڄاڻايل آهي.)

·               تُسان چَنگا ڪَرو چَنگِي، مَئن ته مَندِي..21

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 2 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. هن وائيءَ جو شاعر ”شاھه حُسين فقير“ ڏيکاريل آهي).

·               مِٽِي سُون مِل رَهنا، بابُو جِي! مِٽِي سُون..22

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 2 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. هن وائيءَ جو شاعر ”شاھه حُسين فقير“ ڄاڻايل آهي.)

·               آپ سَڏاوين فَقِير، تَئن نُون لڄ نَهِين آوَندِي.23

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 2 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. هن ۾ شاعر جو نالو ”شاھه حُسين فقير“ ڄاڻايل آهي)

·               اَلله ٻاجُهون ڪو نَھِين ساٿِي، مَئن ڦِردِي آئِي..24

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 4 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. هن وائيءَ جو شاعر ”لطيف فقير“ ڄاڻايل آهي)

·               ڪَونَ ٻُجھي ڳُجهه دِل دا؟ هادِي بِنا..25

(هر سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 5 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               ڌُن جوڀَن دي نال، رُوپَ جوڀَن دي نال.26

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 6 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               مَئن تَيڏڙِي دِيوانِي، مَئن تَيڏڙِي مستانِي.27

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 6 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               اَپڻي ويڻين دا چا غُلام ڪِيتوئي..28

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 6 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               تِلفُ نه توليو جاءِ، ماڌُو نا ناتو نِينھَن جو.29

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 06 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               ڪِس باغان دِي مُولِي؟ وي تُون ڪِس باغان دي..30

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 06 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               تُون هادِي جو آئِين، تُون والِي جو آئين..31

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 02 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. هن وائيءَ جو شاعر ”شاھه حُسين فقير“ ڏيکاريل آهي)

·               مَت ڏي مَت ڏي، مَئن نُون مَت ڏي.32

(هي سُر ڌناسريءَ ۾، داستان 3 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. هن وائيءَ جو شاعر “شاھه حُسين فقير” ڄاڻايل آهي)

·               راهه مُسافر لُٽيان وي! واٽَ مُسافر لُٽِيان.33

(هي سُر بيراڳ ۾، داستان 2 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               اَوي نَھِين رَهندي، يار نَھِين رَهندي..34

(هي سُر بيراڳ ۾، داستان 2 جي وائي آهي، جيڪا مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               عَجَبَ نَينَ تيري! سُرسَ نَينَ تيري.35

(هي سُر بيراڳ ۾، داستان 4 جي وائي آهي، جيڪا سرائڪي هندي ٻوليءَ جي گاڏڙ لفظن سان موجود آهي)

·               اَکيان دا ڏوهه نه ڪوئِي، دِليان دا مالڪ مَوليٰ.36

(هي سُر ڌناسريءَ جي وائي آهي، جيڪا استاد لغاريءَ جي ترتيب ڏنل، شاھه جي وڏي واحد رسالي ۾، ”لوڪ وايون“ عنوان واري ڀاڱي ۾ شامل، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

v    سُر ”مانجھ“ ۾ موجود سرائڪي ٻوليءَ جون وايون:

·               مَئن سائِي راند رَهندِي، رانجُهو يار سِکائِي مَئن نُون.37

(هي داستان 1 ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               هِيرَ بيراڳِڻ هوئِي، هو رانجھا!38

(هي داستان 2 ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               مُلان! مارَ مَ ڇَمڪان، تُون ڏيوِين مَ جِهڻڪان.39

(هي داستان 3 ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               سَمجِھي نه لايُمِ نِينھَ، ماهِي ري! اَندَر ٻَھان تان..40

(هي داستان 4 ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               چاڪان دي نال چَڪيٽِي، سُڻ وي سَھيلِيان!..41

(هي داستان 4 ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               جنھن ڪِيتي جوڳڻ ٿَئِي آن، جنھن ڪِيتي سامِڻ..42

(هي داستان 2 ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               رانجھا وو! مَئن تَيڏڙِي آهِيان، پِيارا وو! مَئن..43

(هي داستان 022 ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               دِلِيان دُور نه ڪِيجئي، پِياري والِي ڳالھڙِي.44

(هي داستان 2 ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               ڪِنھ نُون مَئن آکان ٻول ڪي؟ گھايل ڪِيتِي..45

(هي داستان 2 ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               ڍولڻَ دا مَئن نُون، سَڄَڻ دا مَئن نُون، اَوڳُڻ پِي ڳُڻ جيھا.46

(هي داستان 2 ۾ موجود وائي آهي، جنھن جي ٿلھه ۽ پھرين مصرع سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهن)

·               دَرد رانجھن دي هَئي مارِي! اَلله بِرهه رانجھن دي..47

(هي داستان 2 ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               دارُون ڪيٿي لاوان؟ وي مِيان!..48

(هي داستان 2 ۾ موجود وائي آهي، جيڪا سرائڪي سنڌي ٻوليءَ جي گاڏڙ لفظن سان سينگاريل آهي)

·               دِلڙِي لُٽائي مَئن دِيوانِي ٿَئِي آن، پارَ رانجھي دي..49

(هي داستان 1 ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي)

·               اَکيان وَڃ رانجھن نال لڳيان.50

(هي استاد لغاريءَ جي ترتيب ڏنل، شاھه جي وڏي واحد رسالي ۾، ”لوڪ وايون“ عنوان واري ڀاڱي ۾ موجود، مڪمل سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي.)

v    سُر مانجهه بابت مختصر معلومات:

رانجھن تخت هزارا جو مالڪ هو. هير جي عشق ۾ فنا جي درجي تي پھتو، ته تخت هزارا ڇڏي، جوڳي بڻجي، اچي هير جون مينھيون چاريائين. مينھن کي سرائڪي ٻوليءَ ۾ ”مَنجِهي“ چئبو آهي. جنھن جو جمع ”مَنجِهيان“ يا ”مانجھ“
ٿئي ٿو. سرائڪي ٻوليءَ ۾ لفظ ”مانجھ“ اسم امر جي صيغي طور به استعمال ٿئي ٿو. جنھن جي معنيٰ ”زور سان مَھٽي، سَھٽي، مانجھي، سَرُوچي، صاف سُٿرو ڪري اچ“ به آهي.  هن سُر ۾ لفظ ”مانجھ“ جي معنيٰ مينھيون، گھڻيون مينھيون يا مينھين جو ڌڻ آهي. گرامر موجب لفظ ”مانجھ“ اسم عام، عدد جمع ۽ جنس مَونث ٿئي ٿو. سُر مانجهه بابت تفصيلي احوال لکڻ لاءِ، شاھه جو اصل وڏو گنج بنياد بنائي سگھجي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سُر ”مانجھ“ جو شاعر، ديري غازي خان جي نورنگ فقير لغاريءَ کي قرار ڏئي ٿو.51 ممڪن آهي ته ائين ئي هجي. البت ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شاعر نورنگ فقير لغاريءَ جي نالي جو حوالو، جنھن بيت مان کڻي ٿو، ته اهو بيت اصل وڏي گنج ۾ ٽن سِٽن وارو آهي، جنھن ۾ نورنگ فقير لغاريءَ جو نالو شامل ناهي. بيت  هن ريت آهي:

دَرد فِراق اَساڏي دا خَط، قاضِي ڪَنُون لِکَيسِي،

قلم نماڻي، ڪاغذ شُھدا، آهه ڪنون جل ويسِي،

مُشڪل پَنڌ بار غمان دا، قاصد ڪھڙا نيسِـــي؟52

اهو ساڳيو بيت ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شاھه جي رسالي تحقيقي جلد نمبر 10 ۾، پنجن سٽن تي آڌاريل ڏيکاريو آهي، جنھن جا قافيا به تبديل ٿيل آهن. اُهي اضافي ٻه سِٽُون هن ريت آهن:

جِيندي سي ياد نه ڪِيتُن، مَــرَ ويسُــــون ياد ڪَــــريسِـــــنِ،

 “نورنگ” جيهي نماڻي ڪُون، کِل هَنس تي فاتح ڏيسِنِ.53

اصل وڏي گنج ۾ ديري غازي خان جو ذڪر به ملي ٿو، جيڪو هن ريت آهي:

ديري غازي خان دي، جـــٿ آ لٿيان شَـــــھَ پَــرِيـــــان،

وال جنهان دي وسِيهر ڪالي، ڪَنگُو رتيان ڌَڙِيان.54

وري ٻئي بيت ۾، ڪنھن قربن ڪُٺڙي فوتي گل حسن جو ذڪر به ملي ٿو. مثال:

ڪَنڌِي تي کڙ ويک تماشي، اَندي گل حسن ڪُون چائِي،

دَر تي رووِن يـــــــار پيــــــاري، گھـــــر وچ رووي مائِــــــي،

قبر کٽيجـي، لـــوڙهه لٽيجـــــي، کـــــڙي لتــــــاڙن ڀائِـــــــي.55

اهڙيءَ ريت اصل وڏي گنج ۾ شامل سُر ”مانجھ“
4  داستانن، 5  واين ۽ 48  بيتن تي آڌاريل آهي. شاھه جي رسالي ۾ موجود، سرائڪي ڪلام جي ان ڪري به اهميت آهي، جو اهو ڪلام سڀ کان اول اصل وڏي گنج ۾ شامل ٿيو. ان بعد ڇٽيھن سُرن تي آڌاريل سمورن شاھه جي رسالن ۾ شامل ٿيندو پيو اچي. ٻوليءَ جي ڄاڻو محققن جو چوڻ آهي، ته ”سنڌي ۽ سرائڪي ٻوليون ”سسٽر لئنگئيج آهن.“ ان ڪري انھن ٻنھي ٻولين جو، هڪٻئي سان چولي دامن وارو ساٿ آهي.“ اها ڳالھه به تسليم ڪرڻ جوڳي آهي، ته جيڪڏهن رسالي ۾ موجود سرائڪي ٻوليءَ وارو ڪلام، شاھه جو پنھنجو نه به هجي، تڏهن به ان ڪلام سان اسان جي ايتري ئي محبت آهي، جيتري شاھه جي پنھنجي مستند سنڌي ٻوليءَ واري ڪلام سان آهي.

v    سُر ”مانجھ“ ۾ موجود ڪجهه سُورائتيون سِٽون:

شاھه جي رسالي ۾ شامل سرائڪي ڪلام، ايترو ته مِٺو، مُحبت ۽ مِجاز جي مذڪور سان مالامال آهي، جو پڙهندي پنبڙيُون  پُسيو وڃن، هانءُ هٿن مان هليو وڃي ۽ اندر مان اَجھل اُڌما اُڀريو اچن ٿا. مثال هيءُ هيٺيون هڪ بيت ۽ چند سرائڪي سٽون پڙهو:

·   دَرد وَندان دي دَر تي، مَئن ڪَــــک ڳــلِــــــي دا ٿِــــيــــــوان،

لڳــــــي واءَ ته مَـــــئــــــن اُڏِر، چُــــــلـهه وِچ چـــــا سَٽِيــــــوان،

مَيڏي مَحبوب ڪَرن اَرانڀي، او ڦُوڪِن ته مَئن جِيـــوان.56

·   تَنَ ڀِي ٽُڪڙا، مَنَ ڀِي ٽُڪڙا، جِيوين دَرزِيان دِيان لِيران.57

·   ٻَڪرِي وانگي آپ ڪُهايوسي، بــــي قَــــدران دي اَڳــــــي.58

·   گَلِي ڪُوچي ڦِــــرن نِماڻي، ڏُون نَينـــــان دي ڪُــــٺـــي.59

·   آهه ڪَران تان جڳ مِڙي، ڪُوڪان داد نه ڪــــائِــــــــي.60

·   ڪالانانگ تِنهان ڪُون کاوي،جِنهان دِليان دوست وِساري.61

·   اَڇـــا ڪاغذ، ڪالِـــي مَـــسَ، ڏُک يــــاران دي لِــــکــــــان.62

·   ”آوڻ آوڻ“ اَهـــــدا هـــــاويــــن، هُـــــڻ ڇـــــوڙ ڏِتُــــئِــــــي آوڻ.63

·   نال پِنبَڙِيان دي ڌاڳي وَٽيــي، هــار هَنــــجُهــــون دا پـــــوتا.64

ائين ئي اُلفن اُٺڙا، بِرهن بُٺڙا، ڏُسڪن ڏُٺڙا، رُوحن رُٺڙا، سُڏڪن سُٺڙا، قُربن ڪُٺڙا، لُکن لُٺڙا، مُحبن مُٺڙا ۽ وَهمن وُٺڙا،  ويراڳي بڻجي، “وصال وصال” ڪندا ويا،  پر پوءِ به پِرينءَ کان پَري رهيا. لطيف چواڻي، ته:

پِرينءَ کـــــان پاسي ٿِيــــــا، مومويَــنِ مِثـــال،

         جانِبَ جي جَمال، رڱي پَس ريٽو ڪِئا.65 

v    اُهي شاھه جا رسالا جن ۾ سُر ”مانجھ“ موجود آهي:

·               ڀٽ شاھه وارو اصل وڏو گنج، ص 514

·               ممتاز مرزا وارو وڏو گنج، ص 281

·               ممتاز مرزا وارو درمياني سائيز گنج، ص 503

·               ممتاز مرزا وارو ڊمي سائيز گنج، ص 465

·               استاد لغاريءَ وارو رنگين قلمي نسخو، ص 463

·               استاد لغاريءَ وارو وڏو واحد رسالو، ص 575

·               ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واروجلد 10، ص 211

·               ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 2009ع وارو، ص 435

·               بمبئي ڇاپو نمبر1، ص 266

·               بمبئي ڇاپو نمبر2، ص 223

·               بمبئي ڇاپو نمبر3، ص 223

·               بمبئي ڇاپو نمبر8، ص 223

·               نامعلوم قلمي نسخو، ص 286

·               آڳاٽا ٽي قلمي نسخا گڏ، ص 353

·               آڳاٽا ڏهه قلمي نسخا گڏ، ص 523

·               برٽش ميوزيم وارو نسخو، ص 395

·               تاراچند شوڪيرام، ص 370 

·               مرزا قليچ بيگ وارو، ص 489

·               علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ص 411

·               محمد ابراهيم بختيارپوري، ص 505

·               محمد عثمان ڏيپلائي، ص 159

·               محمد بخش واصف، ص 274

·               ميون نور محمد، ص 182

·               فقير تاج محمد نظاماڻي، ص 259

·               سگھڙ حاجي الھه داد جنجهي1، ص 260

·               سگھڙ حاجي الھه داد جنجھي2، ص 320

·               محمد قاسم راهمون، ص 439

هي صرف اهي شاھه جا رسالا آهن، جيڪي منھنجي پنھنجي نجي، ”استاد لغاري ادبي لائبريريءَ“ ۾ موجود آهن. انھن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڇٽيھه سُرن وارا، قلمي توڙي ڇاپي رسالا ٿي سگھن ٿا، جي مون کي دستياب ٿي نه سگھيا. انھن ۾ به  سُر ”مانجھ“ موجود هوندو. 

v    هن مقالي ۾ موجود نون سرائڪي سنڌي لفظن جي لغت:

§              آوڻ . اچڻ.

§              اَرانڀي  . باهه جو ڀڀڙ، اُماڙِي، ڄِڀِي.

§              بگي . سُفيد، اڇا.

§              بَڻڇِي . ڀالو، نيزو.

§              بوڇڻ . ڪپڙو.

§              ٻاجُهون . بغير، بِنا، کان سواءِ.

§              ٻِلھايُئِي . ويهاريُئِي.

§              ٻَھان . ويهان، ويهي رهان.

§              ڀاوڻ . چاهڻ، وڻڻ، سهڻو لڳڻ.

§              ڀَني . ڊوڙيا، ڀڳا، ڀڄِي ويا.

§              تَلفُ . نقصان.

§              ٽُوڀي . گابڙا، ڍڳين جا ڦر.

§              ڄُلُون . هَلُون.

§              جِهڻڪان . دڙڪا، دهمان.

§              جھوڪ . پاٿاري، بيٺڪ، ويهڻ جي جاءِ.

§              چُپاتي . خاموش، صبر سان.

§              چوڪان . گِهِڪا.

§              چُوڻي . وارن جون چڳون.

§              چِيٽڪ . لذت، مزو، سُرور.

§              ڇَمڪان . تلهڙِيُون، چهبڪ.

§              ڌَڙِيان . ڳُنڌيل مينڍڙِيُون.

§              ڌُن . جُنون، عشق، محبت.

§              ڏُهيلا . ڏکيا، آزاريل.

§              ڊَهِيجي . ملي، ڏجي.

§              سِڌاريا . هَليا ويا.

§              سُھما . صدما، دڙڪا.

§              شُھدا . شھيد، شھيد جو جمع.

§              ڪِتلي . ڪيترا.

§              ڪُلاچا . جُلھه، حملو.

§              کڙي . بِيٺا.

§              کيٽ . پوک، فصل.

§              گائِين . ڳئون، ڍڳيون.

§              لُقما . گِرھ، گِرانھن.

§              لَما . ڊِگھو.

§              لُوٺِي . نِرلڄِي، ناقص، ڪمتر.

§              لوهُو . رت، خون.

§              واڄي . ساز، مُرليُون.

§              وڳي.  ڀڳا، ڊوڙيا.

§              هَنجُهون . آنسو، لُڙڪ. 

حوالا:

1: بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر. شاھه جو رسالو. ڇپائيندڙ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ. ڇاپو پھريون، سال 2009ع ص 53 .

2: ساڳيو، ص 59.

3: ساڳيو، ص 59.                                                    

4: بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر. شاھه جو رسالو (تحقيقي جلد نمبر 10) ڇپائيندڙ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد سنڌ،    ڇاپو پھريون، سال 1996ع ص 1  .

5: ساڳيو، ص 9 .

6: ساڳيو، ص 10 .

7: ڏسو حوالو نمبر1، ص 96 .

8: ڏسو حوالو نمبر4، ص 58 .

9: ساڳيو، ص 60 .

10: ساڳيو، ص 121 .

11: شيخ ٻانھون خان. شاھه جو رسالو (جلد ٽيون) ڇپائيندڙ: شاھه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي. ڇاپو پھريون، سال 2002ع ص 164 .

12: ڏسو حوالو نمبر 4، ص 138 .

13: ساڳيو، ص 138 .

14: ڏسو حوالو نمبر 1، ص 389 .

15: ڏسو حوالو نمبر 4، ص 179 .

16: ساڳيو، ص 186 .

17: شيخ ٻانهون خان. شاھه جو رسالو (جلد پھريون) ڇپائيندڙ: شاھه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي. ڇاپو پھريون، سال 2000ع، ص 337  .

18: ڏسو حوالو نمبر 1، ص 414 .

19: ساڳيو، ص 418.

20: ساڳيو، ص 424 .

21: ساڳيو، ص 424 .

22: ساڳيو، ص 424 .

23: ساڳيو، ص 424 .

24: ساڳيو، ص 429 .

25: ساڳيو، ص 430 .

26: ساڳيو، ص 430 .

27: ساڳيو، ص 430 .

28: ساڳيو، ص 430 .

29: ساڳيو، ص 431 .

30: ساڳيو، ص 431 .

31: جنجھي حاجي الھه داد سُگھڙ. گنج، شاھه جو رسالو. ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ. ڇاپو پھريون، سال 2008ع ص 510 .

32: ساڳيو، ص 512 .

33: ڏسو حوالو نمبر 1، ص 442 .

34: ساڳيو، ص 442

35: ساڳيو، ص 447 .

36: لغاري استاد. شاھه جو رسالو. ڇپائيندڙ مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور سنڌ. ڇاپو پھريون، سال 2013ع ص 613 .

37: مرزا ممتاز. گنج، شاھه جو رسالو. ڇپائيندڙ: شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھه، حيدرآباد. ڇاپو پھريون، سال 1995ع ص 470 .

38: ساڳيو، ص 474 .

39: ساڳيو، ص 476 .

40: ساڳيو، ص 478 .

41: ساڳيو، ص 478 .

42: ڏسو حوالو نمبر 4، ص 215 .

43: ساڳيو، ص 215 .

44: ساڳيو، ص 215 .

45: ساڳيو، ص 216 .

46: ساڳيو، ص 216 .

47: ساڳيو، ص 216 .

48: ساڳيو، ص 216 .

49: ڏسو حوالو نمبر 31، ص 322 .

50: ڏسو حوالو نمبر 36، ص 613 .

51: ڏسو حوالو نمبر 4، ص 849 .

52: ڏسو حوالو نمبر 37، ص 476 .

53: ڏسو حوالو نمبر 4، ص 214 .

54: ڏسو حوالو نمبر 37، ص 474 .

55: ساڳيو، ص 474 .

56: ڏسو حوالو نمبر 37، ص 465

57: ساڳيو، ص 466

58: ساڳيو، ص 469 .

59: ساڳيو، ص 470 .

60: ساڳيو، ص 472 .

61: ساڳيو، ص 473 .

62: ساڳيو، ص 475 .

63: ساڳيو، ص 476 .

64: ساڳيو، ص 477 .

65: ڏسو حوالو نمبر 1، ص 255 .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org