ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

ڀنڀور ۽ ڀنڀور مان مليل آڳاٽيون لکتون
ڪنھن به ملڪ جي تھذيب ۽ تمدن اُتي جي انساني عظمت
جا اهڃاڻ آهن. دنيا جي قديم تھذيبن ۾ سنڌ ساڻيھه
جي تھذيب گهڻن لحاظن کان اهم تھذيب رهي آهي.
موهن جي دڙي، هڙپا، ڪوٽ ڏيجي، لاکن جي دڙي، ٿرڙي،
ڀنڀور ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڳن جي کوٽاين مان مليل
سھڻيون اڏاوتون، چٽن سان سجائي ٺاهيل ٿانوَ، هار
سينگار ۽ عام استعمال جون شيون، سِڪا وغيره سڄي
دنيا جي ڌيان ۽ دلچسپيءَ جو سبب آهن. هزارين سال
آڳاٽي زماني ۾ مٿاهن پٽن ۽ هوائن جي درست رخ تي،
پَڪين سِرن (ڪٿي گهڙيل پٿرن) سان پوري ماپ تي نقشن
موجب ٺھيل گهر، گهرن ۾ هوا لاءِ دريون، رٿا سان
ٺھيل گلين ۾ کلندڙ در، وهنجڻ لاءِ ڪمرا، گندي
پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ گندين نالين جو نظام، پيئڻ
جي پاڻيءَ جا کوهه وغيره ۽ هزارين سال آڳاٽي مليل
سنڌو لکت، تھذيب جو اعليٰ مثال آهي. انھيءَ ڳالھه
۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته لکت جي سلسلي ۾ موهن جي
دڙي مان مليل سنڌو لکت گهڻو اهم آهي، ڇو ته نه رڳو
اها لکت گهڻي آڳاٽي آهي، پر اُتان سنڌو لکت جون
مھرون گهڻيون به مليون آهن ته انھن جي پکيڙ جا
اهڃاڻ دنيا جي ٻين قديم ماڳن تان به مليا آهن.
موهن جي دڙي کان پوءِ جن ماڳن تان سنڌو لکت جا
ثبوت مليا آهن، انھن ۾ سنڌ جي قديم ماڳ ڀنڀور مان
مليل سنڌو لکتون به گهڻيون اهم آهن. ان سلسلي ۾
چڱو ٿيندو ته سڀ کان پھرين ڀنڀور جي تاريخ بابت ڪن
اهم ڳالھين جو جائزو وٺجي، ته جيئن حقيقتن کي
سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي.
ڀنڀور سنڌ ساڻيھه جو گهڻو آڳاٽو شھر رهيو آهي پر
افسوس جو سنڌ بابت لکيل آڳاٽن تاريخي ڪتابن ۾
ڀنڀور جو ذڪر ته نه ٿو ملي، پر عرب جاگرافيدانن ۽
تاريخدانن جي ٺاهيل عربن جي حڪومتي دور جي فھرست ۾
به ڀنڀور جو نالو ئي ناهي. هيءَ به حقيقت آهي ته
ڪنھن به قديم ماڳ يا ان جي آثارن جو سنڌ بابت لکيل
تاريخن ۾ ذڪر نه هئڻ سان ان جي حيثيت يا قدامت تي
ڪو به فرق نه ٿو پوي. ڏٺو وڃي ته موهن جي دڙي،
هڙاپا، آمري، لاکن جي دڙي، ڪوٽ ڏيجي، رني ڪوٽ ۽
ٻين ڪيترن ئي ماڳن وارن شھرن يا آثارن جو آڳاٽن
تاريخي ڪتابن ۾ ذڪر نه ٿو ملي، پر انھن جي تھذيبي
حيثيت ۽ قدامت سڄي دنيا جي سامھون آهي.
ڀنڀور جي تاريخ جو احوال توڙي جو آڳاٽي تاريخي
ڪتابن ۾ ته نه ٿو ملي، پر لوڪ ادب ۾ وڏي مان شان
سان محفوظ آهي. سسئي پنھونءَ جي قصي ۾ ڀنڀور جو
جيڪو احوال ملي ٿو، اهو هڪ اهم تاريخي رڪارڊ
آهي. لوڪ ادب کان سواءِ
سنڌ جي اساسي شاعرن وري سسئي پنھونءَ جي قصي ۾
ڀنڀور جو ذڪر اهڙي انداز سان شامل ڪيو آهي، جو ان
کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگهي.
ڀنڀور جو ذڪر سڀ کان پھرين سسئي پنھونءَ جي قصي ۾
ئي ملي ٿو، جيڪو عربن جي آخري يا سومرن جي شروعاتي
دور جو آهي. ڏٺو وڃي ته لوڪ روايتن ۾ سنڌ جي جن
آڳاٽن تاريخي ۽ نيم تاريخي قصن جو گهڻو ذڪر ملي
ٿو، انھن ۾ ’سسئي پنھون‘ جو قصو به شامل آهي، جيڪو
سڀ کان گهڻو ٻڌايو ۽ ٻڌو وڃي ٿو. ذڪر ٿي چڪو آهي
ته سسئي پنھونءَ جو قصو سنڌ جي اساسي شاعرن ۽ ٻين
پنھنجي پنھنجي شاعريءَ ۾ سھڻي نموني سان سمايو
آهي. ڇاڪاڻ ته ھن قصي ۾ نه رڳو سسئيءَ جي عشق،
سچائي، اٽل ارادي، ھمت، جرئت، جدوجھد وغيره جو
اعليٰ مثال ملي ٿو، پر انساني جذبن ۽ احساسن، خاص
ڪري عورتاڻي همت ۽ عظمت جو ذڪر مٿاھين درجي جو
موجود آهي. اھو ئي سبب آھي جو شاھ لطيف ٻين قصن ۽
داستانن بابت ته ھڪ ھڪ سُر سِرجيو آهي، پر هن قصي
کي گهڻي اهميت ڏيئي، سسئيءَ بابت سڄا سارا پنج
سُر پنھنجي شاعريءَ ۾ چئي، کيس مٿاهون درجو بخشيو
آھي. جتي سسئيءَ جو ذڪر آهي، اُتي ڀنڀور جو ذڪر به
ڪيل آهي. هتي ڀنڀور جي اھميت جو اندازو انھيءَ
ڳالھه مان به لڳائي سگهجي ٿو، جو شاھه لطيف پنجن
ئي سُرن ۾ ڀنڀور جو ذڪر ته ڪيو آهي پر انھن مان
رڳو ھڪ سُر سسئي آبريءَ (گهڻن ڇپيل رسالن) ۾ ئي
لڳ ڀڳ 14 ڀيرا ڀنڀور جو ذڪر ڪيو آھي. سنڌي ٻوليءَ
جا اساسي (ڪلاسيڪل) شاعر جن پنھنجي شاعريءَ ۾ سسئي
پنھونءَ جو قصو (۽ ڀنڀور جو ذڪر) ڏنو آھي، انھن
۾ قاضي قادن، شاھه ڪريم، لطف الله قادري، ميون
عنات نصرپوري، شاھ لطيف، سچل، خليفو نبي بخش قاسم
۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. انھن کان سواءِ وسايو ڀٽرو،
موريو فقير، آڳاٽو عوامي شاعر عاقل ڪلھوڙو ۽ ٻيا
به شامل آھن، جن سسئي پنھونءَ جي قصي بابت گهڻو
آڳاٽو شاعري ڪئي آھي. مطلب ته ھي قصو آڳاٽن زمانن
کان سنڌي شاعرن ۽ عالمن وٽ ملي ٿو. نه رڳو سنڌيءَ
جي شاعرن، پر فارسيءَ جي شاعرن به سسئي پنھونءَ جي
قصي جي اهميت کي ڄاڻي، پنھنجي شاعريءَ جو موضوع
بڻايو. اڪبر جي درٻاري مصنف مير معصوم بکريءَ اُھو
قصو ’حُسن وَ ناز‘ جي نالي سان فارسيءَ (مثنوي) ۾
لکيو. ٺٽي جي فارسي شاعر ’رضائي‘ سن 1053ھ / 1644ع
۾ ھن قصي کي مثنوي زيبا نگار ۾
منظوم ڪيو. مشھور عالم
قاضي مرتضيٰ سورٺيءَ، سسئي پنھونءَ جو قصو منظوم
ڪري، دھليءَ جي بادشاھه محمد شاھه جي درٻار ۾ پيش
ڪيو. مولانا پير محمد اودي، ھن قصي کي مثنوي مھر
و ماھه جي نالي سان 1180ھه/1766ع ۾ منظوم ڪيو.
مشھور تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنھنجي
شاھڪار تصنيف ’تحفة الڪرام‘ ۾ ھي قصو ڏنو آهي. ٺٽي
جي مشھور حڪيم ۽ شاعر محمد واصل درس هن قصي تي
مشتمل ’مثنوي گلزار واصل‘ لکي، ڇپائي. انگريز دور
۾ ڊي. ٽي. ايڇ، ھي قصو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، سن
1861ع ۾ بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ائين ميجر
ھينري ايف. جي گولڊ سمڊ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو،
جيڪو 1863ع ۾ لنڊن مان ڇپايو. انھيءَ ترجمي جو ٻيو
ڇاپو تعليم کاتي پاران 1867ع ۾ ڇپايو ويو. شڪارپور
جي ماستر واحد بخش ’مشتاق‘ ھي قصو مثنويءَ جي
صورت ۾ 1889ع ۾ ڇپايو. ڪمالان بن مير ھاشم گچڪيءَ
سن 1283ھه ۾ ’ڪيچ نامو‘ ڪتاب (فارسي) هڪ انگريز
آفيسر جي چوڻ تي لکيو، جنھن ۾ ھي قصو شامل آھي.
ائين ٻيا ڪتاب به آھن، جن ۾ ’سسئي پنھون‘ جي قصي ۾
ڀنڀور جو ذڪر خاص اهميت سان موجود آھي. اهڙي ريت
سرائيڪي، پنجابي ۽ ٻين به ڪن ٻولين جي لوڪ شاعريءَ
۾ سسئي پنھونءَ جو قصو ملي ٿو.
هيءَ حقيقت آهي ته جتي سسئي پنھونءَ جو ذڪر ٿئي ٿو
اُتي ڀنڀور جو ذڪر ملڻ به لازمي آھي، ڇاڪاڻ ته
ڀنڀور ئي سسئيءَ کي جنميو ھو، لوڪ روايتن موجب جي
جنميو نه ھو ته پنھنجي ھٻڪاريل ھوائن ۾ پاليو،
تاتيو ۽ کيس سھڻي جواني ضرور بخشي ھئي.
ڀنڀور شھر ڪيترو جهونو آھي، انھيءَ ڳالھه جي
سائنسي بنيادن تي ڄاڻ ته ڪيل کوٽائيءَ مان قديم
آثارن جا ماھر ئي ڏئي سگهن ٿا، پر سسئي پنھونءَ جي
قصي بابت ملندڙ لوڪ روايتن جي بنياد تي چٽائيءَ
سان چئي سگهجي ٿو ته ڀنڀور گهڻو آڳاٽو آهي. هن هنڌ
جي کوٽائي ڪرائيندڙ ڊاڪٽر ايف. اي خان، مشھور محقق
۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين جو خيال آھي
ته ڀنڀور اصل ۾ ديبل ئي آھي.(1) ٻين محققن وري
ڀنڀور ۽ ديبل ٻه الڳ الڳ شھر/بندر ڄاڻايا آهن.
مانواري ايم ايڇ پنھور صاحب ڄاڻايو(2) آھي ته
ڀنڀور ديبل نه پر اصل ’بارباريڪان‘ نالي وارو
واپاري لحاظ کان مشھور آڳاٽو شھر آھي، جنھن جو ذڪر
سڪندر اعظم جي دور جي تاريخدانن به ڪيو آھي.
بارباريڪان تبديلين جي مرحلن مان ٿيندو ڀنڀور سڏيو
ويو ۽ پوءِ اُن نالي سان
ئي اسان وٽ اڄ مشھور آھي. پنھور صاحب جي تحقيق ۾
ڀنڀور جي قدامت ۽ واپار جي لحاظ کان سندس اهميت جو
احوال به موجود آهي. مطلب ته مختلف تاريخدان ڀنڀور
جي اصل نالي بابت مختلف رايا ڏيندا رهيا آهن.
ڀنڀور ديبل آهي يا اُهي الڳ الڳ بندر/شھر آهن، اهو
هڪ الڳ بحث آهي. اڳتي هلي اسان کي رتو ڪوٽ، راڻو
ڪوٽ ۽ سمنڊ ۾ گهيريل ٻين آثارن بابت به تحقيق جي
وک وڌائي ديبل جي ڳولا جو دائرو وڌائڻو پوندو.
ڀنڀور بابت تاريخي ڪتابن ۾ احوال نه هئڻ جي صورت ۾
بھتر ٿيندو ته اسين فقط ٻن ذريعن جي بنياد تي
نتيجا ڪڍي، اصل حقيقتن کي سامھون آڻيون. انھن ۾
پھريون لوڪ ادب ۽ ٻيو قديم آثارن جي کاتي پاران
ڪرايل کوٽائين جا نتيجا آهن. انھن حقيقتن جي
روشنيءَ ۾ هتي اسين پھريائين ڀنڀور جي تاريخ بابت
لوڪ ادب ۾ ملندڙ حقيقتن جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش
ڪنداسين.
ذڪر ٿي چڪو آھي ته ڀنڀور جو سڀ کان آڳاٽو ذڪر سسئي
پنھونءَ جي قصي ۾ ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته سسئي ڀنڀور جي
ھئي. هيءَ حقيقت آهي ته سسئي پنھونءَ جي زماني ۾
ڀنڀور جو شھر نه رڳو پنھنجي عروج تي پھتل هو پر
اُن زماني کان گهڻو اڳ ئي، هڪ واپاري شھر جي حيثيت
سان ڏيھان ڏيھه مشھور ھو. مطلب ته سسئي پنھونءَ
واري زماني تائين ڀنڀور پنھنجي واڌاري جا گهڻا
مرحلا (۽ زمانا) طئي ڪري، گهڻي شاهوڪاريءَ تائين
پھچي چڪو هو. اهو اندازو انھيءَ ڳالھه مان به ڪري
سگهجي ٿو، ته جتي ٻين گهڻين حقيقتن سان گڏ هن شھر
جي رڳو ھڪڙي کٽيءَ وٽ ئي پنج سو مزدور ڪم ڪندا
ھئا. باقي شھر ۽ اُن جو ڪاروبار وغيره ڇا هوندو،
اهڙو اندازو هن ڳالھه مان سولائيءَ سان ڪري سگهجي
ٿو. هاڻي ڏسجي ته سسئي پنھونءَ جي قصي جو تعلق
ڪھڙي دور سان
آھي. سنڌ جي تاريخ ۽ لوڪ ادب تي شاهڪار تحقيقي ڪم
ڪندڙ ۽ سھيڙيندڙ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
لوڪ، ادب جي ڪتاب
’سسئي پنھون‘ جي مقدمي ۾ ’قصي جي قدامت‘ جي سِري
سان ڏنل احوال ۾ لکي ٿو: ”سنڌ جي آڳاٽي روايت
مطابق ھي دلو
راءِ جي دور جو داستان آھي. ’تحفة الڪرام‘ ۾
ڄاڻايل آھي ته ھي دلو راءِ جي واري جي ڳالھه آھي.
محمد عارف جي بيتن ۾ آھي ته ’واري دِلو
راءِ جي سُڻ حقيقت ھيءَ‘، مثنوي گلزار واصل جي
مصنف پڻ انھيءَ روايت کي ورجايو آھي ته ھي قصو
دِلو
راءِ جي دور جو آھي.“(3) ڊاڪٽر بلوچ دِلو راءِ جي
دور جي وضاحت ڪندي لکيو آهي:” تاريخي طور، دِلو
راءِ جو دور ھن وقت روشن ٿيل نه آھي، پر اسان جي
راءِ ۾ عرب دور جي پڄاڻيءَ بعد دِلو
راءِ پھريون مشھور حڪمران ٿيو، جو ھڪ وڏو مدبر ۽
داناءُ ھو، جنھن جي دور ۾ وڏا ڪارناما ٿي گذريا.
دِلو
راءِ جي حڪمراني غالبن پنجين صدي ھجريءَ (يارھين
صدي عيسوي) ۾ ھئي، ۽ سسئي پنھونءَ جي محبت جو
داستان پڻ انھيءَ دور ۾ اُسريو. سنڌ جي عوامي
شاعرن پڻ ھن قصي جي
شروعات ’داناءُ دِلو راءِ‘ جي دور ۾ ڄاڻائي آھي.“
(4) مطلب ته ھي قصو گهڻو آڳاٽو يعني سومرن جي
اوائلي دور جو آھي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي ھلي لکيو
آھي :” دِلو راءِ جي دور واري اھڃاڻ کان سواءِ ھن
قصي جا ٻيا ٽاڻا پڻ انھيءَ جي قدامت تي شاھد آھن.
ھن ۾ ڪيچ - مڪران کان سنڌ تائين تجارتي شاھراھ ۽
واپار جي ساٿ جي اچ وڃ جو ذڪر آھي. سنڌ جي زرخيز
سنڌو ماٿري ۽ عراق جي دجله- فرات وارين آبادين جي
وچ ۾ اھا تجارتي شاھراھ آڳاٽي دور کان قائم ھئي،
جنھن کي سنڌ جي عرب - اسلامي دور (2-4 صدي ھجري /
8-10 صدي عيسوي) ۾ وڏي اھميت حاصل ٿي، ۽ سنڌ جي
شھرن کان بغداد تائين قافله ھلڻ لڳا.“(5) ڊاڪٽر
بلوچ صاحب گهڻي احوال ڏيڻ کان پوءِ آخر ۾ لکي ٿو:
”مٿئين اھڃاڻن جي بناءِ تي انھيءَ نتيجي تي پھچجي
ٿو ته سسئي پنھونءَ جو داستان پنجين صدي ھجري /
يارھين صدي عيسويءَ ڌاري اُسريو.“ (6) ھتي ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ھن داستان جي اُسرڻ جو جيڪو زمانو
ڄاڻايو آھي، ان مان به چٽيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته
انھيءَ قصي کان گهڻو آڳاٽو ڀنڀور نه رڳو تمام وڏو
شھر موجود ھو پر ڏيھان ڏيھه مشھور پڻ ھو، ڀنڀور کي
اهڙي درجي تي پھچڻ تائين ضرور ڪي گهڻا زمانا لڳا
هوندا.
ذڪر ٿي چڪو آهي ته آڳاٽين روايتن ۾ سڀ کان آڳاٽي
ڳاهن واري ڳالھه ملي ٿي، جنھن بابت ڊاڪٽر بلوچ
صاحب لکيو آهي:”سسئيءَ جي ڳالھه کڻڻ ۽ ان کي ڳاهن
سان ڳائڻ جو سلسلو يقيني طور چئي نه ٿو سگهجي، ته
ڪڏهن کان شروع ٿيو پر اهو يقيني طور گهڻو آڳاٽو
شروع ٿيو، جو ڳاهن واري ڳالھه انھيءَ سلسلي جي ساک
ڀري ٿي. ڳائڻ واري سلسلي کان سواءِ، هن ڳالھه جي
ڪن ڳاهن جي ٻولي آڳاٽي معلوم ٿئي ٿي. جنھن مان
ظاهر آهي ته هيءُ داستان آڳاٽي دور کان وٺي ڳايو
ويو.“(7)
ڳاهن واري ڳالھه جي شروعات واري ڀاڱي ۾ ڀنڀور جو
ذڪر هن ريت آهي:
”تن ڏينھن ڀنڀور ۾ سسئي ساماڻي هئي، جنھن جي حسن
جي هاڪ ملڪان ملڪ هلندڙ هئي. پنھونءَ به سسئيءَ جي
سونھن جي ساراهه ٻڌي، ٻاٻيھي کي سڏايو ۽ چيائينس
ته: ڀنڀور جي شھر ۾ سسئي ٿي ٻڌجي، سا وڃي ڏسي آءُ.
ٻاٻيهو کٿوريءَ جو بار ڀري، گڏهڙيءَ تي چڙهي روانو
ٿيو ۽ گهمندي گهمندي منزلون ڪندي ڀنڀور اچي نڪتو.
ٻاٻيھو سياڻو هو، تنھن خيال ڪيو ته ڪنھن بھاني کان
سواءِ سسئيءَ کي ڏسي ڪونه سگهبو ڇو نه وکر وڪڻڻ جي
خيال کان گهور ڪريان، من سسئي منھن پئجي وڃيم. سو
هڪلي ڀنڀور جي گهٽين ۾ هوڪا ڏيڻ لڳو. اُن وقت سسئي
پنھنجي سرتين ساڻ آتڻ ۾ ويٺي هئي.“(8)
مٿين ڳالھه مان ڀنڀور جي شھر جي حيثيت ۽ اُن جي
بازارن جو به احوال ملي ٿو، ته گڏوگڏ سسئيءَ جو
سرتين ساڻ آتڻ ۾ موجود هئڻ جو به چٽو ذڪر ملي ٿو.
ان دور ۾ سنڌ ملڪ ٻين صنعتن سان گڏ ڪپڙي جي صنعت ۾
به ڏيھان ڏيھه مشھور هو. هيءَ ڳالھه به گهڻو ڌيان
گهري ٿي، ته سسئي هڪ ئي وقت سٺ سھيلين سان پنھنجو
آتڻ سنڀاليندي هئي. ان دور جي لحاظ کان اها تمام
وڏي ڳالھه آهي ڇاڪاڻ ته ڀنڀور ۾ سسئيءَ جو اڪيلو
آتڻ ته نه هوندو، ٻيا به ڪيئي آتڻ هوندا. انھيءَ
ڳالھه مان به ڀنڀور جي ( ٻين گهڻن ئي ڳالھين سان
گڏ) صنعتي شاهوڪاريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
هتي انھيءَ آڳاٽي ڳاهه جو رڳو پھريون بند ڏجي ٿو
جنھن ۾ ڀنڀور جي مشھوريءَ جي سُڌ ملي ٿي:
گهور گهمندي آئيو، واڻيو وڻجارو
تنھن کي ڪوٺي ڪنوارين پڇيو، تو وٽ وکر ڪڄاڙو؟
۽ پوءِ جڏهن پنھونءَ جو قافلو ڀنڀور ڏانھن روانو
ٿيو:
گوربنديون گورن کي، هيون ٽليون مان ٽونرن
گهڻو سينگاريل سھج مئون، ڪرها ڪيچ ڌڻين
’هلو هلو‘ ٿا ڪن، ’ڀنڀور ڀنڀور‘ اٿن وات ۾.
(9)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پاران لوڪ ادب جي ڇپيل ڪتاب
سسئي پنھونءَ واري قصي ۾ ڳاھن واري آڳاٽي ڳالھه (۽
رچرڊ برٽن پاران قلمبند ڪيل انھيءَ قصي) کان پوءِ
عوامي شاعر محمد عارف ڪلھوڙي جا چيل بيت (قصو)
(10) ڏنل آھن، انھن بيتن ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي ڀنڀور
جو ذڪر ڏنل آھي، جن مان پھريون بيت هن ريت آهي:
ڪئين وڄائن ڪيترا، سنديءَ صحيءَ
واري دلوراءِ جي، سڻ حقيقت هيءَ
گهر نائون مل ٻانڀڻ جي، هڪڙي ڄائي ڌيءَ
طالع ڏسي تنھنجو، چيو نرتئون نجوميءَ
نه هن جو بخت بلند آهي، قابو ڳالھه نه ڪميءَ
لکيو مسلمان سان، صاحب رب سميع
انگ پاڙيندي هيءَ، ٽڳو ٽوڙيندي پانھنجو.
محمد عاقل ڪلھوڙي جي شعرن مان به معلوم
ٿئي ٿو ته اناج وغيره وٺڻ لاءِ ماڻھو ڪيچ مان
ڀنڀور ڏانھن ايندا رهندا هئا. انھيءَ ڀيري به آري
ڄام پاران اناج وٺڻ لاءِ ڀنڀور ڏانھن پنھنجو قافلو
موڪليو ويو، جنھن جو مھندار ٻاٻيھو هو، ان باري ۾
هي بند آهن:
تڏھن ’ٻاٻيھو‘ ديوان ھو، آريءَ ڄام اڳياءِ،
ھوندو هو صورت سڦرو، ڏھون زينت ۽ زيبا
سُونھون ڪيائين ساٿ جو، ڪڍي سرڪردو سھجا،
چئي وڃي اَن وٺي اَچو سوَ سٺ خرارا
سگهو آڻج اَن تون جوان وٺي جلدا
سنڌ سھانگو نه لڀي ته آڻيو جيسلمير منجها
اهو تنھن ھنڌا، ڪَھي آيو شھر ڀنڀور ۾
ھن ڳالھه مان پڌرو آھي ته هميشه وانگر تنھن زماني
به ڀنڀور ۾ اناج تمام گهڻو ٿيندو ھو، ان ڪري مختلف
هنڌان ماڻھو، گهڻو ڪري سنڌ جي هن شھر مان اناج
وغيره خريد ڪرڻ ايندا رهندا هئا.
سانجهيءَ اويل سويل جو، تڏھن ساٿ لکيو سردار
آيو شھر ڀنڀور ۾ مھل چڱيءَ موچار
سسئي سندي باغ ۾ اچي، ٽِڪي لاٿا بار
جاءِ وٺي محمد کئون، ويٺا مرد مڻيار
کٿوريءَ خوشبوءِ جا، ٿا پون ھٻڪار
مڙيا ماڻھو شھر ڀنڀور جا چوڪنڊين چوڌار
ڏسي ڪيچ قطار، ڪوئي ڪڇي ٿو ڪونه ڪو.
جڏهن پنھون، سسئيءَ سان شادي ڪري ڀنڀور ۾ گهر ڪري،
ويھي رهيو ۽ پوءِ آري ڄام جي حڪم تي جڏهن پنھونءَ
جا ڀائر کيس وٺڻ لاءِ ڀنڀور اچي پھتا. انھيءَ
موقعي بابت عاقل چئي ٿو:
هوتو، نوتو، چنرو، آهر هليا الله
ٻٻر کنيائون پاڻ سان، ٿيا روانا راهه
مرد چڙهيا مھرين تي، ٿيا بانڪا بيپرواهه
نڪي ورمن واٽ تي، وڃن سنجهه صباح
ڪري ڪسوسون ڪاھ، ٿيا داخل شھر ڀنڀور جي.
اھڙيءَ ريت محمد عاقل ڪلھوڙي جي ٻين بيتن ۾ به
ڀنڀور جو ذڪر سھڻي نموني سان موجود آھي. ائين
موريي فقير ۽ چڱي جت، ملان بخش سومري، پانڌي
پنھور، سکر فقير، بختيار کوسي، مولابخش خاصخيلي،
بچائي رند، جاڙي خان مري، لعلڻ خان لغاري، ڌڻي
بخش، نالي چڱي شر، آري فقير چانڊئي جي چيل بيتن ۾
پڻ ڀنڀور جو ذڪر ملي ٿو.
منشي خدا بخش جي چيل مثنويءَ ۾ به ڀنڀور جو ذڪر
دلچسپ ڏنل آھي:
ھيو ڀنڀور ھڪ اُت ڀر بحر جي
اچي پھتي انھيءَ وٽ سا شھر جي
کٽي ھو شھر اُن ۾ مزو مانجهي
ھيو سائل سدائين شام سانجهي
-------
وڃان ڀنڀور ڏي چانگا قطاري
اچان ڏينھڙا ٻه ٽي اُتھين ڪي گهاري
ڀري چانگا وڃان سان بار باري
ڪريان واپار اُتھين سان ھوشياري.
ذڪر ٿي چڪو آهي ته ’سسئي پنھونءَ جو قصو‘ سنڌ ــ
ھند ۾ آڳاٽي زماني کان مشھور رھيو آھي. ھي قصو اڄ
به جتي ڪٿي گهڻو ٻڌايو ۽ ٻڌو وڃي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ
صاحب ’سسئي پنھون‘ ڪتاب ۾ پنھنجي مقدمي سان گڏ،
مختلف علائقن ۾ آڳاٽي دور کان ٻڌايون ويندڙ
روايتون سھيڙي ڏنيون آھن جن جو مختصر ذڪر ٿي چڪو
آهي. ھتي اسين وري انھن روايتن جو جائزو وٺنداسين،
جيڪي سنڌ جي سامونڊي ۽ لاڳاپيل ڪوھستاني علائقي ۾
ٿوري گهڻي فرق سان هن وقت به ٻڌايون وڃن ٿيون.
ڇاڪاڻ ته ھتي جي روايتن ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري خاص
ڪري هن وهڪري، ڀانڀراه/بانبراه/بانبر واهه(11)
۽ ڀنڀور بابت احوال ڪجهه مختلف ۽ ڪجهه وڌيڪ ملي
ٿو، جنھن تي ڀنڀور جي بيھڪ هئي. اھڙين روايتن ۾
ھتي جي اصل رھاڪو ، ڪريم بخش ڪلمتيءَ (12) جي
ٻڌايل ڳالھه جي شروعات وارو ٽڪرو ڏجي ٿو، ڇاڪاڻ ته
هن بيان ۾ سسئيءَ جي پيءُ جي رهڻ جو هنڌ
’تحفةالڪرام‘ ۾ ڄاڻايل بانبرواهه وارو ئي ٻڌايل
آهي:
”ڳالھه ٿا ڪن ته ڪنھن زماني ۾ سنڌ ملڪ جي ھيٺين
ڀاڱي سيوھڻ کان سمنڊ تائين دلو راءِ جي بادشاھي
ھئي. تنھن زماني ۾ بانبراه شھر ۾ ’نائون‘ نالي ھڪ
ٻانڀڻ رھندو ھو. وٽس ڌن دولت جي ڪابه کوٽ نه ھئي،
کوٽ ھيس ته رڳو اولاد جي، ڇو ته کيس اولاد ڪونه
هو. ٻانڀڻ جي زال ’منڌر‘ کانئس به وڌيڪ پريشان
رھندي ھئي. وقت گذرڻ سان منڌر نيٺ اميد سان ٿي.
تنھن زماني ۾ اولاد جي قسمت پڇڻ لاءِ ستارن جو علم
رکندڙن کان پڇا ڪرڻ جو رواج عام ھو، سو زال مڙس
وڃي جوتشيءَ کان ايندڙ ٻار بابت پڇا ڪئي. جوتشيءَ
حساب ڪندي اڳڪٿي ڪري، ٻڌايو ته اوھان کي ھڪ چنڊ
جھڙي سدا سھڻي ڌيءَ ڄمندي پر اُن جو لکيو ڪنھن
مسلمان سان ٿيندو. ڌيءَ ڄمڻ جي ڳالھه ٻڌي ھو خوش
به ٿيا پر مسلمان سان لکيي جو ٻڌي پريشان ٿي پيا.
مھينا پورا ٿيڻ تي منڌر کي اھڙي سھڻي ڌيءَ ڄائي
جنھن جھڙي ڪڏھن به نه ڏٺي ھئائون. نائون ٻانڀڻ
تمام گهڻو پريشان ٿيندي سوچي سوچي، نيٺ فيصلو ڪري،
منڌر کي ٻڌايو ته جوتشيءَ جيڪا اڳڪٿي ڪئي آهي سا
نيٺ سچي ٿيندي، سو ان خواريءَ کان بچڻ لاءِ
ڇوڪريءَ جو ڪو بِلو ڪجي. منڌر پنھنجي ورَ کي گهڻو
ئي سمجهائيندي ۽ منٿون ڪندي چيو ته لکئي جا ليک
ڪيئن به ھجن پر سِڪي پِني مس مس ڌيءَ ڄائي آھي سا
به ھھڙي سھڻي، سو پاڻ کان ڌار نه ڪنداسين. پر
ٻانڀڻ ھڪ به نه ٻڌي. نيٺ فيصلو ٿيو ته ھڪ صندوق
تيار ڪرائي، اُن ۾ نينگريءَ کي وجهي، درياھ ۾
لوڙهي ڇڏجي.
نيٺ ھڪ وڏي ۽ مضبوط صندوق ٺھرائي ويئي، اُن ۾ ھيرا
جواھر، سونيون مھرون، چاندي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه رکيو
ويو. ڇوڪريءَ کي به تَنجي مَکي اُن ۾ سمھاريو ويو.
چمڙي جو ھڪ ھٿرادو وڏو ببو ٺھرايو ويو ھو، جيڪو
کير سان ڀري ننڍڙيءَ جي وات ۾ وڌو ويو. سڄي صندوق
ميڻ سان بند ڪئي ويئي، رڳو مٿان ھوا لاءِ ڪي سوراخ
ڇڏيا ويا، جيئن ننڍڙيءَ کي ساهه کڻڻ ۾ ڪا به تڪليف
نه ٿئي . نيٺ اھا صندوق درياھ ۾ لوڙھي ڇڏيائون.
اھا صندوق ترندي جڏھن ٿرڙي ڪوٽ جي ويجهو لانگهائو
ٿي، ته اُتي نوح جي ٻيڙيءَ (13) تي رھندڙ بزرگ
جڏھن اُن لُڙهندڙ صندوق مان ٻارڙي جون رڙيون ٻڌيون
ته ھن بزرگ اُن نينگريءَ کي سلامتيءَ سان ڪنھن چڱي
ماڻھوءَ تائين پھچڻ لاءِ دعا ڪئي، جيڪا قبول ٿي.
صندوق لھرين ۾ لُڏندي نيٺ اچي ڀنڀور وٽ درياھ جي
انھيءَ ڪنڊ تي لڳي، جتي مينھون(محمد) کٽي ڪپڙا
ڌوئندو ۽ رڱيندو ھو. مينھون(محمد) صندوق مان ٻارڙي
جا آواز ٻڌا، تنھن وڌي وڃي، پاڻيءَ مان صندوق کي
ڪڍي. کولي ڇا ڏسي ته ھڪ سدا سھڻي نينگري پئي
ڏانھنس ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ڇاڪاڻ ته کين ڪو به
اولاد نه ھو، هي ته اولاد لاءِ پئي سِڪيا. کٽيءَ
صندوق کڻي گهر آڻي پنھنجي زال زينت جي حوالي ڪئي
ته اھا وري اڃا به وڌيڪ خوش ٿي. زينت کڻي نينگريءَ
کي ڇاتيءَ لاتو. قدرت سان سندس ڇاتين ۾ کير پيدا
ٿي پيو ۽ ھوءَ ننڍڙيءَ کي ٿڃ پيارڻ لڳي.
تنھن زماني ۾ ڀنڀور جو قلعو شھر جي وچ ۾ ھو ۽
آسپاس شھر ڪوھن ۾ پکڙيل ھو. وڏيون وڏيون بازارون،
وڏا محل وغيره ھوندا ھئا. (14) مينھون (محمد) کٽي
نه رڳو ڪپڙا ڌوئڻ پر ڪپڙن رڱڻ جو ڪم به ڪندو ھو.
وٽس پنج سوَ مزور ڪم ڪندا ھئا. تن مان ڪي کار
ٺاھيندا ھئا، ته ڪي ڪپڙا ڌوئيندا ھئا. ڪي نير ۽
ٻين شين مان رڱ ٺاھيندا ھئا ڪي وري ڪاريگريءَ سان
نِير وارين ناڌن ۾ ڪپڙا رڱيندا ھئا، ته ڪي وري
ڪپڙا سُڪائيندا ھئا.
مينھون کٽي، ھونئن ئي گهڻو شاھوڪار هو پر جڏھن
سسئي وٽن آئي ته سندن ڀاڳ اڃا به وڌي ويو. سسئي
جڏھن وڏي ٿي پنھنجي سَھيلين سان کيڏڻ ۽ اُٿڻ ويھڻ
لڳي، تڏھن پنھنجي پيءُ مينھون کٽيءَ کي چيائين ته:
”بابا مون کي ھڪ سھڻو باغ لڳائي ڏي، جنھن جھڙو باغ
ڪٿي به نه ھجي. جتي آئون پنھنجي سَھيلين کي ساڻ
ڪري، وڃي آتڻ ڪتيان.“ مينھون کٽيءَ اها ڳالھه ٻُڌي
تڪڙو ئي ڀنڀور شھر جي اولھائين ڀاڱي، وٽيجيءَ ۾ ھڪ
تمام وڏو باغ لڳائڻ ۽ اُن باغ جي وچ ۾ ھڪ عاليشان
محلات ٺھرائڻ جو ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو. ھر وقت سوين
مزور ۽ مالهي انھيءَ ڪم ۾ لڳايا ويا. اھو ڪم ھڪ
سال ست مھينا لڳاتار ھليو ۽ پوءِ ھتي وٽيجيءَ (15)
۾ ھڪ بھشتي باغ لڳي ويو، جنھن ۾ ھڪ سھڻي محلات
موجود ٿي پيئي. ھن باغ ۽ محلات جھڙا نه ڪنھن ٻڌا
نه ڏٺا. عاج جا ايٽ گهڙائي رکيا ويا. سسئي پنھنجي
سَٺ سَھيلين ساڻ اُتي ايٽ ڪتڻ لڳي. هوءَ روزانو
ساڀائي - سَنجهي باغ ۾ گهمڻ به نڪرندي هئي.
ڀنڀور ۾ سسئي ساماڻي ته سندس سونھن جي ھنڌين
ماڳين ھاڪ ھلي وئي. مينھون کٽيءَ جي مائٽن ۽ ٻين
شھر وارن کانئس سسئيءَ جي سڱ لاءِ گهُر ڪئي پر
ميھون کين جواب ڏيندي چيو ته: ”سسئي جو سڱ اُتي
ڏيندس، جتي سندس جيس جوڙ ڏسندس.” ڏينھن گذرندا
ويا. انھيءَ زماني ۾ ڪيچ جي ’آري ڄام‘ نالي ھوت
قبيلي مان ھڪ سردار ھو. کيس پنج پٽ ھئا، جن ۾
ھوتو، نوتو، ٻانهون، چنرو ۽ پنھون هئا، جن ۾ سڀني
کان ننڍو پنھون ھو. پنھون نه رڳو سُونھن، قد ۽
گهه ۾ ته سڀني کان وڌيڪ ھو پر عقل وارو به ھو.
پڻس کيس ڀائيندو به سڀني کان گهڻو ھو. سڀني ۾ ننڍو
ھئڻ باوجود به پڻس جيئري ئي کيس پڳ ٻڌائي هن کي
شھزادو بڻايو. تنھن زماني ۾ دنيا جي گهڻن ئي ملڪن
جو سنڌ سان واپار خشڪي توڙي سامونڊي رستي گهڻو
ھلندو ھو. ڇاڪاڻ جو اناج، ڪپڙو، ڪاٺ ۽ نير وغيره
ھتي تمام گهڻو ٿيندو ھو. ايران، عراق، مصر، عرب ۽
ٻين ملڪ جا واپاري هتان کان وکر سودي گهگهر ۽ حب
کان ٿيندا، ڪيچ وارو رستو وٺي اڳتي ويندا ھئا. آري
ڄام وارن جو واپار ڀنڀور سان ھلندو رهندو ھو.
ٻاٻيھو عقلمند، ھوشيار، پڙھيل ۽ حساب ڪتاب رکڻ جو
ڄاڻو ھو سو سندس واپار سنڀاليندو ھو.“(16) ڪريم
بخش ڪلمتي پاران ٻڌايل هن قصي جو باقي احوال اهو
ساڳيو ئي آهي، جيڪو ٻين روايتن ۾ آهي، تنھنڪري اهو
هتي ڏيڻ ضروري نه ٿا سمجهون.
ساڳيو قصو ٿوري گهڻي فرق سان بصر ڀنڀرو (17) به
ٻڌائيندو آهي. سندس ٻڌايل ڳالھه جي شروعات هن ريت
آهي:
”ڳالھه ٿا ڪن ته ڪنھن زماني ۾ ڀنڀور شھر ملڪان ملڪ
مشھور ھو. ڪپڙي، ڪاٺ، چمڙي، مکڻ، تيل، اناج، سيڌي،
سينگار ۽ ٻئي سامان جون الڳ الڳ بازارون ھونديون
ھيون. پاسن ۾ وڏا وڏا باغ ھوندا ھئا. تنھن زماني ۾
سنڌ جي هن علائقي ۾ ٻين فصلن سان گڏ نير تمام
گهڻو ٿيندو هو، جيڪو رڱاوٽ جي ڪم ايندو هو. ائين
لاڻو ته هن علائقي ۾ هن وقت تائين به گهڻو ٿئي ٿو،
جنھن مان کار ٺاهيو ويندو هو، اُن سان ڪپڙا ڌوتا
ويندا هئا. ھڪ زماني ۾ ڀنڀور ۾ محمد نالي، ھڪ
مشھور کٽي رهندو ھو، جنھن وٽ هڪ ئي وقت تي پنج سوَ
مزور ڪم ڪندا ھئا، جن مان ڪي ڪپڙا ڌوئندا ھئا، ته
ڪي وري رڱاوٽ جو ڪم ڪندا ھئا. محمد کٽيءَ جي گهر ۾
جڏهن سسئي ساماڻي، ته سندس سونھن جي ھاڪ ولاتن
تائين پکڙي ويئي. انھيءَ زماني ۾ جت ذات جي ھوت
پاڙي مان آري ڄام، ڪيچ ملڪ جو بادشاھه ھو. هن کي
پنج پٽ: هوتو، نوتو، ٻانھون، چنرو ۽ پنھون هئا.
پنھون سڀني ۾ ننڍو هو پر سونھن ۽ عقل ۾ کانئن وڌيڪ
هو. پڻس جيئري ئي کيس پڳ ٻڌائي ڇڏي هئي. ’ٻاٻيھي‘
نالي هڪ ديوان سندن سارو ڪاروبار سنڀاليندو هو،
جيڪو هڪ داناءُ، ايماندار ۽ هن خاندان سان سچو ۽
وفادار هو. آري ڄام جو مٿس نه رڳو گهڻو اعتماد هو
پر کيس پيارو به هو. ٻاٻيهو واپار وغيره سانگي،
ٻين ملڪن ۾ به ويندو رھندو ھو. ھڪ ڀيري ھو واپار
لاءِ ڀنڀور جي شھر آيو، جتي هن ڪنھن نموني سان
سسئيءَ کي ڏسي ورتو. جنھن جھڙي سھڻي ھن ڪٿي به
ڪونه ڏٺي ھئي. ھو جڏھن پنھنجي ملڪ واپس ويو، تڏھن
ھن پنھونءَ سان سسئيءَ جي ڳالھه ڪئي....“ بصر
ڀنڀري جي وڌيڪ ٻڌايل قصي ۾ ٻين روايتن کان نه رڳو
ھڪ آڳاٽو بيت وڌيڪ ملي ٿو پر ڪي حقيقتون مختلف به
آهن. جيئن:
1.
ڀنڀور ۾ اناج ، ڪپڙي، ڪاٺ، چمڙي وغيره جون الڳ الڳ
بازارون هونديون هيون.
2.
آسپاس ۾ وڏا وڏا باغ موجود هوندا هئا.
3.
نير جو فصل گهڻو ٿيندو هو، جنھن مان رڱ ٺاهيا
ويندا هئا.
4.
لاڻي جو ٻوٽو گهڻو ٿيندو هو، جنھن مان ڪپڙن ڌوئڻ
لاءِ کار ٺاهبو هو.
جهول ماڙيءَ واري ٽڪريءَ جو رهاڪو عثمان هيجب(18)
ڪيترائي تاريخي، نيم تاريخي قصا، ڪھاڻيون ۽
ڳالھيون ٻڌائيندو رهندو آهي، هو ٻين قصن سان گڏ
سسئي پنھونءَ جو قصو به سھڻي سٽاءَ سان بيان ڪندو
آهي. هو پنھنجي ڳالھه ۾ سنڌوءَ جي هن وهڪري جو
احوال به ٻڌائي ٿو جيڪو هن پٽن مان وهندو، اچي
ڀنڀور ڀر سان لنگهي، وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
سندس چوڻ موجب: ” وڏا ڳالھه ڪندا هئا ته، ڪنھن
زماني ۾ سنڌو درياھ، نصرپور کان ٿيندو، ٽنڊي محمد
خان وارا پٽ ڏيئي، ٻُڌڪا ٽڪرين جي ڏکڻ پاسان
وھندو، سونڊا شھر جي اولھه طرفان، منجهانئس هڪ
وهڪرو اولهه ۽ پوءِ اُتر طرف وڃي، وڏو وڪڙ ڪري،
سونھري ۽ ڪِنجهر ڍنڍ وارا علائقا ڀريندو، وري اچي
مک درياهه سان گڏبو ھو. ٿورو ئي اڳتي اچي، چليا
وٽان ٻن شاخن (19) ۾ ورھائبو ھو. جن مان ھڪ بگهاڙ
وارو وھڪرو جيڪو ٺٽي جي ڏکڻ کان وھندو اڳتي ويندو
ھو، ٻيو وھڪرو ڪلري نالي سان هو، سو چليا جا اولھه
وارا پاسا ڏيندو جهول ڍنڍ ڀريندو، لال ڇتي وٽان
اڳتي نڪرندو ھو، هتي ان وهڪري کي مول درياهه چوندا
هئا. اھو وھڪرو مڪليءَ جي اُتر مان وھي،گجي ۽ ٿرڙي
وارن پٽن مان وھندو، اڳتي ويندو هو. ٿرڙي وٽان وري
ٻن ڀاڱن ۾ ورهائبو هو، هڪڙو وڏو وهڪرو ڏکڻ_اولهه
طرف وهندو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، ان تي به ڪي
ننڍا وڏا شھر، بندر ۽ بازارون اڏيل هيون. ٻيو
وهڪرو ٿرڙي ٽڪريءَ وٽان اتر طرف موڙ کائيندو
ڦرندو، گهاري جو ڏکڻ وارو پاسو ڏيئي، ڀنڀور وٽان
وڪڙ ڪري، اڳتي سمنڊ ڏانھن ويندو ھو. سسئي جي صندوق
انھيءَ وھڪري سان آئي ھئي.“ عثمان هيجب موجب:
”سسئي لُڙهندي جڏهن ٿَرڙي واري ڪوٽ وٽان لانگهائو
ٿي، تڏهن اُن زماني ۾ ٿَرڙي جو شھر ته ڦٽي ختم ٿي
چڪو هو پر اُتي نوح واري ٻيڙيءَ تي هڪ درويش رهندو
هو، تنھن جڏهن ننڍڙي سسئيءَ جون دانھون ٻڌيون، ته
ماجرا کي سمجهي، اُن درويش کيس دعاڪئي، اُن دعا
سان سسئي اچي ڀنڀور جھڙي شھر ۾ پھچي، محمد کٽيءَ
جي حوالي ٿي.“
عثمان هيجب جي ٻڌايل ڳالھه مان خاص هي حقيقتون
معلوم ٿين ٿيون:
1.
سنڌوءَ جو اولهائون وهڪرو ڪھڙن پٽن تان وهي، ٿرڙي
ٽڪريءَ وٽان ٻن وهڪرن ۾ ورهائبو هو. انھن مان هڪ
وهڪرو اتر طرف وڪڙ ڪندو، اچي ڀنڀور پھچندو هو ۽
پوءِ اُتان لنگهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
2.
اُن زماني يعني پنجين صدي هجريءَ کان گهڻو اڳ ئي
ٿَرڙو اُجڙي چڪو هو پر اُتي اڃا ڪي ماڻھو رهندا
هئا.
سڀيئي ڳالھيون ثابت ڪن ٿيون ته ڀنڀور هڪ قديم
شھر/بندر رهيو آهي. اندازي موجب ڀنڀور جو بنياد
400 ق_م کان اڳ پيو، پوءِ مختلف زمانن ۾ وڌيڪ
ٺھندو ۽ وڌندو رهيو. چيو وڃي ٿو ته عيسوي سن جي
شروعات کان ڪجهه صديون اڳ ڪن سببن جي ڪري ڀنڀور
اُجڙي چڪو هو پر پوءِ وري به ٻيھر اڏجي ۽ وڌي ويو،
پوءِ ٻيھر به وري هي شھر پھرين صدي عيسويءَ تائين
عروج تي پھچي چڪو هو.
زراعت، گهريلو صنعت وغيره گهڻي هئڻ جي ڪري سڄي
دنيا ۾ مشھور رهيو. دنيا جي ملڪن کان هيستائين اچ
وڃ لاءِ نه رڳو
خشڪيءَ جا سولا رستا موجود هئا، پر سڻاين هوائن
جي رخ تي سامونڊي رستا ۽ سَھنجا بندر موجود هئا.
ڀنڀور اناج، ڪپڙي، ڪاٺ، نير، چوپائي مال، چمڙي
وغيره جي گهڻائيءَ جي ڪري گهڻو مشھور هو.
سسئي پنھونءَ جو قصو يارهين صدي عيسويءَ جو آهي.
انھيءَ قصي ۾ آيل ڀنڀور جي احوال مان معلوم ٿئي ٿو
ته يارهين صدي عيسويءَ کان گهڻو اڳ ئي ڀنڀور جو
شھر ڪئين زمانن جا مرحلا طئي ڪري، وڏي اوج تي رسيل
هو.
ٻين ملڪن ۽ علائقن وانگر ڪيچ جي ماڻھن جا واپاري
قافلا به ڀنڀور ۾ اناج وٺڻ لاءِ ايندا رهندا هئا.
اهڙيون شاهديون سومرا دور جي ڳاهن ۾ بنھه چٽيون
موجود آهن.
ڀنڀور جي گهريلو صنعت ايتري مٿاهين درجي تي پھتل
هئي، جو رڳو هڪڙي ڪاروباري شخص محمد کٽيءَ جي گهر
۾ جيڪو آتڻ هو، اُن ۾ هڪ ئي وقت (سسئيءَ جي
نگرانيءَ ۾) سَٺ عورتون (سُٽ ڪتڻ، ڪپڙو اُڻڻ وغيره
جو) ڪم ڪنديون هيون.
اهڙيءَ ريت محمد کٽيءَ وٽ هڪ ئي وقت پنج سوَ مزدور
(20) ڪم ڪندا هئا، جيڪي نه رڳو ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪم
ڪندا هئا، پر رڱاوت جو ڪم به ڪندا هئا.
ڪنھن به قديم ماڳ، جنھن جو لکت ۾ ڪو تاريخي
دستاويز نه ٿو ملي، ان جي تھذيب ڄاڻڻ لاءِ ماهرن
ذريعي ان ماڳ جي کوٽائي ڪري، اصل ڄاڻ حاصل ڪرڻ
ضروري هوندي آهي. ڀنڀور بابت رڳو روايتون ملڻ ۽ ڪو
به تاريخي دستاويز نه هئڻ ڪري ماهرن پاران ڪيل
کوٽائيءَ مان، مليل ثابتيون سڀ کان اهم آهن. هونئن
به قديم آثار نه ڪو گهٽ _ وڌاءُ ڪندا آهن نه ئي
غلط بياني ڪندا آهن، سو ڀنڀور جي ڪيل کوٽائيءَ جي
بنياد تي ڏنل احوال تي مختصر ئي پر نظر وجھڻ تمام
ضروري آهي.
قديم آثارن جي ماهرن ۾ هينري ڪزنس جو چوڻ آهي ته
”ڀنڀور انھيءَ کاريءَ جي حفاظت جي لاءِ هڪ آئوٽ
پوسٽ يا هڪ چوڪي هئي، جيڪا ديبل ڏانھن ويندڙ جھازن
جي کلئي سمنڊ ۾ سفر جي انتظام کي قائم رکڻ لاءِ
ٺاهيل هئي.“ ڪزنس جي هن ڳالھه سان گهڻا ماهر سھمت
ناهن ڇاڪاڻ ته ڀنڀور جا آثار ڪنھن چوڪيءَ کان
گهڻا، هڪ وڏي شھر جا آهن. اين. جي. مجمدار 1930ع ۾
ڀنڀور جي ڪجهه آزمائشي کوٽائي ڪئي هئي، تنھن ڀنڀور
کي هڪ الڳ شھر ڄاڻايو آهي. 1951ع ۾ پاڪستان جي
قديم آثارن جي کاتي جي هڪ آفيسر مسٽر ليسلي الڪاڪ،
ڀنڀور جي کوٽائي ڪرائي، جنھن کي هن ماڳ تان عيسوي
سن کان آڳاٽا آثارمليا هئا. قديم آثارن جي کاتي
پاران 1958ع کان 1965ع تائين لڳاتار ڀنڀور جي قلعي
وارن آثارن جي کوٽائي ڪرائي ويئي. قديم آثارن جي
ماهر ايف. اي خان جي ڪرايل انھيءَ کوٽائيءَ مان
اهم راز کلي پيا.
انھيءَ کوٽائيءَ سان خاص ڪري ٽي دور، يعني سٿين
پارٿين جو دور، مقامي هندو _ ٻڌ مت ۽ آخري عرب
اسلامي دور ظاهر ٿي پيا. سٿين پارٿين دور جي مليل
شين ۾ ٺڪر جا ٿانوَ جن ۾ سوڙهي ڳچيءَ وارا مرتبان،
سوراخدار نيسارا وغيره شامل آهن. ان کان پوءِ واري
دور ۾ قلعي جي اُلھندي ڀاڱي ۾ ٺھيل مندر وٽان پٿر
مان ٺھيل شِو لنگهم مليا. پڪل ڳاڙهي مٽيءَ مان
(انسانن توڙي حيوانن) جون ڪيتريون ئي مورتيون، چڪ
۽ سانچن ۾ ٺاهيل ٿانوَ جن تي جاميٽريءَ جي اصولن
موجب گلڪاريءَ جا نمونا، انسانن، جانورن ۽ پکين جا
اُڀاريل نقش آهن. سانچن ۾ ٺاهيل شين ۾ ساساني دور
جي ٿانوَن جا ڪيترائي نمونا جن ۾ ڪنگريون وغيره
آهن، تن تي ٽٻڪن جي گهيري سان ٺاهيل جانورن ۽ پکين
جي گهيرن وارا سھڻي نموني سان ٺاهيل نقش، شين کي
محفوظ رکڻ وارا مرتبان جن تي اٺين صدي عيسويءَ جا
(پروٽو ناگري طرز؟) نقش ٺھيل آهن.
گهڻين ئي شين سان گڏ ڀنڀور مان شيشي جي سامان جا
به ڪيترائي نمونا تمام گهڻا مليا آهن. ڊاڪٽر محمد
رفيق مغل ڀنڀور مان مليل شيشي جي سامان بابت
بھترين تحقيقي مقالو لکي، پڌرو ڪيو ته ايترو آڳاٽي
دور ۾ به هتي شيشي جو ڪارخانو موجود هو. هن پنھنجي
مقالي ۾ لکيو آهي:”ستن سالن ( 1958ع کان 1965ع) جي
کوٽائيءَ مان ڪيترن ئي سرڪاري، مذهبي ۽ غير مذهبي
عمارتن، بازارن، گهٽين ۽گهرن جي ترتيب، جيڪي قلعي
جي ديوارن اندر آهن، وڏا شاهي دروازا، مضبوط قلعي
جا برج ۽ بيشمار روزاني جي استعمال جا چٽيل ۽
چمڪدار ٿانوَ، لوهه، ٽامي ۽ پتل جون شيون ۽ هڪ
جهجهو تعداد شيشي جي سامان جو مليو آهي.“ (21)
اڳتي لکي ٿو ته:”لڳي ٿو ته ڀنڀور جي شيشي جي صنعت
ڪافي ترقي يافته هئي ۽ هن کي اسلامي دنيا جي ٻين
مرڪزن جي ڀيٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو.“ (22) ڊاڪٽر مغل
صاحب پنھنجي ساڳئي مقالي ۾ ئي وري ائين به لکيو
آهي:”شروعاتي شيشي متعلق ثابتيون ڀنڀور جي ساساني
(دور واري) سطح تان مليون آهن.“(23) ڊاڪٽر مغل
صاحب جي انھيءَ بيان مان پڌرو ٿئي ٿو، ته ڀنڀور ۾
شيشي جي صنعت عربن جي اچڻ کان گهڻو آڳاٽو موجود
هئي. عربن جي قبضي کان پوءِ جي دورن ۾ پھرين اموي
دور 711ع کان 750ع تائين ۽ ٻئي ابتدائي عباسي دور
750ع کان 892ع تائين جا آثار چڱا مليا آهن، پر
ٽئين يعني عباسين جي پوئين دور 892ع کان ٻارهين
صدي عيسوي ۽ چوٿين دور يعني عربن جي آخري دور
ٻارهين صدي کان تيرهين صدي عيسويءَ جا آثار بنھه
گهٽ مليا آهن.
کوٽاين جي نتيجي ۾ سِڪن جو تعداد تمام گهڻو مليو
آهي، انھن ۾ هيٺين سطحن تان مليل آڳاٽن دورن جا
سِڪا گهڻو ڳري وڃڻ جي ڪري مٿن لکت پڙهي نه ٿي
سگهجي،البت پوئين يعني عرب دور جي ڪن سِڪن جون
لکتون پڙهيون ويون آهن. عباسي دور جا چانديءَ جا
سڪا به مليا آهن. سِڪن ٺاهڻ جا سانچا به تمام گهڻي
تعداد ۾ نه رڳو مليا آهن، پر اڄ به اتي تمام گهڻا
پکڙيا پيا آهن.
ڪوفي خط ۾ لکيل 14 ڪتبا مليا آهن، جيڪي گهڻو ڪري
عباسي دور جا آهن. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر ايم.اي.غفور
جو ”ڀنڀور جا چوڏهن ڪوفي ڪتبا“ هڪ اهم ڪتاب آهي.
جهوني زماني جا آثار ته مختلف ماڳن تان مليا آهن،
پر ان زمانن کان پوءِ آڳاٽن عرب سياحن جي احوالن
مان به چٽي ريت معلوم ٿئي ٿو، ته آڳاٽي زماني کان
سنڌ ۾ پنھنجي سنڌو لکت استعمال ٿيندي هئي. ڀنڀور
جي شھر ۾ زرعي، صنعتي ۽ ٻئي سامان جي تور، ماپ،
واپار يا روزمره جي ساري ڪاروبار کي هلائڻ ۽ اُن
کي دستاويزي شڪل ۾ رکيو ويندو هو. انھيءَ ساري
ڪاروهنوار کي لکت ۾ رکڻ لاءِ هتي سنڌو لکت موجود
هئي. خوشيءَ جي ڳالھه آهي ته ڀنڀور جي کوٽاين مان
سنڌو لکتون به مليون آهن. ڀنڀور مان مليل انھيءَ
لکت بابت ڊاڪٽر ايف. اي. خان جو رايو آهي ته، اٺين
صدي عيسويءَ جي ناگري اکرن تي مشتمل لکت جا نمونا
ڪن ٿانوَن تي مليا آهن، جنھن ۾ تور ماپ ڏيکاريل
آهي. انھن لکت وارين ٺڪرين جي باري ۾ ڊاڪٽر ايف.
اي. خان لکيو آهي:”اهي اکر جيڪي عام ڪاري مس سان
لکيل آهن، سي ثابت ٿا ڪن ته مٽيءَ جي برتنن جون
اهي ٺڪريون ٻاهران هرگز نه گهرايون ويون هونديون،
يعني اهي ديسي ئي هونديون.“ (24) ڀنڀور مان مليل
لکت کي ڪن عالمن کروشتي خط ڪري به ڄاڻايو آهي.
ڊاڪٽر ايف. اي. خان پنھنجي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب
۾ ’پري مسلم ڪلچر مٽيريل‘ جي سري سان ڏنل باب ۾
کوٽائيءَ مان مليل سامان جي ڪيترين ئي تصويرن سان
گڏ، ٽي تصويرون انھن لکتن جون به ڏنيون آهن. (اهي
لکتون ڀنڀور ميوزيم ۾ به ڏسي سگهجن ٿيون.) انھن
ڏنل تصويرن ۾ تصوير نمبر 9، 10 ۽ 11 وارين لکتن کي
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. انھن
مان تصوير نمبر 10 واري لکت جي پڙهڻي به ڏني آهي.
هن پنھنجي هڪ مقالي، ’ڀنڀور جا آثار سنڌي ٻولي ۽
سنڌي سماج جو مطالعو‘ ۾ ٺڪرين تي لکت جو تجزيو
ڪندي ۽ انھن جو نتيجو ڪڍندي، لکيو آهي: ”(الف)
ڀنڀور واري لکت مان هڪ عيني تصوير نمبر 10 واري
لکت پڙهي ويئي آهي، ان لکت جي پڙهڻي آهي: بجر هيدر
. پھرين سٽ ۾ لکيل آهي بُجر ۽ ٻي سٽ ۾ لکيل آهي
هيدر. انھيءَ ٺڪريءَ توڙي ٻين ٺڪرين تي لکيل لفظ،
سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جي زماني جي سنڌي
ٻوليءَ جي لکيل صورت جي املهه نشاني آهن. (ب)
اسلام جي آمد کان اڳ سنڌي ٻولي ديسي رسم الخط ۾
لکي ويندي هئي، جنھن جا هڪ کان وڌيڪ رسم الخط هئا.
ٻولي اها ئي ساڳي يعني سنڌي هئي پر لوهاڻا ان کي
پنھنجي نموني پيا لکندا هئا ته ڀاٽيا پنھنجو رسم
الخط پيا ڪم آڻيندا هئا.“ (25) ڊاڪٽر غلام علي
الانا پنھنجي ڪتاب ”سنڌي صورتخطي“ ۾ انھيءَ ڳالھه
جي چٽائي ڪندي لکيو آهي: ” انھن کان سواءِ ٺٽائي
ڀاٽين ۽ سيوهاڻي ڀاٽين جو رسم الخط الڳ الڳ هوندو
هو. اهڙي طرح راجائي ۽ ونگائي به رسم الخطن جا
نالا هئا، جيئن البيرونيءَ مالواڙي ۽ سَئندوَ رسم
الخطن جا نالا ڏنا آهن.“(25)
ڊاڪٽر الانا صاحب درست لکيو آهي پر هتي هِيءَ
ڳالھه سمجهڻ به ضروري آهي، ته اهي ماڻھو هڪٻئي جون
لکتون سمجهي ضرور سگهندا هوندا، جو واپار ۽ ٻئي
ڪاروبار ۾ ڪتب آڻيندا هئا. (26) ڊاڪٽر الانا صاحب
هتي ئي لکيو آهي ته: ”هن راءِ مان اهو به ثابت ٿئي
ٿو ته سنڌي ٻولي واپاري ڏي وٺ ۽ عام استعمال واري
ٻولي هئي، جا ان وقت به شاهوڪار، معياري ۽ وسيع
ٻولي هئي. اُن ۾ نجوم ، هيئت، طب ۽ ٻين علمن توڙي
وڻج واپار، تجارت، روزانه استعمال جي شين، مختلف
قسمن جي ڪپڙن ، دوائن وغيره لاءِ لغتي خزانو موجود
هوندو هو.“ (27)
ڊاڪٽر الانا صاحب پنھنجي مقالي، ’ڀنڀور جا آثار:
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو‘ ۾ هيءَ ڳالھه
ڌيان ڇڪائيندڙ ڪئي آهي ته:”بُجر هيدر لفظ وياڪرڻ
جي لحاظ کان توڙي نحوي نقطه نگاه کان نھايت ئي
دلچسپيءَ وارو آهي. هن لفظ جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ
چئي سگهجي ٿو ته اڄ کان چوڏهن سوَ سال اڳ به سنڌي
ٻوليءَ جي ساخت ۽ سٽاءُ ساڳي هئي.“(28) ڊاڪٽر
الانا صاحب پنھنجي ڪتاب ”سنڌي صورتخطي“ ۾ انھن
ٺڪرين جي باري ۾ لکيو آهي: ”هن کوٽائيءَ مان لڌل
ٺڪرين تي لکيل حرف، اٺين صديءَ جي آڳاٽي ناگري
نموني جا آهن. هن کوٽائيءَ مان مليل ثابتين، عرب
سياحن حق گوئي ۽ راست بازيءَ جي ساک ڀري آهي.“(29)
ڊاڪٽر الانا صاحب بحث ڪندي اڳتي لکيو آهي:” ڏنل
تصويرن ۾ انھن لکتن جي اڀياس کان پوءِ چئي سگهجي
ٿو ته سنڌي ٻولي، اسلام جي آمد کان به اڳ لکي
ويندي هئي، جنھن لاءِ هڪ کان وڌيڪ لکتون ڪم آڻڻ جو
رواج هو.“(30)
الانا صاحب جائزو وٺندي، وري به لکيو آهي ته:”هن
بيان مان هي نتيجو نڪري ٿو ته جيئن سنڌي ٻولي قديم
آهي تيئن موجوده سنڌي ٻوليءَ جي لکت به قديم آهي.
جنھن جا ڪي آڳاٽي ۾ آڳاٽا مثال ۽ اهڃاڻ ڀنڀور جي
ٺڪرين مان ملن ٿا.“(31)
هيءَ حقيقت چٽي آهي ته هتي جا سڀئي ماڻھو پنھنجي
سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ هئا پر وٽن سنڌي لکڻ لاءِ
مختلف ڏيھي لکتون رائج هيون. جيئن لوهاڻا هڪڙي ته
ڀاٽيا وري ٻي لکت ڪتب آڻيندا هئا.ائين ٺٽائي،
ونگائي، سيوهاڻي ۽ راجائي لکتون به هلندڙ هيون، پر
هتي جا ماڻھو اهي هڪٻئي جون لکتون پڙهي ۽ سمجهي
سگهندا هئا. تڏهن ئي هو ڏيھي ۽ پرڏيھي هلندڙ واپار
جا حساب ڪتاب رکي سگهندا هئا ۽ پڻ هڪٻئي جا لکيل
سنيھا وغيره به سمجهي سگهندا هئا.
هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته ڪڇيءَ ۾ هڪ مذهبي ڪتاب
”رام راند“ ڇپيو آهي، جنھن ۾ ڀنڀور مان مليل ٺڪرين
واري لکت جي پڙهڻي ڏني ويئي آهي.
سميٽ
(Conclusion)
ڀنڀور هڪ قديم شھر/بندر آهي. ڪن شاهدين موجب ڀنڀور
جو بنياد 500 ق_م کان اڳ پيو ، پوءِ مختلف زمانن ۾
وڌيڪ ٺھندو ۽ وڌندو رهيو. هي شھر پھرين صدي
عيسويءَ تائين عروج تي پھچي چڪو هو.
ڀنڀور اناج، ڪپھه ڪپڙي، ڪاٺ، نير، چوپائي مال،
چمڙي، معدنيات، گهرو هنر، صنعتي پيداوار وغيره جي
گهڻائيءَ جي ڪري، سڄي دنيا ۾ مشھور رهيو. دنيا جي
ملڪن کان هيستائين اچ وڃ لاءِ نه رڳو
خشڪيءَ جا سولا رستا موجود هئا، جن جا نشان هن
وقت تائين به موجود آهن. سڻاين هوائن جي رخ تي،
سامونڊي رستا ۽ سَھنجا بندر به موجود هئا/آهن.
سسئي پنھونءَ جو قصو يارهين عيسوي صديءَ جو آهي.
انھيءَ قصي ۾ آيل ڀنڀور جي احوال مان به چٽيءَ ريت
معلوم ٿئي ٿو ته يارهين صديءَ کان گهڻو اڳ ئي نه
رڳو ڀنڀور جو شھر موجود هو پر ڪئين زمانن جا
مرحلا طئي ڪري، وڏي اوج تي پھچي چڪو هو.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ سنڌ ساڻيھه جي ٻين علائقن
وانگر ڪيچ جي ماڻھن جا واپاري قافلا به ڀنڀور ۾
اناج ۽ ٻيو وکر وٺڻ لاءِ ايندا رهندا هئا.
هن شاهوڪار شھر ڀنڀور جي گهريلو صنعت ايتري مٿاهين
درجي تي پھتل هئي، جو رڳو هڪڙي محمد کٽيءَ جي گهر
۾ جيڪو آتڻ هو، اُن ۾ هڪ ئي وقت (سسئيءَ جي
نگرانيءَ ۾) سَٺ عورتون (سُٽ ڪتڻ، ڪپڙو اُڻڻ وغيره
جو) ڪم ڪنديون هيون.
ڀنڀور جي رڳو هڪڙي ڪاروباري شخص محمد کٽيءَ وٽ هڪ
ئي وقت پنج سوَ مزور ڪم ڪندا هئا. ڏٺو وڃي ته
انھيءَ دور جي لحاظ کان اهو تمام وڏو ڪارخانو هو.
ڀنڀور جي مٿاهين آخري تَھه جي کوٽائيءَ مان ظاهر
ٿيل هڪ ئي هنڌ تي ايتريون رڱاوت واريون ناڌون اُن
جو وڏو ثبوت آهن. (ڀنڀور جا آڳاٽا اهڃاڻ هيٺين
تَھن ۾ آهن، جيڪي ماهرن جي کوٽائيءَ جي نتيجي ۾
ضرور ظاهر ٿي قدامت ۽ تھذيب جون گواهيون ڏيندا.)
اهو گهڻو آڳاٽو زمانو جڏهن دنيا جي شھرن جي آبادي
ڪا گهڻي نه هوندي هئي، اُن دور ۾ هڪ ئي ماڻھوءَ جي
ڪاروبار ۾ سٺ عورتون ۽ پنج سوَ مرد (21) مزور ڪم
ڪندا هجن، اهو هڪ وڏو تاريخي رڪارڊ آهي. پڪ آهي
ته اهڙا ڪاروبار ۽ ٻين شين جا ڪارخانا گهڻائي
موجود هوندا.
انھيءَ مان چٽيءَ ريت اندازو ڪري سگهجي ٿو ته
ڀنڀور تھذيبي،تمدني، زرعي، صنعتي ۽ واپاري لحاظ
کان ڪيڏي وڏي شاهوڪاري ۽ مٿاهين درجي تي پھتل هو.
لوڪ ادب جي ڪتاب ”سسئي پنھون“ ۾ جيڪي روايتون ڏنل
آهن، انھن ۾ سڀ کان آڳاٽي ڳاهن سان ڳالھه سومرا
دور جي چيل آهي، اُن ۾ به ڀنڀور شھر جي شاهوڪاري
وغيره جو احوال موجود آهي.
هتي آڳاٽي دور کان يعني عربن جي اچڻ کان اڳ ۾ به
سنڌي ٻوليءَ جي پنھنجي
۽ سڌريل لکت هئي، جنھن جو ثبوت ٺڪرين تي لکيل لکت
آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا پاران جيڪا لکت واري ٺڪري
پڙهي ويئي آهي، ان تي پنج اکر لکيل آهن.
باقي ٺڪرين تي لکيل لکت پڙهڻ سان اڃا به وڌيڪ
حقيقت پڌري ٿيندي.
واپار ۽ ٻيو ڪار وهنوار جو حساب ڪتاب يا ٻيا
معاملا هتي جا ماڻھو پنھنجي ڏيھي لکت ۾ لکندا هئا.
مليل ٺڪرين جي بنياد تي مختلف ٻولين جي لکتن جي
ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته هيءَ لکت ايتري
مشھور هئي، جو دنيا جي ٻين لکتن ۾ به ساڳين آوازن
لاءِ هتي جا ڪي اکر ملن ٿا.
ڀنڀور جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ – اوڀر ۾ ڪيترائي ماڳ جيڪي
هاڻي سمنڊ جي پاڻيءَ جي گهيري ۾ گهريل آهن، جن ۾
رتوڪوٽ، راڻوڪوٽ، ٿنڀن واري، ڌاراجا ۽ ٻيا اچي وڃن
ٿا. انھن هنڌن تي ڳولا سان به ڪي لکت واريون شيون
ملي سگهن ٿيون.

ڀنڀور جو قلعو


ڀنڀور مان مليل لکت واريون ٺڪريون
 |
 |
ڀنڀور مان مليل لکت واري ٺڪري |
ڀنڀور مان مليل
اها
ٺڪري جنھن جي ڊاڪٽر الانا صاحب پڙهڻي
ڏني آهي. |
حوالا:
1.
ڏسجي، ”سسئي پنھون“ (مشھور سنڌي قصا: عشقيه
داستان) مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد، 1976ع ص 4.
2.
ڏسجي، ”سنڌ جي بين الاقوامي تجارت جو قديم مرڪز:
ڀنڀور“، ايم ايڇ پنھور، ڪتاب ”ڀنڀور ۽ ديبل“،
مرتب: عبدالقادر منگي، 1986ع 260، ۽ ”سنڌ شناسي“،
(مقالا ۽ مضمون) ايم ايڇ پنھور، مرتب: ڊاڪٽر غلام
محمد لاکو، پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي، 2017ع.
3.
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”سسئي پنھون“، مٿيون
حوالو، ص 2.
4.
ساڳيو حوالو، ص 2.
5.
ساڳيو حوالو، ص 3.
6.
ساڳيو حوالو، ص 3.
7.
ساڳيو حوالو، ص 58.
8.
ساڳيو حوالو، ص 56 ۽ 57.
9.
ساڳيو حوالو، ڏسجي ص 56 کان 90.
10.
ساڳيو حوالو، ص 102کان 123.
11.
’تحفت الڪرام‘
(فارسي) ۾ لکيل آهي: ”زنار داري نانيه نام مع جفت
خود مندهر اسم در زي اهل مڪنت بھانبر واهه ڪه در
حڪومت دلو راي بود-طلبگار فرزند.“ (وڌيڪ ڏسجي تحفة
الڪرام، تاليف ميرعلي شير قانع ٺٽوي، باهتمام و
حواشي:سيد حسا الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد، 1971ع ص 46.
12.
ڪريم بخش ڪلمتي (وفات 27 آگسٽ 2004ع عمر83 سال)
ساڻس ڪچھري تاريخ 24 آگسٽ 1996ع تي ٿي.
13.
نوح جي ٻيڙي: نالي ٿَرڙي جي اوڀر ڀر ۾ ٻيڙي جي
شڪل/نموني واري ٽڪري آهي. هن لاءِ مقامي ماڻھن جو
چوڻ آهي ته هيءَ حضرت نوح جي ٻيڙي آهي. جڏهن نوح
وارو طوفان ختم ٿيو تڏهن هيءَ هتي اچي رڪجي پئي،
نوح ۽ ساڻس گڏ بچيل مخلوق هتان ئي ٻين هنڌن ڏانھن
وئي هئي، پر تاريخي لحاظ کان اهڙي ڪا به ڳالھه نه
ٿي ملي. چيو وڃي ٿو ته، اڳتي هلي ٻيڙي پٿر جي ٽڪري
بڻجي پئي. منھنجي اندازي موجب جڏهن ٿَرڙي وارو ماڳ
آباد هو تڏهن ٻيڙي جي شڪل جھڙي هيءَ ٽڪري ٻيڙياتن
جي لاءِ هڪ اهڙو هنڌ هو، جتي ٻيڙيون روڪڻ لاءِ
ٻڌيون وينديون هيون.
14.
ڪريم بخش ڪلمتي ڀنڀور جي آثارن بابت به ڪي ڳالھيون
ٻڌائي ٿو سندس چوڻ آهي: ”ڀنڀور وارو قلعو جيڪو
پنجاھه سٺ سال اڳ مٽيءَ مان وَلي (کوٽي) ظاھر ڪيو
ويو آھي، اُن کي اسين ننڍي ھوندي سسئيءَ جو ٽڪر
چوندا ھئاسين. ھن سڄي شھر جي آثارن کان وٽيجيءَ
تائين کي ڀنڀور سڏيندا ھئاسين. انھيءَ سڄي علائقي
۾ 81ــ1980ع تائين ٺڪراٺو، پٿر، ديوارن جي بنيادن
جا ۽ ٻيا گهڻا آثار پکڙيل ھوندا ھئا.“
15.
اسان جڏهن سندس ڳوٺ وٽيجيءَ وڃي ساڻس ڪچھري ڪئي
هئي، تڏهن پاڻ وٽيجيءَ جا چٽا پکڙيل آثار ڏيکاريا
هئائين.
16.
ڪريم بخش ڪلمتيءَ پاران سسئي پنھونءَ جو پيرائتو
قصو ٻڌايل/لکيل موجود آهي پر طوالت کان پاسو ڪندي،
هتي فقط سندس ڳالھه جا اُهي ٽڪرا ڏنا ويا آهن، جن
کي ضروري سمجهيو ويو آهي.
17.
بصر ڀنڀرو، ويٺل ڳوٺ بصر ڀنڀرو، ڄمار 56 ورهيه،
بتاريخ 20 نومبر 1996ع.
18.
محمد عثمان هيجب، ويٺل ڳوٺ حاجي رمضان هيجب، ڄمار
58 ورهيه، بتاريخ 7 اپريل 1998ع .
19.
آڳاٽي زماني ۾ هنن وهڪرن جا نالا ڪي ٻيا هوندا.
20.
سڀني روايتن ۾ محمد کٽيءَ وٽ ڪم ڪندڙ مزورن جو
تعداد پنج سوَ ۽ آتڻ تي سسئيءَ جي سَھيلين (ڪم
ڪندڙن) جو تعداد سَٺ ڏنل آهي.
21.
مغل، ڊاڪٽر محمد رفيق، ”ڀنڀور جو اسلامي طرز جو
شيشي جو سامان“ ڪتاب: ”ڀنڀور ۽ ديبل“ سھيڙيندڙ
عبدالقادرمنگي، 1986ع ص 163.
22.
ساڳيو حوالو، ص 163.
23.
ساڳيو حوالو، ص 164.
24.
Khan F. A, BHAMBHORE, Karachi, Deptt.
Archaeology, Government of Pakistan, 1976, p. 9
25.
الانا، ڊاڪٽر غلام علي، ”ڀنڀور جا آثار: سنڌي ٻولي
۽ سنڌي سماج جو مطالعو“، ڪتاب: ”ڀنڀور ۽ ديبل“،
عبدالقادر منگي، 1986ع ص 182.
26.
الانا، ڊاڪٽر غلام علي، ”سنڌي صورتخطي“، سنڌي
لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ، 2016ع، ص 39.
27.
ساڳيو حوالو، ص 40.
28.
الانا، ڊاڪٽر غلام علي، ”ڀنڀور جا آثار: سنڌي ٻولي
۽ سنڌي سماج جو مطالعو“، ص 182.
29.
الانا، ڊاڪٽر غلام علي، ”سنڌي صورتخطي“، ص 40.
30.
ساڳيو حوالو، ص 40.
31.
ساڳيو حوالو، ص 41 . |