سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2025ع

باب:

صفحو:6 

ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

تاريخِ بزمِ صوفياءِ سنڌ

]ورڪنگ ڪاميٽي جو اهم اجلاس ۽ ستين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس نبي سر[

 

×   هٿين پيرين هلاڪ هجڻ (هلڻ چلڻ ۾ ڏکيائي ڀانئڻ- مسڪيني حال هجڻ) ”پيٽ بُکيو، اَنگ اُگهاڙو، هُئين هَٿين پيرين هَلاڪ“، هُئي نه هيڏِي مال مَستي، اِيءَ به رَحمت رَب جِي.

حاصل مطلب/ نتيجو

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جون ڪافي حسناڪيون سمايل آهن، جن تي ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي. هتي ’پير‘ سان سلھاڙيل اصطلاحن جو جائزو ورتو ويو. سندس شاعريءَ ۾ لفظ ’پيرُ/ پيرَ‘ (واحد توڻي جمع) ڇاهتر (76) ڀيرا ڪم آندل آهي، جڏهن ته گرداني صورت (inflected) ۾ ’پيرن‘ ٻاويھه (22) ڀيرا ڪم آندو اٿس ۽ حرف جر جي ميلاپ سان ’پيرين‘ چار (4) ڀيرا سامھون اچي ٿو؛ جڏهن ته ’پيرو/ پيرا‘ به چار (4) ڀيرا آيو آهي. اندازي مطابق هڪ سَو ڇھه (106) لفظ ملي سگهيا آهن.

ٻوليءَ ۾ لفظن جي معنى جا ٻه رخ ٿيندا آهن، هڪ: لغوي/ اکري، ٻيو: سماجي/ اصطلاحي. مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ لفظ ’پير‘ سان سلھاڙيل اصطلاحن جي چونڊ ڪئي ويئي، جن کي معنى ڏيڻ جي ڪوشش ورتي ويئي ۽ سندس پورو شعر مثال طور ڏنو ويو، جنھن مان مراد واضح ٿي سگهي. سندس ڪليات مان اهڙا ڇھانوي (96) اصطلاح ملي سگهيا آهن. جڏهن ته ڏهه (10) لفظ، ساڳي معنى سبب ڇڏيا ويا آهن.

حوالا/ ذريعا

ü   الھداد، ٻوهيو، ڊاڪٽر (1978ع) سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

ü   جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2021ع) سنڌي درسي اشتقاقن جي تشريحي لغت. محرابپور: ميم جيم پبليڪيشن.

ü   جوکيو، الطاف حسين (2009ع) سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاحي جزن جي تنقيدي اکيڙ. ايڊيٽر تاج جويو. سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، 2 (3)، 106- 143. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

مددي ڪتاب

ü   بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1960- 1985ع) جامع سنڌي لغات {جلد 1 کان 5} سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

ü       رستماڻي ضرار، پروفيسر (2017ع) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پھريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

ü       اصطلاحن جي معنائن ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي.

هر جماعت جو پروگرام ۽ پاليسيون جوڙڻ ۽ انھن تي گهربل نموني عمل ڪرائڻ جي ذميداري جماعت جي ورڪنگ ڪاميٽي تي هوندي آهي. انڪري جماعت جي ورڪنگ ڪاميٽي مقرر ٿيل وقت تي گڏ ٿي، جماعت جي ڪيل ڪمن جو جائزو وٺندي، ڪي نوان پروگرام ۽ پاليسون ترتيب ڏئي، عمل ڪرائڻ جي مجاز هوندي آهي.

مٿي ذڪر ڪيل مقصد جي روشنيءَ ۾ بزم صُوفياءِ سنڌ طرفان ڇهه مهينا عملي ڪارڪردگي ڏيکارڻ بعد اپريل 1967ع ۾ جماعت جي صدر صاحب ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ محترم ارباب نور محمد پليجي معرفت هيٺيون ليٽر جاري ڪرايو.

حيدرآباد

1967-04-02

جناب والا

السلام عليڪم؛ بزم صوفياءِ سنڌ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ تاريخ 9- اپريل 1967ع وقت 9 بجه صبح ضلع دادو ۾ جناب سيد سنڌ جي بنگلي تي مقرر ٿيل آهي. براءِ نوازش پوري وقت تي اچي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪندا بھتر ٿيندو جي اوهان آچر جي رات سن  پهچي وڃو، ته جيئن صبح جو سوير ڪاروائي هلائي وڃي.

بحڪم

بزم صوفياءِ سنڌ

مٿي ذڪر ڪيل مراسلي جي روشنيءَ ۾ 9 اپريل 1967ع تي صبح جو 10 بجه سن ۾ سيد صاحب جي درياهه واري بنگلي تي ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي ورڪنگ ڪاميٽي گڏ ٿي. ان اجلاس جي صدارت جناب سيد غلام حيدر شاهه صاحب سجادهه نشين درگاهه ڪريميءَ کي ڪرڻي هئي، ان جي نه پھچي سگهڻ ڪري، وقتي صدر، يڪراءِ جناب مولانا غلام  محمد گرامي صاحب کي چونڊيو ويو ۽ اجلاس جي ڪاروائي گرامي صاحب جي صدارت هيٺ شروع ڪئي وئي.

ان ميٽنگ ۾ هيٺ ذڪر ڪيل ميمبر حاضر هئا:

1.جناب غلام محمد گرامي صاحب 2.جناب جي.ايم.سيد صاحب 3. جناب سيد باقر شاهه صاحب 4.جناب شيخ اياز صاحب 5. جناب تنوير عباسي صاحب 6.جناب غلام محمد لغاري صاحب 7. جناب حفيظ قريشي صاحب، هي صاحب ڪاروائي جي پوئين حصي ۾ شامل ٿيو هو.

ورڪنگ ڪاميٽي واري ان اجلاس ۾ ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي صدر صاحب جي خاص دعوت تي، هيٺ ذڪر ڪيل صاحب پڻ شريڪ ٿيا.

1.جناب سيد يار محمد شاهه صاحب، سجادهه نشين داد شھيد 2. جناب غلام رباني آگرو صاحب 3. جناب محمد ابراهيم جويو صاحب 4. مولانا عبدالحق رباني صاحب 5. جناب ناشاد 6.جناب نور محمد پليجو ٻنون.

”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي هن ورڪنگ ڪاميٽي اڳيان هيٺ ذڪر ڪيل نڪتا غورويچار لاءِ پيش ڪيا ويا.

غور طلب نڪتا

(الف) گذريل سال جي ڪار گذاري تي سرسري نظر ۽ حاضرين جا تاثرات.

(ب) ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي مقاصد جي تشريح  طريقيڪار، ڪم ڪرڻ جو پروگرام.

(ٻ)”بزم صوفياءِ سنڌ“  جي مقاصد ۾ مضمر بنيادي متا.

(1) مذهب جي صحيح تعليم (2) جدا گانه قوميت جو شعور (3) سنڌ جي آزاديءَ جو جذبو (4) قوم جي اخلاقي درستي (5) قوم جي نفسياتي اصلاح

مٿي ذڪر ڪيل متن کي مشتھر ڪرڻ جا طريقيڪار

(1) انھن کي ڪتابن، شعر، راڳ، مجلسن مضمونن، ادبي سنگت ۽ ڳوٺاڻين ڪچهرين ذريعي عوام تائين پھچائڻ.

5) سن ڪانفرنس وقت پاس ڪيل هيٺين تجويزن جي پوئواري لاءِ ڪوشش ڪرڻ.

(1) شاگردن جي تعليم ۽ نظام قائم ڪرڻ لاءِ بندوبست

(2) سنڌي ماسترن جي تعليم ۽ نظام قائم ڪرڻ  لاءِ بندوبست

(3) انگريزي ماسترن ۽ پروفيسرن جي تعليم ۽ نظام قائم ڪرڻ لاءِ بندوبست

(4) شاعرن جي تعليم ۽ نظام قائم ڪرڻ لاءِ بندوبست

(5) سماجي ڪارڪنن جي تعليم ۽ نظام قائم ڪرڻ لاءِ بندوبست

(6) سگهڙن جي تعليم ۽ نظام قائم ڪرڻ لاءِ بندوبست

(7) ڳوٺن ۾ ڪارڪنن جي تربيت لاءِ تعليم ۽ نظام قائم ڪرڻ لاءِ بندوبست

(8) ضلعن ۾ جماعت جون شاخون ٺاهڻ ۽ نظام قائم ڪرڻ لاءِ بندوبست

(9) ميلن، تعليمي ادارن ۽ شاعرن جون لسٽون تيار ڪرڻ

(6) سن ڪانفرنس وقت ٺھراءَ نمبر 10 جي ڪار گذاري ۽ نتيجو

(7)”بزم صوفياءِ سنڌ“ ڪارڪنن جي جدا جدا ڪمن جو تحريڪ تي اثر ۽ انھن جو صحتمند رابطو

(1) پهرئين نڪتي جي حوالي سان، جناب جي،ايم، سيد بزم جي گذريل سال وارن ڪيل ڪمن ۽ بزم جي مقصدن تي وڌيڪ تفصيلي روشني وڌي.

(2_3) نُڪتي نمبر ٻئي ۽ ان نُڪتي جي مشتھر ڪرڻ واري نڪتي نمبر ٽئين جي حوالي سان رٿ آئي ته قومي هيرا مقرر ڪري انھن جون سوانح عمريون لکرائي، ڇپائي سنڌ اندر ورهايون وڃن

يڪراءِ بحال ڪيو ويو ته هيٺيان سنڌي قومي هيرا مقرر ڪجن ٿا. (1) دودو سومرو (دودو اعظم) (2) دريا خان (نواب مبارڪ خان) (3)مخدوم بلاول (4) شاهه عنايت شھيد (5) مير شير محمد خان (شير سنڌ) (6) هوشو شيدي (7) هرچند راءِ (8) غلام محمد ڀرڳڙي (9) شھيد هميون ڪالاڻي (10) شھيد الهه بخش سومرو (11) شھيد مائي بختاور (12) جمشيد سروانجي.

مٿي ذڪر ڪيل قومي هيرن جي سوانح حيات لکڻ لاءِ مختلف اديب صاحبن کي عرض ڪيو ويو ته، هو سوانحون تيار ڪري ڇهن مهينن اندر بزم جي صدر دفتر ۾ براءِ نوازش موڪلين. ان مواد لکڻ جي سلسلي ۾ اهو پڻ واضع ڪيو ويو ته اهي سوانحون هڪ سَئو کن صفحن تي مشتمل هجن. قومي هيرن جي سوانح لکڻ واري ان اسڪيم جي سلسلي ۾ مختلف اديبن کي هيٺين طرح ذميواريون ڏنيون ويون.

(1) دودو اعظم لکندو، پرفيسر محرم خان ذميدار محمد ابراهيم جويو صاحب

(2) دريا خان لکندو، غلام رباني صاحب ذميدار محمد ابراهيم جويو صاحب

(3) مخدوم بلاول جناب جي.ايم. سيد

(4) شھيد شاهه عنايت لکندو شيخ اياز صاحب جنھن کي مدد ڪندا، غلام رباني صاحب، جي.ايم.سيد صاحب

(5) شير سنڌ، مير شير محمد خان لکندو مولانا گرامي صاحب

(6) هوشو شيدي لکندو گرامي صاحب

(7) (ديوان هر چند راءِ) لکندو محمد ابراهيم جويو صاحب

(8) غلام محمد خان ڀرڳڙي لکندو محمد ابراهيم جويو صاحب

(9) شھيد الھه بخش سومرو لکندو جناب جي.ايم.سيد صاحب

(10) شھيد هيمون ڪالاڻي لکندو غلام رباني صاحب

(11) مائي بختاور شھيد لکندو، غلام محمد لغاري

(12) جمشيد نسروانجي لکندو شيخ اياز صاحب

(4) رٿ آئي ته شاعرن ۽ اديب صاحبن جي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪجي، جا قومي شعر هٿ ڪري ڇنڊي ڇاڻي. ڇھن مھينن اندر قومي شعر جو مجموعو بزم جي  صدر دفتر ۾ پيش ڪري.

يڪراءِ بحال ٿيو ته هيٺين صاحبن کي انھيءَ ڪاميٽيءَ تي معمور ڪجي ۽ مٿئين مقصدن جي تڪميل لاءِ کين عرض ڪجي.

(1) جناب شيخ اياز صاحب (2) جناب تنوير عباسي صاحب (3) جناب ميان يار محمد  پنهور صاحب (4) جناب رشيد ڀٽي صاحب (5) جناب محمد ابراهيم جويو صاحب

(5) رٿ آئي ته قومي راڳ گيت، ڪافيون شعر گڏ ڪري سٺن ڳائيندڙن کان رڪارڊ ڀرائي، سنڌ ۾ پکيڙجن جيئن قومي جذبو پيدا ٿئي ۽ وڌي ويجهي اهڙي مواد گڏ ڪرڻ لاءِ جناب جويو صاحب، جناب جي،ايم،سيد صاحب، مولانا گرامي صاحب، شيخ عبدالستار صاحب کي عرض ڪيو ويو.

(6) رٿ آئي ته شاگردن ۾ بزم جو پرچار ڪرڻ ۽ قومي شعور پئدا ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪجي ۽ انھيءَ جماعت جو نالو مقرر ڪجي.

يڪراءِ بحال ٿيو ته بزم جو پيغام پهچائڻ لاءِ اپر سنڌ لاءِ سيد باقر شاهه ۽ لوور سنڌ لاءِ عبدالحيي پليجو مقرر ڪجي ٿو ۽ جماعت جو نالو ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن Sindh Students cultural organizations (SSC) مقرر ڪجي.

(7) رٿ آئي ته سنڌي ماسترن ۾ بزم جو پرچار ڪرڻ لاءِ سنڌي ماسترن جي جماعت ٺاهجي ۽ ان ڪم کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪجي،

يڪراءِ بحال ٿيو ته ”سنڌ پرائمري ٽيچرس ڪلچرل آرگنائيزيشن جو بنياد رکجي ٿو ۽ ان ڪم لاءِ اپر سنڌ لاءِ مسٽر الهه بخش پرائمري ٽيچر نواب شاهه ۽ لووئر سنڌ لاءِ ماستر عنايت الله مقرر ڪجن ٿا.

(8) رٿ آئي ته سوشل ورڪرن جي هڪ جماعت سنڌ ۾ قومي ورڪ لاءِ ٺاهجي ۽ ان ڪم لاءِ سوشل ورڪرن جي ميٽنگ سڏائجي ۽ ميٽنگ سڏائڻ لاءِ ڪنوينر مقرر ڪجي. يڪراءِ فيصلو ٿيو ته خدام سنڌ يا سرونٽس آف سنڌ آرگنائيزيشن Servants of Sindh Organisations جو بنياد رکجي. جنھن جو ڪنوير نور محمد پليجي کي مقرر ڪجي ٿو ۽ پڻ فيصلو ٿيو ته مئي ۾ حيدرآباد ۾ هيٺين صاحبن جي ميٽنگ ڪنوينر، سيد يار محمد شاهه سان صلاح ڪري ڪوٺائيندو.

(1) جناب حفيظ قريشي (2) جناب جمال رند صاحب (3) جناب غلام محمد لغاري صاحب (4) جناب حيدر بخش جتوئي صاحب (5) جناب قاضي فيض محمد صاحب (6) جناب عبدالڪريم گدائي صاحب (7) جناب برڪت علي آزاد صاحب (8) جناب جمال الدين بخاري صاحب (9) جناب سوڀو گيانچنداڻي صاحب (10) جناب شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب
(11) جناب رڪن الدين قاسمي صاحب (12) جناب شمش الدين شاهه صاحب (13) جناب حاجي غلام محمد شاهه صاحب (14) جناب يار محمد شاهه صاحب (15) جناب محمد امين کوسو صاحب (16) جناب غلام حسين سومرو صاحب (17) جناب پير عارف المولى صاحب (18) جناب تاج محمد ابڙو صاحب (19) جناب علي احمد قريشي صاحب (20) سيد جڙيل شاهه صاحب (21) جناب  مسٽر رسول بخش پليجو صاحب (22) جناب رئيس بروهي صاحب سانگهڙ (23) جناب مسٽر عبدالرزاق سومرو ٽنڊو آدم/ ڪراچي (24) جناب شاهه محمد دراني خيرپور (25) جناب رئيس غلام مصطفى ڀرڳڙي صاحب (26) جناب علڻ خان ٿيٻو (27) جناب روچيرام وڪيل ميرپور خاص (28) جناب محمد قاسم سنڌي بٺورو (29) جناب محمد ابراهيم ميمڻ وڪيل سجاول (30) سيد محبوب شاهه  وڪيل سجاول (31) جناب خميسو خان وڪيل سجاول (32) جناب فتاح عبد بٺورو (33) جناب شيخ عبدالستار وڪيل منظور چئمبرس حيدرآباد (34) جناب حاجي مراد بخش گبول صاحب ڪراچي (35) جناب قاضي محمد حسن ٻنو (36) جناب علي محمد صاحب شورو (37) جناب محمد ابراهيم مومن ميرپور خاص (38) جناب نور محمد پليجو (39) جناب نور الدين سرڪي صاحب ڪراچي.

(9) تجويز پيش ٿي ته سگهڙن ۾ بزم جو ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنويز مقرر ڪجي ۽ سگهڙن جي ڪچهري جو انتظام ڪجي.

يڪراءِ ٺهراءَ ٿيو ته ٻيڙي فقير کي ان ڪم لاءِ مقرر ڪجي ۽ سگهڙن جي ڪچهري 24 جون 1967ع تي سن ۾ رکجي ۽ ٻيڙي فقير کي سائين جي.ايم.سيد صاحب سان ملڻ لاءِ عرض ڪجي.

(10) تجويز پيش ٿي ته ضلعي وار صدر ۽ سيڪريٽري مقرر ڪجن جي عارضي طرح بزم جو ڪم پنھنجن ضلعن ۾ ڪن، جيستائين باقائده ميمبر سازي ڪري چونڊون ڪرايون وڃن.

يڪراءِ مختلف ضلعن لاءِ هيٺ ذڪر ڪيل صاحب مقرر ڪيا ويا.

(1) حيدرآباد ضلعو

صدر؛ جناب حفيظ قريشي صاحب

سيڪريٽري؛ يار محمد شاهه صاحب

(2) ٿرپارڪر ضلعو

صدر؛ جناب غلام محمد لغاري صاحب

سيڪريٽري؛ مسٽر روچيرام صاحب

(3) ٺٽو ضلعو

نور محمد پليجو، جناب سيد قادر ڏني شاهه شيرازي ۽ ٻين ورڪرن سان ملي، فيصلا ڪرائيندا.

(4) دادو ضلعو

صدر؛ جناب سيد جڙيل شاهه

سيڪريٽري؛ مسٽر صاحب خان چنه

(5) لاڙڪاڻو ضلعو

صدر؛ سيد جمال الدين بخاري صاحب

سيڪريٽري نبي بخش تنيو صاحب

(6) سکر ضلعو

صدر؛ جناب شيخ مبارڪ اياز صاحب

سيڪريٽري؛ مسٽر رشيد ڀٽي صاحب

(7) جيڪب آباد ضلعو

صدر؛ جناب محمد امين خان کوسو صاحب

سيڪريٽري؛ برڪت علي آزاد صاحب

(8) خيرپور ضلعو

صدر؛ ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب

سيڪريٽري؛ شاهه خان صاحب

(9) نوابشاهه ضلعو

صدر؛ جناب قاضي فيض محمد صاحب

سيڪريٽري؛ قاضي صاحب پاڻ مقرر ڪندو

(10) سانگهڙ ضلعو

صدر؛ جناب عارف المولى صاحب

سيڪريٽري؛ جمال رند صاحب

 (11) تجويز پيش ٿي ته انگريزي ماستري ۽ ڪاليجي پروفيسرن ۾ بزم جو ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي وڃي.

يڪراءِ بحال ٿيو ته هيٺين صاحبن کي ان ڪم جي تڪميل لاءِ مقرر ڪجي ٿو.

(1) الطاف عباسي صاحب (2) مسٽر صاحب خان چنو (3) سيف ٻنوي صاحب

(12) تجويز پيش ٿي ته ميلن، تعليمي ادارن ۽ شاعرن جون لسٽون تيار ڪرايون وڃن.

(الف) يڪراءِ بحال ٿيو ته ميلن جون لسٽون ضلعي جا صدر موڪلين (ب) تعليمي ادارن جون لسٽون جناب جويو صاحب هٿ ڪري ڏئي ۽ شاگردن جي لسٽ جناب گرامي صاحب مڪمل ڪري.

(13) تجويز پيش ٿي ته، جيئن ته سيڪريٽري صاحب مشغول ۽ طبيعت ۾ عليل رهي ٿو. تنھن ڪري ان کي مدد ڏيڻ لاءِ ڪو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪجي.

يڪراءِ بحال ٿيو ته نور محمد پليجي کي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪجي.

(14) تجويز پيش ٿي ته سنڌ ۾ ٻيون ادبي ثقافتي ڪانفرنسون ٿين ٿيون، ان ۾ بزم جا رُڪن بھرو وٺن يا نه؟ ان تي غور ڪيو وڃي.

يڪراءِ فيصلو ٿيو ته سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪھڙن به نالن ۾ ڪانفرنسون ۽ ميٽنگون ٿين، ان ۾ اسان کي تمام سرگرم بھرو وٺڻ گهرجي.

ان کانسواءِ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته آئينده گهڻن کان گهڻن ماڻهن ڏانھن بزم جي پروگرامن جا دعوت نامه موڪليا وڃن.

ان موقعي تي جماعت جي ڪم ڪار لاءِ چندي جي اپيل ڪئي ويئي، بر وقت هيٺين ريت رقم گڏ ٿي سگهي.

(1)          جناب گرامي صاحب          0-5

(2)        جويو صاحب                             0-10

(3)        سيد يار محمد شاهه                    0-100

(4)        سيد باقر شاهه                           0-10

(5)         تنوير عباسي صاحب          0-25

(6)        رباني (عبدالحق) صاحب               0-25

(7)        شيخ اياز صاحب               0-500

(8)        سيد سنڌ                       0-500

(9)        غلام محمد لغاري صاحب             0-5

(10) سيد جئيل شاهه                          0-5

(11)   حفيظ قريشي صاحب                  0-100

(12)نور محمد پليجو                         0-100

ان موقعي تي تجويز آئي ته سنڌ هي ٻنهي ڊويزنن (حيدرآباد ۽ خيرپور) جي روينيو ڪمشنرن کي بزم صوفياءِ سنڌ ڪانفرنس ۾ پاس ٿيل ٺهراءُ (جنھن موجب ثقافتي سرگرمين ۾ ساڻن تعاون ڪرڻو هو) تحت ليٽر لکي پنھنجي تعاون جي پيش ڪش ڪجي.

ان سلسلي ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته بزم جي سيڪريٽري مسٽر رسول بخش پليجي کي عرض ڪجي ته هو اهڙا خط ٻنھي ڊويزنن جي ڪمشنرن کي لکي موڪلي.

اهڙي ريت ورڪنگ ڪاميٽي جي هِن اهم اجلاس جي ڪاروائي اڍائي بجه منجهند تائين هلي پوري ٿي.

بزمِ صوفياءِ سنڌ، جنھن سنڌ جي ستل عوام ۾ سنڌي ثقافت ۽ صوفياڻين رجحانن معرفت قومي سڃاڻپ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو هو. ان بزم جي مکيه سرڪردن واري هن ورڪنگ ڪاميٽي جڏهن پنھنجي ڪيل ڪم تي نظرثاني ڪرڻ ۽ متعين ڪيل مقصدن جي روشنيءَ ۾ نوان لاحئه عمل جوڙڻ واري مقصد سان گڏجاڻي ڪئي ته، ان ۾ شامل عالمن ۽ اڪابرن سنڌي قوم جي مختلف تاريخي پرتن، جيڪي هڪ قديم قوم هئڻ جي ناتي سنڌي قوم ۾ موجود ته هيا، پر اهي وقت جي وهڪرن، تيز طوفانن، ڌارين جي ڪاهن ۽ حلائن ڪري، نئين نسل جي ذهن تان ڄڻ ته ميسارجي ويا هئا، نه رڳو اُهي بحيثيت قوم ميسارجي ويا هئا، پر ان جي جاءِ تي ڪي ٻيا مدي خارج نظريا پڙهيل ڳڙهيل جي اڪثريت جي ذهن ۾ پڻ گهر ڪري ويا هئا. اهو هڪڙو ڊگهو تاريخي عمل هو، جيڪو لاڳيتي غلامي ۽ مختلف نظرياتي پرچار جي نتيجي ۾ عام و خاص جي ذهنن ۾ گهر ڪري ويو هو.

اهڙي ماحول ۾ ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ قومي سجاڳي آڻڻ ۽ قومي شعور وڌائڻ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو هو. ان بنيادي مقصد جي حاصلات لاءِ مختلف جاين تي عام جلسا ته ٿيندا پئي رهيا، جن ۾ قوم ۾ پيدا ٿيل خامين ۽ ڪمزورين جو ذڪر ڪندي، قومي شعور وڌائڻ ۽ عام و خاص کي بيدار ڪرڻ واريون ڪوششون ته ٿينديون پئي رهيو. پر ان سان گڏ ٿيل ڪم تي نظرثاني ڪري، نِتُ نئين رٿابندي لاءِ هي ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس گهرايو ويو هو. ان جي ڪارگذاري وارن نُڪتن بابت ويچار ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن تنظيم جي سرڪردن قومي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ، قومي معاملن جي سڀني پاسن تي توجهه ڏيڻ واري رٿا جوڙي پئي، جنھن جو شاندار مثال ورڪنگ ڪاميٽي جي ڪيل فيصلن مان ملي ٿو.

مثال طور: ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي مقاصد ۾ مضمر بنيادي متن جهڙوڪ: (1) مذهب جي صحيح تعليم ڏيڻ (2) جداگانه قوميت جو شعور پيدا ڪرڻ (3) سنڌ جي آزاديءَ جو جذبو جاڳائڻ (4) قوم جي اخلاقي درستي لاءِ جتن ڪرڻ (5) قوم جي نفسياتي اصلاح ڪرڻ، جهڙي ڏکيي ڪم لاءِ شعر، مضمون ۽ ڪتابڙا لکائڻ، ادبي سنگت جا ميڙاڪا ۽ ڳوٺاڻيون ڪچھريون ڪرائي، تقريرن ۽ گيتن وسيلي مٿي ذڪر ڪيل نُڪتا عوام جي دلين تائين پھچائڻ واري رٿا رٿڻ.

مٿي ذڪر ڪيل نُڪتن جي روشنيءَ ۾ شاگردن، سنڌي ۽ انگريزي ماسترن ۽ پروفيسرن جي تعليم ۽ نظام ۾ بھتري آڻڻ سان گڏوگڏ سگهڙن، شاعرن ۽ سماجي ڪارڪنن جي گهربل تعليم ۽ تنظيم طرف ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ ڳوٺن جي سطح تائين اهڙن اصلاحي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جو بندوبست ڪرڻ شامل هو.

ان حوالي سان قوم ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ قومي هيرن جي حالات زندگيءَ بابت هڪ رٿا، مکيه ماڻھن ۾ ورهائي وئي. عوام ۾ جذبا جاڳائڻ واري مقصد سان مٿي ذڪر ڪيل مقصد وارو سنڌ جو قومي شعر هٿ ڪري، شايع ڪرائڻ ۽ ورهائڻ ۽ سٺن ڳائڻ وارن کان ڳارائي، رڪارڊ ڪرائي عام ڪرڻ وارو ڪم به هٿ ۾ کنيو ويو. ان سڄي رٿابندي، خاص طور تي پرچار ڪرڻ واري ضرورت جي مدِنظر، ان مقصد جي پورائي لاءِ، شاگردن جي جماعت (SSC)، استادن جي جماعت، سنڌ پرائمري ٽيچرس ڪلچرل آرگنائيزيشن ۽ سوشل ورڪرن جي جماعت ”سرونٽس آف سنڌ آرگنائيزيشن“ جو بنياد رکيو ويو. جنھن جي نظرداريءَ جو ڪم ضلعي وار ڌار ڌار عالمن، اديبن ۽ سوشل ورڪرن جي حوالي ڪيو ويو.

ان ڪم کي مستقل طور هلائڻ واري مقصد سان سڄي سنڌ جي ميلن، تعليمي ادارن ۽ شاعرن اديبن جون لسٽون جوڙايو ويون.

سنڌ ۾ هڪڙو عجيب رواج پيدا ٿي ويو آهي، جو هرڪو پاڻ کي الڳ ڏيکارڻ لاءِ ڪنھن ٻئي جي پروگرام ۾ سامعين طور به شريڪ ناهي ٿيندو. پر بزم واري هن اجلاس ۾ قابلِ ذڪر ڳالھه اها ٿي، جو فيصلو ڪيو ويو ته، سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪھڙن به نالن ۾ ڪانفرنسون ۽ ميٽنگون ٿين ته انھن ۾ بزم جي ڪارڪنن کي وڏي سرگرميءَ سان حصو وٺڻ گهرجي.

ستين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس نبي سر:

بزم صوفياءِ سنڌ جي نالي ۾ مختلف درگاهن تي گڏ ٿيندڙ عام و خاص اڳيان سيد صاحب، ’سنڌ جو پيغام‘ پھچائڻ وارو جيڪو ڪم شروع ڪيو هو؛ جنھن سان عوام ۾ سياسي، سماجي شعور پيدا پئي ٿيو، اها ڳالھه وقت جي حاڪمن کان برداشت ڪانه پئي ٿي، انڪري بزمِ صوفياءِ سنڌ جي ستين ڪانفرنس جيڪا 16 فيبروري 1967ع تي درگاهه بلڙي شاهه ڪريم تي رٿي ويئي هئي، ان ڪانفرنس جي موقعي تي سرڪار پاران 144 قلم لاڳو ڪري، عوامي ميڙاڪي ۾ رنڊڪ وڌي وئي. جنھن ڪري اهو پروگرام ان مقرر ڪيل تاريخ تي ڪونه ٿي سگهيو.

بعد ۾ اهو پروگرام ٽن مھينن کانپوءِ 8 مئي 1967ع تي، نبي سر روڊ ۾ نانگن جي ميلي تي منقعد ڪيو ويو، جنھن جو انتظام ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ ڪيو هو. ممڪن آهي ته اتي ڪو اهڙو ننڍو وڏو پير هجي به کڻي، پر ڪجهه دوستن کان روايت آهي ته، اهو ميڙاڪو دراصل ڪامريڊ غلام محمد لغاري مھل موقعي جي مناسبت سان پنھنجي هم سفر ڪامريڊن جي محفل سڏائي گڏجاڻي طور ڪندو رهندو هو. سندس هم خيال سيڪيولر ۽ روشن خيال دوست جن کي هو نينھن جا نانگا سڏيندو هو، ان حوالي سان ان کي نانگن جو ميڙو/ گڏجاڻي ظاهر ڪيو ويندو هو، اهڙن ئي ڪردارن جي لاءِ ڀٽائي فرمايو هو:

”ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪھڙو ننگ.“

اهڙي طرح نينھن جي نانگن، بلڙي شاهه ڪريم ۾ منعقد نه ٿي سگهڻ وارو ميڙاڪو نبي سر روڊ ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن ڪانفرنس جي صدارت ميان نبي بخش تنيي کان ڪرائي وئي.

ستين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس جي هن افتتاحي خطبي ۾ جي.ايم.سيد صاحب بزمِ صوفياءِ سنڌ جي اهڙن پروگرامن ڪرڻ جو مختصر ۾ بنيادي مقصد هن ريت بيان ڪيو: ”اسان جي هنن مجلسن ڪوٺائڻ جا مقصد ماڻھن جي نفسي اصلاح، اخلاقي درستي ۽ صحيح تعليم حاصل ڪرڻ آهي.“ غور ڪري ڏسبو ته جون 1966ع کان شروع ٿي، مرحليوار نومبر 1969ع تائين جاري رهندڙ هي صوفياڻي تحريڪ، مختلف حوالن سان مٿي ذڪر ڪيل نفسي اصلاح، اخلاقي درستگي ۽ صحيح تعليم واري پيغام جي پکيڙ تي مشتمل رهي. انڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هيءَ هڪ قسم جيِ اصلاحي تحريڪ هئي، جيڪا سنڌ جي صوفي درويشن پاران معاشري جي اصلاح لاءِ پنھنجو پاڻ کي مثال Samble بنائي ڪيل تبليغ وارن بنيادي نُڪتن تي مشتمل هئي. جنھن جي ابتدا پنھنجو پاڻ مان ۽ پنھنجي حلقه اثر وارن مان خامين کي دور ڪرڻ واري ڪوشش ڪرڻ هو. اهوئي سبب هو، جنھن ڪري سيد هر خطبي ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح انھن بنيادي نُڪتن جو ورجاءُ ڪندو پئي رهيو.

بزمِ صوفياءِ سنڌ واري هن ستين خطبي ۾ به اڳ وارن (ميرپوربٺورو، ڀٽ شاهه ۽ ڊٺڙو) خطبن جيان (1) خود مطلبي (2) جھالت (قومي شعور جي عدم موجودگي (3) نفرت ۽ نفاق جو ذڪر ڪرڻ بعد، هن ستين خطبي ۾ سنڌي قوم اندر پيدا ٿيل چوٿين بيماري يعني بزدلي ۽ بي همتيءَ بابت تفصيلي ڳالھايو ويو. پر ان کان اڳ سيد صاحب پاران ”قومي ڪارڪنن، اهل دل ۽ محب وطن گروهه کي عرض ڪيو ويو ته حڪيم وانگر، قومي مرضن جي شناخت ڪري، انھن جي پيدا ٿيڻ جي ڪارڻن کي ڳولي هٿ ڪري، ان جي دفع ڪرڻ جا علاج ڳولي ڪڍن.“ (خطبات سيد، ص 122)

ان کانپوءِ سيد صاحب، پنھنجي پاران بزدلي ۽ بي همتيءَ جي بنيادي ڪارڻن جي ڳولا ڪندي، ان جا مکيه ڪارڻ هيٺيان بيان ڪيا آهن:

1-              مذهبن جي غلط تشريح جو اثر

2-            فيوڊل سسٽم (جاگيرداري)

3-            کيتيءَ خاطر ماڻھن جو ڇڙوڇڙ گهرن ۾ رهڻ

4-            جاگرافيائي حالات ۽ ملڪي آبھوا جي غير معتدلي.

(i) مذهبن جي غلط تشريح:

مٿي ذڪر ڪيل نُڪتن مان پھرئين نُڪتي يعني مذهبن جي غلط تشريح واري اثر جي سلسلي ۾ سيد، هيٺ ذڪر ڪيل چئن مذهبن جي سنڌ جي عوام مٿان ٿيل اثر جو تجزيو پيش ڪيو آهي:

(ii) هندو ڌرم:

هن ڌرم جي فرقي شَوَ مت جو سڀ کان گهڻو اثر ظاهر ڪندي واضح ڪيو ويو آهي ته، ”ان مت جا مکيه نشان لنگم، عضوه تناسل (مرداني، عضوي) جو نشان، جنھن کي هرذي ساهه شيءِ جي پيدائش جو ڪارڻ ٿي سمجهيو ويو. ۽ ترسول يا سواستيڪا هڪ نيزي جو نشان، جنھن کي هر شيءِ تي قبضي ڪرڻ جو ڪارڻ ٿي سمجهيائون. هرذي ساهه شيءِ جي پيدائش جو ڪارڻ ۽ هر شيءِ تي قبضي ڪرڻ جي ڪارڻن وارن تصورن جو تجزيو ڪندي سيد صاحب لکي ٿو: ”جيڪڏهن انھن نشانين جي فلسفياڻي معنيٰ کي ڇڏي، سليس زبان ۾ تشريح ڪبي ته ان مان هر طاقتور شئي اڳيان نمڻ جي سکيا ملي ٿي، اها پھرين سکيا هئي جنھن اهل سنڌ کي بزدل ۽ ڪمزور بڻائڻ جي سُتي پياري.“  (خطبات سيد، ص 126)

(iii) جين ڌرم:

هي ڌرم، هندو ڌرم واري اثر جي ردِعمل طور ظاهر ٿيو. پھرئين ڌرم ۾ طاقت ۽ قوت تي زور هو ته ان جي ابتڙ هن ڌرم اهنسا، عدم تشدد کي پائدار ڄاڻي، انھيءَ ذريعي دنيا جي مسئلن جو حل ڪرڻ، وڌيڪ مفيد ٿي سمجهيو. هن ڌرم جي پوئلڳن نه صرف طاقت، پر دنيا جي هر مادي شئي کي فاني ۽ بي ثبات ڄاڻي، ماڻھن کي ويراڳ يا ترڪ جي تلقين ٿي ڪئي.“ (خطبات سيد، ص 126)

اهو دنيا جو دستور آهي ته جيڪا تعليم ۽ تبليغ حد کان وڌي ويندي، اها پنھنجو بنيادي مقصد وڃائي وهندي آهي. ان حقيقت جي روشنيءَ ۾ سيد صاحب ان ڌرم جو تجزيو ڪندي لکي ٿو: ”هن ڌرم جي پوئلڳن نه صرف طاقت، پر دنيا جي هر مادي شئي کي فاني ۽ بي ثبات ڄاڻي، ماڻھن کي ويراڳ يا ترڪ جي تلقين ڪئي. ان جي اثرهيٺ ان جا پوئلڳ دنياوي ڪاروبار ۾ دلچسپي نه وٺي، زندگيءَ جي مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جو مادو وڃائي ويٺا. نتيجاً انھن ۾ سستي ۽ ڪاهلي گهر ڪري ويون جي ڪمزوري ۽ بزدليءَ جو باعث بڻجن ٿيون.“ (خطبات سيد، ص 127)

اهڙن ئي اثرن هيٺ سياسي توڙي سماجي مسئلن ۽ معاملن ۾ عدم دلچسپي ۽ لاتعلقيءَ وارو لاڙو گهر ڪري ٿو وڃي، سيد صاحب اهڙي رجحان جو تجزيو ڪندي چوي ٿو:

”اهو هڪ قسم جو آفيم آهي، جو ماڻھن کي حقائق دنيا جي مسئلن سان مُنھن ڏيڻ کان روڪي، غنودگي پيدا ڪري، ترقيءَ جي راهه تي هلڻ کان بيڪار بڻايو ڇڏي، جنھن جو نتيجو بزدليءَ جي اثرن ۾ ظاهر ٿئي ٿو.“ (خطبات سيد، ص 127)

(iv) ٻُڌ ڌرم:

سنڌ ۾ جين ڌرم کان پوءِ ٻُڌ ڌرم جي آمد جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو هندو ڌرم واري اوچ نيچ جي فرق کي مٽائي مساوات جو درس ڏيڻ آيو ۽ ان به روزمره جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اصلاح نفس ۽ سھڻا لڇڻ پيدا ڪرڻ واري مقصد کي انساني نجات جو بنياد تصور ڪيو پئي. پر بقول سيد، ”ان جي ظاهر ٻين پوڄارين ۽ اڳين مذهبن جي پيدا ڪيل اثرن ۽ روايات، هن جي حقيقي تعليم کي مسخ ڪري، فطري خواهشن ۽ سڌن کي مارڻ جو ذريعو کڻي بڻايو، جنھن جي نتيجي ۾ ماڻھن مان همت ۽ مستعدي جو مادو ختم ٿيڻ لڳو.“ (خطبات سيد، ص 124)

(v) اسلام:

اسلام جي آمد جا به بنيادي مقصد ننڍ وڏائي ختم ڪري، مساوات ۽ برابري پيدا ڪري، فساد ۽ فتني وارن لاڙن کي ختم ڪري تعاون براءِ ترقي جي بنياد تي امن ۽ سلامتيءَ وارو سبق سيکارڻ هو، پر اڳتي هلي جڏهن ان جي توسيع پسندانه رجحانن هيٺ سمرقند بخارا، آفريڪا ۽ يورپ تائين پکيڙ ٿيڻ شروع ٿي، تڏهن ان مقصد لاءِ انھن ڇا ڇا نه ڪيو، ان احوال سان تاريخون ڀريون پيون آهن. عربن واري ان توسيع پسنداڻي لھر جي لپيٽ ۾ سنڌ ملڪ به اچي ويو.

مٿي ذڪر ڪيل، صدين کان رائج مختلف مذهبي اثرن واري صورتحال سنڌ جي عوام کي بزدل ۽ بي همت بنائي ڇڏيو.

(2) فيوڊل سسٽم (زميداري يا سرداري نظام):

سنڌ زرعي ملڪ هئڻ ڪري، هتان جا ماڻھو زرعي پورهيو ۽ مال چارڻ ۽ گذر سفر ۽ بار برداريءَ لاءِ ڍور ڍڳن تي مدار رکندڙ هئا. ڪجهه زرعي مقصد ۽ ڪجهه مال جي چاري خاطر لڏپلاڻ واري خانه بدوش زندگي گذارڻ ڪري، قبيلن جي صورت ۾، انھن جو زياده تر دارومدار زميندار ۽ سردار تي پئي رهيو آهي، جيڪو هر اوکي وقت ۾ کين ڪم پئي آيو آهي. سماجي ردوبدل ۽ مختلف مذهبن واري اثر منجهن ان حوالي سان ڪائي تبديلي ڪانھي آندي، ”اهڙي طرح برپا ڪيل ننڍ وڏائي، غريبي ۽ شاهوڪاري عوام جي بزدليءَ جو ڪارڻ بڻي.“  (خطبات سيد، ص 128)

(3) کيتي خاطر ماڻهن جو ڇڙوڇڙ رهڻ:

چوڻي آهي ته: ”ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي“ سنڌ زرعي ملڪ هئڻ ڪري هتان جي گهڻي آباديءَ کي پوکيءَ واري خيال کان زمين جي ڀر ۾ اجها اڏڻا پون ٿا. اهڙي طرح منتشر اڪيلائيءَ واري زندگي ڪيترين ئي خرابين جو ڪارڻ بنجي ٿي. خود شھري زندگي وارن طور طريقن کان وانجهيل هئڻ ڪري، لامحاله کين بااثر ماڻھن وڏيرن ۽ سردارن جو سھارو وٺڻو پوي ٿو. زميندار ۽ سردار پنھنجو اثر رسوخ برقرار رکڻ لاءِ وقتي حڪومت ۽ افسرشاهي جي خوشامد ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. ڇاڪاڻ ته حڪومت ئي طاقت جو سرچشمو هجي ٿي، اهڙي صورتحال جو تجزيو ڪندي سيد صاحب لکي ٿو: ”ترقي يافته جمھوري ملڪن ۾، انڪري حڪومت تي قبضي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف پارٽين جي وچ ۾ چٽا ڀيٽيون ٿين ٿيون، پر پٺتي پيل ملڪن ۾ هرڪو ماڻھو طاقت ۾ آيل گروهه جي سلامي ڪري ٿو.“ (خطبات سيد، ص 131)

مٿي ذڪر ڪيل صورتحال جو تجزيو ڪندي سيد صاحب چوي ٿو: ”سنڌي، اڃا تائين پوئين گروهه (طاقت ۾ آيل گروهه جي سلامي) ۾ شامل آهن. جيستائين سندن اها حالت قائم آهي. منجهانئن بزدلي ۽ بي همتي نه ويندي، ان جو علاج صرف قومي شعور پيدا ڪرڻ سان ٿي سگهي ٿو.“ (خطبات سيد، ص 129)

۽ اهو قومي شعور پيدا ڪرائڻ وارو ڪم مخلص قومي ڪارڪنن کي ئي ڪرڻو آهي.

سنڌي ماڻھن ۾ گهر ڪري ويل بزدلي ۽ بي همتيءَ وارن چئني خرابين جا بنيادي سبب بيان ڪرڻ کانپوءِ سيد صاحب انھن جي دور ڪرڻ لاءِ ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي ڪارڪنن آڏو ڪجهه تجويزون هن ريت پيش ڪري ٿو.

پھريون ڪارڻ يعني مذهبن جي غلط تشريح ۽ تعليم، جيڪا بزدلي ۽ بي همتي جو ڪارڻ بني آهي، ان لاءِ مذهب جي خامين کي دور ڪري، صحيح تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي.“ (خطبات سيد، ص 134)

ان حوالي سان سيد صاحب وضاحت سان لکي ٿو: ”فرقي بندي، باهمي نفاق ۽ تشدد جي تلقين ڪيتري قدر دين محبت ۽ امن مطابق آهي. سو سڀ ڪو ڄاڻي سگهي ٿو. ڇا اهڙا عقيدا ۽ خيال قومي اتحاد ۽ آزادي آڻي سگهندا؟ (ڪونه آڻي سگهندا) انڪري جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته، باهمت ۽ بلند خيال ٿيو ته، مذهبن جي غلط تشريحن کي ڦٽو ڪرڻو اٿوَ. ان جي ڪسوٽي اها آهي ته جا ڳالھه خود مطلبي ۽ نفاق، ڏاڍائي، ننڍ وڏائي ۽ بزدلي پيدا ڪندي هجي، سا ڪڏهن به اسلام جو رڪن ٿي نه ٿي سگهي، پوءِ ان کي ڪو عالم يا حڪيم الامت ڪھڙن به دليلن سان اسلام جو جزو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري!“

(4) ٻيو ڪارڻ زمينداري ۽ سرداري نظام:

هن نظام کي به بي همتي ۽ بزدلي جو ڪارڻ قرار ڏيندي ظاهر ڪيو ويو آهي ته: ”اهو خودمطلبيءَ ۽ بي همتيءَ جو اڏو آهي. سنڌ ۽ سنڌين تي، جي به مصيبتون نازل ٿيون آهن، تن لاءِ جوابدار اهوئي نطام آهي.“ (خطبات سيد، ص 134)

هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن اسان جو معاشرو مٿي ذڪر ڪيل نظام جي ور چڙهيل آهي ته پوءِ ڇا مڪمل طور ان جي نفي ڪندي ڪو رستو نڪري سگهي ٿو، يا ان ۾ رهندي ڪو رستو ڪڍڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ سيد صاحب لکي ٿو: ”سردار قوم جو ليڊر ٿئي ٿو، پر انھيءَ درجي جو مدار، خدمت خلق، اخلاق حميده، قومي شعور، ملڪ ۽ ماڻھن جي آزادي ۽ ترقي، همت ۽ استقلال جي مظاهري ۽ قربانيءَ جي لياقتن تي هئڻ گهرجي ۽ نه پيسي جي گهڻائي، ملڪيت، طاقت ۽ نسل جي بنياد تي هئڻ گهرجي.“  (خطبات سيد، ص 134)

(5) ٽيون ڪارڻ کيتيءَ خاطر نيم خانه بدوشي آهي:

بزمِ صوفياءِ سنڌ وارن ميڙاڪن جو زياده تعلق سنڌ جي مختلف درگاهن جي عرس واري موقعي تي ٿيندڙ پروگرامن سان هو، انڪري سيد صاحب انھن درگاهن جي اهميت بيان ڪندي لکي ٿو: ”اسان جن درگاهن تي گڏ ٿيون ٿا، انھن بزرگن، ماڻھن جي نفسياتي اصلاح، اخلاقي درستگيءَ، صحيح تعليم ۽ تربيت لاءِ زندگيون وقف ڪري، تن کي تسيا ڏنا هئا. جنھن ڪري سندن مرقد (مزارون) اڃا تائين مرجع خاص ۽ عام آهن.“ (خطبات سيد، ص 132)

مٿي ذڪر ڪيل پسمنظر بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ سيد صاحب درگاهن بابت اظھار راءِ ڪندي ائين به بيان ڪري ٿو ته: ”جھڙي طرح حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ پيغمبر خدا محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم ڪعبت الله جي بتن کان صاف ڪيو هو، اهڙيءَ طرح اسان کي، هنن ادارن کي پاڪ صاف ڪري، سندن بنيادي مقصدن لاءِ ڪتب آڻڻو آهي.“ (خطبات سيد، ص 132)

کيتيءَ خاطر پري پري اجها اَڏي خانه بدوش زندگي گذارڻ وارو ماحول به متحد ٿيڻ ۽ گڏيل جدوجھد ڪرڻ واري عمل ۾ رڪاوٽ آهي.

اهڙي ماحول کي تبديل ڪرڻ لاءِ وڏي جفاڪشي ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪم ڪرڻ طرف اشارو ڪندي، سيد صاحب لکي ٿو: ”ان کان ماڻھن کي ڇڏائڻ لاءِ اسان جي ڪارڪنن کي عام ماڻهن ۾ گهر گهر پرچار ڪرڻ گهرجي، ته جدا رهڻ ڦٽو ڪري، وڏن ڳوٺن ۾ رهي هارين کي زمين ملڻ لاءِ جدوجهد هلائڻ گهرجي، پر ان کي سياسي خلفشار کان عليحده رکڻ گهرجي، ننڍن ڳوٺن ۾ ننڍن هنرن کي مروج ڪرڻ لاءِ پروگرام تي ڪم ڪرڻو آهي.“ (خطبات سيد، ص 135)

ان مقصد جي پورائي لاءِ باشعور ۽ جفاڪش ڪارڪنن جي ضرورت هجي ٿي، انڪري مٿي ذڪر ڪيل تاليف قلب وارو ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ سيد صاحب چوي ٿو: ”اسان جا ڪارڪن بيڪار ۽ تارڪ الدنيا صوفي بڻجڻا نه آهن. اسان هن دنيا کي فاني سمجهي، ترڪ ڪرڻ جي تعليم ڏيڻ جا حامي نه آهيون، بلڪ ان کي ترقي ڏياري باغ ارم بڻائڻ گهرون ٿا.“ (خطبات سيد، ص 135)

(6) چوٿون ڪارڻ جاگرافيائي حالتن ۽ آبهوا جا مشڪلات:

انھن مشڪلاتن دور ڪرڻ لاءِ ڏس ڏنو ويو آهي ته: ”ملڪ کي سرسبز  ۽ شاداب بڻائي، ماڻھن جي معيار زندگي کي بلند ڪرڻ سان، اسان فطري جاگرافيائي ۽ فطري آبھوا جي مشڪلاتن کي منھن ڏئي سگهون ٿا.“

مٿي ذڪر ڪيل مقصدن جي حاصلات لاءِ، ڪم ڪندڙن ڪارڪنن کي هيٺيان فيصلا ڪرڻ جو ڏس ڏنو ويو آهي:

(1)         هر ظلم ڏاڍ اڳيان سر نمائڻ جي عيوض، قسمت کي پنھنجي هٿ ۾ رکڻو اٿئون، مساوات ۽ باهمي تعاون اسان جا واچ وارڊ (نعرا) ٿيڻ گهرجن.

(2)       غلط مذهبي تشريح کي ڦٽو ڪري، روح مذهب مان واقف ٿيڻ گهرجيئون، (اهو ائين ته) مذهب اسان لاءِ ٺھيا آهن نه اسان مذهبن لاءِ.

(3)       سستيءَ ۽ ڪاهليءَ کي ڇڏي، محنت ۽ جدوجھد ڪرڻ لاءِ ماڻھن ۾ روح ڦوڪڻو اٿئون.

(4)       اسان جي ڪارڪنن کي راهب بڻجڻ عيوض، رند ٿيڻو آهي، دنياوي ۽ روحاني خوشيءَ ۽ ترقيءَ جو حصول، اسان جا مول متا هئڻ گهرجن.

(5)        جنھن قوم جو وطن آزاد نه آهي اها گهڻو وقت زنده رهي نه ٿي سگهي، ذهني ۽ مادي آزاديون اسان جي جنم جو حق آهي، پر ان جو حصول قومي شعور، قربانيءَ ۽ اخلاق جي بلنديءَ کان سواءِ ٿيڻ مشڪل آهي.

ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سپرين، جي مٿي رندن روُن، ساجن ملي تن کي.

سيد صاحب جي عالماڻي خطبي کانپوءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي مقصدن بابت تقرير ڪئي. ان کان علاوه ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، حفيظ قريشي، سنڌي ثقافت جي مختلف پھلوئن ۽ سنڌ جي شاندار مذهبي رواداري واري حوالي سان خيالن جو اظھار ڪيو.

مٿي ذڪر ڪيل ناصحاڻن خيالن کانپوءِ موسيقيءَ جي محفل سجائي وئي.

مددي مواد:

1.               جي.ايم.سيد، خطبات سيد، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

2.             جي.ايم.سيد، بزمِ صوفياءِ سنڌ، ڪارگذاري، خطبا ۽ آئين

3.             نفيس احمد ناشاد سان ڪيل ڪچھري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org