سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2025ع

باب:

صفحو:14 

نصير مرزا

 

 

 

 

باغ بهار خوش گفتار ادا اعجاز

 

ڪو به نه مون کان پُڇي ته ٽنڊي ٺوڙهي ۾ خانوادهء قليچ ۾ جيڪي تنھنجا لاتعداد ڪزنس، انھن ۾ سڀ کان وڌيڪ سمارٽ، active، آئوٽ اسپوڪن ۽ برلئنٽ ڀلا ڪير؟ تڏهن يڪ لخت منھنجو simple جواب هوندو: ”ادا اعجاز علي بيگ ابن اسد بيگ بن شمس العلماء قليچ بيگ مرزا“. جيڪو مزاجن پيدائشي ڄڻ ميجر جرنل ٿي دنيا ۾ آيو هو ۽ جنھن جي ڇا ته شاندار پرسنلٽي، ۽ جيڪو هميشه خوش لباس ۽ هر وقت معطر معطر ۽ گل و گلزار هستي.

ساڳئي وقت ادا اعجاز جي طبيعت ۾ عجب گداز به ته هوندو هو، جيڪي بظاهر ٻاهران ته سخت سڀاءُ، پر سندن اندر جي حالت هي هئي جو ڪابه ڏک جي ڳالھه ٻڌندا يا مجسلن ۾ ڪو نوحو مرثيو يا ذاڪر جي خطاب دوران مصائب ڪربلا؟ ته بس زار و قطار روئڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. ائين رستي تي ڪنھن فقير، ڪنھن مفلس ۽ نادار يا لاچار کي ڏسندا هئا ته ان کي به ڏسڻ سان گِريو ڪرڻ لڳندا هئا. ڀانئيان ٿو اهو سڀ ڪجهه کين ورثي ۾ به ته مليل هو. يعني پنھنجي بابا چاچا اسد بيگ قليچ بيگ مرزا وٽان....

ياد آيم، محرم الحرام ۾ يوم عاشور، ٽنڊي ٺوڙهي مان جيڪو ماتمي جلوس برآمد ٿيندو آهي ۽ جنھن سان گڏ تعزيو، ڪجهه ذوالجناح، سيجون ۽ جهولو به ساڻ ساڻ ۽ اهو جڏهن علي الصبح اعمال روز عاشوره کان فورن بعد امام بارگاه آستانه قدس مان گشت لاءِ روانه ٿيندو هو ته اسان سڀني جونيئر ۽ سينيئر ۽ ڳوٺائي ماتامن جي قيادت جو ذمو ادا اعجاز تي هوندو هو، جيڪو جلوس جي روانگيءَ سان زور زور سان مٿي تي هٿ هڻي چوندو هلندو هو، واويلا ڙي واويلا تڏهن اسين سڀ ساڻس هم آواز ٿي پويان پويان چوندا هلندا هئاسين: يا حسين ڪربلا... يا حسين ڪربلا... ۽ پوءِ مسلسل، شامِ غريبان تائين امام بارگاهه در امام بارگاهه، اهي ئي صدائون ۽ اهي ئي پُڪارون:

وا ويلا ڙي واويلا، يا حسين ڪربلا...

وا ويلا ڙي واويلا، يا حسين ڪربلا.

 

۽ الاس! 13-اپريل 2025 تي صبح سان ڪراچيءَ مان، سندس نياڻي ڊاڪٽر فائزه زهره مرزا، پنھنجي عزاخانهءِ زهره واري گهر مان فون ڪري اطلاع ڏنو... ماما نصير! بابا دنيا مان سدائين لاءِ هليا ويا ۽ تڏهن ان بعد فائزه جي سُڏڪن جي پسمنظر ۾ ڄڻ، ديار ٽنڊي ٺوڙهي جي گهٽين مان هي آواز گوجندا ٻڌم....

وا ويلا ڙي وا ويلا يا حسين ڪربلا...

۽ ان بعد يڪدم ئي ڪئي ڳالھيون، ادا اعجاز جون ۽ ڪئي گڏ گذاريل گهڙيون هڪ ٻئي پويان ذهن جي اسڪرين تي نمودار ٿينديون ۽ وري اوچتو اکين کان اوجهل ٿينديون رهيون.... تڏهن اوچتو پنھنجي امڙ شريفان ناصر علي جي واتان ادا اعجاز بابت ٻڌايل هڪ ڳالھه ياد اچي ويم. چيو هئائين، نصير! 8-جولاءِ 1958 جي اها اداس صبح هئي، تنھنجو والد رئيس ناصر علي بيگ (جيڪو اعجاز جي بابا اسد بيگ مرزا جو سڳو ڦڦاٽ) شديد عليل ۽ حالت نزع ۾ هو، ۽ صُفي اندر پنھنجي پينگهي ۾ بي آرام هو. جو گهٽيءَ مان اسڪول روانه ٿيندڙ اعجاز جي زور زور سان ڳالھائڻ ۽ پيرن جو آواز ٻڌائين، ته چيائين، اعجاز کي ٿورو مون وٽ وٺي اچو. هُو آيو ته ڪجهه پئسا کيس ڏيندي چيائينس، ”اعجاز! اسڪول (سينٽ بوناوينچر) مان واپس اچين ته ٽاور مارڪيٽ ۾ جيڪا بيڪري آهي، اتان انھن پئسن مان بسڪيٽ وٺيو اچجئين. ۽ پوءِ واءِ حسرت... ٻنپهرن جو قريبن ٻين وڳي ادا اعجاز اسڪول مان واپسي تي جيئن ئي بسڪيٽن وارو شاپر کڻي اندر آيو ته، ڇا ڏسي گهر ۾ قھر جو توهانجو بابا دنيا مان رخصت ٿي چڪو هو.

ته خير... موٽان ٿو، هن ڳالھه ڏانھن ته ادا اعجاز جو مون جوڀن به ڏٺو ته جواني به ۽ جواني جي جلون جا ڪجهه داستان به ٻڌا، پر پوءِ نھايت جلد پنھنجيءَ سڳي ماسات ادي ناياب بنت چاچا احمد علي مرزا سان 30 جولاءِ 1970ع تي هن جي شادي ٿي ته آئون 15 کن سالن جو هوس، ان ڪري ان شادي ۽ شادي جو ڪاڄ.. من و عن ياد اٿم. جنھن لاءِ ميندي جي رسم ڪتب خانهءِ قليچ جي اڱڻ ۾ ادا ڪئي وئي ۽ جنھن جي خاص ڳالھه هي ته سھرا لاڏا ڳائڻ لاءِ مائي ڀاڳيءَ کي مٺيءَ ٿر مان خاص گهرايو ويو هو. ائين نڪاح واري رسم وري امام بارگاهه ”آستانهء قدس“ جي صحن ۾ ٿي ۽ ٻاهر اوطاق ۾ جيڪو ڇنو هو ان ۾ سنڌ جا ٽاپ جا مسخرا کلڪو وجهڻ لاءِ گهرايا ويا هئا، ۽ جيڪي ان ڏينهن مون ڏٺا، انھن ۾ قادو شيدي، محمد فقير (لغاري) ۽ اسان جي پاڙي واري رمضان عرف رمون شيديءَ به اهڙا اهڙا ته ٽوٽڪا پيش ڪيا، جو ڄاڃي کلي کلي کيرا پئي ٿيا. هونئن علاوه ان جي اسان جي خاندان ۾ هي ادا اعجاز جي ئي اهڙي هستي هئي جنھن جي شاديءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ناميارن اديبن، شاعرن ۽ اسڪالرن شرڪت ڪئي هئي. تڏهن پوئين دور ۾ ادا اعجاز بزرگن جي نقشِ قدم تي هلندي، ڪتب خانهء قليچ، يعني پنھنجي جد امجد جي مسودن ۽ نوادرات جي حفاظت تي به ته معمور مون ڏٺو. تڏهن ڪجهه وقت ٽيچر رهڻ بعد ذريعه معاش لاءِ پاڻ اين.جي.وي هاءِ اسڪول جا زبردست ۽ سختگير منتظم بڻيا. پر ٻئي پاسي ذاتي زندگي ۾ هو نھايت نرم دل ٻاجهارا ۽ بيحد خوش مزاج هئا. ائين خاندان ۾ شخصي طرح سان ادا اعجاز هڪ جيڏن سان ته گهڻو ئي فرينڪ رهندا هئا، پر ساڳئي وقت علم ادب ۽ براڊڪاسٽنگ ۾ منھنجي اُٿ ويھه کي ڏسي باوجود ان جي جو مون کان پاڻ چڱا خاصا وڏا هئا پر تڏهن به مون سان بيحد فرينڊلي هوندا هئا. جنھن سبب هر موضوع تي کُلي دل سان ڪچهري پڻ ڪندا رهندا هئا. جنھن سبب سندن سڳين ڦڦين، محترمه دلشاد بيگم جي سفر نامي ”مسافر ڪربلا جا“ ۽ پوءِ ڦڦي شھاد بيگم جي ڪليات بابت کين يادگيريون ۽ تبصرا لکي ڏيڻ لاءِ عرض ڪيم ته نھايت خوش دليءَ سان ۽ بيحد دلفريب نثر ۾ آرٽيڪل مون کي ڏنائون. بقول ادا اعجاز جي 52-1951ع واري زماني ۾ جڏهن (بابا) اسد بيگ مرزا صاحب ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ جاب ڪندا هئا ۽ ان دوران Cooperation International Day تي کين خصوصي طرح سان هڪ Opera به پيش ڪرڻو هو. سو مون ساڻن ضد ڪيو ته ان ڊرامي ۾ مون کي به پارٽ ڏيو. تڏهن ان وقت منھنجي عمر اهائي ڪا اٺ نوَن سال مس هوندي، تڏهن منھنجي ضد ۽ اصرار تي بابا ته نه، البت ڦڦي دلشاد منھنجي لاءِ شاعريءَ ۾ هڪ خاص پارٽ لکي ڏنو جيڪو هن طرح سان هو:

وڏا ٿيو ۽ مون سان ڪريو ڪا صحبت

ته الله ڏيندو اوهان کي به عزت

چڱا ڪارناما ڪيا پڻ مون آهن،

وسارڻ جي قابل ڀلا ڪٿ سي آهن،

وڏي پنھنجي تعريف ڪھڙي ڪريان،

’اٿـﺂ نانءُ‘ منھنجو به اعجاز خان.

ته خير.... جيئن مون لکيو ته، ادا اعجاز بھترين مقرر سان گڏ نثرنگار به ته عاليشان هئا، پر جي هيئن چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو ته. هو پنھنجي دبنگ انداز جا ريڊيو ۽ ٽي.وي جا زبردست ڪمپيئر به هئا. ريڊيو حيدرآباد، ريڊيو ڪراچي يا پاڪستان ٽيليوزن جي سوين مذاڪرن، مشاعرن ۽ مجلس مسالمن ۾ پاڻ پنھنجي دبنگ انداز ۾ ڪمپيئرنگ به ڪندا رهندا هئا. ٽي.وي تي عبدالڪريم بلوچ صاحب، شمشيرالحيدري، ممتاز مرزا ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق وغيره ادا اعجاز جا بيحد ويجها ۽ حُجائتا دوست هوندا هئا. ها! ياد آيم، ادا اعجاز سگريٽ ته نه ڇڪيندا هئا پر وٽن پير علي محمد شاهه راشديءَ وانگر هڪ ٽِين جي ڊٻي هوندي هئي جنھن ۾ اندر جيڪو ڪشي فٽ ٿيل رٻڙ ان ۾ نهايت سليقي سان، سندن پسنديده ”بابُو بيڙي“ فڪس هوندي هئي. ائين ماچيس بدران ان ٽين جي دٻيءَ ۾ سائو يا پيلي رنگ وارو لائٽر سدائين مون موجود ڏٺو. کين ٻاڙ لڳندي هئي ته، ڊٻيءَ مان بابو ٻيڙي ڇڪي ڪڍي، لائٽر سان روشن ڪري چپن تي رکندا، تڏهن ادا اعجاز جي ان طرح سان ٻيڙي ڇڪڻ جو انداز اهڙو جو سوچيندو هوس، آئون به اڳتي هلي ان ئي ڍنگ سان پن جون ٻيڙيون پيئندس. پر هاءِ! منھنجي اها حسرت، حسرت ئي رهي.

تازو 13-اپريل 2025ع تي ادا اعجاز ڇا هليو ويو؟ اسان جي خانواده قليچ بيگ جي ڄڻ روشني ئي گهٽجي وئي، هونئن شخصيتن جو هاڻي اسان جي خاندان ۾ قحط الرجال به ته آهي، سو ادا اعجاز جي وصال سان ڄڻ ويتر وڌي ويو آهي.

۽ الاس... اڄ ادا اعجاز بيگ مرزا جهڙيءَ باغ بھار، خوش گفتار شخصيت کي ياد ڪري مُڙي ٽنڊي ٺوڙهي واري پنھنجي خاندان جي، هن معزز هستي جي لاڏاڻي جو تصور ٿو ڪريان، ته لڳيم ٿو ڄڻ:

خاموش ہوگیا ہے چمن بولتا ہوا۔

تعارف

]اختصار سان[

نالو: اعجاز علي بيگ ميرزا ابن اسد بيگ بن شمس العلماء مرزا قليچ بيگ.

ولادت: 28 سيپٽمبر 1944، ٽنڊو ٺوڙهو، حيدرآباد، سنڌ

      والده صاحبه جو نالو: دل افروز بيگم بنت مرزا علي حسين بيگ

تعليم: مئٽرڪ (1962ع)، بي.اَي (1966ع)، بي.ايڊ (1968ع)، ايم.اي (1970ع)، ايم.ايڊ (1971ع)، ايل.ايل.بي (1970ع).

درسگاهون: سينٽ بوناوينچر، گورنمينٽ ڦليلي ڪاليج ڪاري موري، سٽي ڪاليج، سنڌ لا ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي

پھرين نوڪري: ميرزا قليچ بيگ هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لڳ گول بلڊنگ ۾ استاد مقرر ٿيا.

پوءِ:  NJV هاءِ اسڪول ۾ 1974 ڌاري پرنسيپال طور مقرر ٿيا.

شادي:         سڳي ماسات ناياب بنت ميرزا احمد علي سان 1970ع ڌاري ٿيس.

پوءِ ٻيا عھدا: - سيڪريٽري بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي

      - ميمبر شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ چيئر، ڄام شورو

      - EDO حيدرآباد ۽ DEO سانگهڙ

      پاڻ پنھنجي والد گرامي اسد بيگ مرزا بعد ڪتب خانه قليچ جا محافظ هئا.

سھيڙيل ڪتاب: گلدسته قليچ ]قليچ صاحب جون ڪافيون ۽ ڪلام[

-  قليچ صاحب جي ڪتابن جي مستند ببليوگرافي آخري وقت ۾ ٽنڊي ٺوڙهي جي گُرجي مرزا خاندان بابت Ph.D جو مقالو لکڻ ۾ مصروف هئا.

پاڻ ۾ ڀائر:    مرحوم مختيار علي مرزا، خود اعجاز علي بيگ مرزا، مرحوم غالب مرزا، محمد حبيب بيگ مرزا، محمد مسلم مرزا ۽ محمد مومن علي مرزا.

ڀينرون: فيروز فاطمه مرزا، معظمه مرزا، رُباب مرزا، دلشاد مرزا ۽ عُليه مرزا

سندن ناميارا  چاچا: بئريسٽر ۽ ڪهاڻيڪار نادر بيگ مرزا، علامه افضل بيگ مرزا، اڪمل بيگ مرزا ۽ اجمل بيگ مرزا وغيره

سندن اولاد: ڊاڪٽر فائزه زهره مرزا، قليچ اصغر مرزا ۽ فروا مرزا

تاريخ وفات ۽ هنڌ: 13-اپريل 2025، طبه هاسپيٽل ڪراچي.

مدفن: بلند شاهه وارو مقام، نزد ڀٽي ڦاٽڪ، ٽنڊو ٺوڙهو حيدرآباد، وصيت مطابق پنھنجي والده ماجده دل افروز بيگم جي پهلوءَ ۾ آرامي آهن.

قطعاتِ تاريخ وفات حسرت آيات مرزا اعجاز علي بيگ

از: مرزا ڪاظم رضا بيگ

]ٽنڊو آغا[

جان بحق شد آه اعجاز علي

در غمِ او پسر محو ماتم اَست

اي رضا سالِ وصالش آن (جليس)

103  

مومنِ ديندار ]فاضل اعظم[ است

1922 + 103 = 2025

ايضاً

مرزا اعجاز علي جڏهن هليو سوئي بھشت

ٽنڊي ٺوڙهي جي رهاڪن چو پٽي سر اعجاز

عابد و ساجد و زوار، عزادار حسين ابن علي

                     68

بي مثل ماهرِ تعليم، سخنور اعجاز

             68 + 1378 = 1446

 

ڊاڪٽر فائزه زهرا مرزا

 

 

 

 

 

آهه مرزا اعجاز علي بيگ

       ]شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي علمي ۽ ادبي پورهئي جو مُحافظ،

         هڪ ماهر تعليمدان، انتھائي ايماندار آفيسر ۽ علمي شخصيت[

 

ڳولھيان ۽ ڳُنڌيان، ويا ويراڳي نِڪري،
صحبت جا سنديان آءٌ نه جيئندي اُن رِي.

 (شاهه سائين)

دل انتھائي غمگين آهي. اکيون لُڙڪ پيون هارين. پر موت اها حقيقت آهي جنھن کان ڪو مَفر نه آهي. ادا دبير جي چوڻ تي پنھنجي عزيز از جان والد گرامي مرحوم مرزا اعجاز علي بيگ تي هي مضمون لکي رهي آهيان. اڄ پنھنجي والد لاءِ لفظ ”مرحوم“ لکندي يقين ئي نه ٿو اچي ته هو سچي دنيا ڏانھن راهي ٿيو آهي. بابا سائينءَ جي وفات مرزا خاندان لاءِ هڪ اهڙو خال آهي جنھن کي ڪو ٻيو ڀري نه ٿو سگھي.

ولادت ۽ تعليم جو احوال:

مرزا اعجاز علي بيگ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ٽين گھرواريءَ جي وڏي فرزند مرزا اسد علي بيگ جو ٻيو نمبر فرزند آهي، سندس وڏي ڀاءُ مختيار عليءَ جي حادثاتي وفات کان پوءِ اعجاز علي بيگ ئي ڀيڻن ڀائرن ۾ وڏو هو. هُن 28 سيپٽمبر 1944ع ۾ ٽنڊي ٺوڙي ۾ اک کولي. بابا ابتدائي تعليم پنھنجي وڏي ڀاءُ مختيار علي سان گڏ سينٽ بونا وينچر اسڪول ۾ حاصل ڪئي. 1962ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ، 1964ع ۾ حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج مان انٽر ميڊيئيٽ ۽ 1966ع ۾ سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان بي.اي. (B.A) پاس ڪري ڊگري ورتائين. 1968ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم.اي. (M.A) ماسٽر ڊگري فرسٽ ڪلاس حاصل ڪري انھيءَ سال حيدرآباد سنڌ لا ڪاليج (Sindh Law College) مان ايل.ايل.بي. (L.L.B) مڪمل ڪئي. 1969ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن مان بي.ايڊ (B. Ed) ۽ 1971ع ۾ انھي ساڳئي انسٽيٽيوٽ مان ايم. ايڊ (M. Ed) جي ڊگري حاصل ڪئي.

گورنمينٽ سروس جو آغاز ۽ احوال:

انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ بابا بحيثيت سيڪنڊري ٽيچر اسسٽنٽ ماسٽر جي پوسٽ تي مرزا قليچ بيگ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ 220 روپئين جي پگھار تي 8 سيپٽمبر 1964ع ۾ پنھنجي سروس ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هُو 1969ع ڌاري بطور ليڪچرر (سنڌي) گورنمينٽ ڪاليج فار بوائيز حيدرآباد ۾ ويسٽ پاڪستان سروس ڪميشن جي سليڪٽيڊ ڪينڊيڊيٽ طور 16 جون 1969ع کان 24 نومبر 1969ع تائين سروس جا فرائض انجام ڏيندو رهيو. ڪاليج ۾ ڊيپيوٽيشن تي پوسٽنگ هئي، تنھن ڪري ڪجهه عرصي بعد وري مرزا قليچ بيگ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماسٽر جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. 1972ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 9 ڊسمبر 1972ع ۾ اين.جي.وي. (N.J.V) گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ 17 گريڊ ۾ بحيثيت هيڊ ماسٽر ترقي ٿيس ۽ 10 سيپٽمبر 1990ع ۾ سندس 18 گريڊ ۾ پروموشن ٿيو ۽ پاڻ 1996ع تائين هن اسڪول جو پرنسپل ٿي رهيو. چوويھن سالن جي ڳچ عرصي ۾ گهڻائي شاگرد هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪري دنياوي ڪسب وڪار سان هم ڪنار ٿيا، پر کين سندن استاد ۽ پرنسپل جي شفقت هميشه ياد رهي. ان جو ثبوت ائين ملي ٿو، جو بابا جنھن به هنڌ، چاهي ڪنھن اداري ۾، اسپتال يا ڪنھن به پبلڪ پليس تي ويندو هو ته ڪو نه ڪو شاگرد کيس ملي ويندو هو ۽ گهڻي عزت ۽ احترام سان ساڻس پيش ايندو هو ۽ کيس مانُ ڏيندو هو.

بابا بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچيءَ جو ميمبر هو، جتي پاڻ بطور ممتحن اعليٰ، گروپ ليڊر، انسپيڪٽر، چيف انسپيڪٽر ۽ اڪيڊمڪ ڪاميٽي جو ميمبر رهيو ۽ پھرين سيپٽمبر 1996ع کان 31 جولائي 1999ع تائين بحيثيت سيڪريٽري بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي رهيو. چيئرمين محمد اسماعيل ميمڻ صاحب جي ناگھاني وفات کان پوءِ پھرين سيپٽمبر 1998ع کان 19 نومبر 1998ع تائين چيئرمين جا فرائض به خوب نڀايائين.

ڇھين سيپٽمبر 2001ع کان 7 مئي 2002ع تائين پاڻ حيدرآباد ۾ پھريون ايگزيڪيٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر آف ايجوڪيشن ( (EDOE Hyderabad رهيو ۽ 21 نومبر 2003ع کان 19 اپريل 2004ع تائين (EDOE) سانگھڙ جي حيثيت ۾ خدمت انجام ڏنائين.

12 فيبروري 2000ع کان 19 مئي 2000ع تائين پاڻ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين به رهيو. ان کان علاوه امام حُسين فائونڊيشن ڪراچي جو وائيس پريزيڊنٽ به رهيو ۽ هن اداري جا ڪئين ادارتي مسئلا حل ڪيائين.

تحقيقي ۽ ادبي ڪاوشون:

بابا گورنمينٽ سروس جي دوران ڳچ عرصي تائين ايڊمنسٽريٽو پوسٽ تي رهيو، پر ان هوندي به پاڻ تحقيقي ۽ ادبي ڪاوشن ۾ مصروف رهندو هو.

1.   1971ع جي سيڪنڊري ايجوڪيشن کي مدنظر رکندي هُنَ 1970ع جي ايجوڪيشن پاليسي تي هڪ تنقيدي تشخيص لکي. Critical Evaluation of the Education Policy 1970, with special reference to Secondary Education, 1971.

2.  حيدرآباد جي گورنمينٽ پرائمري اسڪولن (ڇوڪَرن لاءِ) جي نظم و نسق (ايڊمنسٽريشن پيٽرن) جو تنقيدي سروي. Critical survey of the administration pattern of Government Primary Schools (Boys) of Hyderabad 1971.

3.  1963ع ڌاري شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي اردو، سنڌي ۽ سرائڪي شاعريءَ کي گڏي هڪ ڪتاب شايع ڪيائين.

4.  ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سندس پي. ايڇ. ڊيءَ جو مقالو عنوان: ”مرزا قليچ بيگ جي خاندان جون علمي خدمتون“ منظور ٿيو ۽ پاڻ ٿيسز لاءِ گهڻو مواد گڏ ڪري ڪيئي باب لکيا به هئائين، پر نوڪري ۽ بدلين جي ڪري سندس ٿيسز مڪمل نه ٿي سگھي.

5.   شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي علمي پورهئي جي تفصيلي تشريحي لسٽ جيڪا Annotated Bibliography of Shams-ul-Ulama Mirza Kalich Beg’s Books  جي نالي سان سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو  ۾ قائم ٿيل مرزا قليچ بيگ چيئر، 2019ع ۾ ڇپرائي نروار ڪئي.

پرڏيهي تربيت ۽ زبان داني:

جيئن ته بابا جي مادري زبان سنڌي هئي پر پاڻ فارسي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ پڻ لکي، پڙهي ۽ ڳالھائي سگھندو هو، عربي زبان فقط لکڻ ۽ پڙهڻ تائين ڄاڻيندو هو. ٿوڙي گهڻي بروهي زبان به ڳالھائي ۽ سمجھي ويندو هو. پاڻ خانئه فرهنگ حيدرآباد ۾ به ڪجهه عرصو فارسي پڙهيائين. 1976-1977ع ڌاري کيس چئن مھينن لاءِ ماڊرن پرشين ٽيچنگ ڪورس ٽريننگ لاءِ ايران جي سپاه دانش يونيورسٽي وڃڻ جو موقعو مليو. هن ڪورس ۾ شرڪت لاءِ سندس ڀيڻ به ساڻس گڏ وئي هئي. بابا ۽ منھنجي پڦي فيروزه مرزا هن ٽريننگ ڪورس ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري. هن ڪورس ۾ ساڻن گڏ ڪراچي يونيورسٽي جي فارسي شعبي جو سابق چيئرمين مرحوم ڊاڪٽر ساجد الله تفھيمي، سيد احسان علي شاهه، عربي جو استاد مولانا سيد تلميذ حسنين رضوي، اسحاق ابڙو، مشھور شاعر انور مسعود ۽ ڪوئٽه جو علي جمعو شامل هئا.

مون کي ياد آهي ته، جنھن وقت بابا کي ايئرپورٽ وٺڻ لاءِ وياسين ته مون کي ۽ منھنجي ننڍي ڀاءُ قليچ کي کيسي مان واچون ڪڍي تحفتاً ڏنائين ۽ گهڻو پيار ڪيائين. ان وقت آءٌ ڇھن سالن جي ۽ قليچ چئن سالن جو هو.

ان زماني ۾ فون يا خط ذريعي رابطو رهندو هو. امان ٻڌائيندي هئي ته، بابا چئن مهينن جي عرصي ۾ ڪئي خط موڪليا ۽ پنھنجو مفصل احوال موڪليندو هو. گهروارن کي گهڻو ياد ڪندو هو، پڦي ٻڌائيندي آهي ته، رات جو اسان گھروارن کي ياد ڪري روئيندو هو جو آقا رشيد فرزانه پور جيڪو حيدرآباد خانئه فرهنگ جو پھريون ڊائريڪٽر هو، سو چوندو هيس ته آقا اعجاز تون ته بلڪل مجنون ٿي پيو آهين ۽ پنھنجي زال ٻارن کي گهڻو ياد ٿو ڪرين.

مٿين ٽريننگ ڪورس کان علاوه بابا ڇهن هفتن جي هڪ يو.ايس.ايڊ. پروگرام (US Aid Programme) ۾ شرڪت ڪئي، جيڪا اسڪول فار انٽرنيشنل ٽيچنگ بريٽل-برو، ورمانٽ، يو.ايس.اي ۾ 08 جولاءِ 1991ع کان 16 آگسٽ 1991ع تائين هلي. سندس پروگرام ٽيچر ڊاڪٽر سي اين ايلن ٽيٽ (Dr. Sean Alan Tate) ۽ سندس زال ڪارلا (Karla) جي بابا سان گهڻي دوستي ۽ پنھنجائپ رهي. بابا سندن گھر ويندو رهندو هو. ڊاڪٽر سي اين ۽ ڪارلا کي بابا جي ڪچهري گهڻي پسند ايندي هئي. بابا ٻڌائيندو هو ته ڪارلا هڪ صوفي منش زال هئي ۽ آرٽ ۽ گرافڪس جي دلداره هُئي. هن واپسي وقت هڪ زبردست اَلبم بابا کي تحفو ڏنو، جنھن ۾ بابا جا، اهي سڀ فوٽا هئا جيڪي ڪارلا سندن گھر ۾ يا يونيورسٽيءَ ۾ ڪڍيا هئا. بابا هر ڪرسمس ۽ نئين سال تقريب دوران کين ضرور فون ڪندو هو ۽ مون کي به هنن ساڻ ڳالھرائيندو هو. اڄ تائين ڊاڪٽر سي اين ٽيٽ سان ايميل ذريعي رابطو رهندو اچي.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي علمي ورثي جي سنڀال:

بابا ننڍپڻ کان سندن والد محترم ۽ منھنجي ڏاڏي اسد بيگ مرزا کي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي علمي ورثي جي سنڀال ڪندي ڏسندو پئي آيو ۽ پنھنجي والد ۽ چاچن جي سرپرستيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن ۽ شين جي مڪمل ڄاڻ ورتي ۽ وقتاً فوقتاً پاڻ ڪوشان رهيو ته هي علمي ورثو محفوظ رهي. 2010ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ سائين مظھرالحق صديقيءَ جي ڪوششن ۽ بابا جي مسلسل ڪاوشن سان جڏهن قليچ چيئر قائم ٿي ته پاڻ گهڻو خوش ٿيو ته قليچ جي اڻڇپيل ڪتابن جي شايع ڪرڻ جي ڪا واٽ کُلي آهي. ٻه روزه انٽرنيشنل ڪانفرنس ٿي ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگھيي جي ڪاوشن سان هيءَ ڪانفرنس بھترين طريقي سان پڄاڻيءَ تي پُھتي.

چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا سان بابا مسلسل رابطي ۾ رهندو هو ۽ کيس هر وقت قليچ جي علمي اثاثي جي ضايع ٿيڻ جو ڊپ رهندو هو. ڇو جو وقت سان گڏوگڏ ڪتابن ۽ قلمي نسخن جا ورق به بوسيده ٿيو وڃن يا گھِمَ ۽ اڏوهيءَ جو ڊپ رهندو آهي. بابا هرگز نه چاهيو ته سندس ڏاڏي جو علمي سرمايو ڪنھن لائبريري يا ادارن کي ڊونيٽ ڪري، ڇو جو پاڻ گھڻن اهڙن ڪتاب خانن ۽ ادارن جي بي توجھيءَ کان آگاهه هو، جتي ڪتابن جي چڱي سار سنڀال نٿي ٿي ۽ قلمي يا ڇپيل ڪتاب ضايع پئي ٿيا.  پاڻ هميشه هڪ اداري جي ڳالھه ڪندو هو جتي ٻڪريون پئي هليون ۽ انھن ڪاغذ پئي چٻاڙيا، ڏسڻ تي معلوم ٿيو ته ڪنھن قلمي نسخي جو ڪو ورق پئي چٻاڙي، ان ڳالھه جو هُنَ گهڻين ئي محفلن ۽ ادبي فورمن ۾ ذڪر به ڪيو هو.

بابا وفات کان ڪجهه ڏينھن پھرين به مون کي وصيت ڪئي ته زندگيءَ تي ڀروسو ناهي، مون کان پوءِ ڏاڏا قليچ بيگ جي ڪتابن ۽ شين جي سار سنڀال توهان کي رکڻي آهي. ان ورثي کي مون پنھنجي جان سان سانڍيو آهي تنھن ڪري توهان به جيترو ٿي سگھي ان جي حفاظت ۽ ان جي ترويج و اشاعت لاءِ ڪوشان رهجو.

سندس اخلاق، عادتون ۽ وضعداري:

بابا ويھن سالن جي ڄمار کان بحيثيت هڪ استاد پنھنجي پروفيشنل لائيف جو آغاز ڪيو ۽ پوءِ وري ايڊمنسٽريٽو پوسٽ تي رهيو هو. جوانيءَ ۾ اسڪائوٽنگ به ڪيائين ۽ سندس والد به پرنسپل ۽ استاد رهيو هو، تنھن ڪري نظم و ضبط سندس زندگيءَ جي نمايان خصوصيت رهي. وڏي ننڍي جي تميز ۽ مٽن مائٽن سان نيڪ سلوڪ رکڻ سندس سرشت ۾ هو. جڏهن کان پاڻ ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو ته اڪثر مٽن مائٽن جو اسان جي گھر ۾ اچڻ وڃڻ رهيو. گهڻا اهڙا مٽ مائٽ علاج معالجي لاءِ جي ڪراچي ايندا هئا ته پاڻ انھن کي اسپتال يا ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويندو هو. چاهيندو هو ته سندن هر طرح جو گھر ۾ خيال رکيو وڃي ۽ ڪڏهن به منھن نه گھنجايائين يا اهو چوندي نه ٻڌوسين ته آءٌ هنن مان ڇو ڦاٿو آهيان بلڪه ڪيترائي مھينا مھمان رهندا هئا ۽ بابا ۽ امّان ساڻن خوش اخلاقيءَ سان پيش ايندا هئا. پاڻ مھمانن جو انتھائي آڌرڀاءُ ڪندو هو، چاهيندو هو ته گهران ڪو به مھمان ماني کاڌي بغير نه وڃي يا مھمان جي مھمانيءَ ۾ ڪا ڪوتاهي ٿئي.

اسان ٻارن کي پاڻ اسڪول ڇڏڻ ۽ وٺڻ ايندو هو. اها الڳ ڳالھه آهي ته موڪل مھل اسان آخري ٻار هوندا هئاسين، جيڪي اسڪول يا ڪاليج مان ويندا هئاسين. ڇو جو اڪثر بابا ڪنھن ميٽنگ يا تقريب ۾ هوندو هو ۽ اتان فارغ ٿي پوءِ اسان کي وٺڻ ايندو هو. جڏهن مون ڪراچي يونيورسٽي وڃڻ شروع ڪيو ته کيس ان ڳالھه جو انتھائي فڪر رهندو هو ته آءٌ اڪيلي ڪيئن ويندس، ڇو جو ڪڏهن پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ وڃڻ جي عادت نه هئي، خير آخر هڪ ٻن ڏينھن ۾ اهو فڪر لھي ويس ۽ پوءِ روٽين ٿي ويو. منھنجي جڏهن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ بحيثيت فارسي ليڪچرار جي حيثيت ۾ سليڪشن ٿي ۽ اسلام آباد جي ڪاليج ۾ رپورٽ ڪرڻي هئي ته بابا ۽ امان مون سان اسلام آباد هليا ته جيئن منھنجي صحيح رهائش جو بندوبست ڪري سگھن.

بابا جي عادت هئي ته، ڪڏهن به ماني کان پوءِ نماز نه پڙهندو هو. اسان هميشه هن کي وقت تي نماز پڙهندي ڏٺو. چاهي مھمان هجن يا پاڻ ڪٿي مدعو هوندو هو ته به نماز جي پابندي ضرور ڪندو هو ۽ تيستائين ماني نه کائيندو هو جيسين نماز نه پڙهي ڇڏي. صبح جي نماز کان پوءِ دعائون ۽ وضائف وغيره پڙهندو هو ۽ جي صبح جو نه ته پوءِ رات جو مغرب کان پوءِ ضرور پڙهندو هو. روزه به باقاعدگيءَ سان رکندو هو. رمضان ۾ شب قدر جا اعمال ڪندو هو ۽ سڄي رات عبادت ۾ گذاريندو هو. صدقو خيرات ڏيڻ معمول هئس. هٿ جو کليل هو ۽ خرچ کان نه گھبرائيندو هو، بيباڪ ۽ نڊر هو. ڪيترائي ادارتي ڪم صرف فون تي ٿي ويندا هئس. امان چوندي هيس ته سائين توهان جنھن ڪم لاءِ ويندؤ اهو ڪم ڪري ايندئو، توهان جو نالو به اعجاز آهي تنھن ڪري معجزاتي طور توهان هر جاءِ تي ڪاميابيءَ سان همڪنار آهيو.

ڪڏهن به ڪنھن بالا آفيسر جي چاپلوسي نه ڪيائين ۽ نه ئي ٻين وانگر رشوت يا ڪو ٻيو ناجائز ڪم ڪيائين. هڪ نھايت ايماندار آفيسر هو. بابا سيڪنڊري بورڊ جا ڪيترائي قصه ٻڌائيندو هو ته ماڻھو ڪھڙي ڪھڙي طرح آفيسرن کي رشوت ۽ لالچ ڏين ٿا، ڪيئن هنن جي چنبي ۾ اچو وڃن ۽ پوءِ نقصان کائين ۽ ڪي پنھنجي ايمانداريءَ سبب هميشه نالو ڪڍن.

بابا پنھنجي شاپنگ پاڻ ڪندو هو ۽ نھايت جلدي. اسان کي ڪڏهن بازار وٺي نه ويندو هو، ڇو جو چوندو هو ته آءٌ جيڪڏهن ڪٿي ويس ۽ مون کي ڪو شاگرد ملي ويو ته هو منھنجي فيملي ۽ مون کي حد کان وڌيڪ رعايت ڏيندو، جيڪو مون کي منظور ناهي. تنھن ڪري اسين بابا سان ڪڏهن به شاپنگ ڪرڻ نه وياسين. باقي اسان جي هر ضرورت جو خيال رکندو هو ۽ کيس گهڻو فڪر رهندو هو.

شروع شروع ۾ اسان ٻارن سان گھر ۾ انگريزي ڳالھائيندو هو، ڇو جو انگريزي اسڪول ۾ پڙهياسين ۽ اُتي انگريزي ڳالھائڻ ضروري هئي. گھر ۾ سنڌيءَ جو رواج هو، تنھن ڪري بابا انگريزي ڳالھائيندو هو ته اسين ٻار جلدي سکي سگھون. منھنجي پي.ايڇ.ڊي. ڪرڻ تي گهڻي خوشي ٿيس ۽ هميشه چوندو هو ته، ”اگر پدر نتواند پسر تمام کند“يعني:
”جي پيءُ نه ڪري سگھيو ته سندس اولاد يا پٽ اهو ڪم مڪمل ڪندو.“ اسان ٻارن کي گهڻو ڀائيندو هو پر ظاهر ڪو نه ڪندو هو. اسين ڀائر ڀيڻون بابا سان بلڪل فري ڪونه هئاسين يا ائين چئجي ته اڄوڪي ٻارن وانگر حُجتي ڪو نه هئاسين. بابا چڙ جو تيز هو، تنھن ڪري اسين پاڻ ئي ساڻس هڪ احترام جي دائري ۾ ئي رهندا هئاسين. گھر ۾ گھٽ کِلَ ڀوڳ ڪندو هو، پر محفلن ۾ ۽ دوستن احبابن ۽ رشتيدارن سان گهڻي ڀوڳ مذاق ڪندو هو ۽ ڳالھه ڪرڻ جو اهڙو فن هوندو هئس جو ٻيا کِلَ ۾ پيا ليٽ پيٽ ٿيندا هئا ۽ پاڻ سيريس هوندو هو.

هڪ ڀيرو خانئه فرهنگ ايران ڪراچيءَ ۾ امام زين العابدين جي ديوان جي رونمائي هئي، جيڪا ذوالفقار قادريءَ صاحب جي توسط سان منعقد ڪئي وئي هئي. هي ديوان چئن زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ سنڌي ترجمو بابا ڪيو هو. پروگرام جي ڪمپيئرنگ به بابا کي ڏني وئي هئي. مقررين ۾ اصغر درس صاحب، سيد تلميذ الحسنين صاحب، ذوالفقار قادري صاحب، ڊائريڪٽر خانئه فرهنگ آقا تقي زاده ۽ راقم الحروف کي به ڪتاب تي ڳالھائڻو هو. بابا مون کي اسٽيج تي دعوت ڏيڻ لاءِ اهو ئي فارسي مصرعو پڙهيو ته ”اگر پد رنتواند پسر تمام کند“ (پھرين ذڪر ٿي چڪو آهي) ۽ پوءِ چيائين ته اڄ خوشي اٿم جو منھنجي صاحبزاديءَ پي.ايڇ.ڊي. ايران مان ڪئي آهي ۽ بدقسمتيءَ سان آءٌ مڪمل نه ڪري سگھيو آهيان. جنھن جي وجهه اها آهي ته جنھن به سپروائيزر کي چونڊيم سو ٿوري عرصي ۾ هن دنيا مان هُنَ جھان ڏانھن راهي ٿيو، پھرين نعيم تقوي سپروائيزر هو، اهو گذاري ويو، پوءِ ڪريم بخش خالد صاحب ٿيو ۽ اهو به رب ڏي راهي ٿيو ۽ آخر ۾ جڏهن ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب ڏي ويس ته مون کي ڏسي چيائين ته، مرزا صاحب منھنجا ننڍڙا ننڍڙا ٻار آهن مون تي رحم ڪريو. بابا جو اهو چوڻ ۽ هال ۾ ويٺل ماڻھن ۾ کِلَ جو ٽھڪو مچي ويو. خبر ناهي ڊاڪٽر شوق صاحب ائين چيو هئس يا نه، پر ان وقت اها ڳالھه ٻڌي سڄي محفل زعفران ٿي وئي.

يقيناً ڪراچي مان ٽرانسفر ٿيڻ کان پوءِ بابا جون ادارتي ذميداريون وڌي ويون، جنھن سبب هُو پنھنجي ريسرچ کي وقت ڏئي نه سگھيو. سندس پي.ايڇ.ڊيءَ جو ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان منظور ٿيل موضوع هي هو: ”مرزا قليچ بيگ ۽ سندن خاندان جون ادبي خدمتون.“ بابا ٿيسز جا ڪافي باب لکي چڪو هو ۽ پاڻ جارجيا جي بادشاهن تي گهڻي معلومات گڏ ڪري هڪ طوماري صورت ۾ سندن شاهي سلسلي کي قلمبند ڪيو آهي.

بابا کي حضرت عليءَ جي شان ۾ حمل فقير جي ”الف“ کان ”ي“ تائين لکيل سي حرفي ۽ ٻيا ڪيترائي انگريزي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جا شعر ۽ نظم ياد هئا جيڪي محفلن ۽ ڪچھرين ۾ ٻڌائيندو هو ۽ خاص طرح جڏهن به اسين گھر وارا ادي انيتا غلام علي (شيرين مرزا (ادي بيبي) ۽ فيروز نانا جي وڏي نياڻي) مرزا نادر بيگ جي وڏي ڏهٽيءَ سان ملڻ ويندا هئاسين ته ادي انيتا بابا کي سيد ثابت علي شاهه جي مولا عليءَ جي وصف ۾ چار لساني منقبت، جنھن جو هڪ بيت عربي، ٻيو فارسي، ٽيون اردو ۽ چوٿون سنڌيءَ ۾ آهي، ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندي هئي ۽ ٻڌي اکين مان ڳوڙها وهي ايندا هيس. بابا کان ٻڌي ٻڌي اسان کي ڪئي دعائون ۽ شعر ياد ٿي ويا. منقبت جو هڪ شعر هتي پيش ڪجي ٿو.

رب ارنی ثانياً اَرضُ الۡنَجَفۡ وَ الۡڪَربَلَا
يا خدا بنما بمن بار دگر آن روضہ ہا
يا خدا پھر به
ی دکها مجھ کو وه ميرے، مقتدا

اي خدا ٻيهر به مون ڏيکار منهجا من گهُريا.

بابا پي.ٽي.ويءَ (PTV) جي ڪيترن ئي سنڌي مسالمن ۽ نعتيه مشاعرن ۾ ڪمپيئرنگ جا فرائض انجام ڏنا ۽ پنھنجون لکيل نعتون ۽ سلام پيش ڪيا. هميشه بنا ڪنھن اسڪرپٽ جي تقرير ڪندو هو. سندس ڪاليج جي زماني ۾ تقريري مقابلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاڙڪاڻي ويو ۽ اتان انعام کٽي آيو. وڊيو ڪيمرا ورتئين ته سڄي خاندان جي عزيزن ۽ مٽن مائٽن ۽ دوستن احبابن جون يادگار وڊيوز ريڪارڊ ڪيائين. شايد 300 کان وڌيڪ وڊيو ڪيسٽس وٽس هيون. اهي فيملي وڊيوز هڪ وڏي يادگار جي طور اڄ به موجود آهن. جڏهن وڊيو ڪيسٽس جو رواج ختم ٿيو ۽ سي ڊيز نڪتيون ته پاڻ هڪ وڊيوگرافر جي مدد سان سڀني وڊيوز کي سي. ڊيز (CD’s) تي ڪاپي ڪرائي ۽ هر سي. ڊيءَ جو مواد الڳ ريجسٽر ۾ فھرست صورت پاڻ مرتب ڪيائين. جنھن زماني ۾ ٽيپ ريڪارڊر ۾ ڪيسٽ وجھي ڪلام ٻڌبا هئا ته ان وقت بابا وٽ به مخصوص گلوڪارن جون ڪيسٽيون هونديون هيون جيئن ته سينگار علي سليم، ڍول فقير، محمد يوسف، محمد ابراهيم، مائي ڀاڳي وغيره جا ڳايل ڪلام شوق سان ٻڌندو هو. صبح جو نماز ۽ وظائف کان فارغ ٿي جيتري دير آفيس لاءِ تيار پيو ٿيندو هو ته ڪنھن به من پسند گلوڪار جي ڪيسٽ هلائي ڇڏيندو هو ۽ انھن جي ڳايل ڪافين ۽ صوفي ڪلامن مان محظوظ پيو ٿيندو هو. پر اهو سڀ شوق وقت سان گڏ ڪافي گهٽ ٿي ويس يا ائين چئجي ته بلڪل نه رهيس.

آخري عمر ۽ وفات:

ريٽائرمينٽ کان پوءِ پاڻ گهڻو وقت گھر ۾ رهندو هو ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مصروف رهندو هو. سندس سوٽ ميجر مرزا اختر بيگ جي فرزند مرحوم مرزا اقبال بيگ، مرزا قليچ بيگ جي خودنوشت سوانح عمري ”سائو پن يا ڪارو پنو“ جو انگريزي ترجمو ڪيو آهي. Green Leaf and Black Paper جيڪو قليچ چيئر جي توسط سان ڇپيو آهي.

انھيءَ سوانح عمريءَ جو يارهون باب مرزا قليچ بيگ جي غزلن ۽ نظمن وغيره جي ڏنل نموني تي مشتمل آهي جيڪو مرزا اقبال بيگ ترجمو ڪو نه ڪيو هو. بابا جڏهن سندن ڪيل ترجمو پڙهيو ته چيائين ته اهوئي ته ضروري باب آهي جنھن مان مرزا قليچ بيگ جي فڪر ۽ شاعريءَ جي معيار جي خبر پوي ٿي. بابا پاڻ سڀن شعرن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ اهو ترجمو محترم ڊاڪٽر گل محمد عمراڻيءَ کي ڏيکاريندو رهندو هو ته جيئن سندن مشوري سان ترجمي ۾ ڪا ڪمي نه رهي.

ساڳئي طرح بابا جي محنت سان شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن جي اينوٽيٽڊ ببليوگرافي به گھڻي جاکوڙ ۽ ڪاوشن سان پايه تڪميل تي پھتي جيڪو هڪ نھايت مفيد معلوماتي ۽ تحقيقي ڪم آهي.

2020ع ۾ جڏهن ڪرونا وائرس نصف کان وڌيڪ دنيا ۾ ڦھلجڻ لڳي ته هن بيماريءَ گھڻن گھرن جا چراغ وسائي ڇڏيا. 29 جولائي 2020ع ۾ ڪرونا وائرس سبب منھنجي جيجل ماءُ هميشه لاءِ اسان کي ڇڏي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. منھنجي والده ۽ والد ۾ اٺن سالن جو فرق هو ۽ پاڻ ۾ سڳا ماسات هئا. ٻنھي ۾ بي انتھا محبت هئي. بابا امان کان بغير هڪ لمحو به اڪيلو گذارڻ جو سوچي به نه ٿي سگھيو، پر وقت ۽ حالات ٻنھي ۾ عمر ڀر جو وڇوڙو وجھي ڇڏيو.

امان جي وفات بابا کي گهڻو صدمو ڏنو ۽ ڪئي مھينا هو هن فراق ۽ وڇوڙي تي روئيندو رهيو، جنھن ڪري ڊپريشن جو شڪار ٿي پيو. پڙهڻ لکڻ ڇڏي ڏنائين، سڄو ڏينھن حُزن ۽ صدمي جي ڪيفيت ۾ گذاريندو هو. جي ڪو دوست احباب ملڻ اچي ويندو هئس ته ٿوري طبيعت بھتر ٿي ويندي هئس. گهڻي عرصي کان شُگر ڪري گهڻا مسائل پيش هئس، جنھن جي ڪري ٻاهر نڪرڻ جي همت ڪونه ڪندو هو. سڄو وقت هنڌ تي ئي هوندو هو. ٽي.وي ڏسڻ يا ڪو ڪلام ٻڌڻ جي دلچسپي به نه ڏيکاريندو هو.

جنوري 2025ع جي پڇاڙيءَ ۾ کيس اڪثر بخار رهڻ لڳو. ڊاڪٽر کي ڏيکاريوسين ته هُن دل جي اِيڪو ۽ ڪجهه سيني جا ايڪسري ڪرايا. اِيڪو مان خبر پئي ته سندس مين وِيلو (Aortic Valve) شديد تنگ ٿي ويو آهي جنھن جي سبب دل مان رت گھٽ مقدار ۾ جسم کي پھچي ٿو. ميڊيڪل ٽرم ۾ ان کي (Aortic Stenosis) چيو ويندو آهي. دل جي ڊاڪٽرن چيو ته پيريءَ ڪري دل جو اهو وِيلو (Valve) مٽائي سگھڻ ڪافي مُشڪل آهي. تنھن ڪري في الحال رڳو دوائن سان ڪنٽرول ڪريون ٿا، جي اڳيان ضرورت پئي ته ڏٺو ويندو. جنوريءَ کان بابا هر وقت بستري تي هوندو هو. هلڻ چلڻ بلڪل ڇڏي ڏنائين، ٿورو هلندو هو ته ساهه ڀرجي پوندو هئس، تنھن ڪري هلڻ کان ڪترائيندو هو، بس هڪ ڏينھن الائجي ڪيئن جڏهن مون چيومانس ته بابا سڄو ڏينھن هنڌ تي ويھي بور ٿي ٿا پئو ته اڄ مون سان هلو ٻاهر ماني کائون. پاڻ هلڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ چيائين ته دل پئي چوي ته ايراني ريسٽورنٽ جي ماني کائجي. ”چلو ڪباب سيستاني“ نالي صدر ۾ هڪ ايراني ريسٽورنٽ آهي جيڪو پھرين ”چلو ڪباب سبحاني“ جي نالي سان مشھور هو. اُتي جو چلو ڪباب ۽ ٻيا ايراني کاڌا مشھور آهن، سو آءٌ، بابا کي گاڏيءَ ۾ وٺي ويس. بابا دل سان هليو ۽ ماني کاڌي. مون کي گهڻي خوشي ٿي ته گهڻي عرصي بعد پاڻ گهر کان ٻاهر نڪتو آهي. پر هر وقت ساهه ۾ مونجھارو سمجھندو هو تنھن لاءِ نيبولائيزر استعمال ڪندو هو. ٻيو ٿورو خيال جو به اثر هئس.

بھرحال 11 اپريل 2025ع تي سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي، جو ساهه ۾ گهڻي مونجھه هئس ۽ بلڪل سمھي نه ٿي سگھيو. آخر شام جو ايمبولينس ۾ طبّه اسپتال وٺي ويس ۽ ايمرجنسيءَ ۾ کيس بائي پائيپ هڻي ڇڏيو هئون. ڦڦڙن ۾ پاڻيءَ سبب ساهه ۾ تڪليف هئس. رات تائين سي. سي. يو. ۾ شفٽ ڪيو ويس. ٻي ڏينھن صبح جو منھنجو ڀاءُ قليچ اصغر دُبئي مان اچي ويو. هن کي ڏسي بابا گهڻو خوش ٿيو پَر ساهه جي تڪليف ساڳئي رهي. ڊاڪٽر ڏِسڻ آيو ۽ چيائين ته پھرين اسان کي مريض جي جنرل ڪنڊيشن بهتر ڪرڻي آهي ۽ پوءِ ويلو (Valve) رپليسمنٽ لاءِ فيصلو ڪريون ٿا. اهو سڄو ڏينھن بابا آءِ.سي.يو ۾ رهيو. قليچ ۽ منھنجو ڀاڻيجو محمد عون بابا وٽ هئا. رات جو ٻڌايائون ته بابا جي حالت ڪافي بهتر آهي ۽ ڊاڪٽرن بائي پائيپ هٽائي نارمل آڪسيجن تي رکيو آهي.

13 اپريل جو سِجُ اسان لاءِ گهڻو صدمو ۽ ڏک کڻي اُڀريو. اسپتال مان خبر آئي ته بابا پنھنجي معبود حقيقيءَ ساڻ وڃي مليو آهي. هيءَ غمگين ۽ دل کي گھايل ڪرڻ جهڙي خبر ٻڌڻ ساڻ اسان ڀائرن ڀيڻن کي يتيمي پنھنجي آغوش ۾ وڪوڙي وئي. پنجن سالن کان اڃان ماءُ جو غم ختم ڪو نه ٿيو هو ته بابا هميشه لاءِ وڇوڙو ڏيئي ويو هليو.

اِنّاللهِ وَاِنَّا اليھ راجعون.

محفل شاههِ خراسان جي غسل خاني ۾ کيس غسل آيو ۽ نماز جنازه ادا ڪئي وئي. سندس وصيت مطابق کيس اسان جي اباڻي قبرستان ”بلند شاهه“ ۾ سندن والده جي ڀَرَ ۾ سُپردِ خاڪ ڪيو ويو. اسين هڪ شفيق پيءُ ۽ قليچ خاندان جي هڪ هڏ ڏوکي ۽ مرزا خاندان جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي متعارف ڪرڻ واري دانشمند کان محروم ٿي وياسين.

منھنجي دعا آهي ته رب سائين سندس اخروي درجات بلند ڪري ۽ محمد و آل محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي سائي ۾ کيس اجر عظيم عطا فرمائي ۽ سندس ڪيل نيڪيون، رحمتن ۽ برڪتن جي صورت ۾ سندس روح کي شاد رکن. آمين!...

لڏيو لطيفن پنڌ پرانھين هليا،
هٿان حبيبن ڪڏهن ڪونه ڏکوئيو.
                                                              (شاهه سائين)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org