بڪير يلدي (ترڪي)
(عالمي ادب)
قربان چنا

امان، تون ھُج
يا مان ھجان!
رات جو چڱو پھر گذري چڪو ھو ۽ ھو اڃا تائين جاڳي
رھيو ھو. ڪمري ۾ اوندھه
پکيڙيل ھئي، پر ھو اکيون پٽي پنھنجي ماءُ جي باري
۾ سوچي رھيو ھو، جيڪا ڪنھن ٻئي ڳوٺ ۾ نه پر سندس
ڀرواري ڪمري ۾ ستي پئي ھئي. ننڊ ۾ اگھور ٻارن جي
کونگهرن ۽ زال جي روح مان اڀرندڙ گدلي ھوا ۾ ساھه
کڻڻ سان سندس ننڊ ڦٽي ويئي ھئي. ھن جي دماغ ۾ ٻه
عورتون سوار ھيون. ھو سدائين ٻَکين پئجي وينديون
ھيون ۽ وڙھي وڙھي
ڍانگيون
ٿي پونديون ھيون. انھن مان ھڪ سندس ماءُ ۽ ٻي ھن
جي زال ھئي. ھو نه
ته
سندرو لاھين پيون
۽ نه وري
ھڪٻئي کي ماري پورو پيون ڪن!
ھنن ٻنھي جي جهيڙي، يعني عشق ۽ شفقت جي جنگ جو،
ھُو پاڻ ئي مُک جوابدار ھو، جنھن لاءِ ھو ٻئي نه
پيون چاھين ته جنھن شيءِ تي ھُو وڙھي رھيون ھيون،
ان کي ڪا رھنڊ به اچي. ھُو ٻئي ھن کي پنھنجي پاسي
ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ھيون. ٻنھي جي جنگي طاقت جو سبب سندن
اولاد ھو.
ھو ھوري ھوري پنھنجي بستري تان اٿيو، اھو خيال
ڪندي ته
متان
سندس زال جي اک نه کلي پئي!
ھو پنھنجي بيڊ روم مان نڪري ماءُ جي ان ڪمري ۾
داخل ٿيو،
جنھن ۾ ڏينھن ڏٺي جو پنھنجي زال جي موجودگيءَ ۾
اندر وڃڻ کان لھرائيندو ھو. سندس ماءُ تسبيح سان
داڻا سوريندي،
پنھنجي خيالي جنت جو رستو پار ڪندي سمھي پئي ھئي.
ھو ماءُ جي سيرانديءَ کان ويھي رھيو. ھن ڪمري ۾
ليئا پائيندڙ چانڊوڪيءَ ۾ سندس چھري تي نگاھ وڌي.
ھيءُ چھرو ملڪ جي آزاديءَ واري جنگ جي زماني جو
يادگار ھو. تڏھن ھوءَ ڪيتري نه سھڻي ھوندي ھئي. پر
پُٽ جي ذھن ۾ سدائين ماءُ جي ڪراڙپ وارو نقش ئي
چٽيل رھندو آھي. ڪيترا ماڻھو ھوندا،
جن کي پنھنجي ماءُ جي جوانيءَ وارو چھرو ياد ھوندو!
اھو ڪير آھي،
جيڪو ننڍي لاڪون پنھنجي ماءُ جو چھرو ھزارين ڀيرا
ڏسڻ جي باوجود به سندس جوان چھري جو تصور ڪري
سگهي؟
ڪو دور ھو،
جڏھن سندس ماءُ جا ڪاڪل ڪارا ۽ گهُنڊيدار ھوندا هئا.
ھاڻي اھي ئي وار اٽي جھڙا اڇا ٿي ويا ھئا،
جن جا ور وڪڙ ختم ٿي چڪا ھئا.
ھن جي ڳاڙھن ڳٽن ۾ ھاڻي ڪيترائي گهنج پئجي ويا ھئا.
ھن جون پنبڻيون،
جيڪي سدائين ڪنڊائتيون ڪاريون ھيون، ھاڻي اڇيون ۽
گهاٽيون ٿي چڪيون ھيون. سج جي روشنيءَ سان مقابلو
ڪندڙ ھن جون اکيون ھاڻي ڏيئي جي ٻرندڙ لاٽ تي به
ٻُوٽجي وينديون ھيون. انھن ئي اکڙين سان ھوءَ ڪڏھن
سُئِيءَ ۾ سنھڙو
ڌاڳو
وجهي ويندي ھئي، پر ھاڻي ڳوڻين سبڻ واري سوئي ۾
به
ڌاڳو
وجهي ناھي سگهندي. سندس جوانيءَ وارا نرم ۽ نازڪ
ھٿ ھاڻي مٿي اڀري آيل رڳن سان ڀرجي ويا ھئا.
ھن انھن ئي ھٿن سان ڇھن ٻارن کي پالي وڏو ڪيو هو.
انھن ڇھن ٻارن جي پالڻا ھن عورت جي سونھن کي
اُجاڙي ڇڏيو هو، باقي
سندس وجود رڳو ھڏن جي مُٺ، ڳريل گوشت ۽
مٿي اڀري آيل
رڳن تائين محدود ٿي ويو ھو.
ٻه
سال اڳ، ھن
جي
ماءُ پنھنجي جوانيءَ جي حسين يادن کي پنھنجي روح
مان ڪڍي،
پنھنجي گهر واريءَ
سان گڏ سندس قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو.
پُٽ سَوَڙ ۾ ستل پنھنجي ماءُ ڏانھن ڏٺو، جيڪا ڪنھن
ٻار وانگر پتڪڙي نظر اچي رھي ھئي. سندس جوان زال
جيڪا ڀرواري ڪمري ۾ پنھنجي رات واري لباس ۾ پورو
پلنگ والاري،
خوابيدگيءَ جي عالم ۾ ستي پئي ھئي، ڪنھن نانگ جي
ڦوڪاري وانگر سندس ذھن ۾ اڀري. ھن پنھنجي سموري
حياتيءَ جي ڏکن جي ساٿڻ، پنھنجي ماءُ کي سڏيو:
”امان!“ سندس لاءِ اھا ڏک ۽ شرم جھڙي ڳالھه ھئي،
جيڪا ھو ماءُ سان ونڊڻ وارو هو. ڀلا اھڙي قسم جا
ڏک ھو پنھنجي ماءُ کان سواءِ ٻئي ڪنھن سان ونڊي
سگهي پيو؟ اھا ھستي فقط ماءُ ئي ھجي ٿي،
جيڪا ڇپر ڇانو ھجڻ سان گڏوگڏ اولاد جي تڪليفن کي
چڱيءَ ريت سمجهي سگهي ٿي.
ھوءَ اگھور ننڊ ۾ ستل ھئي. پٽس ٻيھر کيس سڏ ڪري،
پنھنجو ڏک بيان ڪرڻ شروع ڪيو. ”امان تون مون کي
ڀائيندي آھين نه؟
امان، تو سدائين منھنجي خوشين کي اھميت ڏني آھي نه؟
مان ڄاڻان ٿو امان، جيڪڏھن جڳ جي
سڀني
امڙين جو پيار گڏ ڪجي،
تڏھن به تنھنجي پيار جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي.
منھنجي خوشين جي خاطر اھو ڪھڙو ڏونگر آھي،
جيڪو تو نه ڏاريو آھي؟ سک جو اھو ڪھڙو در هو،
جنھن جو ڪڙو تو منھنجي لاءِ ڪونه ڪڙڪايو؟ ان ۾ ڪو
به شڪ ڪونھي امان،
پر جيڪڏھن تون مون کي خوش ڏسڻ چاھين ٿي ته منھنجي
زال جي اکين ۾ اکيون وجهي نه ڳالھائيندي ڪر، کيس
اھو سٺو نه ٿو لڳي. تنھنجي شڪل ھن جي سيني ۾ لھي
سڌي سندس ھنياءَ ۾ پيوست ٿي وڃي ٿي، جڏھن ته ھن
مون کي پنھنجي سيني اندر قيد ڪري رکيو آھي. تنھنجي
موجودگي کيس ڊيڄاري وجهي ٿي. ھوءَ اھو به ڄاڻي
ٿي ته تو وانگر مون کي پوري حياتي پيار نه ٿي ڪري
سگهي. اھو ئي سبب آھي جو ھوءَ تو تان سڙي ٿي.
امان، ھن تڪليف مان رڳو تون ئي منھنجي جان ڇڏائي
سگهين ٿي. مون کي بچاءِ امان! امان، مان سچ ٿو
چوان،
جيڪڏھن تون سچ ۾ منھنجون خوشيون چاھين ٿي ۽ منھنجي
جان ڇڏائڻ گهرين ٿي ته ھاڻي تون مري وڃ!“
ھن جا چپ ڏڪي رھيا هئا.
ھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھار ڪئي ته ڊپ جي ھڪ نئين
لھر سندس جسم اندر ڊوڙي ويئي. ھو ماءُ جي ويتر
ويجهو ٿي ويٺو. ”بس اھا ئي ڳالھه آھي امان!
منھنجو پيار ھاڻي توکان تنھنجي سِر جو سوال ڪري
رھيو آھي، امان! ھن گهر ۾ تنھنجي موجودگي منھنجي ۽
منھنجي زال جي وچ ۾ رنڊڪ وجهي رھي آھي، اسان ٻنھي
کي ھڪٻئي جو دشمن بڻائي رھي آھي.“
”مان پنھنجي زال جي واتان اھڙي ڪا به ڳالھه برداشت
نه ٿو ڪري سگهان، جيڪا اسان ٻنھي جي دائمي محبت جي
خلاف ڪئي وڃي. منھنجي زال به اسان ٻنھي ماءُ پٽ
جي محبت جي وچ ۾ ٽنگ اڙائڻ نه ٿي چاھي. تون ۽ مان
پنھنجي رشتي جي ڏور کي ته مضبوطيءَ
سان جهلي بيٺا آھيون نه؟
اسان جون ساروڻيون ته روزمره
جي دنيائي مفادن کان گهڻيون مٿاھيون آھن. ان کان
پوءِ منھنجي زال جي اھميت ھجي ٿي، جنھن ننڍپڻ ۾
تڪليفون سھڻ کان پوءِ منھنجي شريڪ ٿيڻ کان وٺي،
اڄ تائين لڳاتار پنھنجو پاڻ کي ھن نئين ماحول ۾
رائل مائل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آھي. ھوءَ ويچاري
نه ٿي چاھي ته پنھنجي موجوده
اميراڻي لباس تي پنھنجي فقيراڻي ماضيءَ جون چتيون
لڳائيندي وتي. ھوءَ پنھنجي ڪکائن گهرن کي مڪمل طور
وساري ويٺي آھي،
جتي سندس ٻالڪپڻو گذريو هو.“
”ھاڻي ھوءَ وڏي حرص جو شڪار آھي ۽ ڊڄي ٿي ته ڪٿي
ھن کان اھي سموريون نعمتون کسجي نه وڃن. ھن گهر ۾
تنھنجو وجود ھن تي حاوي ٿيل وِسوِسن سان ٽڪر کائي
ٿو، ڇو ته تون ھن کي سندس ماضيءَ جون سچائيون ياد
ڏيارڻ واري واحد
تلوار
آھين، جيڪا ھر وقت سندس سِر مٿان لٽڪندي رھي ٿي.
نئين ۽ پراڻي نسلن جي وچ ۾ ھوندڙ تفاوت دوران
اٿندڙ ھر طوفان ۾ اڄ تائين تون حق تي ثابت ٿي
آھين، ڇو ته تنھنجي ماضيءَ سان لاڳاپيل تنھنجي
سموري سيرت اڄ تائين پختي آھي. تون پنھنجي ماضيءَ
تي فخر محسوس ڪندي آھين ۽ اسان جي خانداني وسيلن
جي سرسائيءَ کي خدا جي بخشش سمجهندي آھين. مان
ڄاڻان ٿو ته اڄ مان جنھن مقام تي کڙو آھيان، ان ۾
تنھنجو صبر، شڪر ۽ مامتا شامل آھي، جن جو مان دل
سان احترام ۽ قدر ڪريان ٿو. ھن گهر ۾ موجود ھر ھڪ
خوبصورت شيءِ تنھنجي ورھين جي اڻٿڪ محنت ۽ دعائن
جو ثمر آھي. ھاڻي منھنجي زال انھن
مڙني
شين جي حقدار ٿيڻ چاھي ٿي، جنھن ۾ تنھنجي
ڀائيواريءَ کي ڪنھن به قيمت تي برداشت نه ٿي ڪري
سگهي.“
”ھنن ھھڙين ظاھر ظھور مخالفتن جي باوجود به اسان
ماءُ ۽ پُٽ جو پيار ساڳي ريت قائم آھي، پر امان،
اھو سمجهي ڇڏ ته منھنجي صبر جا سڀ ڪوٽ ڀَڄي چڪا
آھن. جڏھن به منھنجي زال تنھنجي سامھون ٻڙڪ ڪانه
ڪڍندي آھي ته مان سندس شڪر گذار رھندو آھيان.
بابا مرحوم توکي ماريندو هو، توکي گارگند ڪندو هو،
پر تون سدائين صبر سان برداشت ڪندي ھئينءَ!
ڇا تون ڄاڻين ٿي ته مان پنھنجي زال کي مار ڏيڻ نه
ٿو چاھيان؟ کيس گارگند ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو
سگهان. امان، مون کان اھڙيون حرڪتون ڪونه
ٿينديون... جڏھن به ھوءَ تيز ٿي ويندي آھي ته
منھنجو کڄي ويل ھٿُ ھن جي منھن طرف حرڪت ناھي
ڪندو. منھنجي ذھن ۾ آيل سڀ گاريون زبان جي ھيٺان
لڪي وينديون آھن. خبر اٿئي ڇو؟ صرف تنھنجي ڪري!
ان لاءِ مان جڏھن به کيس سڌو ڪرڻ جو ارادو ڪندو
آھيان ته سندس پھرين ڳالھه اھا ئي ھوندي آھي ته
ڇا ھن گهر ۾ ھن جي مرضي نه ٿي ھلي سگهي، ۽ ڇا ھوءَ
وڏا ٽھڪ ڏئي کلي به نه ٿي سگهي!
توکي کاڌي جي ميز تي اوپرن ماڻھن وانگر ويھندو ڏسي،
ھن جا لڱ لوڻ ٿي ويندا آھن. الا
الا،
تنھنجا آنڊا ته بابا جي ڪمائيءَ واري ماني جا
بکايل ھوندا هئا،
پر ھاڻي تون مون تي رحم کائي،
منھنجي ڪمائيءَ کي
ائين
اڏائڻ نه ٿي چاھين. مان اھو سڀ چڱي ريت سمجهان ٿو،
پر ھوءَ نه ٿي سمجهي!“
”امان، جڏھن کان مون شادي ڪئي آھي، تنھنجي
هنج ۾
سمھڻ جي آس پوري نه ڪري سگهيو آھيان. امان، ياد
اٿئي! جڏھن اسان جي مٿو لڪائڻ واري اڪيلي ڪمري ۾ اُس
داخل ٿيندي ھئي ته تون مون کي پنھنجي
هنج ۾
سمھاري ڇڏيندي ھئينءَ. مان ان وقت وڌ ۾ وڌ پنجن
سالن جو ھوندس. مون کي ڪلھوڪي ڳالھه وانگر ئي ياد
آھي ته انھن جنگ وارن ڏينھن ۾ منھنجي مٿي ۾ جيُون
پيون ٻرڪنديون ھيون ۽ تون منھنجي مٿي سان پنھنجو
مٿو ملائي،
منھنجون جُيون پئي ڪڍندي ھُئينءَ، انھن کي پڪڙي
ننھن جي وچ ۾ چيڀاٽي چٽ ڪندي ھئينءَ، ۽ انھن جي
ڦاٽڻ سان ٿيندڙ
’ٽِچ‘
جو آواز ڪنھن سريلي ساز جيان منھنجي ذھن مان اڃا
تائين نڪري نه سگهيو آھي. منھنجي مٿي سان مٿو
ملائي جيُون ڪڍي،
تون اتي ڪنھن نازڪ احساس جو ٻج ڇٽيندي ھئينءَ.
ھاڻي ان مٿي جو ڪو ٻيو دعويدار پيدا ٿي پيو آھي.
جنگ ۾ پيدا ٿيندڙ کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب توکي ٿڃ
ڪانه لھندي ھئي، پر پوءِ به تون ھڙؤن وڙؤن نه
گهٽائيندي،
منھنجي زال جي غليظ روح جو عيوضو خدا پاڪ منھنجي
ٻارڙن کان ورتو. پر سندس ٿڃ مٺو زھر بڻجي،
ٻارن جي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳي، جنھن سبب ھنن ۾ خود غرضي،
ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ ڌوڪو ڏيڻ جھڙيون بريون عادتون پئجي
ويون.“
”امان! جيئن ته تون انھن سڀني عادتن جي خلاف آھين،
ان لاءِ توکي جاھل ڪوٺيو وڃي ٿو. تون ھنن سڀني لاءِ
عذاب بڻجي وئينءَ،
جنھن لاءِ توکي ھن گھر تي بار سمجهيو وڃي ٿو.
منھنجي زال جڏھن به ڪاوڙبي آھي ته اھا اڙ ڏيندي
آھي ته پنھنجي ماءُ کي ھن گهر مان ڪڍي ڇڏ، اسان
کي ھن پوڙھيءَ جي ضرورت ڪانھي! امان، ڪاش مان توکي
چئي سگهان ته ھن گهر مان نڪري وڃ، پر ڇا ڪريان،
منھنجي واتان اھي لفظ نه ٿا نڪري سگهن. جيڪڏھن مان
توکي گهر مان ڪڍي ڇڏيان ھا ته پنھنجي زال کي چوان
ھا: منھنجي جان، تون بلڪل ٺيڪ پئي چئين، ھوءَ
پوڙھي سچ ۾ بدبخت ھئي، جنھن اسان جي خوشين جا پَر
وڍي ڇڏيا هئا.
منھنجا اھي لفظ منھنجي زال کي ڪيترو نه خوش ڪري
ڇڏين ھا. پر امان، ھوءَ اھا ڳالھه وساري ويٺي آھي
ته فرض ڪجي، مان توکي ٻانھن کان گھلي ٻاھر ڪڍي ٿو
ڇڏيان ۽ اسان ٻئي زال مڙس ھن مطلبي دنيا ۾ ھڪ ٿي
ٿا وڃون، پوءِ ته مان ھن لاءِ گهڻو مٺو ٿي وڃان
ھا ۽ ھوءَ مون کي سڄو کائي وڃي ھا. پر مان ھن جي
غليظ حرڪت کي ڪڏھن معاف نه ڪريان ھا، ايستائين جو
سندس منھن تي ٿڦڙ وھائي ڪڍڻ کان به نه ڪيٻايان ھا.
ان کان پوءِ ته ھوءَ تنھنجو عذر پيش نه ڪري سگهي
ھا. تنھنجي ھلي وڃڻ کان پوءِ منھنجو سمورو صبر ھن
جي مٿان ٽٽي پئي ھا. تون ڳالھه کي سمجهين پئي نه،
امان؟ مطلب، اھو ممڪن هو ته تنھنجي ھلي وڃڻ کان
پوءِ مان ھن کي ڌڪا ڏئي گهر کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيان ھا.
ھن وقت ھوءَ ان حقيقت کان لاتعلق آھي. ھوءَ فقط
تنھنجي ڪري ئي مون
تي حاڪمي ڪندي آهي.“
ھو ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي ويو. نيٺ ھيڏانھن ھوڏانھن
جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ٿڌو شوڪارو ڀريندي ڳالھائڻ
لڳو:
”امان، اڃا ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن،
جن جي توکي خبر ناھي. توکي ياد آھي ته تون سدائين
پنھنجي شاديءَ جو قصو ٻڌائيندي ھئينءَ؟ پنھنجي
شاديءَ وقت تون ٻار ھئينءَ، شايد ٻارنھن يا تيرنھن
سالن جي مَس ھوندينءَ!
ابي جي گهر شاديءَ
جو جوڙو اوڍي ويٺي ھئينءَ ته تنھنجي مامي تنھنجو
گهُنڊُ کولي توکي چيو هو ته،
”زينب
تنھنجي شاديءَ جو ھيءُ
جوڙو ڪفن آھي ۽ ٻاھر بيٺل ڏولي تنھنجي ميت آھي.
تون ھاڻي ھن گهر لاءِ مري چڪي آھين. ساھرن ۾
پنھنجي گهروارن جي ڀلي ڪيڏي به ياد اچئي، خبردار
رھجان، ۽ ڀلجي به مُنھن ڪري ھيڏانھن جو رخ نه
ڪجان. تون ھتي اچڻ لاءِ جيترو گهڻو وقت وٺندينءَ
تنھنجا ساھرا اوتري گهڻي تنھنجي عزت ڪندا. تون وڏي
ھمت واري ليکي ويندينءَ.“
اھي ئي جملا هئا،
جيڪي تو ذھن ۾ رکي مڙس جي گهر ۾ پير پاتو هو.
شاديءَ کان اڳ تو بابا جو نالو به نه ٻڌو هو.
شادي کان پوءِ سست ئي سس ۽ نِڻانن جا ظلم سھي سھي
تنھنجو قد جيترو هو، ان کان وڌي نه سگهيو.“
”ھاڻي ٿورڙو منھنجي شاديءَ جو داستان به ٻڌ امان،
جيڪو مان ڦڪائيءَ وچان توکان اڄ تائين لڪائيندو
آيو آھيان. ھڪ ڏينھن مان سمنڊ ڪناري تڙڳڻ ويو ھئس،
جتي مون پھريون ڀيرو پنھنجي زال کي ڏٺو هو. ھن مون
ڏانھن ڏسي مرڪي ڏنو هو، جڏھن ته منھنجو نگاھون ھن
جي خوبصورت ھاٺيءَ واري جسم تي کپي ويون ھيون. ڪجهه
ڏينھن کان پوءِ ھوءَ ٻيھر مون کي ساڳي ھنڌ ملي
ھئي، جنھن کان پوءِ ھن پنھنجو سڀ ڪجهه
منھنجي حوالي ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ تو شاديءَ جي
وڏي عرصي گذرڻ کان پوءِ به پنھنجو پاڻ بابا جي
حوالي ڪرڻ کان لنوايو ھوندو. ڏس امان، جيڪا شيءِ
جيتري جلدي ھٿ لڳي ويندي آھي، ان جي اھميت اوتري
جلدي ختم ٿي ويندي آھي.“
کيس ڀرواري ڪمري مان پيرن جو خفيف کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو.
ممڪن آھي ته سندس زال ستي پئي ھجي، پوءِ به ھن
ھلڪي آواز ۾ ماءُ کي سڏ ڪيو:
”امان، مان سمجهان ٿو ھوءَ جاڳي پئي آھي ۽ اسان کي
گڏ ڏسي نه وٺي! جيڪڏھن رات جي ھن پھر ۾ ھوءَ مون
کي ڪنھن
غير عورت
سان گڏ ڏسي وٺي ته شايد نه ڪاوڙجي، پر ھوءَ اسان
ٻنھي کي گڏ ڏسي ڏمرجي پوندي.
جڏھن ھوءَ ڏسندي آھي ته اسان ماءُ پٽ جي محبت ۾
ذري برابر به گهٽتائي ڪانه آئي آھي ته ھوءَ ساڙ
۾ سڙي ويندي آھي. امان، تو مون ۾ ڪيترائي عيب ڏٺا،
پر پوءِ به منھنجي ھر قصور کي معاف ڪندي آئينءَ.
ھر ڀيري تنھنجي محبت جا دروازا مون لاءِ کليل ئي
رھيا. مون توکي ھميشه
اکين ۾ ويھاريو آھي. تنھنجي ھر ڳالھه کي قدر جي
نگاھ سان ڏٺو آھي. تنھنجي منھنجي سدائين
واري
ساٿ ئي ته منھنجي زال کي ھيسائي ڇڏيو آھي، ڇو ته
زال مڙس جي محبت واري رشتي ۾ اھا
بي غرض
محبت ۽ فطري لڳاءُ ناھي ھوندو، جيڪا ماءُ ۽ پٽ جي
رشتي جي خاصيت ھجي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن اسان زال مڙس
ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھڪٻئي سان ڪونه ڳالھائيندا
آھيون. اسان ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالھيون به پنھنجن
ذھنن مان ڪونه ڪڍي سگهندا آھيون ۽ وقت اچڻ تي
ھڪٻئي کي ٺوڪي ڏيندا آھيون. زال مڙس جي رشتي ۾ ھڪ
قسم جي اوپرائپ ضرور ھجي ٿي. ڀلي اسان اوپرا نه ئي
ٿيون، پر ھڪٻئي کي اھميت ڏيڻ جو سلسلو اسان جي
پھرين ملاقات کان ئي شروع ٿي چڪو هو. باقي جيتري
قدر تنھنجي ۽ منھنجي ڳالھه آھي،
ته مان توکي ڄمڻ گهڙيءَ کان سڃاڻان ٿو. تنھنجي
منھنجي پھرين ملاقات ويل منھنجي زال اڃا دنيا ۾
وارد ٿيڻ
جا موقعا ڳولي رھي ھوندي. امان، ھوءَ ڄاڻي ٿي ته
مون کان پوءِ ڪنھن تي حڪم ھلائي سگهندي، ان لاءِ
ئي ھوءَ مون کي فطري طور شڪست ڏيڻ چاھي ٿي. ھوءَ
وڏي بي صبريءَ سان تنھنجي موت جو انتظار ڪري رھي
آھي،
پر منھنجي خواھش آھي ته مان تنھنجي مرڻ تائين صبر
نه ڪريان ۽ تون جلدي مري وڃ. تنھنجو موت منھنجي
محبت جو ھرجاڻو ھوندو، جيڪو مجبور ٿي مون کي
پنھنجي زال ڪاڻ ادا ڪرڻو پوندو.“
”جيڪڏھن تو مري وڃين ته منھنجو اھو ھرجاڻو ادا ٿي
ويندو؛
پر پوءِ مان به بدلو وٺڻ جي قابل ٿي ويندس.
جيستائين تون جيئري آھين، مان ھن کان بدلو نه ٿو
وٺي سگهان. جيڪڏھن مون تنھنجي جيئري جاڳندي ھن کي
سزا ڏني ته پوءِ ھوءَ پنھنجو ڏک وساري منھنجي ڏک
جي باھ ۾ سڙندي رھندي. ھن گهر جو ھر ڀاتي اھو
سمجهي ٿو ته توکي ڪنھن به قسم جو ڏک ناھي، پر
امان، مون کي خبر آھي ته تنھنجي ڏکن جو ڳاڻيٽو
تنھنجي عمر کان به وڌيڪ آھي. ڪو دور هو جو ھن گهر
جو سمورو وھنوار تنھنجي ھٿ ۾ ھوندو هو، ۽ ھاڻي اھا
حالت آھي،
جو تون فالتو سامان سان ڀريل ھن گهر جي ننڍي کان
ننڍي ڪمري ۾ کٽ تي سمھي،
پنھنجا ڏينھن پورا ڪري رھي آھين. تو وٽ اھي ئي چند
سڪا موجود ھوندا آھن،
جيڪي مان پنھنجي زال کان لڪائي،
ڪڏھن ڪڏھن توکي ڏيندو آھيان. ڪا خبر ڪونھي ته تون
انھن پئسن کي بچائڻ لاءِ ڪھڙا ڪھڙا حيلا ھلائيندي
ھوندينءَ. انھن پئسن جي ختم ٿي وڃڻ جو ڊپ توکي
ڏڪائي وجهندو ھوندو.“
”جي منھنجي پياري امان، جيڪڏھن تون سچ ۾ منھنجو
ڀلو چاھين ٿي ۽ منھنجي لاچارين کي سمجهين ٿي ته الله
کي پياري ٿي وڃ. جيڪڏھن مان تنھنجي مري وڃڻ کان
پوءِ پنھنجي زال کان بدلو نه وٺي سگهيس ته ائين
سمجهندس،
ته دنيا به ھن جو ساٿ ڏنو. پوءِ ڀلا اھڙين حالتن
۾ انسان ڇا ٿو ڪري سگهي، امان؟ پر امان، منھنجي دل
چئي رھي آھي ته قدرت انصاف کان ڪم وٺندي ۽ مان
انھيءَ ڇوڪريءَ جي باري ۾ سوچي رھيو آھيان جيڪا ھڪ
ڏينھن منھنجي نُنھن بڻجي منھنجي گهر ايندي.“



 |