متفرقھ

جنم: 1935ع وفات: 2011ع
سنڌي نثر جي ابتدا:
ان سلسلي ۾ ڪي به مُستند روايتون نه مليون آهن ته
سنڌي نثر جي ابتدا ڪڏهن ٿي؟ جيڪي زباني روايتون
ڪتابن ۾ آنديون ويون، اُنھن سان وري نثر جو ڪو
نمونو شامل نه آهي. اڪثر روايتن کي به سنڌي نثر جي
ابتدا ڄاتو ويو آهي. انھن سان نثر جو نمونو ميسر
هجي ها ته ٻي ڳالھه هئي. ان سلسلي ۾ چچ نامي ۾
راجا ڏاهر بابت آيل هڪ حوالو شامل آهي: جنھن موجب
راجا جي خطن جو ذڪر ٿيو آهي. اُن کان سواءِ سنڌ جي
هڪ راجا جو اسلامي عقيدا سمجهڻ لاءِ هڪ عراقي عالم
کي گهرائڻ ۽ اُن جون سنڌي تحريرون به بيان ٿيون
آهن. انھن ۾ قرآن شريف جو سنڌي ترجمو به ذڪر هيٺ
آهي. نمونو اُن جو موجود ڪونھي.
اهڙيءَ طرح بيان العارفين ۽ ملفوظات مخدوم نوحؓ جو
حوالو اچي ٿو. ان کان پوءِ مخدوم جعفر بوبڪائي
(وفات 1589ع) جي طلاق تي لکيل عربي ڪتاب ”حل
العقود في طلاق السنود“ ۾ ڪي سنڌي فقرا موجود آهن.
هي ٻه حوالا ترتيب وار يارهن سؤ ۽ پنج سؤ سال
پراڻين تحريرن بابت آهن. ٻنھي تحريرن مان پھرينءَ
جو نمونو موجود ڪونھي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي،
”سنڌي نثر جي تاريخ“ (ملڪاڻي) جي مھاڳ ۾ هڪ فقھي
بياض جو ذڪر ڪيو آهي. انھن جملن ۽ فقرن مان ڪي هي
آهن: ”شرع محمدؐ جي مون مڃي، الله جي رسولؐ هي
فرمايو، آءٌ وراڻيو ناهيان. هل آءٌ تو جھڙو ناهيان
وغيره.“
ميين عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ملفوظات ۾ ڪي فقرا
هئا. جيڪي ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ايڊٽ ڪيل ”ڪلامِ
گرهوڙيءَ“ ۾ ڇپجي ويا. اُن کان پوءِ خليفي محمود
نظاماڻيءَ ڪڙيي واري جي ملفوظات ۾ ڪي فقرا آهن.
جھڙوڪ ”ڏڏو ڪجي ڏيڪر ڪجي هُو نه ڀڄي ته پاڻ اُٿي
ڀڄجي.“ سنڌي زبان موجود هئي. ڳالھائڻ ۽ لکڻ جو
سلسلو به هو. ڪي جملا ۽ فقرا ڪتابن ۾ اچي ويا.
اُنھن سا ڪا عبارت ۽ نثر جو نمونو موجود نه ٿي
سگهيو. جيڪو نثر جو نمونو حاصل ٿيو، سو آخوند
عزيزالله (1746-1824ع) جي ڪيل قرآن شريف جي نثري
تحت اللفظ سنڌي ترجمي سان ٿيو.
اُن کان سواءِ سنڌي عالمن جون ديني ۽ نصابي ضرورتن
لاءِ سنڌيون اچن ٿيون. اُنھن ۾ الف اشباع وارو ي
ٻين قافين جي آڌار تي نظم آهن، پر ڪن ڪتابن ۾ نثر
جا نمونا به آهن. سنڌي نثر ۽ سنڌي زبان جي مقرر
صورتخطيءَ ۽ ترويج لاءِ پھرين ابوالحسن ۽ ٻين
عالمن ڪوششون ورتيون. پوءِ انگريز سرڪار 1853ع ۾
عالمن جي هڪ ڪميٽي ترتيب ڏني، جنھن جا هي ميمبر
هئا: راءِ بھادر نارائڻ، جگن ناٿ، ديوان ننديرام،
ديوان پرڀداس رامچنداڻي، ديوان اُڌارام ٿانورداس،
مرزا صادق علي بيگ (مرزا قليچ بيگ جو ڀاءُ نه).
ميان محمد، قاضي غلام علي ٺٽوي، ميان غلام حسين،
هي ميمبر ڪراچي، ٺٽي، حيدرآباد ۽ سيوهڻ جا هئا.
اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس هن ڪميٽيءَ جو سربراهه هو. هن
ڪميٽيءَ گهڻي غور ۽ بحث کان پوءِ عربي- سنڌي
صورتخطي قائم رکڻ جي سفارش ڪئي. نِج سنڌي آوازن
لاءِ نوان حرف مقرر ڪيا ۽ موجوده سنڌي الف- ب رائج
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اُن کان سنڌي لفظن جي هڪ جھڙي ۽
مقرر اِملا قائم ڪرڻ جون سفارشون به ڪيون ويون.
اِهو فيصلو مرزا قليچ بيگ جي سربراهيءَ ۾ ٿيو ۽
اهڙيون درست ۽ هڪ جهڙي اِملا وارن لفظن جون
فھرستون مئي ۽ جون 1915ع واري اخبار تعليم ۾
ڇاپيون ويون.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڪتاب: ”سنڌي ادب جي تاريخ“: مصنف: ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو
سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2006ع، ص 4 ۽ 5
تان کنيل
عنايت بلوچ

پروفيسر
ڊاڪٽر ائنيمري شِمل
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي شارح
جرمنيءَ جا مانائتا اسڪالر ۽ قلمڪار سنڌ جا محبتي
۽ محسن آهن جن نه رڳو سنڌي زبان سان محبت ڪئي، پر
دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي
رسالي جو تعارف پڻ سنڌ جي ماڻھن سان ڪرايو. هونئن
ته لطيف جا بيت ۽ وايون وَرهين کان وٺي سنڌي
ڳوٺاڻا ۽ هاري ناري پنھنجين ٻنين ٻارن توڙي جُوئر
جي پيھن تي جهار هڪليندي ڳائيندا رهندا هئا ۽ سنڌ
جا ڌنار پنھوار پڻ لطيف جو ڪلام مال چاريندي ڳوٺن،
واهڻن ۽ جهرجهنگ ۾ جهونگاريندا رهندا هيا، پر شاهه
جي رسالي جي خبر چند پڙهيل لکيل ۽ علمي طرح سلجهيل
ماڻھن کان سواءِ ٻي ڪنھن کي به ڪانه هئي.
جرمن اسڪالر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سنڌ وارن جو پھريون
عظيم محسن آهي، جنھن شاهه لطيف جو ڪلام پڙهي
پُرجهي ان کان بيحد متاثر ٿي، شاهه جو رسالو
جرمنيءَ جي شھر ليپزگ مان 1866ع ۾ ڇپرايو. جرمنيءَ
۾ ئي هن سنڌي الف- ب ڪمپوز ڪرائي ۽ شاهه جو رسالو
ڇپرائي سنڌ واسين کي ’رسالي جو ڪلام‘ تحفي طور
ڏنو. اسان سنڌي، ڊاڪٽر ٽرمپ جو اهو عظيم احسان
ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين. مون اڳ پنھنجي هڪ
مضمون ۾ سنڌ حڪومت کي مشورو ڏنو هو ته هر سال
ڊاڪٽر ٽرمپ جي ورسيءَ تي کيس شايانِ شان ڀيٽا پيش
ڪئي وڃي، پر افسوس جو منھنجي ان تجويز تي غور نه
ڪيو ويو.
جرمنيءَ جا ٽي ٻيا اسڪالر مدر ايلسا قاضي، ڊاڪٽر
ائنيمري شمل ۽ گرڊ ليو پڪي آهن، جن پڻ شاهه لطيف
جي شاعريءَ کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي. گرڊ
ليوپڪي هڪ ڪتاب ”دي بوڪ آف شاهه عبداللطيف“ لکي
سنڌي ٻولي ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ سان پنھنجي
اُنسيت ۽ محبت جو برملا اظھار ڪيو آهي. پر منھنجو
هي مضمون جيئن ته فقط ڊاڪٽر ائنيمري شمل جي باري ۾
آهي ته ان بابت ئي هتي ڪجهه لکندس.
ڊاڪٽر ائنيمري شمل جرمنيءَ ۾ 7 اپريل 1922ع ۾ جنم
ورتو. فقط 15 سالن جي عمر ۾ نه صرف عربي زبان
سکيائين پر ان تي عبور به حاصل ڪيائين. ان کان
پوءِ فارسي، ترڪي، اردو ۽ سنڌي زبانون سکيائين.
هن فارسي جي قادرالڪلام شاعرن: مولانا جلال الدين
رومي،
جامي، حافظ شيرازي، شيخ سعدي ۽ امير خسرو تي تمام
گهڻو لکيو ۽ اُنھن جي باري ۾ دنيا جي مختلف هنڌن
تي ليڪچر ڏنا. هوءَ اردو جي ٻن وڏن شاعرن مرزا
غالب ۽ خاص طرح علامه اقبال جي شاعريءَ کان گهڻو
متاثر ٿي. اقبال تي هن گهڻا مضمون لکيا ۽ ان جي
شاعريءَ ۾ ’خودي‘ جي موضوع تي ڪيترائي ليڪچر ڏنا.
اردو زبان جي ٻي وڏي شاعر خواجه مير درد کي ته
گهڻو ئي ساراهيائين. هيڏانھن سنڌ سان تعلق رکندڙ
دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ کان
ته هوءَ اڳ ۾ ئي گهڻي متاثر هئي. ان ڪري خواجه مير
درد ۽ شاهه لطيف جو گڏيل تذڪرو ڪندي هڪ وڏو ڪتاب
“Pain and Grace”
لکيائين.
Pain
جو لفظ خواجه مير درد لاءِ ۽
Grace
جو لفظ شاهه لطيف سان منسوب ڪيائين. ڊيمي سائيز
کان به ڪجهه وڏي سائيز جو هي ڪتاب 310 صفحن تي
مشتمل آهي.هن ڪتاب کي پڙهي ڊاڪٽر ائنيمري شمل جي
محنت ۽ عرق ريزيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
ڪيئن نه هن عظيم اسڪالر محنت ڪري شاهه لطيف ۽
خواجه مير درد جا اهڙا شعر ڳولي هٿ ڪيا آهن جن ۾
لڳ ڀڳ ساڳي معنيٰ ۽ مفھوم سمايل آهي. هڪ جرمن
اسڪالر سنڌي شاعري، سا به شاهه لطيف جي جيڪا سنڌين
کي به پوريءَ طرح سمجهه ۾ نه ٿي اچي، پڙهي ۽ پرجهي
۽ وري خواجه مير درد جي اردو شاعري پڙهيائين ۽
ٻنھي شاعرن جا ساڳي معنيٰ ۽ مفھوم وارا شعر ڳولي
ڪڍيائين. اهڙي محنت، عرق ريزي ۽ تحقيق تي اسان
سندس ادبي پورهيي تي کيس عقيدت جو سلام پيش ڪريون
ٿا.
پنھنجي خداداد قابليت، باڪمال اهليت، صلاحيت ۽
علميت جي روشن مُناري هئڻ سبب ڊاڪٽر شمل آمريڪا جي
جڳ مشھور هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ 1967ع کان وٺي
1992ع تائين پروفيسر رهي. وڏي ڳالھه ته هن اسلامي
تھذيب ۽ تمدن ۽ مختلف زبانن تي پھرين پي.ايڇ.ڊي جي
ڊگري حاصل ڪئي ۽ ٻي ڊاڪٽوريٽ پڻ مختلف مذهبن جي
تاريخ تي ڪيائين. هن پنھنجي زندگي ۾ گهڻي ۾ گهڻا
ڪتاب اسلام ۽ تصوف تي لکيا جيڪي سڄي دنيا ۾ نه
رڳو مشھور ٿيا، پر دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾
اڃان تائين پڙهايا به وڃن ٿا، سندس ڪجهه ڪتابن جا
نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1.
And Muhammad is His Messenger.
2.
Mystical Dimensions of Islam.
3.
Pain and Grace (about the Poetry of Shah Latif
and Khwaja Mir Dard).
4.
Islam in the Indian Subcontinent.
ڊاڪٽر ائنيمري شمل جنوري 2003ع ۾ اَسي ورهين جي
ڄمار ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس مقابلي جو
عالم ۽ اسڪالر هن وقت تائين پيدا نه ٿي سگهيو آهي
۽ نه وري ايندڙ وقت ۾ علم جو اهڙو چمڪندڙ چنڊ ڪٿي
نظر اچي سگهندو.
مون کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سندس ٻي ورسيءَ جي
موقعي تي مون 13 فيبروري 2005ع جي انگريزي اخبار
ڊان ۾ هڪ آرٽيڪل لکي سندس علمي عظمت کي ڀيٽا پيش
ڪئي هئي، جنھن تي سنڌ جي عظيم اسڪالر ۽ محقق سائين
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ فون ڪري منھنجي آرٽيڪل کي
ساراهيو ۽ آفرين به ڏنائين ته اوهان سنڌ جي محسن ۽
شاهه لطيف جي شيدائي ڊاڪٽر شمل کي تمام سھڻن لفطن
۾ ياد ڪيو آهي.
Dr. Annemarie Schimmel
Doing away with belief barrie
With her departure from this world two years
ago, Annemarie Schimmel has left a void that has
not hitherto been filled by anyone else. There
seems to be no western Orientalist who could be
rated as a parallel or a peer in scholarship to
her. A towering intellectual of world renown,
her enlightened and spiritual teachings served
as a bridge and provided a safer passage to the
travellers of the dogmatic and religious journey
between the borders of the Christian West and
the Muslim East. She discovered common bonds of
coexistence and oneness in the mystic, cultural
and literary traditions of the world. Thus Dr
Schimmel, through her own example of doing away
with ‘belief barriers’ between East and West,
became a befitting rebuttal to the theory of
‘Clash of Civilizations’ by Samuel
P.HUNTINGTON.
In Pakistan, as Dr Muhammed Ali Siddiqui has put
it, “She will be remembered for her work on
Iqbal and Shah Latif. She was in particular an
authority on Shah Latif.” Professor Schimmel was
a great friend of Pakistan and particularly that
of Sindh. She loved Sindh and treated it as her
second home after Germany. She shines as a
radiant star in the galaxy of scholars from
Germany who have been very kind to the land of
the Indus Valley. Dr Ernst Trump, Madam Elsa
Kazi, Gerd Lupke and Dr Schimmel fell in love
with the poetry of Shah Latif and the rich
cultural heritage of Sindh. All of them took
pains to discover the sands of this land and the
waters of the Indus The precious pearls and
genuine gems from the literary treasures of
Sindh adorned their hearts and from there they
introduced them to the whole world.
(Dawn, February, 13, 2005)
1970ع کان وٺي نوي جي ڏهاڪي تائين ڊاڪٽر ائنيمري
شمل جڏهن جڏهن به سنڌ ايندي هئي، ته آءٌ هر ڀيري
سندن ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ضرور اتي پھچندو هوس ۽ هر
موقعي تي ڊاڪٽر صاحبه، شاهه لطيف جي شاعريءَ جي
مختلف موضوعن تي ايترو ته چِٽائي ۽ وضاحت سان
ڳالھائيندي هئي جو طبيعت باغ بھار ٿي ويندي هئي.
1973ع ۾ ڊاڪٽر شمل ڪراچي آئي ۽ ڊفينس سوسائٽي ۾
سنڌ جي اڳوڻي تعليم جي وزير پيار علي الانا جي
رهائشگاهه ۾ وڃي رهي. پيار علي الانا ۽ ان جو والد
سائين جي الانا منھنجا مھربان هئا. جن مون کي فون
ڪري چيو ته ڊاڪٽر شمل اسان وٽ رهيل آهي، تون به اچ
۽ لطيف جي باري ۾ هن سان خيالن جي ڏي وٺ اچي ڪر ۽
رات جي ماني به اسان وٽ اچي کاءُ. مون اهڙي سونھري
موقعي کي غنيمت سمجهو ۽ شام جو ئي سندن گهر پھچي
ويس. ڊاڪٽر صاحبه مون کي نالي سان سڃاڻندي هئي ۽
پري کان ئي مرحبا ڪيائين: ”عنايت توکي ڏسي خوش ٿي
آهيان، ماشاءالله هميشه وانگر فريش فريش پيو
لڳين.“
”ٿئنڪ يو
(Thank You)
اوهان جي اچڻ جو ٻڌي گهر ويھڻ ڪيئن ايندو؟ اوهان
کي ٻڌڻ ۽ اوهان کان ڪجهه پِرائڻ جو هميشه خواهشمند
رهندو آهيان.“ وراڻيم.
ٿوري دير کان پوءِ غير رسمي ڪچھري شروع ٿي، مون
کانئن پڇيو: ”اوهان سنڌي ڪيتري سمجهو ٿا ۽ ڪيتري
روانيءَ سان ڳالھائي سگهو ٿا؟“ ”سنڌي پوري سمجهان
ٿي، پر ڳالھائڻ ۾ ڪٿي ڪٿي مُنجهي ٿي پوان.“ هي
جملو صاف سنڌيءَ ۾ ڳالھايائون. مون محسوس ڪيو ته
سنڌي ڳالھائڻ ۾ کين ايتري رواني ڪانه هئي. ان ڪري
گفتگو وري انگريزيءَ ۾ شروع ٿي وئي. موضوع شاهه
لطيف ۽ فقط شاهه لطيف هو. مون کانئن شاهه بابت
مختلف سوال ڪيا ۽ انھن سڀني جا جواب وضاحتن سان
مون کي مليا. مان هاڻي ٻيو سوال ڪرڻ وارو هيس، ته
مون کي حجت ۽ پنھنجائپ واري لھجي ۾ چيائون: ”اوهان
کي به لطيف جا بيت ياد هوندا، مون کي ڪجهه ٻڌايو.“
سندن ان چوڻ کي حڪم سمجهي مون لاکيڻي لطيف جو هي
بيت پڙهيو:
”سي ئي جوڀن ڏينھن، جڏهن سڄڻ سفر هليا.“
مون اڃا پھرين سِٽ مس پڙهي ته بيت پورو ڪرڻ نه
ڏنائون ۽ چيائون ته: ”ڏسو عنايت! اهو تخيل ڪنھن
آفاقي شاعر کان سواءِ ٻي ڪنھن جو به نه ٿو ٿي
سگهي. شاهه فرمائي ٿو ته جواني وارا ڏينھن اُهي
هيا جڏهن محبوب مون سان گڏ هو، ان کان پوءِ مون کي
جوڀن جي سانڀر ئي ڪانھي. مان ڊاڪٽر شمل کي ڏسندوئي
رهجي ويس ۽ منھنجي اچرج جي انتھا نه رهي ته
هوڏانھن بيت منھنجي چپن مان اڃان نڪتوئي مس هو ته
هوڏانھن بيت جي تشريح شروع ٿي وئي ۽ سندن سمجهائڻ
جو طريقو ايڏو ته ڪمال جو هو جو ان لاءِ جيترو به
لکجي ته گهٽ آهي. وري لطيف جو ٻيو بيت پڙهيم:
مٺايان مٺو گهڻو، ڪڙو ناهي ڪلام،
سُڪوت ئي سلام، پريان سندي پار جو.
ته وري هڪدم سنڌ جي عظيم شاعر کي اڻ ميو داد ڏيندي
سوال ڪيائون ته ”عنايت ڪوبه دنيا جو ٻيو شاعر اها
ٻولي ڳالھائي سگهندو ته:
سُڪوت ئي سلام، پريان سندي پار جو.
رات جو دير تائين ڪچھري هلندي رهي. موڪلائڻ وقت
کين عرض ڪيم ته سڀاڻي جيڪڏهن ڪو وقت هجي، ته ريڊيو
پاڪستان ڪراچي تي تشريف فرما ٿيو ته ريڊيو تي
اوهان جو انٽرويو رڪارڊ ڪري نشر ڪجي. فورن چيائون
ته سڀاڻي منجهند جي هڪ وڳي تائين مون وٽ وقت آهي.
ٻي ڏينھن تي ٺيڪ ساڍي ٻارهين وڳي ڊاڪٽر صاحبه،
ريڊيو اسٽيشن تي پھچي وئي. اسٽوڊيو ۾ انٽرويو شروع
ٿيو.
منھنجو سوال: دنيا جي ٻين وڏن شاعرن جي ڀيٽ ۾
شاهه لطيف جو مانُ ۽ مرتبو اوهان جي خيال ۾ ڇا
آهي؟
ڊاڪٽر شمل جو جواب: ”شاهه لطيف جي ڀيٽ فقط انھن
شاعرن سان ڪري سگهجي ٿي، جن جي پيغام ۾ روحانيت ۽
رمزيت
(Mysticism)
سمايل آهي، ڇو ته منھنجي نظر ۾ اُهي شاعرئي سڀ کان
وڏا شاعر آهن جيڪي پنھنجي وجود جي نفي ڪري ازلي
احديت جي اونھي عميق ۾ پنھنجي هستي وڃائي ’هڪ‘ سان
’هڪ‘ ٿي ويا ۽ اَبدي حقيقت جي اسرارن، رازن ۽ رمزن
کي ڄاڻي ورتائون. اهڙن بلند مقام شاعرن جي شاعريءَ
۾ مٿاهون ۽ آفاقي پيغام هوندو آهي. جيڪو تيز پرواز
ڪري ملڪان ملڪ مشھور ٿي ويندو آهي. مولانا جلال
الدين رومي، حافظ شيرازي، گوئٽي، شاهه لطيف، جامي،
بيدل (فارسي شاعر)، امير خسرو ۽ خواجه مير درد
دنيا جا تمام وڏا شاعر آهن.“ ڊاڪٽر ائنيمري شمل
وڌيڪ وضاحت ڪندي ٻڌايو ته مٿي ذڪر ڪيل شاعرن ۾ وري
رومي، شاهه لطيف، گوئٽي ۽ مير درد ۾ تخيل جي پرواز
جي لڳ ڀڳ هڪجھڙائي آهي.
هاڻي مون ڀٽائيءَ جي هڪ بيت جي وضاحت چاهي، جيڪو
ڪيتري عرصي کان وٺي وڏن وڏن دانشورن جي تشريح هيٺ
رهيو آهي، پر پوءِ به تشريح طلب رهيو آهي:
عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،
منجهان سِڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو.
ڊاڪٽر شمل فرمايو: ”سنڌ ۾ توهان پھريان ناهيو،
جنھن ان بيت جي وضاحت لاءِ مون کان پڇيو آهي، پر
ڪيترن ئي موقعن تي مون کان ساڳيو سوال ڪيو ويو آهي
۽ مان پنھنجي سمجهه مطابق ان بيت جي تشريح ڪندي
رهي آهيان. پر مون کي هڪ عرب دانشور جو قول هتي
ورجائڻ مناسب ٿو لڳي. هن چيو آهي ته ”ڪي ڪي شعر
اهڙا هوندا آهن جن جي صحيح معنيٰ ۽ مفھوم جي
سربستي خبر فقط ان شاعر کي ئي هوندي آهي، جنھن جو
اهو شعر چيل هوندو آهي.“ ”انڪري مان يقين سان چئي
سگهان ٿي، ته عزازيل جي باري ۾ لطيف جي شعر جي
صحيح معنيٰ به لطيف کي ئي معلوم هوندي. بھرحال مان
سنڌ جي اڪثر دانشورن سان لطيف جي ان بيت جي تشريح
سان پوريءَ طرح اتفاق نه ٿي ڪريان، ته عزازيل
پنھنجي اٿاهه عشق سبب لعنتي بڻجي ويو. منھنجي
خيال ۾ عشق جي باهه ته عاشق کي وڌيڪ رچائي ريٽو
ڪري ڇڏيندي آهي ۽ هو باهه مان ڪچي مان ڦري پڪو ٿي
نڪرندو آهي، ته پوءِ اهو پڪو وري ڪچو ڪيئن ٿيندو؟
انڪري منھنجو خيال آهي ته ان بيت جي وضاحت لاءِ
لطيف ڏي ئي رجوع ڪجي. مون کي يقين آهي ته اُتان
اسان کي تسلي بخش جواب ملي ويندو.“
ڊاڪٽر ائنيمري شمل جرمنيءَ جي اُها عظيم اسڪالر
هئي جنھن مغرب ۽ مشرق جي وچ ۾ هڪ دائمي ڳانڍاپي ۽
ڀائيچاري جو پرچار ڪيو ۽ مختلف ۽ متضاد زاوين ۾
اڏيل ٻن وڏين ثقافتن ۽ رسمن رواجن يعني مغربي دنيا
جي رنگينين، ماده پرستيءَ جي متوالن ۽ مسلم مشرق
جي مذهبي لاڙن، روحانيت ۽ رندي فلسفي سان لاڳاپيل
صوفين، ساڌُن ۽ سَنتن جي وچ ۾ دائمي محبت ۽ پريت
جو پيچرو ڳولي ورتو جنھن ۾ ٻنھي تھذيبن ۽ ثقافتن
جا اڳواڻ سڀ ويڇا وساري، هٿ هٿَ ۾ ملائي هلي پيا ۽
هلندا رهيا.
هن موقعي تي سائين پير حسام الدين راشدي جي ياد به
دل تي وري تازي ٿي وئي آهي، ڇو ته اها پير صاحب جن
جي ئي ڪمال جي شخصيت هئي جنھن ڊاڪٽر ائنيمري شمل
کي سنڌ سان، لطيف سان ۽ مڪليءَ جي شاهڪار مقبرن
ذريعي ٺٽي جي تاريخي عظمتن سان پوريءَ طرح روشناس
ڪرايو.
ڊاڪٽر ائنيمري شمل جا سنڌ مٿان ايترا ته احسان
آهن، جو تجويز ڏجي ٿي ته سنڌ ثقافت کاتو ۽ سنڌ جا
تعليمي ادارا وڏا وڏا اجلاس ڪوٺائين جن جي شروعات
مڪليءَ تي پير حسام الدين راشديءَ جي مزار کان
ڪجي.
ڊاڪٽر شمل اوهان کي سنڌ ۽ سنڌي ڪڏهن به وساري نه
سگهندا.
مخدوم سليم الله صديقي

مخدوم نوح رحه جي شان ۾ تذڪره نگارن
جون ڪاوشون
سنڌ جي روحاني ۽ علمي شخصيت حضرت مخدوم نوحؒ جي
سوانح جي مختلف روشن پھلوئن تي اوائلي دور کان
اهلِ قلم جي جاکوڙ ايندڙ نسلن لاءِ يادگار مواد
سھيڙيو آهي.
هن ولي الله جي سوانح ۽ تعليمات اڄ به حق سچ جي
پانڌيئڙن لاءِ توجهه جو مرڪز رهيا آهن. اهوئي ڪارڻ
آهي جو اهلِ قلم هر دور ۾ ان حقيقت کي ڄاڻندي قلمي
ڪاوشن کي جاري رکيو.
نڀائين جي نيھه، ٿين ڪين اڪيلا،
صدين جا ويلا، ويجهو ڪن قلم سين.
ڪاغذ ۽ قلم سينگاري ڪين سڀن،
من موهيل جن، جرڪيل جملاتن جا.
(سليم)
سنڌ جي سورنھين صديءَ جي تاريخ حضرت مخدوم نوحؒ کي
هڪ منفرد علمي ۽ روحاني حيثيت ۾ ڄاڻايو آهي. ان
دور ۾ تحرير ٿيل سنڌ جي صوفين جو تذڪرو حديقة
الاولياء 1016هه/1607ع ۾ قلمبند ٿيو. جنھن جي
مصنف سيد عبدالقادر حضرت عالي مقام جن جو احوال
قلمبند ڪيو آهي. پاڻ لکي ٿو:
”حضرت مخدوم نوحؒ سنڌ جي اوليائن سڳورن مان آهي.
هي ولايت جو پير، ارشاد ۽ هدايت جو مير، وحدت ۽
معرفت جو ماهر دين ۽ سلوڪ جو ڄاڻو، اهلِ الله جي
ڪاروان جو سونھون ۽ ذاڪرن جو رهبر، سندس نسبت جو
سلسلو حضرت اميرالمؤمنين ابوبڪر صديقؓ تائين پھچي
ٿو. پاڻ ماڻھن کي الله رب العزت جي ذڪر جي جوهر
سان خوب سينگاريندا هئا، گهڻائي مريد ۽ معتقد سندن
فيض ۽ برڪت سان منزل حقيقي تي پھتا. پاڻ موقعي جي
مناسبت سان قرآن مجيد جون آيتون پڙهندا هئا ۽ انھن
جو مطلب ۽ معنيٰ ۽ تفسير اهڙو ته بيان ڪندا هئا،
جو وڏا وڏا عالم، قاري ۽ مفسر به حيران ٿيندا هئا.
روايت آهي ته هن دنيا ۾ آئي ست ڏينھن گذاريا هئن
ته پاڙي مان ٻانگي نماز جي ٻانگ ڏني ٻانگ پوري ٿيڻ
کان پوءِ پاڻ چٽي زبان سان چيائون، ”نعم
لا اِلھ اِلا الله ولا نعبد الا اياه مخلصين لھ
الدين“
هائو هڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق نه
آهي. اسين خاص تنھنجي ئي عبادت ڪريون ٿا.“ (حديقة
الاولياء)

ان مقامي تحرير کان علاوه هندستان جي هڪ ڏورانھين
علائقي ۾ تحرير ٿيل همعصر تذڪره گلزار ابرار
(1022هه پڻ سندن ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب جو مصنف شيخ
عيسيٰ جندالله پاٽائي ثم برهانپوري کان روايت نقل
ڪندي لکي ٿو:
”مخدوم نوح هالاڪنڊيءَ جي ياد ۾“
پاڻ سنڌ جي مشائخن مان آهن. مسيح القلوب کان روايت
آهي ته شيخ يوسف رسمي علمن جي شروعات ۾ سندس همدرس
هو، پاڻ ٻڌائيندا هئا ته کين هڪ دفعي جذب ٿيو ان
کان پوءِ ڪجهه ڏينھن بعد سندن زبان ۾ ڳالھائڻ جي
طاقت پيدا ٿي. ان جي باوجود جو علم نحو نه ڄاڻندا
هئا مگر قرآن پاڪ جو تفسير پاڻ ڪيترن ئي طريقن سان
بيان ڪندا هئا. سڄي سنڌ جا ۽ گهڻو ڪري ٺٽي جا عالم
امتحان لاءِ اچي هرهڪ فن جا مشڪلات سندن سامھون
پيش ڪندا هئا. پاڻ فوراً هڪ روشن جواب سان خدشات
کي ختم ڪري ڇڏيندا هئا ۽ معترضن کي معتقد بڻائي
ڇڏيندا هئا.
حڪيم عثمان بوبڪائي کان روايت آهي ته مان هڪ ڏينھن
مخدوم نوحؒ جي خدمت ۾ ويس ۽ چاهيم ته علم جا ڪمال
حاصل ٿيڻ لاءِ دعا لاءِ عرض ڪريان. اڃان اها ڳالھه
مون بيان ئي ڪانه ڪئي ته پاڻ فرمايائون ته:
وَاتَّقُوا اللّٰهَ
يَعَلَّكُمْ
(الله کان ڊڄندو رهه هو توکي علم نصيب ڪندو) ان
ڏينھن کان منھنجو خوف ۽ علم ڏينھون ڏينھن وڌندو ٿو
رهي، ڪي چون ٿا ته قرآن جي تعليم کين الله جي
طرفان آهي ۽ ڪن جو هي بيان آهي ته خضر عليھ السلام
کان اٿن ۽ ڪي روايت ڪن ٿا ته هڪ بزرگ خراسان کان
هن ڳوٺ ۾ آيو هو، ان جي تلقين سان ملين جو ڪجهه
ملڻو هئن. (گلزار ابرار)
گلزار ابرار ۽ حديقة الاولياء جي روايتن جي اهميت
سندن همعصر تحريرن هجڻ ڪري آهي. گلزار ابرار ۾
جنھن مسيح القلوب و مسيع الاولياء شيخ عيسيٰ
پاٽائي ثم برهانپوريءَ جي حوالي سان ڏنل تحرير ۾
جنھن شيخ يوسف سنڌي جو حوالو ڏنو ويو آهي. اهو
مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جو ڏاڏو هو، جنھن سان ان
روايت جي مثبت ۽ وزنائتو هجڻ جو واضح دليل ملي ٿو.
حضرت مخدوم نوحؒ ۽ شيخ يوسفؒ ننڍپڻ ۾ ڪجهه عرصو هم
درس رهيا پر مخدوم مڪرم جو علمي ۽ روحاني مرڪز
پنھنجو اباڻو وطن ئي رهيو. جڏهن ته شيخ يوسفؒ مڪي
مديني ۽ هندستان جي مختلف هنڌن تي علمي ۽ روحاني
سفرن ۾ زندگي گذاري. شيخ مبارڪ بن خضر پنھنجي پٽ
ملا فيضي کي هڪ خط ۾ لکي ٿو:
”بپدرم شيخ خضر عنايت و شفقت بسيار داشته اند رفته
داد خواهي کرد، همچنين بخدام شيخ يوسف سندهي که
سيار هفت اقليم است و بيست حج گذاشته بودند
براحوال پدران اطلاع داشت.“ (بياض رقعات قاضي
عبدالرسول سيوستاني تاليف و کتابت 1123/1711ع
موجود سينٽرل لائبريري ڄام شورو)
يعني شيخ مبارڪ جي والد شيخ خضر تي شيخ يوسفؒ سنڌي
جي تمام گهڻي شفقت ۽ عنايت آهي ۽ اسان سڀ شيخ
يوسفؒ سنڌي جا خادم آهيون، جيڪو هفت اقليم جو سياح
آهي ۽ پاڻ ويھه حج ڪيا اٿس ۽ اسان جي وڏن جي حال
کان واقف آهي.“
گلزار ابرار جي همعصر هڪ ٻي اهم تحرير ”رساله بھاء
الدين گودڙيو“ آهي. جنھن ۾ پڻ حضرت مخدوم نو حؒ جا
ڪجهه ملفوظات موجود آهن. جنھن تان حاجي پنھور
پنھنجي ڪتاب دليل الذاڪرين (1106هه) ۾ نقل ڪيا.
بھاءالدين گودڙيو کي بهاءالدين دلق پوش به سڏيندا
آهن. حضرت مخدومؒ جو مريد هو. پاڻ 1023هه/1615ع ۾
وفات ڪيائين ۽ مڪلي تي سندس مدفن آهي.
حضرت مخدوم نوحؒ جي سوانح ۽ مناقب متعلق هڪ ٻيو
اهم ۽ مستند ذريعو رساله فتحيه آهي،. اهو رسالو
1019هه/1610ع ڌاري حضرت مخدوم سائين جي پوٽي مخدوم
فتح محمد تحرير ڪيو. جنھن جي ابتدائي تربيت تي
سندس ڏاڏي جو گهرو اثر هو. هن پاڻ ان جو اعتراف
ڪيو آهي، ته هو پنھنجي ڏاڏي سائين جي علمي ۽
روحاني شخصيت کان متاثر هو. پاڻ اڃان 13 ورهين جو
هو، جو حضرت مخدومؒ وفات ڪئي. هن رساله فتحيه ۾
حضرت مخدوم نو حؒ جي حياتي ۽ مناقب متعلق بھترين
مواد فراهم ڪيو آهي.
رساله فتحيه جو هڪ قلمي نسخو قاضي محمد شوڪت علي
قريشي درگاهه حضرت مخدوم نو حؒ جي مجاور وٽان حاصل
ڪيو، جنھن جو ذڪر پاڻ ”رساله فتحيه“ جا پيش لفظ
تحرير ڪندي ڪيو آهي. ان نسخي جو سنڌي ترجمو هن
بنده ۽ قاضي صاحب گڏجي پنھنجي نظرثاني هيٺ تيار
ڪري سنڌي ادبي بورڊ کان شايع ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو.
بيان العارفين: هي ملفوظات شاهه عبدالڪريمؒ بلڙي
واري جي هڪ مريد محمد رضا بن عبدالواسع تحرير ڪيا،
۽ انھن کي شاهه صاحب جي وفات 1032هه/1623ع کان ڇھه
سال پوءِ لکي مڪمل ڪيو. شاهه عبدالڪريم جا پنھنجي
دور جي بزرگن سان سٺا تعلقات هئا، خاص ڪري مخدوم
نو حؒ سان وڏي عقيدت هئس. هنن ملفوظات ۾ پڻ مخدوم
مدظله عليھ جو ذڪر خير موجود آهي.
هڪ هنڌ تحرير آهي ته: ”مخدوم نو حؒ جيڪو علم جو
پھاڙ ۽ علم لدني جو سمنڊ هو، هو چوندو هو ته اسان
کائون پيون ٿا ليڪن ڪڏهن به ڍؤ ياد نه اٿم.“ (بيان
العارفين)
حضرت مخدوم نو حؒ جي همعصر ملفوظات ۽ تذڪرن کان
پوءِ به ڪيترن ئي اهلِ قلم صاحبن پنھنجي عقيدت جو
اظھار هر دور ۾ ڪندا رهيا آهن. پوءِ اهي ڪتاب
سوانح طور لکيل هجن يا عام تاريخ جا ڪتاب هجن.
جيئن:
(1)
فرح الاصول: هن ۾ حضرت مخدوم مدظله جي اولاد جو
شجرو ڏنل آهي، جنھن جو سنڌي ترجمو درگاهه جي مجاور
محمد صالح علوي ”انيس العشاق“ جي نالي سان 1306هه
۾ مڪمل ڪيو. (هي طالب الموليٰ لائبريري ۾ موجود
آهي.
(2)
حضرت مخدوم نوحؒ : تحرير محمد صديق سنڌ مسلم ادبي
سوسائٽي 1940ع ۾ حيدرآباد.
(3)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ هالا
مان ماهوار شايع ٿيندڙ فردوس جي خاص نمبر ۾ ڇپايو
ويو، ”مخدوم نوحؒ نمبر“ 1954ع ۾.
(4)
مخدوم نوحؒ جون نصيحتون: تحرير آخوند محمد قاسم
هالائي 1954ع.
(5)
انيس الفقراء (فارسي قلمي): تحرير مخدوم غلام رسول
صديقي (موجود ذاتي ڪتب خانه مخدوم صاحب هالا
نوان).
(6)
سراج العارفين (فارسي قلمي): مخدوم غلام رسول
صديقي (ذاتي ڪتب خانه مخدوم صاحب هالا نوان).
(7)
تحفة الڪرام مير علي شير قانع: سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد.
(8)
مخدوم نوح سرور جا سيھوڳي: محبوب علي چنه، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد.
(9)
پيغام نوح مولائي شيدائي: شايع ڪندڙ طالب الموليٰ
اڪيڊمي 1999ع ۾.
(10)چونڊ
ملفوظات حضرت مخدوم نوحؒ : قاضي محمد شوڪت علي
قريشي 1999ع،هالا.
(11)
تاريخ درگاهه حضرت مخدوم نوحؒ : مصنف قاضي غلام
محمد قريشيؒ هالا پراڻا، هن ۾ سوانح مخدوم نوحؒ جي
تفصيل سان ڏني وئي آهي، جنھن جي نظرثاني مخدوم
جميل الزمان صاحب ڪئي ۽ ضرورت پٽاندڙ اضافا ڪيا ۽
اهم مقامن ۽ قبرن جون تصويرون ڏنيون ويون. جيئن
پڙهندڙ لاءِ وڌيڪ وضاحت سان ڳالھه سامھون اچي.
(12)راحت
الروح: مولانا دين محمد وفائي، شايع ڪندڙ سنڌي
ادبي بورڊ.
(13)تذڪره
مخدومان هالا: هي ڪتاب محترم جميل الزمان صاحب جن
جي عظيم ڪاوش جو شاهڪار آهي. هن ۾ حضرت مخدوم نوحؒ
متعلق اعليٰ تحقيق ڪئي وئي آهي، پاڻ هڪ هنڌ
فرمائين ٿا:
”تحقيق جو فن درياهه جي وهڪري وانگر آهي، جيئن
جيئن وقت گذرندو تيئن تيئن تحقيق جا نوان روپ
نِکرندا ۽ تاريخ جي چھري تي پيل تاريڪين جا پردا
هٽندا.“
(14)نامياري
محقق ڊاڪٽر عبدالرحمٰن قريشي هالائي جي ڊاڪٽريٽ
لاءِ تحرير ڪيل ٿيسز جيڪا سروري خاندان جي علمي
ادبي ۽ ديني خدمتن جي عنوان تحت لکي وئي. ان کي
”گلستانِ سروري“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ طالب
الموليٰ اڪيڊمي طرفان شايع ڪيو ويو.
قلم ۽ ڪاغذ، سھيڙي جن سار
ٿيندا ڪين ڌار، ديس تنين جو دلين ۾.
(سليم)
حضرت مخدوم نوحؒ جي شخصيت سان عقيدت ۽ قرب جو ناتو
جوڙيندڙ هر دور ۾ پنھنجي محبت جو اظھار ڪندا رهن
ٿا.
درگاهه حضرت نوحؒ جي دستار 19 جي منسب تي فائز هجڻ
سان گڏ حضرت مخدوم محترم جميل الزمان صاحب پنھنجي
خانواده جي علمي ۽ ادبي خزاني جا پڻ وارث هجڻ جا
حق پوري جوش ۽ جذبي سان نڀايا آهن. سندن حياتيءَ
جو هڪ وڏو حصو ان خوشبو سان ئي واسيل آهي، اها
ادبي خدمت سنڌي ادبي بورڊ سان وانجهيل هجي يا
مخدوم طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا جي ڇپر ۽ ڇانوَ
هيٺ هجي، اها ايندڙ ڪئي نسلن لاءِ سونھن جو سنيھو
۽ ادب جي آبياري جو مثال آهي. جيئن مٿي ڄاڻايو
ويو، ته حضرت مخدوم نوحؒ مدظله عالي جي زماني کان
هر دور ۾ اهلِ قلم پنھنجي محبت ۽ عقيدت جو اظھار
ڪندا آيا آهن. مخدوم جميل سائين انھن مضمونن کي
ترتيبوار سنواري ۽ سينگاري محفوظ ڪيو آهي. جنھن
سان مطالعي جو شوق رکندڙن لاءِ بھترين سھوليت
فراهم ڪئي وئي آهي. ان عظيم ڪاوش لاءِ پاڻ مبارڪ
جا مستحق آهن.
”حضرت غوث الحق مخدوم نوح هالائيؒ “ جي عنوان تحت
پاڻ عظيم صاحبِ قلم هستين جا سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾
تحرير ڪيل مضمون سھيڙيا آهن. جيڪا پڙهندڙ لاءِ دل
جي سڪون اطمينان ۽ محبت جي عظيم ڪيفيت جو باعث
بڻبي ۽ سنڌ جي تاريخ جي هڪ باب کي ايندڙ پيڙهين
لاءِ تحفهءِ عظيم جو ڪردار ادا ڪندي.
ڪڙيون ملائي ڪڙين سان، سونارن سھيڙيا هار،
وڏا ننڍا ۽ ٻار، جهومي اُٿيا جڳ ۾.
(سليم) |