سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 5

فرزدق

نالو همام، سندس ڪنيت ابونواس سندس پيءُ جو نالو غالب بن صعصعہ ٻڌايو پيو وڃي. دور جاهليت ۾ هي ناميارو شخص هو ۽ پنهنجي قبيله ۾ سڀ کان اول ايمان آندو هئائين. ابن عبدالرب ڪتاب استيعاب ۾ کيس صحابہ رضي الله عنهم ۾ شمار ڪري ٿو. فرزدق عالي همت ۽ صاحب حشمت هو. ماڻهو ساڻس سٺو سلوڪ ڪندا هئا. حالانڪ ننڍي قد ۽ بي ڊولي بدن سان فرزدق لفظ معنيٰ ريزه (ذرڙو، ٽڪرو) ان سان هر طرف مشهور هو.

ڪتاب حبيب السير ۾ مذڪور آهي ته هڪ دفعي خليفه هشام بن عبدالملڪ پنهنجي خلافت واري دور ۾ پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ حج ادا ڪرڻ آيو. ليڪن سخت هجوم ۽ ماڻهن جي رش سبب حجر اسود کي چمي نه سگهيو. ايتري ۾ حضرت امام زين العابدين تشريف فرما ٿيا. ساري خلق جي هجوم جو امام صاحب ڏانهن توجهه ٿيو ۽ يڪدم سندس اچڻ واري رستي کان هٽي ان لاءِ ڪشادگي ۽ آساني پيدا ڪري ڇڏيائين. سندس تعظيم ڪندا رهيا ۽ کيس سلام ڪندا رهيا. شام وارن منجهان هڪ شخص، هشام کان پڇيو ته اهو ڪير آهي؟ هشام انهيءَ خوف کان ته متان اهل شام، امام ڏانهن مائل ٿين لاعلميءَ جو اظهار ڪيو. ايتري ۾ فرزدق اچي حاضر ٿيو ۽ امام صاحب جي شان ۾ قصيده غزا پڙهيائين. هشام، شڪ آڻي کيس قيد ڪيو. امام صاحب قصيده جي صله ۾ فرزدق ڏانهن هڪ هزار درهم موڪليا. اول هن درهم وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته مان صله لاءِ نه بلڪ محبت جي اظهار ۾ پڙهيو آهي. امام صاحب اصرار ڪندي کيس چيو هي اهل بيت جي خدمت جو صله آهي. واپس نه ڪر، پوءِ ورتائين. ڪتاب ڪامل ۾ مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن حسن بصري ۽ فرزدق ٻئي هڪ جنازي ۾ شريڪ ٿيا. فرزدق چيو ته خبر اٿو ماڻهو چون ٿا ته هن جنازي نماز ۾ بهترين ماڻهو آيا آهن يا بدترين ماڻهو حاضر ٿيا آهن؟ حضرت حسن بصري عليہ الرحمة فرمايو ته آءٌ بهترين ماڻهن ۾ هوندس ۽ تون بدترين ماڻهن ۾. پر هن موقعي تي توکي انهيء ڳالهه چوڻ تي ڪنهن آماده ڪيو؟ چيائين ته سٺ سالن کان وٺي ڪلمہ طيبہ جو ورد اٿم، خبر نه آهي ته ڇا ٿيندو؟ فوت ٿيڻ کان پوءِ خواب ۾ ڪنهن بزرگ کانئس پڇيو ته ڪهڙي حال ۾ آهين؟ چيائين ته ڪلمه طيبه جي برڪت سان خاتمہ بالخير ٿيو. سن 116هه ۾ فوت ٿي ويو.

امام ابومحمد ۽ ابوعبدالله جعفر صادق عليہ السلام

عليٰ قلب نوح عليہ السلام، ڇهون امام آهي. سندن والده جو نالو سيده فرده بنت قاسم بن محمد بن ابي بڪر ﷦ آهي. صحيح قول موجب هيءَ سن 80هه ۾ پيدا ٿيو. سندس طريقت جي نسبت ٻنهي طرفن کان يعني پيءُ کان به ۽ ماءُ کان به عطا ٿيل آهي. مشائخ جي اڪثريت جي نسبت، هن امام صاحب سان لڳي ٿي، امت محمدي صلي الله عليہ وسلم جي علماءَ جي اڪثريت هن امام صاحب جي شاگردي ۾ آهي. فرمايائين:

قال من قنع بما قسم لہ استغنيٰ ومن مد عينيہ الٰي ما في يد غيره مات فقيرا. قال شرالناس من باع آخرتہ بدنياه و شر من ذالک من باع آخرتہ بدنيا غيره قال کمال العطا ثلاثة تعجيلہ و تصعيره و تستيره قيل لہ بالکفارة عمل السلطان؟ قال قضاء حوائج الاخوان.

ترجمو: جيڪو شخص پنهنجي قسمت ۾ آيل حصي تي قناعت ڪندو، اهو بي پرواهه ٿيندو ۽ جيڪو ٻين جي مال ۾ اکيون وجهندو اهو فقير ٿي مرندو. فرمايائين ته اهو شخص نهايت بدترين آهي، جيڪو پنهنجي آخرت کي دنيا جي بدلي ۾ وڪڻي ۽ ان کان به بدتر اهو شخص آهي جيڪو ٻئي جي دنيا ٺاهڻ لاءِ پنهنجي آخرت کي وڪڻي ڇڏي. پڻ فرمايائين ته بخشش ۽ عطاءَ جو ڪمال ٽن ڳالهين ۾ آهي: ڪنهن تي جلدي بخشش ڪرڻ، پنهنجي بخشش کي گهٽ سمجهڻ ۽ ان کي ڳجهو رکڻ. فرمايائين ته صحبت ويهه ڏينهن رکڻ گهرجي.

 فرمايائين ته جيڪڏهن توکي ڪو بد چوي ته ڏک نه ڪر ڇو ته جيڪڏهن تو منجهه خامي آهي ته ان جو ڪفاره ٿي ويو ۽ جيڪڏهن تو ۾ خامي ڪونه آهي ته بنا تڪليف جي تو نيڪي حاصل ڪئي.

ڪتاب جفر جامع، جيڪو امامن عليهم السلام جي علوم ۽ اسرار تي مشتمل آهي سو سندس ئي جوڙيل آهي، چيو وڃي ٿو ته ابوموسيٰ جابر بن حيان صوفي يوسفي جيڪو آنحضرت جي شاگردن مان آهي. هڪ ڪتاب لکيو. جنهن جا هڪ هزار حصا هئا. جيڪو حضرت سائين جي رسالن تي مشتمل آهي.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن خليفه منصور جي منهن تي اچي هڪ مک ويٺي. خليفي ان کي گهڻوئي تڙيو پر وري وري موٽي اچي سندس منهن تي ويهي پئي. خليفو عاجز ٿي ويو ايتري ۾ امام جعفر صاحب به اچي مجلس ۾ ويٺو ته خليفه منصور هڪدم ئي کانئس اهو پڇيو ته مک کي پيدا ڪرڻ ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ فرمايائين ته تڪبر ۽ غرور واري ماڻهو کي ذليل ڪرڻ لاءِ مک کي پيدا ڪيو ويو آهي.

سندس وفات جو سال شوال 148هه آهي. مدينہ منوره ۾ بقيع ۾ مدفون آهي. شيعه جو جعفريه فرقه امام صاحب کي ئي آخري امام ۽ ان تي ئي امامت جي ختم هجڻ جو عقيدو رکي ٿو سندن چوڻ آهي ته جيڪو امام واپس وري ايندو سو اهوئي امام آهي.

اسمٰعيل بن امام جعفر صادق عليہ السلام

هيءُ امام جعفر صادق عليہ السلام جو وڏي ۾ وڏو فرزند هو. اهو سڀني کي گمان هو ته امام صاحب ان کي ئي پنهنجو جانشين مقرر ڪندو. مذڪور آهي ته امام صاحب هن کي امام ختم جي بنياد تي پنهنجو وليعهد بڻايو هو، پر پنهنجي پيءُ جي حياتيءَ ۾ سن 138هه ۾ گذري ويو ۽ بقيع ۾ مدفون آهي. امامت جي قائل فرقن مان هڪ اسماعيلي فرقي جو چوڻ آهي ته نص اول(1) معتبر آهي ۽ مبارڪه فرقه جو چوڻ آهي ته اسماعيل زنده آهي ۽ اهوئي مهدي موعود آهي. سندس پيءَ دشمنن جي خوف کان کيس مرده مشهور ڪيو هو. اسماعيله منجهان وري هڪ ڪثير جماعت جو عقيدو آهي  ته اسماعيل فوت ٿيل آهي ان کان پوءِ محمد بن اسماعيل چار ساله امامت تي قائم ٿيو ۽ اهو خلف کان سلف تائين ويندي عبيدالله مهدي اسماعيلي تي پهچي ٿو، جيڪو اسماعيلي خليفن مان پهريون آهي.

محمد بن امام جعفر صادق عليہ السلام

سندس لقب بناح ۽ ڪنيت ابوجعفر آهي. سندس پوئلڳ زيديه سڏائين ٿا سندن چوڻ آهي ته امام لاءِ موافق آهي ته خروج تلوار سان ڪري. سندس تربت جرجان ۾ آهي. ”گورسرخ“ جي نالي سان (ڳاڙهي قبر) مشهور آهي، جيڪا خلق جي فيض لاءِ زيارتگاهه بڻيل آهي.

 

عبدالله اقطع

هيءُ حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جو فرزند آهي. پاڻ اسماعيل کان وڏو يا ننڍو امام معروف آهي. وڏي ۽ تمام ڪشاده مٿو هئڻ سبب کيس اقطع سڏيندا هئا. پنهنجي پيءُ کان پوءِ امامت جي دعويٰ ڪيائين. سندس پوئلڳ ماڻهن کي فرقه اقطحيه سڏيو وڃي ٿو، پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ ڪل ستر ڏينهن زنده رهيو، پوءِ وفات ڪري ويو. سندس وفات جو  سن  149هه آهي. پونئير کيس ڪونه هو.

اقطحيه فرقه جو عقيدو آهي ته امام لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجو خليفو نامزد ڪري، جيئن هن کان پوءِ سندس جانشين بڻجي. جيڪڏهن جانشين نٿو بڻائي ته هو پاڻ ضرور موٽي ايندو ۽ مهدي موعود آهي.

 

امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام

امام ستون علي قلب موسيٰ عليہ السلام سندس ڪنيت ابو ابراهيم ۽ ابوالحسن سندس ولادت سن 128هه ۾ مڪہ ۽ مدينه جي وچ ۾ ٿي کيس زين المجتهدين سڏيندا هئا.

هڪ دفعي روضه رسول صلي الله عليہ آلہ وسلم ۾ سربسجود ٿي عرض ڪري رهيو هو الذل عندي والعفو عندک (ذلت ۾ آءٌ آهيان ۽ درگذر ڪرڻ، تو وٽ آهي) ساري رات سجده ۾ ائين چوندو رهيو. آخر مٿس صبح ٿي. هارون رشيد کيس زهر ڏياريو. جنهن ۾ سن 183هه ۾ شهيد ٿي ويو. سندس مدفن بغداد شريف ۾ آهي.

شيعه موسوي و مفضليه فرقه وارا کيس صاحب الزمان جي لقب سان سڏين ٿا ۽ امام جعفر صادق عليہ السلام جي حجت بڻائين ٿا جو سندس قول آهي سابعکم قائمکم. اوهان منجهان ستون اوهان جو قائم هوندو. ڪي وري شڪ ۾ آهن ۽ اِها مراد وٺن ٿا ته ستون امام جعفر صادق عليہ السلام آهي جيڪو قائم آهي ۽ اماميه فرقه جي قول موجب ته اهو محمد بن حسن عسڪري آهي.

ابوعبدالله محض

حضرت حسن (مثنيٰ) بن امام حسن عليہ السلام جن جو فرزند هو. سندس لقب شيخ بنو هاشم هو. محض سيادت سبب کيس محض سڏيو پيو وڃي. سندس والده فاطمہ بنت حسين ۽ سندس پيءُ حسن بن حسن هو. منصور جي قيد ۾ سن 145هه ۾ گذاري ويو.

ادريس

هيءُ عبدالله محض جو فرزند هو. فخ جي واقعه کان پوءِ سن 109هه ۾ مصر هليو ويو ۽ مغربي آفريڪا ۾ پنهنجي سلطنت قائم ڪيائين. چند پشتون سندس اولاد ۾ سلطنت قائم  رهي، جو آل ادريس جي نالي سان مشهور آهي. چيو وڃي ٿو ته سن 828هه تائين، سلطنت سندس خاندان ۾ قائم رهي.

 

محمد بن عبدالله محض

هيءُ بنو هاشم جي معتبرين مان هو، سندس لقب مهدي هو. احجار الزيت(1) ۾ جڏهن شهيد ٿيو، تڏهن ”نفس زڪيه“ جي نالي سان مشهور هو. جيئن ته پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جي حديث جي روايت آهي. فرمايائون ته منهنجي اولاد منجهان ”نفس زڪيه“ احجاز الزيت ۾ قتل ڪيو ويندو. مذڪور آهي ته امام مالڪ ﷦ بن انس ﷦ اها فتويٰ ڏني هئي ته هلاڪت جي خوف کان خروج ڪرڻ جائز آهي ۽ جڏهن منصور جي لشڪر، مدينہ منوره جو محاصرو سخت ۽ تنگ ڪيو، تڏهن شيعه امراءَ وارو عهدنامه ساڙي ڇڏيائين ۽ چيائين ته هينئر موت مٿان بيٺو آهي. متان اهو عهدنامه، منصور کي هٿ اچي وڃي ۽ اهو کين هلاڪ ڪري ڇڏي. پوءِ پاڻ ٽي سو ماڻهن سان گڏ، مدينہ کان ٻاهر نڪري (ميدان جنگ) ۾ آيو تن تنها ستر ماڻهن کي ليٽائي شهيد ٿي ويو. اهو واقعو رمضان المبارڪ سن 145هه ۾ رونما ٿيو. سندس سِرُ مبارڪ منصور ڏانهن موڪليو ويو. شهيد جو پيءُ به ڀرسان قيد ۾ بند هو. انهيءَ جڏهن اهو ڏٺو ته فرمايائين: يرحمک الله لقد قتلوک صواما قواما.( الله توتي رحم ڪري، توکي انهيءَ حالت ۾ قتل ڪيائون جو تون روزيدار ۽ رات جو عبادتگذار هئين.)

مذڪور آهي ذوالفقار علي عليہ السلام (تلوار علي) محمد بن عبدالله محض وٽ پهتي هئي جڏهن خروج جو ارادو ڪيائين ته هڪ واپاري کان چار سو دينار ورتائين ۽ ان جي عيوض تلوار (ڳَهُه) رهن رکيائين ۽ چيائين ته آل عبدالمطلب منجهان جيڪو به تو وٽ اچي ۽ رقم ادا ڪري ته پوءِ تلوار انهيءَ کي ڏيئي ڇڏجانءِ. پوءِ جڏهن جعفر بن سليمان بن علي بن عبدالله بن عباس مدينہ جو امير مقرر ٿيو ان تاجر کي رقم ادا ڪري تلوار کانئس واپس ورتي ۽ مهدي ڏانهن موڪلي ڇڏيائين ۽ هن وري رشيد کي پهچائي. ذوالفقار (تلوار علي) لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته هن جي پٺين طرف تي ارڙهن فقرا لکيل هئا ۽ سندس دستو هاٿيءَ جي هڏي جو جڙيل هو ۽ انهيءَ تي فقرا اُڪريل هئا.

ابراهيم

نفس زڪيه جو ڀاءُ هو پهرين رمضان المبارڪ ۾ بصره کان خروج ڪري ايران پهتو. سفر ۾ اٺ جي پڇ کي ٻڌي پيو ته اُٺ رفتار تيز نه پئو ڪري ۽ اُٺ جي پڇ کي پنهنجي هٿ ۾ قابو جهليائين پئي  ته اهو رفتار کي تيز پيو ڪري. وقت جي ڪيترن ئي علماء ۽ اڪابرين مثلاً اعمش بن منصور ۽ امام ابوحنيفه ڪوفي کيس خروج جي فتويٰ ڏني. امام ابوحنيفه، پنهنجي پٽ حماد جي هٿ، سندس خدمت ۾ چار هزار درهم موڪليا ۽ کيس معذرت سان عرض ڪيائين ته جيڪڏهن خلق جي امانتن جي حفاظت جو بار مون کي مانع نه هجي ها ته مان خود اچي حاضر ٿيان ها.

مذڪور آهي ته نفس زڪيه جي شهادت کان پوءِ منصور هن کي به زهر ڏئي هلاڪ ڪري ڇڏيو. ابراهيم جي شهادت سن 145هه ۾ ٿي.

يحيٰ

هيءُ ابراهيم جو ڀاءُ هو. هارون جي دور ۾ دليمان ۽ طبرستان خروج ڪري ويو هو. هارون، فضل برمڪي جي ذريعه ساڻس مصالحت جي آڇ ڪئي ۽ سندس تعظيم ڪرڻ جي آمادگي ڏيکاري ۽ مصعب زبير جي پوٽن مان عبدالله هارون کي چيو ته هو ري جي هڪ علائقه ڏانهن خروج ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪو آهي ۽ مون کي پڻ سڏايو اٿس. يحيٰ، عبدالله جي ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪري فتني کي دفع ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو. مگر عبدالله انهيءَ ئي ڏينهن هلاڪ ٿي ويو ۽ هارون، يحيٰ کي قتل ڪونه ڪيو، مذڪور آهي ته هو پنهنجي طبعي موت سان وفات ڪري ويو.

ابو علي حسن بن حسن بن امام حسن عليہ السلام

سندس لقب حسن مثلث آهي ۽ معروف شهيد فخ آهي بنوهاشم جو بزرگ هو ۽ هادي جي زمانه ۾ سن 149هه ۾ خروج ڪيائين ۽ مڪہ جي ويجهڙائي ۾ فخ جي مقام تي ٻين ڪثير علوين سان گڏ هيءُ به شهيد ٿي ويو.

امام تقي عليہ السلام جي روايت آهي ته ڪربلا جي واقعه کان پوءِ اهل بيت تي هن جهڙو ٻيو ڪوبه سخت ترين واقعو نه گذريو آهي.

زيد بن حسن بن علي عليہ السلام

هي حضرت پنهنجي وقت ۾ علم ۽ عرفان ۾ ڪافي شهرت رکندڙ هو. سندس فرزند اميرابومحمد پنهنجي وقت ۾ بنوهاشم جو شيخ بزرگ سڏيو ويندوهو.

منصور دوانيقي کيس مدينہ منوره جي اجازت به ڏني هئي آخر خروج جو اهتمام ڪيائين. کيس قيد ڪيو ويو ۽ مهدي جي زمانه تائين گرفتار هو، مهدي کيس آزاد ڪري ڇڏي ڏنو. سندس نياڻيءَ جو نالو نفيسہ هو، جيڪا شافعي مسلڪ جي عالمہ فاضلہ ۽ نهايت قابل عورت هئي ۽ ان کان روايت پڻ بيان ڪندي هئي. اسحاق بن امام جعفر صادق کيس گهرايو ۽ پوءِ اها مصر هلي  وئي. نفيسه مصر ۾  سن  208هه ۾ وفات ڪري وئي ۽ اسماعيل مدينہ منوره ڏانهن منتقل ٿيڻ جو ارادو ڪيو، مگر مصرين جي التماس تي هو ارادو ملتوي ڪري مصر ۾ ئي رهيو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو، سندس قبر تي وڏو مقبرو جڙيل آهي، ۽ اجابت دعا جي لاءِ مقام مشهور آهي.

موسيٰ بن عبدالله محض

اڪابرين مان هو، شيعن کيس دعوت ڏني. هن پاڻ کي ظاهر ڪونه ڪيو. ان هوندي به حجاز ۾ سندس نالي جو خطبو پڙهيو ويندو هو، منصور کيس ڇڏي ڏنو ۽ هارون جي زماني تائين حيات هو. سن 200هه ۾ فوت ٿي ويو.

عبدالعظيم

فرزند عبدالله بن علي بن حسن زيد بن امام حسن عليہ السلام. منصور جي عهد ۾ ڪجهه وقت مدينہ جي امارت تي فائز رهيو ۽ پوءِ شهر ”ري“ ڏانهن منتقل ٿي ويو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو. سندس مرقد خاص ۽ عام جي زيارت گاه آهي.

قال امام رضا عليہ السلام من زار اخي عبدالعظيم کمن زار جدي اباعبد الحسين. ترجمو: امام رضا عليہ السلام جو قول آهي ته جنهن منهنجي ڀاءُ عبدالعظيم جي زيارت ڪئي، گويا انهيءَ منهنجي ڏاڏي ابا عبدالحسين جي زيارت ڪئي.

احمد بن خالد السرفي کان روايت آهي ته وقت جو سلطان مشڪلات سبب ري شهر ۾ خفيه طور اچي رهيو ۽ پنهنجي ڪنهن دوست جي محل ۾ زير زمين رات ۽ ڏينهن نماز ۽ عبادت ۾ ڪافي عرصو مشغول رهيو ڪڏهن ڪڏهن مخفي طور هڪ قبر جي زيارت لاءِ به ويندو هو. آهستي آهستي ڪجهه شيعا به سندس حال کان واقف ٿيا. انهيءَ وچ ۾ پيغمبر عليہ السلام جي پوئلڳن مان هڪ خواب ۾ ڏٺو ته فرمائين ته هن شهر جي فلاڻي ڪنڊ ۾ عبدالجبار بن وهاب جو باغ آهي. اتي هڪ صوف جو وڻ آهي. جنهن جي ڀرسان هيءُ مدفون ٿيندو. دفن ٿيڻ وارو ڏيکاريو ويو اهو هڪ نوراني صورت وارو شخص هو ۽ نشان ڏيکارڻ خاطر زمين جي ڀرسان ويٺو هو. هڪ ڏينهن خواب ڏسڻ وارو شخص جيڪو زمين جو مالڪ به هو، انهيءَ زمين تي اچي بيٺو، کيس اهو خواب پڻ ياد آيو ته مون کي آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن هيءُ حڪم فرمايو هو. پوءِ زمين کي وقف ڪري شيعان جي حوالي ڪري ڇڏيائين. قريب ئي هڪ بيمار امام زاده وفات ڪري ويو، جڏهن غسل لاءِ سندس لباس کي لاٿو ويو ته گريبان منجهان هيءُ رقعه نڪتو. جنهن تي لکيل هو ته:

انا ابوالقاسم عبدالعظيم بن عبدالله بن علي بن الحسن بن زيد بن الحسن بن علي بن ابي طالب عليہ السلام.

سندس ڀر واري قبر جنهن جي زيارت لاءِ پنهنجي حياتي ۾ ويندو هو ۽ ٻڌايو هئائين ته اها قبر، موسيٰ ڪاظم عليہ السلام جي فرزندن مان هڪ فرزند جي آهي.

امير عبيدالله يا عبدالله

هيءُ حسن بن حسين بن زين العابدين عليہ السلام جو فرزند هو. پنهنجي ڏاڏي جي بلڪل همشڪل هو، جنهن ڪري سندس لقب ئي زين العابدين هو، شوشتر شهر ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار شريف بقاع شوشتر ۾ آهي. بعض جو چوڻ آهي ته بي اولاد هو ۽ بعض کيس اجل نقيب تاج الملة والدين علي بن محمد بن رمضان ٻڌائين ٿا ۽ سندس نسب ابن الطفطفي سان وڃي ملي ٿو.

زيد بن امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام

ڪوفي ۾ مقيم هو. جڏهن ابوالسرايا امام علي رضا عليہ السلام ڏانهن خروج ڪيو ته زيد کي بصره ڏانهن روانو ڪيائين. زيد، عباسين جي محلاتن کي باهه ڏياري. انهيءَ ڪري مٿس لقب لاجرم زيد النار پيو، پوءِ جڏهن ابوالسرايا شڪست کائي خوزستان هليو ويو ته زيد النار کي گرفتار ڪيو ويو. قيد ۾ سن 200هه ۾ وفات ڪري ويو.

اسحاق

سيدي اسحاق جي نالي سان معروف ۽ امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام جو فرزند آهي. سندس مزار فيض آثار هرات ۾ آهي.

ابوالقاسم حمزه

حمزه بن امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام. ماڻهو کيس زنده خيال ڪندا آهن. سندس پٽ قاسم پٽ قاسم محمد الاعرابي ان جو پٽ احمد، نسب سادات موسوي انتها احمد تائين پهچي ٿي، کيس ڪجهه فرزند هئا، انهن مان ابومحمد اسماعيل وڏو ڏاڏو سلاطين صفويه، موسيٰ ۽ محمد المجدور ڏاڏاڻ نقباءِ عظام مشهد مقدس رضوي آهن.

ابراهيم

ابراهيم بن اسماعيل بن ابراهيم بن امام حسن عليہ السلام. مخرج قاف ادا ڪري نه سگهندو هو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي غلام کي قبا آڻڻ لاءِ چيائين. هو ڀلجي دراعه (صوفين جي لباس جو هڪ قسم) کڻي آيو. ڪاوڙ منجهان قبا، قبا بجاءِ طباطبا چيائين ان کان پوءِ سندس لقب طباطبا مشهور ٿي ويو ۽ سادات طباطبا سان منسوب آهن.

ابوعبدالله محمد

ابراهيم طباطبائي جو فرزند آهي. سن 198هه ۾ ابوالسرايا سان ڪوفه خروج ڪيائين خلق کان امام رضا عليہ السلام جي لاءِ بيعت ورتائين ۽ کيس ڪوفي ۾ حضرت جي نائبي هيٺ مخصوص امارت جوڙيائين ۽ آخر ۾ سن 200هه ۾ ابوالسرايا سان گڏ قتل ٿي ويو.

مالڪ دينار بصري

بعض جو چوڻ آهي ته دينار سندس پيءُ جو نالو هو.  بعض جو چوڻ آهي ته هڪ دفعي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. ملاح کانئس ڀاڙو طلب ڪيو، هن ڪونه ڏنو جو وٽس ڪونه هو، ملاح مٿس ايڏو تشدد ڪيو جو هو بيهوش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو ته کيس وري ٻيهر ماريو ويو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ساري درياهه جون مڇيون مٿي نڪري آيون ۽ هرهڪ مڇيءَ جي وات ۾ هڪ، هڪ دينار هو. مالڪ هڪ مڇيءَ جي وات مان هڪ دينار کڻي ملاح کي ڏنو ۽ ٻيڙي منجهان لهي پاڻي تي پنڌ ڪندي غائب ٿي ويو.

تاريخ گزيده ۾ ان واقعه کي مروان حمار وارو زمانه سن 130هه ۾ ڄاڻايو ويو آهي. سندس ڪنيت ابويحيٰ هئي. حسن بصري ۽ حبيب عجميءَ جو همعصر هو.

مذڪور آهي ته آيت اياک نعبدو و اياک نستعين پڙهندي زار، زار روئندو هو ۽ چوندو هو ته جيڪڏهن الله جي ڪتاب ۾ نه هجي ها ته هرگز نه پڙهان ها.

مذڪور آهي ته جڏهن پنهنجي موت جا آثار ڏٺائين ته چيائين ته اِلهٰي تون ڄاڻين ٿو ته منهنجي زندگي تنهنجي ڳولڻ ۾ گذري آهي. اهو به وقت هو جو بصره ۾ ڳوليندو رهيس، ۽ هاڻي جيڪڏهن زندگي بخشين ته به تنهنجي لاءِ اٿم ۽ جيڪڏهن موت ڏين ته به تنهنجي لاءِ آهي.

ان صلوٰتي ونسکي و محياي ومماتي لله رب العالمين.

ترجمو: بيشڪ منهنجي نماز ۽ منهنجي قرباني منهنجي حياتي ۽ منهنجي مماتي الله لاءِ آهي جو جهانن جو پالڻهار آهي. (القرآن (161:6)

وعن مالک بن دينار خرجت حاجا اليٰ بيت الله الحرام واذا بشاب يمشي في الطريق بلا زاد وراحلة. فقلت ايها الشاب من اين؟ قال من عنده قلت الي اين؟ قال اليہ. فقلت اين الزاد؟ قال عليہ. قلت ان الطريق لايقطع الا الماء والزاد فهل معک شيءٌ؟ قال نعم قد زودت عند خروجي بخمسة احرف اعني ڪهٰيٰعص قلت ما کان معنيٰ ڪهٰيٰعص قال اما قولہ کاف فهو الکافي واما الهاء فهو الهادي و اما الياء فهو الموفي و اما العين فهو العالم و اما الصاد فهو صادق.

قال مالک لما سمعت هٰذا الکلام نزعت قميصي ان اليہ اياه فابيٰ فقال ايها الشيخ العريٰ خير من قميص الغنيٰ حلالها حساب و حرامها عقاب.

قال مالک اذا خير الليل رفع جهاده الي السمآء، وقال ما من اِلا يسره الطاعات والا يضره المعاصي سب لي ما لا يشرک ويغفر لي ما لا يضرک.

ترجمو: مالک بن دينار چوي ٿو ته بيت الله ڏانهن حج جي ارادي سان نڪتس، رستي ۾ هڪ نوجوان مليو، جيڪو به وڃي رهيو هو پر کيس ڪوبه سفر جو سامان ساڻ ڪونه هو. مون کانئس پڇيو ته ڪٿان ٿو اچين ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟. چيائين ته ان ڏانهن. پوءِ مان چيو ته سامان ڪٿي اٿئي؟. چيائين ته ان جي ئي مٿان آهي. مون کيس چيو ته پاڻي ۽ سامان کان سواءِ سفر ڪيئن ٿي سگهي ٿو، پوءِ ڇا توکي ڪا شيءِ ساڻ آهي. چيائين ته هائو! مون نڪرڻ وقت پنجن حروف جي سامان جو توشو ساڻ کنيو آهي، اهي هي آهن: ”ڪهٰيٰعص“ کيس مون چيو ته انهن جي معنيٰ ڇا آهي؟ چيائين ته کاف کان مراد الکافي ۽ هاء کان مراد هادي ۽ يا کان مراد الموفي ۽ العين کان عالم ۽ صاد کان مراد صادق آهي.

مالڪ جو چوڻ آهي ته جڏهن مون اهو سندس ڪلام ٻڌو ته پنهنجي قميص لاهي کيس پهرڻ لاءِ ڏني، مگر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ٻئي کان قميص وٺي پائڻ کان بت اگهاڙو چڱو آهي. حلال جو حساب آهي ۽ حرام جو عذاب آهي

جڏهن حاجي لبيڪ جي تلبيہ چون پيا ته هيءُ لبيڪ نه پيو چوي. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته چيائين ته خوف ٿو ٿئيم ته متان لبيڪ چوان ۽ لا لبيڪ جو لفظ ٻڌان ۽ جڏهن ماڻهو کي قرباني ڪندي ڏسي پيو ته عرض پيو ڪري. اللهم ان الناس ذبحوا و تقربوا اليک وليس ليءٌ شي اتقرب بہ اليک سوي نفسي. يعني اي الله ماڻهو قربانيون ڪري تنهنجو قرب حاصل ٿا ڪن، مگر مون کي تنهنجي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ ڪونه آهي، جو تنهنجي راهه ۾ قربان ڪريان...................جان ڏنائين.

چوندو هو ته هذا حبيب الله، هذا خليل الله قتل بسيف الله. دفن ٿيڻ کان پوءِ خواب ۾ چيائين ته منهنجي منزلت بدر جي شهيدن جي مثل ڪئي  وئي.

سندس ڪرامت بابت يافعي ابوالقاسم بن اندلسي جي حوالي سان لکي ٿو ته هڪ ڏينهن هڪ شخص مالڪ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين ته يا ابا يحيٰ! هڪ عورت جي حق ۾ دعا گهرجو هوءَ چئن سالن کان وٺي حامله آهي ۽ تڪليف ۾ آهي ۽ ٻار جو پتوئي ڪونه آهي. پوءِ دعا لاءِ هٿ مٿي کڻي عرض ڪيائين ته: اللهم هذه المراة ان کان في بطنها جارية فابد لها غلاما (اي الله! هن عورت جي پيٽ ۾ ڌيءَ آهي ته ان کي پُٽَ ۾ تبديل ڪر) فانک تمحوا ما تشاء و تنبت وعندک ام الکتاب (بيشڪ تون جنهن لاءِ گهرين ان کي مٽائي ڇڏين يا پيدا ڪرين ٿو ۽ تو وٽ ئي اصل ڪتاب آهي.) ڪجهه مدت کان پوءِ اهو مرد (عرضدار) آيو ۽ سندس ڪلهن تي چار ساله پُٽُ هو.

عتبہ ابن غلام بصري

حضرت خواجه حسن کان خرقه خلافت کيس مليل هو. هر سال ڪجهه جَوَ پنهنجي هٿن سان پوکيندو هو ۽ ان جو اٽو ڪري ضرورت موجب پاڻيءَ ۾ پسائي تر ڪري رکندو هو. سج جي گرمي تي سڪائي، هفتي ۾ هڪ دفعو کائيندو هو. چوندو هو ته مون کي ڪرامن ڪاتبين کان شرم ٿو ٿئي ۽ چوندا ته هفتي ۾ هڪ دفعو کائي آسوده حال ٿو ٿئي.

حبيب عجمي راعي بصري

هيءُ حسن بصري جو مريد هو. عجمي هئڻ سبب قرآن شريف جي الفاظ جي درست ادائيگي ڪونه ڪري سگهندو هو. مذڪور آهي ته هڪ دفعي حبيب، مغرب جي نماز وقت حسن بصري جي عبادت خاني ۾ آيو ۽ کيس حسن بصري امام ڪيو ۽ پاڻ مقتدي ٿيو. حبيب عجمي جڏهن قرائت شروع ڪئي ته الحمد کي الهمد ڪري پڙهيائين، يعني حاء حطي کي هاءِ هوز ڪري پڙهيائين. حضرت حسن نماز ٽوڙي پري ٿي ويو ۽ پنهنجي اڪيلي نماز پڙهيائين. انهيءَ رات حق تبارڪ تعاليٰ کي خواب ۾ ڏٺائين. عرض ڪيائين ته يا الله! ڪهڙي شيءِ ۾ تنهنجي رضا آهي؟ ندا آئي ته منهنجي رضا حاصل ڪرين ها ته نماز ۾ حبيب جي اقتدا ڪرين ها. اها نماز تنهنجي ساري عبادت کان بهتر هئي. هڪ دفعي حجاج جا سپاهي حسن بصري کي تلاش ڪري رهيا هئا ته حسن بصري، حبيب جي عبادت خاني ۾ لڪي پيو. سپاهي کيس ڳوليندا حبيب وٽ پهتا. کانئس حسن بصري جي پڇا ڪيائون. چيائين ته ايڏانهن اندر لنگهي ويو. وڌيڪ مون کي خبر ڪونه آهي. حجاج جا سپاهي اندر ويا، ڳوليائون پر کيس نه ڏٺائون. هو واپس هليا ويا. حسن ٻڌايو ته ست دفعا منهنجي مٿان هٿ هنيائون پر نه ڏسي سگهيا. سپاهين جي وڃڻ کان پوءِ، حسن بصري ﷥، حبيب کي چيو ته واهه جو مريديءَ جو حق ادا ڪيو اٿئي. چيائين ته مان سچ ڳالهايو، تڏهن تنهنجي خلاصي ٿي ورنه ٻئي گرفتار ٿيون ها. پڇيائين ته تو ڇا پڙهيو هو. جواب ۾ چيائين ته ٻارهن دفعا آية الڪرسي ڏهه دفعا آمن الرسول ۽ ڏهه دفعا سورة اخلاص پڙهيم ۽ پوءِ توکي الله تعاليٰ جي حوالي ڪيم.

سلسله حبيبان ان ڏانهن منسوب آهي. حبيبان ٻه ڀائر هئا. اعلم اصلح الناس نسبت اباکم. اختيار ڪري ”حبيبان“ ٿيا. ٻنهي کي خلافت عطا ٿيل هئي ۽ کين حڪم ٿيو ته جبل خرمان ۾ وڃي حق تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿيو (هنن ائين ڪيو) ۽ خلق سان ميل جول هرگز نه رکيائون. اڪيلا ۽ الڳ رهندا هئا. کاڌو هفتي کان پوءِ ٻه کارڪون کائيندا هئا ۽ ان کان وڌيڪ نه کائيندا هئا. انهيءَ جبل ۾ ٻارهن سال گذاريائون. سندن طريقو اهو هوندو هو ته ڪنهن به مجلس ۾ حاضر نه ٿيندا هئا ۽ نه ئي سوکڙيون قبول ڪندا هئا بلڪه هميشه ذڪر الله ۾ مشغول هوندا هئا. کين ڪپڙا چتين لڳل هوندا هئا ۽ جيڪڏهن کين ڪو نئون ڪپڙو ملندو هو ته فقيرن کي ڏئي ڇڏيندا هئا. جهنگلي هرڻ، سندن آڏو اچي عرض ڪندا هئا ته اي الله تعاليٰ جا دوستو! اسان جو گوشت کائو! مگر انهن ڏانهن هرگز توجه نه ڏيندا هئا ۽ سندن مريدن به اهوئي طريقو جاري رکيو هو.

قال قدوة الواصلين سيد سعدالله سورتي في رسالة اي طريقة الاختلاط مع الخلق بالکلية والسکون في الجبال اوالغار ودوام الصوم والافطار بعد سبعة الي اربعين وليس الرفع البالي وقولهم و قطعهم لايخرج عن الشريعة المحمدية صلي الله عليہ وسلم و اڪثر ذکرهم ”هوالله“.

قدوة الواصلين سيد سعدالله سورتي پنهنجي رسالي ۾ لکي ٿو ته مخلوق کان پري رهڻ جبلن ۽ غارن ۾ وڃي لڪي ويهڻ ۽ هميشه روزو رکڻ، ستن يا چاليهن ڏينهن کان پوءِ افطاري ڪرڻ ۽ گودڙين واري پوشاڪ پائڻ ۽ نه ڳالهائڻ ۽ قطع تعلقات ڪرڻ اهي سڀ شريعت محمدي ﷺ سان هرگز مناسبت ڪونه ٿا رکن ۽ اڪثر سندن ذڪر ”هوالله“جاري رهندو هو.

عزيزي مغربي

مشائخ مغرب جي پيشوائن مان آهي. ذوالنون مصري ڏانهن هڪ شخص ڪنهن هڪ مسئلي حل ڪرڻ لاءِ ويو. جنهن کي چيائين ته تون جنهن جاءِ تان آيو آهين. انهيءَ کي الله تعاليٰ علم جي اول ۽ آخر ڄاڻ ڏني آهي. جيڪڏهن تون مسئلي جي حل جي تلاش ۾ آهين ته وري به انهيءَ ئي جاءِ تي وڃ جتي تو اول قدم رکيو هو.

اسرافيل مغربي

اولين اولياء منجهان ۽ ذوالنون مصري جي شيخن مان آهي. شيخ الاسلام نفحات ۾ بيان ڪيو آهي ته هيءُ فتح شخرف جو هو. جيڪو شهر مصر کان ٽي سو ميل پنڌ تي آهي هڪ فرصت ۾ اسرافيل کان هڪ سوال پڇيو ويو ته هل تعذب الاشرار قبل الذلل (ڇا تون شريرن کي ذليل يعني ضعيف ٿيڻ کان اڳ عذاب ڪندو آهين؟) چيائين ته مون کي ٽي ڏينهن صبر سان رهڻ ڏيو. چوٿين ڏينهن پاڻ چيائين ته توکي سوال جو جواب ڏيان ٿو. ته عمل کان اڳ ثواب رَوا آهي ته پوءِ ايذاء کان اڳ عذاب جائز آهي؟ ائين چئي ڪري بيخودي جي ڪيفيت ۾ پئجي ٿي ويو. انهيءَ پريشان ڪيفيت ۾ گذاري ويو. گويا ٽن ڏينهن جي انتظار جي مهلت سندس مقصود هئي.

ابو الاسود مڪي

هڪ ڏينهن عزيزي سان ملڻ ويو. سلام ڪري چيائينس ته مان تنهنجو دوست ابوالاسود آهيان ۽ عزيزي کڙو ٿي کيس چيو ته عليک السلام ۽ چيائينس ته تون جهڙي به حال ۾ آهين. خود غائب ٿي وڃ. هو ٻن ڏينهن کان پوءِ وري کيس ملڻ آيو ته ڏٺائين عزيزي بيخودي جي حالت ۾ آهي. سندس زيارت غنيمت ڄاڻي واپس موٽي آيو.

سفيان ثوري

ابو هاشم صوفي جو همعصر هو. سندس چوڻ هو ته هن ابوهاشم کي ڪونه ڏٺو هو ۽ اها ئي خبر ڪونه اٿم ته صوفي ڪير آهي. ڪڏهن ڪڏهن مغرب جي نماز ۾ امامت ڪندو هو ته اياک نعبدو واياک نستعين پڙهڻ سان ئي بيهوش ٿي ويندو هو. جڏهن خود هوش ۾ اچي ويندو هو ته کانئس پڇيو ويو ته شيخ ڪهڙو حال ٿيو. چيائين ته خوف ٿو ٿئيم ته متان مون کي چيو وڃي ته ڇالاءِ منهنجي بندگي ٿو ڪرين ۽ مون کان مدد طلب ٿو ڪرين حالانڪ دوا لاءِ طبيب کي ٿو ڳولهين ۽ دوستي بادشاهه جي طلب ٿو ڪرين؟ پوءِ ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائين. نفحات ۾ سفيان ثوري جي وفات سن 161هه ۾ مذڪور آهي.

ابوهاشم صوفي

ڪن جو چوڻ آهي ته صوفي نالو مٿس انهيءَ ڪري پيو آهي جو صوفين جي لاءِ خانقاه جوڙائي هئائين. جيئن ته هڪ دفعي هڪ عابد امير شڪار لاءِ نڪتو ته واٽ تي ٻه شخص پنهنجون ٻئي ٻانهون بغلن ۾ ڪيو ويٺا هئا ۽ جو ڪجهه سندن آڏو رکيل هو کائي روانه ٿيڻ لڳا. امير کين خوش آمديد چئي. انهن مان هڪ کان امير پڇيو ته اوهين ڪيڏانهن ويندا ۽ ڇا ڪندا چيائين ته خبر ڪانه اٿم مگر رستو طريقت آهي. وري کانئس امير پڇيو ته اوهان کي ڪا جڳهه آهي جو اتي اچون؟ انهن چيو ته ڪونه آهي. پوءِ امير سندن لاءِ سهوليت واري خانقاه ٺهرائي. شيخ شام ۾ رهندڙ ۽ اصل ڪوفي آهي.

سندس قول آهي ته: سئي سان جبل کي ٽڪڻ آسان آهي، مگر دل مان ڪبر ۽ وڏائي کي ٻاهر ڪڍڻ ڏکيو آهي.

عبدالواحد بن زيد

خواجه مودود چشتي کان منقول آهي ته جڏهن حسن بصري سخت ضعيف ٿي ويو، تڏهن ٻن شخصن کي خلافت ڏنائين: (1) حبيب عجمي (2) عبدالواحد بن زيد، ۽ انهن منجهان چار سلسله پڻ ٿيا. هن ڪميل بن زياد کان فيض صحبت پڻ حاصل ڪيو هو. سلسله خلافت زيديان اصل اتان شروع ٿو ٿئي.

زيديان بابت، سيد سعد الله سورتي پنهنجي رساله ۾ لکي ٿو ته:

”هي طريقة حفظ القرآن و تحصيل علم الظاهر والباطن والاشتغال بالعبادات والرياضات و السکون في الصحاري والافطار بعد ثلاثة ايام بتمر او ورق تمة ولبس المرقع الباليہ و قسمة ماجاء علي فقراء والتزام ترک الايذاء حتي الافعي والعقرب والبق والعمل والتسليم حتيٰ ان استخدموه واخدموه الي ماشاء مثل العبد و عدم اتحاد مريد الا بهذه الشروط و اکثر ذڪرهم سبحان الله والحمدلله ولا اِلہ اِلا الله والله اکبر.

ترجمو: سندن طريقو هي آهي ته قرآن جو حفظ، علم ظاهر ۽ باطن جي تحصيل ۽ عبادات ۾ مشغوليت ۽ رياضت ڪرڻ ۽ ويرانن ۾ سڪونت ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ کارڪ تي افطار ڪرڻ ۽ گودڙي نما لباس پائڻ ۽ جيڪو ميسر ٿئي فقيرن ۾ ورهائي ڇڏڻ. ترڪ ايذاء وطيره رکڻ ايستائين جو نانگ، وڇون ۽ ڏينڀو کي به نه مارڻ. تسليم تي عمل ڪرڻ ۽ هر ساهه واري جي خدمت ڪرڻ انهن شرطن تي هلڻ ۽ تسليم ڪرڻ کان سواءِ هو مريديءَ جي زمره ۾ نه ٿو اچي سگهي ۽ اڪثر سندن ذڪر ٽيون ڪلمو آهي.

پنج تن هئا. عبدالرحمٰن بن عوف(1) جي پٽن مان، جيڪي زيد سان نسبت ملائين ٿا. سندس پيءُ ۽ ڏاڏي جو نالو گم ڪيل آهي. سندن طريقو هي آهي ته قرات، حفظ ڪندا ۽ علم باڪمال سان بهرمند ٿيندا هئا. مجاهدو ۽ رياضت ايتريقدر ڪندا هئا، جو صائم الدهر هوندا هئا ۽ ٽن چئن يا پنجن ڏينهن کان پوءِ جهنگ جي ميوه يا گاهه سان افطار ڪندا هئا. ڪپڙن مان جوئن کي نه ڪڍندا هئا ۽ نانگ ۽ وڇون کي به نه ماريندا هئا ۽ حق تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول رهندا هئا. شهر ۾ هرگز نه ايندا هئا ۽ دنيا وارن سان نه ملندا هئا. دربدر نه ڦرڻ، مليل هديا فقيرن کي ڏئي ڇڏڻ. وڻن جي پنن جي پوشاڪ پهرڻ ۽ اڻ وڻندڙ شيءِ کان ڪراهت  نه ڪرڻ اهوئي زيديان جو معمول ۽ طريقو آهي.

ابو يعقوب سوسي

سندس نالو يوسف بن حمدان، عبدالواحد بن زيد جو تربيت يافته هو. قديم مشائخ ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. بصره ۾ رهندڙ هو پنهنجي زندگي ۾ رياضت، مجاهده ۽ ڪرامات ۾ مشهور هو. بصره جي ويجهي شهر ” رابله “۾ رهندڙ هو. جنان الدنيا جي لقب سان دنيا کان راهي ٿي ويو.

ام حسان

هيءَ وليہ الله ۽ عارفه ٻانهي هئي. ڪوفه ۾ رهندڙ هئي. سفيان ثوري کيس ڏٺو ۽ معتقد ٿيو. کانئس ڪيترائي سوال ڪيا ويا، جن جا هن پورا جواب ڏنا. بعض جو چوڻ آهي ته سفيان ثوري کيس نڪاح ۾ آندو هو.

مذڪور آهي ته هڪ ڏيهن ثوري، ام حسان جي گهر ويو ته ڏٺائين ته گهر ۾ پراڻي تَڏي جي ٽڪر کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي. چيائين ته جيڪڏهن تنهنجي چاچي جا پٽ لکي ڏين ها ته تو سان رعايت ڪن ها. جواب ۾ چيائين ته اي سفيان! جيڪو منهنجي دل ۽ اکين جي سامهون آهي. اهو ان کان بهترين آهي. منهنجي هيءَ حالت بهتر آهي. مون دنيا جي مالڪ ۽ قادر ۽ متصرف کان هرگز ان جو سوال نه ڪيو. پوءِ جيڪو ان تي قادر نه آهي، ان کان ان جو ڪيئن سوال ڪندس. اي سفيان! والله مون تي اهڙو به وقت ايندو آهي ۽ گذرندو آهي، جو سڀ شيءِ کانسواءِ الله تعاليٰ جي عبادت ۾  مشغول هوندي آهيان. سفيان روئي پيو.

احمد سبتي

هي هارون رشيد وٽ مزدوري ڪري پنهنجو گذارو ڪندو هو. هڪ ڏينهن جي مزدوري جي رقم کي هفتو هلائيندو هو ۽ سارو هفتو عبادت ۾ گذاريندو هو ۽ چوندو هو ته خدا تعاليٰ مون کي هڪ ڏينهن جي ڪمائي ۾ برڪت وجهي،  باقي ڏينهن مون کي فارغ ڪري ڇڏيندو آهي. يعني هفتي جو هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي لاءِ هوندو آهي. باقي ڏينهن الله تعاليٰ لاءِ هوندا آهن، جو ان جي عبادت ۾ گذاريندو آهيان. هيءُ ان وقت ڄائو هو، جڏهن سندس پيءُ حڪومت ۾ ڪونه هو. جڏهن سندس پيءُ کي حڪومت جو عهدو مليوته هي پنهنجي پيءُ کان الڳ ٿي ويو. قرآن جو علم حاصل ڪيائين ۽ الله تعاليٰ جي جذبه محبت سان سرشار ٿيو. جڏهن سندس پيءُ حڪومت جي عهدي جي ڪرسيءَ تي ويٺو تڏهن هي کانئس جدا ٿي ويو. سندس ماءُ هڪ قيمتي منڊي کيس ڏني هئي. جيڪا هُنَ پاڻ خريد ڪئي هئي. جڏهن وفات ڪري رهيو هو ته اها قرآن مجيد ۾ رکيل مُنڊي ٻاهر ڪڍي ڪنهن جي حوالي ڪري کيس چيائين ته هيءَ مُنڊي منهنجي پيءَ کي ڏجو ۽ کيس چئجو ته هيءَ سندس ننڍي پٽ غريب جي امانت آهي. جيڪو دنيا کان لاڏاڻو ڪري رهيو آهي. ان کان هرگز غافل نه ٿج ۽ نه غرور ڪج.

شيخ محي الدين عربيءَ جو بيان آهي ته مان احمد سبتي جي روح کي جسم جي حالت ۾ ڪعبة الله جو طواف ڪندي ڏٺو ته کانئس پڇيم، ته تنهنجي وقت ۾ دنيا جو قطب ڪير هو. چيائين ته مان هئس.

ابوحنيفه نعمان بن ثابت

اصل ۾ ڪابلي هو، ۽ ڪوفه ۾ پيدا ٿيو. چند صحابه رضي الله عنهم ڪرام کي ۽ ڪافي تابعين جي تعداد کي ڏٺو هئائين. حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جن جي خدمت ۾ اڪثر رهندو هو. سندس استاد، فضيل بن عياض، ابراهيم ادهم، داؤد طائي ۽ بشر حافي آهن. سندس وفات سن 150هه ۾ ٿي.

بهلول بن عمرو عاقل

هن جو نالو وهب عمرو آهي. مجنون عقلمندن ۾ شمار ڪيل آهي. سندس ولادت جو هنڌ ڪوفو آهي. حضرت امام بحق ناطق جعفر صادق عليہ السلام جو فيض يافته آهي. ڪن ان کي هارون رشيد جي چاچن جي اولاد مان ڄاڻايو آهي.

مذڪور آهي ته، جڏهن هارون رشيد حضرت امام جعفر عليہ السلام جي قتل لاءِ فتويٰ طلب ڪئي ته هي ان وقت مفتي هو. ان کان به فتويٰ طلب ڪيائين. پوءِ امام عليہ السلام جي اشاري موجب پاڻ کي ديوانو ظاهر ڪيائين. هڪ دفعي حضرت ابوحنيفه جي مدرسي وٽان گذريو ته انهيءَ هڪ طالب کي چيو ته امام جعفر عليہ السلام لاءِ منهنجا ٽي سوال آهن. هو چوي ٿو ته خدا تعاليٰ کي نٿا ڏسي سگهون، جيڪڏهن موجود آهي ته پوءِ ان کي ڇو نه ٿا ڏسي سگهون؟ ٻيو چوي ٿو ته شيطان کي باهه سان عذاب ڏنو ويندو. ڀلا باهه، باهه کي ڪيئن ساڙيندي؟ ٽيون چوي ٿو ته ٻانهو پنهنجي فعل جو ذميوار خود آهي، پر قرآن ۽ حديث جي ظاهري احڪام ان جي برخلاف آهن. اهو ٻڌي بهلول مٽيءَ جو روڙو کڻي ابوحنيفه جي پيشاني تي هنيو. پوءِ کيس پڪڙي هارون وٽ وٺي ويا ۽ دعويٰ داخل ڪيائونس (هارون جي پڇڻ تي) ان چيو ته مون کين سندن اعتراضن جا جواب ڏنا آهن. هن سوال ڪيو ته موجود کي ڇونه ٿا ڏسي سگهون، پوءِ پاڻ ڇو ٿو چوي ته پيشاني ۾ درد اٿم. پوءِ مون کي ڏيکاري ته درد جي ڪهڙي شڪل آهي ۽ چيائين ته باهه کي باهه ڪيئن ايذاء ڏئي سگهندي. پوءِ مٽيءَ جو ڀِتر انسان کي ڪهڙو عذاب يا نقصان رسائيندو. وري اعتراض بنده فائل، فعل نه آهي. پوءِ ڇالاءِ مون تي دعويٰ داخل ڪئي  وئي  آهي. ابوحنيفه لاجواب ٿي واپس وريو.

شيخ ابوتراب

حاجي ترابي جي نالي سان مشهور آهي. دراصل هن جي احوال جي پوري طرح ڄاڻ حاصل ڪونه ٿي سگهي آهي. البته پخته روايتن موجب سندس وفات جو  سن 171هه آهي. هي پهريون ئي عرب بزرگ آهي جيڪو سنڌ ۾ وارد ٿيو، جو ڪن جو چوڻ آهي ته عباسي حڪومت جو نمائندو هو. ساڪره جي علائقي ۾ ٺٽي جي ڀرسان مدفون آهي، ڪافرن جي لشڪر سان جنگ ڪندي شهيد ٿيو. ان سان گڏ ٻيا به سندس ساٿي شهيد ٿيا. اهي به انهيءَ ئي قبرستان ۾ مدفون آهن.

شيخ ابوعلي سنڌي

هيءُ بايزيد بسطاميءَ جي استادن مان هڪ هو. بايزيد جو بيان آهي ته ابوعلي مون کي علم فتاويٰ ۽ وجد سيکاريو ۽ هن مون کان ”قل هو الله احد“ سکيو. سندس همعصر سن 200هه جا آهن. مگر اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته سنڌ جي ڪهڙي شهر جو رهاڪو آهي.

قال ابويزيد دخل عليٰ استاذي ابوعلي السندي و بيد حراب قضيہ فافائي جواهر فقلت لہ من اين لک؟ قال من هناک فاذا هي تضئ کالسراج فحملت هذا منہ.

ترجمو: ابويزيد ٻڌائي ٿو ته هڪ ڏينهن منهنجو استاد ابوعلي سنڌي مون وٽ آيو. جنهن جي هٿ ۾ غنيمت جي مال مان هٿ آيل فافائي جواهر هئا ۽ جن جي چمڪ دمڪ شمع جي روشني وانگر هئي مون کانئس پڇيو ته اهي ڪٿان آندا اٿو چيائين ته هتان (مال غنيمت مان). اتي اهي ڏيئي وانگر چمڪي رهيا هئا، پوءِ انهن مان هي مون کنيا.

ابوالوليد عبدالملڪ

هيءُ عبدالعزيز جو پٽ هو. هن ئي اسلام ۾ پهريون دفعو تصنيف ڪئي ۽ هي سن 151هه ۾ فوت ٿي ويو.

شيخ معروف ڪرخي

سندس ڪنيت ابومحفوظ هئي. پيءُ جو نالو فيروز يا فيروزان هو. تذڪره اوليآء ۾ ڄاڻايل آهي ته سندس پيءُ ماءُ نصاريٰ هئا. پنهنجي پٽ ڪرخي کي معلم وٽ پڙهائڻ لاءِ ويهاريو. کيس معلم پڙهائڻ لڳو ته چئه ثالث ثلٰثه يعني ٽي خدا آهن. ڪرخي چيو قل هو الله احد (يعني چئه الله هڪڙو آهي). نصاريٰ استاد هر طرح سان ڪوشش ڪئي ۽ مارڪُٽ به ڪئي ته هي چئه مگر هو اهوئي لفظ ڦيرائيندو رهيو (قل هو الله احد) آخر ڪرخي اتان ڀڄي، امام علي بن موسيٰ رضا عليہ السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ان جي ئي هٿ تي مسلمان ٿيو ۽ دائود طائي سان به وابسته ٿيو ۽ رشحات ۾ مذڪور آهي ته کيس ٻن واسطن سان فيض مليل آهي. (1) امام الرضا عليہ السلام ۽ ان جو والد بزرگوار خود امام جعفر صادق عليہ السلام (2) داؤد طائي اهو حبيب عجمي کان ۽ اهو حسن بصري رحمة الله عليہ کان ۽ حضرت علي عليہ السلام کان حاصل ڪيو.

مذڪور آهي ته مردف بن علي، امام علي بن موسيٰ الرضا عليہ السلام جن جو آزاد ڪيل غلام هو ۽ سندس دربان به هو. هڪ ڏينهن حضرت جن جي عام درٻار ۾ خلق جو ايڏو ته انبوه ٿي ويو، جو ماڻهن جي پيهه سبب هڪ زيارتي لتن ۾ اچي مري ويو. حضرت سري سقطي روايت ٿو ڪري ته مون کي حضرت ڪرخي فرمايو هو ته جڏهن به توکي ڪا حاجت درپيش اچي ته الله تعاليٰ کان هن ريت دعا گهرج ته يارب معروف ڪرخي جي صدقي، منهنجي هيءَ حاجت پوري ڪر ته يقينا تنهنجي اها حاجت پوري ٿي ويندي.

حضرت ڪرخي سن 161هه ۾ فوت ٿي ويو. سندس قبر بغداد ۾ آهي، جيڪا دعائن جي قبول ٿيڻ جي جاءِ آهي.

ڪرخي خاندان: سلسله ڪرخي جي طريقي جي خصوصيت هي آهي. سعدالله پنهنجي رساله ۾ لکي ٿو ته: هي الطريقة اختيار العزلة والصيام والافطار بعد ثلاثة ايام والقيام والناس ينام والتواضع والخشوع والرضا والبکاء والخشية من جلال الله والرياضة والمجاهدة و اڪثر ذکرهم لا اِلٰہ اِلا الله.

ترجمو: تنهائي اختيار ڪرڻ، هر ٽئين ڏينهن روزو افطار ڪرڻ، ۽ جڏهن ماڻهو ستا پيا هجن ته ان وقت قيام ڪرڻ، تواضع خشوع، رضا ۽ الله جي خوف کان روئڻ ۽ رياضت، مجاهدو ۽ سندن ذڪر اڪثر لا اِلہ اِلا الله آهي.

فضيل بن عياض

سندس ڪنيت ابوعلي هئي. اصل ڪوفه جو هو. بعض جو چوڻ آهي ته هي خراسان کان ناحيه ۽ اتان سمرقند آيو ۽ بزرگي حاصل ڪيائين ۽ بعض لکن ٿا ته بخاري الاصل هو ۽ خواجه عبدالواحد بن زيد جو مريد هو. سندس وفات جو  سن  187هه آهي.

علي بن فضيل

هن حضرت زهد ۽ تقويٰ پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي هئي ۽ عبادت ۽ خداخوفي ۾ هميشہ مستغرق هوندو هو. هڪ ڏينهن زمزم پيئڻ مهل هيءَ آيت پڙهندي ٻڌائين ته:

وَتري المجرمين يومئذ مقرنين في الاصفاد (1)

ترجمو: ۽ توهان ان ڏينهن ڏوهارين کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسندا. هڪدم زرد ۽ بي حس ٿي ويو ۽ جان ڏنائين (فوت ٿي ويو)

خانواده عياضيان: عياضيان جو سلسله طريقت، فضيل بن عياض سان منسوب آهي. سلسله طريقت جي روش هي آهي ته اهي مجرد ۽ تنها رهندا آهن ۽ دائمي سفر ۾ رهندا آهن. نماز جا ڪپڙا سندن سبيل هوندا آهن، ورنه لباس ڪونه ڍڪيندا آهن. سوال هرگز نه ڪندا آهن. اگر سواءِ گهرڻ جي کين ڪا شيءِ ڏيندو آهي ته اها وٺندا آهن ۽ کائيندا آهن ورنه فاقه ڪڍندا آهن. ساري رات جاڳي عبادت ڪندا آهن ۽ صبح جو سفر تي روانا ٿيندا آهن ۽ پيرين اگهاڙو پنڌ ڪندا آهن. هر ٽئين ڏينهن افطار ڪندا آهن. مهمان ٿيڻ وقت خلق سان ميلاپ نه ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو سندن صحبت اختيار ڪرڻ گهري ته پوءِ هو پنهنجو اهل و عيال خدا تعاليٰ جي حوالي ڪري ۽ دنيا مافيها تعلق ٽوڙي دل پنهنجي مالڪ سان لڳائي حاضر ٿئي ته پوءِ انهيءَ کي مريد ڪندا آهن.

اها طرز اختيار ڪرڻ کان پوءِ اهل الله ٿي ويندو آهي.

قال السيد الجليل عارف بالله مير سعدالله: هي طريقة التجرد من البيت واهلہ والصيام والقيام و لبس الطرقه وترک السؤال والتزام التواضع والمشي صافيا والافطار بعد ثلاثة اواربعة وعدم اخذ الا بهذه الشروط و اڪثر ذڪرهم حسبنا الله ونعم الوکيل. و نعم الموليٰ و نعم النصير.

ترجمو: سيد الجليل عارف بالله مير سعدالله بيان ڪري ٿو ته: سندن هيءُ طريقو آهي ته گهر ۽ اهل و عيال سان واسطا ٽوڙي ڇڏڻ، روزا رکڻ، عبادت ڪرڻ، پوشاڪ کان آجو رهڻ، سفر اختيار ڪرڻ، سوال ترڪ ڪرڻ، نوڙت ڪرڻ، مسلسل سفر ڪرڻ، ٽن يا چئن ڏينهن کان پوءِ افطار ڪرڻ، مشروط وٺڻ ۽ کائڻ ۽ سندن اڪثر ذڪر هوندو آهي:”ڪافي آهي اسان کي الله ۽ بهتر آهي اسان جو ڪارساز، بهتر آهي اسان جو مولا ۽ بهتر آهي اسان جو مددگار.“

ابو يوسف اسباط

اڪابرين اولين مان آهي. زهد، تقويٰ ۽ خوف الهٰي جو مجسمو هو. سندس قول آهي ته: حق تعاليٰ جي دوست کي ٽي شيون مليل هونديون آهن، حلاوت (عبادت ۾ لذت) محبت، خشيت (خوف الهٰي). فوت ٿيڻ جو سن 196هه آهي.

ابويعقوب هاشمي

هي حضرت بيان ٿو ڪري ته مون کان اهو ڏينهن هرگز نٿو وسري، جڏهن مان عيد جي ڏينهن ”بازون“ سان پئي آيم ته ماڻهو عيد جي ميدان کان واپس اچي رهيا هئا ۽ ڏاڍيون خوشيون ڪري رهيا هئا. چيائين ته ماڻهو ڪيڏيون نه خوشيون ڪري رهيا آهن ته فرض کي پورو ڪيوسين حالانڪ کين خبر نه آهي ته اها عبادت قبول به ٿي يا نه؟ يعني رمضان جو احترام ۽ اطاعت پوءِ مون کي چيائين ته هيڏانهن اوري اچ پرڀرو ٿي ويهون ۽ مٿن افسوس ڪريون.

شيخ ابواسحاق ابراهيم بن ادهم

هي سليمان بن منصور بلخي جو پٽ ۽ بلخ جو سلطان هو. حضرت محمد بن علي بن باقر عليہ السلام جن کان روحاني فيض ۽ معرفت حق حاصل ڪئي هئائين. خرقه خلافت، حضرت فضيل بن عياض کان حاصل ڪئي هئائين ۽ سفيان ثوري، ابويوسف غسولي جن جو صحبت يافته به هو.

هڪ ڏينهن جبل ابوقبيس تي ويٺل هو. پنهنجي جماعت کي چوڻ لڳو ته جيڪڏهن ڪو ولي الله جبل کي چوي ته روان ٿي ”هل“ هو پنهنجي جڳهه کي ڇڏي روان ٿي هلڻ لڳندو. اها ڳالهه ٻڌڻ سان جبل قبيس جنبش ڪرڻ لڳو ته پاڻ پنهنجو قدم جبل کي زور سان هڻي چيائينس ته خاموش ٿي وڃ مان هڪ مثال ڏنو نه ڪه توکي هلڻ لاءِ چيو اٿم.

مذڪور آهي ته جوانيءَ ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ ويو ته غيبي آواز ٻڌائين ته ڇا تون انهيءَ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهين! اهو ٻڌي توبه ڪيائين ۽ طريقت لاءِ متوجہ ٿيو. چوڏهن سال پيرين پنڌ ڪندين، جڏهن مڪہ پاڪ جي ويجهو پهتو تڏهن مڪہ جي بزرگ هستين سندس لاءِ شاندار استقبال ڪرڻ جون تياريون ڪيون، پاڻ محض انهيءَ خوف کان ته متان مون کي ڪوئي سڃاڻي وٺي، پاڻ کي قافلي کان جدا ڪري پوءِ قافلي کان اڳ پهتو ته حرم جي خادمن جو ٽولو استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيو ۽ کانئس پڇڻ لڳا ته ابراهيم ڪٿي آهي جو سندس استقبال لاءِ حرم جا بزرگ ٻاهر ايندا. ابراهيم چيو ته ڪنهن لاءِ ٿا پڇو، جيڪو زنديق (ملحد) آهي. حرم جي خادمن کيس چماٽ هڻي چيو ته زنديق تون آهين. پوءِ پاڻ چيائين ته مان به ته ائين ئي ٿو چوان ۽ چيائين ته پيٽ قوت لاءِ پاڻ کي اهڙي طرح نه بڻائج جو لاوارث يتيمن وانگر در در ڀٽڪندو وتين يا ڪتي وانگر طمع رکندو رهين. اها وصف طالب حق جي خلاف آهي. ڪنهن چيو ته سائين! گوشت مهانگو ٿي ويو آهي. چيائين ته مان ٿو ان  کي سستو ڪريان. چيائون ته اهو وري ڪيئن؟ چيائين ته گوشت نه کائو ته خودبخود سستو ٿي ويندو.

چيائين ماڻهن جي هلاڪت جون ٽي نشانيون آهن. توبه جي اميد تي گناهه ڪرڻ ۽ حياتيءَ جي اميد تي توبہ نه ڪرڻ ۽ رحمت کان مايوس ٿي توبہ نه ڪرڻ.

چيائين ته گناهه جي ارادي کان اڳ ئي مون تي اهڙو خوف ۽ مايوسي مسلط ٿي ويندي آهي جو نه ڄاڻندو آهيان ته مون ڇا ڪيو ۽ ڇا ڪندس.

هڪ ڏينهن، ڪنهن بزرگ کان پڇيائين ته تنهنجو گذارو ڪيئن ٿو ٿئي. چيائين ته اگر ڪجهه ملي ٿو ته شڪر ڪريان ٿو. اگر نه ٿو ملي ته صبر ڪريان ٿو؟ چيائين ته اهو ته بلخ جا ڪُتا به ڪندا آهن، پڇيائين ته ڀلا تون ڪيئن پنهنجو گذارو ڪرين ٿو. چيائين ته جيڪڏهن ملي ٿو ته خيرات ڪري ڇڏيان ٿو. اگر نه ٿو ملي ته شڪر ڪريان ٿو. ملڪ شام ۾ سن 261هه ۾ فوت ٿي ويو.

سلسلہ ادهميان: هيءُ سلسلو حضرت ادهم سان مخصوص آهي. جنهن کي به خرقه خلافت ڏيندا آهن، ان کي ادهمي چوندا آهن ۽ سندن نسبت ادهم سان جوڙيندا آهن ۽ پيءُ ڏاڏي کان به اولاد جي سلسله طريقت ۽ نسبي سلسله کي ادهمي سلسلو سڏائين ٿا ۽ سندن طريقو اهو هوندو آهي ته هو مجرد رهندا آهن. گودڙي نما پوشاڪ پهريندا آهن. سفر ۽ حضر ۾ ذڪر الله کان خالي نه هوندا آهن ۽ ٻئي ڪنهن کان به وظيفو وغيره نه وٺندا آهن ۽ بغير گهرڻ جي فقير سمجهي کين ڪو ڪا شيءِ ڏيندو آهي ته ان مان ٻه چار گِرهه وجهندا آهن. اهل دنيا سان ميلاپ هرگز نه رکندا آهن. جيڪو به سندن مريد ٿيڻ گهرندو آهي ته اهو طريقو رکڻ مٿس لازمي ٿيندو آهي ۽ ڌن دولت کان پاڪ رهندا آهن. سندس وفات جو سن ڄاڻايل نه آهي.

هي الطريقة التوجہ الي الحق ما يقطع عن الخلق وترک الطمع و اختيار العزلة و اڪثر ذکرهم انت الله الواحد الاحد الفرد الصمد هٰکذا حرره سيد سعدالله سورتي في رسالتہ.

ترجمو: هن طريقت ۾ حق ڏانهن توجه. مخلوق کان قطع تعلقات، طمع کان پاسو، گوشه نشيني جي رغبت ۽ الله جو ذڪر هن ريت ڪن ٿا: تون الله، واحد، احد ۽ صمد آهين.

ابوعلي شفيق

هيءُ ابراهيم بلخي جو فرزند هو. صاحب جامع الانوار لکيو آهي ته هيءُ حضرت امام ڪاظم عليہ السلام جو شاگرد هو ۽ حاتم اصم جو استاد هو ۽ ابراهيم ادهم جو مصاحب هو. ولايت ماوراء النهر ۾ مٿس  رفض جي تهمت ڏيئي کيس شهيد ڪيو ويو. ختلان شهر ۾ مدفون آهي. سندس شهادت جو  سن  174هه آهي.

محمد بن مبارڪ بصري

هيءَ بيان ٿو ڪري ته مون ابراهيم ادهم سان بيت المقدس ڏانهن سفر اختيار ڪيو، رستي ۾ هڪ ڏاڙهون جي وڻ هيٺان منجهند جو آرام ڪرڻ لاءِ ترسياسون. ان وقت، ڏاڙهون جي وڻ مان هيءُ آواز آيو ته اي ابا اسحاق! منهنجو ڪجهه ميوو کائي منهنجي عزت افزائي ڪر. اهڙو آواز ٽي دفعا ڪيائين ۽ جڏهن ٽيون دفعو آواز ڪيائين ته اي محمد! ابواسحاق کي منهنجي سفارش ڪر ته هو منهنجي ڪا شيءِ کائي. پوءِ هن ٻه ڏاڙهون وڻ مان پٽيا هڪ مون کي ڏنائين ۽ ٻيو پاڻ تناول ڪيائين ۽ ڏاڙهون ٻئي کٽا هئا ۽ وڻ پوءِ خاموش ٿي ويو. موٽندي وقت به ساڳئي وڻ هيٺان آرام ڪيوسين. ساڳئي وڻ پڪاريو ۽ اسان ڏٺو ته ڏاڙهون ڏاڍا مٺا هئا ۽ سال ۾ ٻه دفعا ڦر ڏيڻ لڳو. الله جي پيارن ٻانهن جو سندس سايه هيٺ ويهڻ ۽ ڦر مان کائڻ سبب ان ۾ برڪت آئي ۽ مٿس نالوئي ”رمان العابدين“ پئجي ويو.

دائود بن نصرطائي

هيءُ حضرت اڪابرين ۾ تصوف جو سردار هو. پنهنجي زماني ۾  بينظير هو ۽ ابوحنيفه ڪوفي جو شاگرد هو. فضيل ۽ ابراهيم ادهم جو هم عصر هو ۽ طريقت ۾ حبيب عجمي راعي جو مريد هو ۽ خواجه معروف ڪرخي جي مشائخ مان هو ۽ سندس استاد امام ابوعبدالله احمد بن شيباني هو. سندس وفات جو  سن  165هه آهي.

دائود بلخي

هيءُ حضرت خراسان جي اولين مشائخ مان هو. ابراهيم ادهم بيان ڪري ٿو ته ڪوفي ۽ مڪي جي وچ ۾ مان هڪ بزرگ سان هم سفر ٿيس، هو مغرب جي نماز کان پوءِ ٻه رڪعتون نفل نماز پڙهي پنهنجن چپن ۾ ڪجهه چوندو هو ته اچانڪ سندس ساڄي هٿ کان هڪ ”ثريد“ جو پيالو ۽ پاڻي جو لوٽو ڀريل پيدا ٿي اڳيان ايندو هو، جنهن مان هو پاڻ به کائيندو هو ۽ مون کي به کارائيندو هو، پوءِ مون اهو قصو هڪ صاحب آيات ۽ ڪرامت مشائخ سان ڪيو، جنهن ٻڌايو ته اهو منهنجو ڀاءُ داؤد هو ۽ هو بلخ جي ڳوٺاڻن کي به اها نعمت کارائيندو آهي، جنهن ڪري سندس وجود کي نعمت ڄاڻندا آهن.

ابراهيم بن سعد علوي الحسني

سندس ڪنيت ابواسحاق سان هئي. شريف حسني بغداد جي اولين مشائخ مان هو. پوءِ شام ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪيائين. سندس استاد ابوالحارث اولاسي هو. هو به ابراهيم ادهم جي مثل هو. ابوالحارث ذڪر ٿو ڪري ته اولاس مان مان مڪہ پاڪ جي زيارت لاءِ نڪتس ته رستي ۾ ٽي شخص گڏ هليا. مون کين چيو ته مان به اوهان سان سفر جو ساٿي ٿيان ٿو، پوءِ ٻه شخص جدا ٿي ويا ۽ باقي مون سان هڪڙو رهيو ۽ اهو ابراهيم سعد علوي هو. چيائين ته تون ڪيڏانهن ٿو وڃين. چيم ته شام. چيائين ته مان فلاڻي جبل جي طرف کان ويندس. پوءِ اتان مون کان جدا ٿي ويو پر مون سان سندس خط و ڪتابت هلندي رهي.

ابوعبدالله احمد بن محمد شيباني مرودي

هي دائود بن نصرطائي جو پيارو شاگرد ۽ ارادتمند هو. اهل سنت و جماعت جي امامن مان هڪ هو ۽ هزارين حديثون کيس ياد هيون. بخاري ۽ مسلم نيشاپوري جون حديثون هن ئي نقل ڪيون هيون. اسي هزار مردن ۽ سٺ هزار عورتن سندس جنازي ۾ شرڪت ڪئي هئي.

شعوانه

هيءَ نهايت عبادتگذار عورت هئي، اصل ۾ عجم جي هئي. نهايت ساده هوندي هئي، ليڪن سندس آواز خوب ۽ دلڪش ۽ پرسوز هوندو هو. بهترين نغمات سان نهايت دلڪش وعظ ڪندي هئي ۽ سندس مجلس ۾ ڪافي زاهدَ، عابدَ ۽ ارباب قلوب اچي ويهندا هئا.

مجلسي، کيس چوندا هئا ته اسان کي خوف ٿو ٿئي ته ايڏي گريه زاري ڪرڻ ۽ روئڻ سبب متان تون نابينہ ٿي وڃين. چوڻ لڳي ته دنيا ۾ نابينہ ٿيڻ، آخرت ۾ دوزخ جي عذاب کان نابينہ ٿيڻ تمام بهتر آهي. فضيل عياض کيس دعا جي درخواست ڪئي. چيائين ته ميان تون ته اهو الله تعاليٰ جو انعام يافته ٻانهون آهين جو دعا ڪيان ته قبوليت جو سبب تو کي ئي بڻايان، پوءِ فضيل رڙ ڪري بيهوش ٿي ويو.

ابوحارث الاسي

سندس نالو فيض بن خضر هو ۽ ابراهيم سعد علوي جو شاگرد هو. بيان ٿو ڪري ته اولاس وٽ ويٺو هئس ۽ خيال ٿيو ٻاهر نڪتم ۽ ڏٺم ته پرده پٺيان ڪجهه چرپر نظر آئي، پوءِ پردو هٽائي ڏٺم هڪ شخص نماز ۾ مشغول آهي. غور ڪرڻ کان پوءِ سڃاتم ته ابراهيم سعد هو. جنهن نماز کي مختصر ڪري، مون کي سلام ڪيو. پوءِ درياهه جي ڪپ تي هلي آياسون ايتري ۾ درياء ۾ ڇوليون آيون ۽ بي انتها مڇيون پاڻي جي سطح تي پنهنجا منهن ڪڍي خاطر تواضع لاءِ قطار ۾ بيهجي ويون ۽ پوءِ ڇڙوڇڙ ٿي ويون.

ابراهيم چيو ته اي ابوالحارث! تون انهيءَ ڪم جي لاءِ نه آهين، بلڪ توکي گهرجي ته هن واريءَ ۾ پورجي، خلق کان لڪيل رهه. دنيا سان تمام گهٽ واسطو رک ته جيئن تون منزل ماڻين. ائين چئي غائب ٿي ويو، وري نه کيس ڏٺم.

ابراهيم ستنبه هروي

سندس ڪنيت ابواسحاق سان هئي. ابراهيم ادهم جو صحبت يافته هو. بايزيد جي زماني ۾ هو ۽ اصل ڪرمان جو هو، تعليم هرات ۾ ورتي هئائين.

بيان ٿو ڪري ته ابراهيم ادهم جي صحبت اختيار ڪيم. پهريائين مون کي مجرد رهڻ جي تلقين ڪيائين. ان کان پوءِ محنت ۽ ڪم ڪار جي نصيحت ڪيائين. ان ڪمائي کي فقيرن تي خرچ ڪرڻ جي هدايت ڪيائين. ان کان پوءِ تاڪيد ڪيائين ته محنت مزدوري ڪري گذارو ڪر. الله تعاليٰ تي توڪل رک ته توکي صدق ۽ يقين حاصل ٿيندو. مون عرض ڪيو ته اوهان جو فرمان اکين تي. ان کان پوءِ فرمايائين ته هاڻي دراسي جي ديهات ۾ وڃي مشغول ذڪر ٿي پوءِ مان ويراني ۾ گوشه نشيني اختيار ڪئي. ياد الهٰي ۾ مشغول ٿي ويس ۽ مون کي الله تعاليٰ تي اعتماد ڪامل، صدق، توڪل جي نعمت حاصل ٿي.

ابراهيم رباطي

هيءُ ابراهيم ستنبه جو مريد هو. سندس توڪل جو طريقو اختيار ڪئائين. سندس قبر هرات ۾ زنگي زاده رباط ۾ آهي.

ابراهيم صياد بغدادي

سندس ڪنيت ابواسحاق سان هئي، معروف ڪرخي جو صحبت يافته هو، سندس طريقو مجرد رهڻ ۽ خلق کان پري لاتعلق رهڻ هو.

هڪ دفعي، سري سقطي وٽ آيو. کيس کجي جي ڦرهن جي تڏي جي ٺهيل گوڏ ٻڌل هئي. سري پنهنجي هڪ صحبتي کي ڏهه درهم ڏنا ته سندس لاءِ ڪپڙي جي گوڏ خريد ڪري اچي. سري جيئن جو هن کي پيسا ڏنا. ته هن چيو اهي ڏهه درهم مان پاڻوٽ برڪت لاءِ رکندس. ان جي پوشاڪ نه وٺندس ۽ چيائين ته درويشن سان ويٺس ۽ ڏهن درهمن جو ذخيرو به حاصل ڪيم، پوءِ روانو ٿي ويو.

ابراهيم آجري ڪبير

(جنيد) عبدون زجاج کان سندس وصفون بيان ڪيل آهن.

ابراهيم آجري صغير

سندس ڪنيت ابواسحاق هئي. ابومحمد جريري ۽ ابو احمد مغاربي بيان ڪن ٿا ته هڪ ڏينهن هڪ يهودي وٽس آيو ۽ ڪنهن شيءِ جي گُهر ڪيائين ته هو پاڻ وٽ رکي. دوران گفتگو مذهب بابت مڪالمو ٿيو. يهودي چيو ته مون کي ڪا اهڙي شيءِ (ڪرامت) ڏيکاريو ته جيئن آءٌ اسلام جو شرف ۽ ان جي فضيلت پنهنجي اکين سان ڏسان ته ايمان آڻيان. پوءِ پنهنجي چادر لاهي ۽ يهودي جي چادر کانئس وٺي ٻنهي کي ويڙهي باهه ۾ وڌائين ۽ ٿوري دير کان پوءِ ڏٺائون ته سندس چادر سلامت موجود هئي ۽ يهوديءَ واري چادر سڙي خاڪ ٿي  وئي. يهودي اهو ڏسي يڪدم ايمان آندو.

رابعه عدويه

رابعه جو والد بي ثمر فقير ۽ مسڪين شخص هو رابعه جي ولادت واري رات گهر ۾ تيل جي ذري به ڪونه هئي جو سندس ناف جي مالش ڪئي وڃي، يا ڏيئو ٻاريو وڃي. ٽي نياڻيون اڳ ۾ هئڻ سبب هن جو نالو رابعه رکيو ويو. پوءِ سندس زال صدا ڪري چيو ته فلاڻي پاڙي واري ڏي وڃ، ٿورو تيل وٺي اچ ته ڏيئو ٻاري روشني ڪجي. هن عهد ڪيو هو ته مخلوق کان ڪڏهن به ڪا شيءِ نه گهرندس. پوءِ ٻاهر آيو، پاڙيسريءَ جي دروازي تي هٿ رکي واپس وريو. چيائين ته دروازو نٿا کولين. غم ۾ سمهي پيو ۽ رات جو خواب ۾ حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن کي ڏٺائين، جن کيس فرمايو ته غم نه ڪر، تنهنجي نياڻيءَ جي شفاعت سان هزار اُمتي ڇوٽڪارو حاصل ڪندا. صبح جو بصره جي امير ڏانهن چٺي لکي موڪلجانءِ جنهن ۾ هيءَ نشاني لکجانءِ ته هر جمع جي رات چار سو دفعا مون تي درود موڪليندو آهين ۽ هن رات تون وساري ويٺو آهين، لهٰذا انهيءَ وسارڻ جي ڪفاره ۾ مون کي چار سو دينار ڏي. امير کيس چار سو دينار ڏنا. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ رابعه جو پيءُ ۽ ماءُ فوت ٿي ويا ۽ سندس ڀينرون ڇڙوڇڙ ٿي ويون. رابعه هڪ شخص جي هٿ اچي وئي، جنهن کيس ڇهن درهمن ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو. رابعه سارو ڏينهن روزه سان گذاريندي هئي ۽ ساري رات عبادت ۾ بيٺي هوندي هئي. هڪڙي دفعي سندس مالڪ رات جو اوچتو ڏٺو ته رابعه عبادت ۾ بيٺي آهي ۽ نور سان روشن فانوس سندس مٿي جي مٿان ٽنگيل موجود آهي، جنهن جي نور سان سارو گهر روشن ٿي ويو آهي. هو ڏڪي ويو ۽ صبح جو کيس عزت ۽ احترام سان آزاد ڪري ڇڏيائين. پوءِ رابعه حضرت خواجه حسن بصري جي خدمت ۾ پهچي توبه ڪئي ۽ عبادت خانه ۾ گوشه نشين ٿي وئي. هڪ دفعي مڪہ پاڪ رواني ٿي ۽ مڪہ پاڪ جي ويجهو رستي ۾ ڏٺائين ته ڪو سندس استقبال لاءِ اچي رهيو آهي. ابراهيم ادهم چوڏهن سال مسلسل هر قدم تي ٻه رڪعتون نفل نماز پڙهندو پنڌ ڪندو مڪہ پاڪ پهتو هو ۽ ڏٺائين ته خانہ ڪعبہ موجود ڪونه آهي. چوڻ لڳو ته هي ڇا ٿي ويو؟ شايد منهنجي اکين ۾ خلل اچي ويو آهي. غيبي آواز ٻڌائين ته ڪعبو رابعه جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري ويو آهي. پوءِ رابعه کي ڏٺائين ۽ چيائين ته هيءُ ڪهڙو هنگامو برپا ڪيو اٿئي، جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. چيائين ته هنگامو ته تو برپا ڪيو آهي جو چوڏهن سالن ۾ هي واٽ طئي ڪئي اٿئي. فرق اهو آهي جو تون نماز ۾ طئي ڪئي آهي ۽ مان نياز ۾ طئي ڪئي آهي.

بيت

اي کم ار زن فکر مرکب در طريق عشق چيست
اين بيا پهلو رابعه غلطيده رفت.

معنيٰ: ڇڏ فڪر گهر جو ۽ گڏڻ عشق سان واٽ ۾ ٻيو ڪجهه هيءُ ڪهڙو طريقو آهي. هيڏانهن اڄ رابعه جي پاسي سان ليٿـڙيون پائيندو هل.

مذڪور آهي ته هڪ رات خواجه حسن بصري، چند دوستن سان گڏجي رابعه جي گهر وٽ آيو ۽ چيائينس ته وڻندڙ موسم آهي، ٻاهر اچي ڪائنات جو مشاهدو ڪر. چيائين ته ڪائنات کي ڏسي مان ڇا ڪنديس، مان ته ڪائنات جي جوڙڻ واري جو مشاهدو اندر ويهي ڪنديس.

هڪ دفعي، ڪنهن کي چار درهم ڏئي چيائين ته ڪمبل خريد ڪري اچ. اهو شخص ٿورو اڳتي وڃي واپس موٽي آيو ۽ چيائين ته ڪهڙي رنگ جو ڪمبل خريد ڪري اچان؟ چيائينس ته هينئر کان ئي رنگن جو چڪر پئجي ويو پوءِ اهي درهم وٺي درياء ۾ اُڇلائي ڇڏيائين.

مريم بصري

هيءَ خاتون، حضرت رابعه بصري جي هم عصر هئي ۽ سندس ئي صحبت يافته هئي ۽ ساڻس ئي محبت الهٰي جون پچارون ڪندي هئي. جڏهن به ڪٿي سخن الهٰي جي مجلس ٻڌندي هئي ته انهيءَ ۾ حاضر ٿيندي هئي. هڪ دفعي مجلس ۾ محبت الهٰي جو وعظ ٻڌي بيخود ٿي وئي ۽ انهيءَ ئي حال ۾ ساهه ڏنائين.

سندس اهائي گفتگو هوندي هئي ته جنهن وقت کان وٺي مان هيءَ آيت ٻڌي آهي، مون کي روزيءَ جو ڪوبه غم ۽ فڪر ڪونه هوندو آهي: وَفِي السَّمَآءِ رِزقُکُمۡ وَمَا تُوۡعَدُوۡنَ

ترجمو: ۽ آهي آسمان ۾ اوهان جو رزق ۽ جيڪو توهان سان وعدو ڪيل آهي. (سورة الذاريات آيت:22)

 

معاذة عدويه

هيءَ خاتون رابعه عدويه جي هم عصره ۽ صحبت يافته هئي. چاليهه سال لڳاتار ڏينهن جو کاڌو نه کاڌائين ۽ رات جو ننڊ نه ڪيائين.

 

عفيرة عابده

هيءَ خاتون معاذة عدويه جي صحبت يافته هئي ۽ ايترو روئندي هئي جو نابينه ٿي  وئي.

ميمونه سوداء

عبدالواحد بن زيد بيان ٿو ڪري ته ٽي راتيون ساندهه، الله تعاليٰ کي عرض ڪيم ته يا الله! مون کي پنهنجي پياري ڪنهن ٻانهي (بنده) جي زيارت ڪراءِ. حڪم ٿيو ته ڪوفه ۾ وڃ فلاڻي قبيلي ۾ ميمونه سوداء نالي منهنجي ٻانهي آهي، ان جي زيارت ڪر اتي ويس ۽ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته فلاڻي هنڌ تي ٻڪرين چارڻ ۾ مشغول آهي. انهيءَ جاءِ تي پهتس ۽ ڏٺم ته خود نماز ۾ مشغول آهي ۽ ڌڻ جي سنڀال بگهڙ ڪري رهيا آهن. مون کي ڏسي نماز جلد ختم ڪيائين ۽ چيائين ته، ارجع يا ابن زيد (موٽي وڃ اي ابن زيد) چيم ته منهنجي نالي جي توکي ڪيئن خبر پئي. چيائين ته: ان الارواح جنود مجندة فما تعارف منہ ائتلف و ما تناڪر منها اختلف

ترجمو: بيشڪ سڀ ارواح ڳتيل لشڪر آهن، پوءِ انهن مان جيڪي روح اتي ملندا آهن، اهي دنيا ۾ به پاڻ ۾ ملندا آهن ۽ جيڪي اتي پاڻ ۾ نٿا ملن، اهي دنيا ۾ به نٿا ملن.

 

علي بن يگانه

سندس ڪنيت ابوالحسن هئي اولين مشائخ مان هو ۽ ابراهيم ادهم جو صحبت يافته هو ۽ مصيصہ جو رهاڪو هو.

 

ريحانه واله

هيءَ خاتون بصره جي نهايت مشهور زاهده ۽ عابده هئي.

 

عبدالله مبارڪ

هن کي اهل قلم ۽ امام الاسلام لکيو وڃي ٿو. هڪڙي دفعي ڪنهن جڳهه تان عبدالله مبارڪ لنگهي رهيو هو ته سفيان ثوري کيس چيو ته: تعال يا رجل المشرق (مشرق جا مرد هيڏانهن اچ). ته فضيل عياض جيڪو اتي حاضر هو چيائين والمغرب وما بينها (مغرب ۽ ان جي وچ ۾ جو ڪجهه آهي،  ان جا به مرد) هيءُ هڪ ڀيري هڪ منزل تي لٿو. پاڻ هڪ قيمتي گهوڙو ڌاريو هئائين، جنهن تي زمين ڏانهن ويندو هو جيڪو اتي ئي فوت ٿي ويو هو.

هڪ سال حج ۾ گذاريندو هو ۽ هڪ سال واپار ڪندو هو ۽ ان جو نفعو ساٿين تي خرچ ڪندو هو.

چوندو هو ته دل جي درد جي دوا ماڻهن کان پري رهڻ ۾ آهي

 

سهيل بن علي مروزي

عبدالله مبارڪ جو همعصر هو.

 

مالڪ بن انس

سندس ڪنيت ابوعبدالله هئي. علم ربيعه کان، قرائت نافع کان ۽ حديث زهري کان حاصل ڪئي هئائين. جنهن وقت به حديث بيان ڪندو هو ته وضو ڪندو هو ۽ پاڪ صاف ڪپڙا پهريندو هو. راهه ويندي يا رستي ۾ بيهي ڪڏهن به حديث روايت ڪونه ڪندو هو. پوڙهائپ جي ضعيفي جي باوجود مدينہ پاڪ ۾ پيادل گهمندو هو. چوندو هو ته هن پاڪ شهر ۾ ”نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جو جسد اطهر موجود آهي، مان هرگز سوار ٿي نه گهمندس.“ بعض کيس امام شافعيءَ جو استاد چون ٿا. ٽي سال ماءُ جي پيٽ ۾ هو ۽ سن 95هه ۾ پيدا ٿيو ۽ اسي سالن جي عمر ۾ سن 175هه ۾ فوت ٿي ويو.

چيو وڃي ٿو ته منصور دواينقيءَ سندس اگهاڙي بدن تي ستر ڪوڙا هڻايا هئا، ان کان پوءِ تندرست نه ٿيو ۽ وفات ڪري ويو.

 

شيبان مصاب

ذوالنون مصري، بيان ڪري ٿو ته لبنان جي جبل جي ڪهف (غار) ۾ هڪ شخص کي ڏٺم جنهن جو مٿو ۽ ڏاڙهي ٻئي سفيد هئا، ان کان مون دعا جي طلب ڪئي جنهن چيو ته:

انسک الله بقربہ (الله جي قرب سان مانوس ٿيءُ) وڌيڪ عرض ڪيم. چيائين ته جنهن کي خدا تعاليٰ پنهنجي قرب جو اُنس عطا ڪندو آهي ان کي چار خصلتون به عطا ڪندو آهي: عزا من غير عشيرة، علما من غير طلب و غني من غير مال وانہ غير جماعة. (مخلوق ۾ عزت بغير خاندان جي، علم بغير طلب جي، غنيٰ مال کان سواءِ ۽ بيشڪ اهو غير جماعت (يعني مخلوق جي مدد کان بي پرواهه) هوندو آهي. پوءِ رڙ ڪري هيٺ ڪِري پيو ۽ پورا ٽي ڏينهن بيخودي ۾ رهيو. جڏهن ٽن ڏينهن کان پوءِ هوش ۾ آيو ته وضو ڪري نماز ۾ بيٺو ۽ ٻڌائين. فقال ذکر الحبيب هيج شوقي، ثم حبيب الحبيب ازهل عقلي، وقد استوحشت من ملاقات المخلوقين وآنست برب العالمين، انصرف عني، سلام. فقلت لہ رحمک الله وفقت عليک ثلاثة ايام رجا الزيادة ويکتب احب مولاک ترد محبة بدلافالمجنون لله تعاليٰ تيجان العباد و علم الزهاد وهم اصفياء الله و احباءُه و عباده و اولياءُہٗ ثم خرج حرقہ وفارق الدنيا في کانت الا هنهمہ و اذا بجماعة من العباد ينحدرون من الجبل فتوالوہ حتيٰ واروه تحت التراب فسالت ما اسم هذا الشيخ فقالو شيبان المصاب.

ترجمو: پوءِ چيائين ته منهنجي حبيب جي ذڪر منهنجي شوق کي وڌائي ڇڏيو، پوءِ منهنجي حبيب جي حبيب منهنجي عقل کي زائل ڪري ڇڏيو. ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ ۾ مون کي وحشت ٿئي ٿي. جهانن جي پالڻهار سان لڳاءُ رکيو اٿم. موٽي وڃ مون وٽان سلام هجئي. پوءِ کيس مون چيو ته الله جي توتي رحمت هجي، ٽي ڏينهن وڌيڪ اوهان وٽ رهڻ جي اميد ڪريان ٿو ۽ چيائين رک پيارو وڌيڪ پنهنجي مولا کي ته هو به رکي توکي پيارو، اهڙي طرح جو الله تعاليٰ جي محبت ۾ ديوانو ٿي وڃ. ۽ جن کي مخلوق کان بيزاري آهي تقويٰ جو علم کين آهي. اهي الله جا ٻانها آهن، ان کي پيارا آهن ۽ ان جا دوست آهن. پوءِ سندس ساهه نڪتو ۽ دنيا کان لاڏاڻو ڪيائين. رڳو سندس کونگهري جو آواز نڪتو ته ڏسندي ئي ڏسندي جبل تان اللہ جي ٻانهن جي هڪ جماعت لهي آئي، تانجو ان جي جسم کي مٽي جي هيٺان دفن ڪيائون. مون پڇيو ته اهو بزرگ ڪير آهي؟ چيائون ته شيبان مصاب آهي.

 

غلام عبدالواحد بن زيد

عبدالواحد بن زيد بيان ٿو ڪري. پنهنجي خدمت لاءِ هڪ غلام خريد ڪيم. هڪ رات مان ڪنهن ڪم لاءِ وٽس ويس، مگر هو موجود ڪونه هو. سندس جاءِ جو دروازو بند ٿيل هو، مان حيرت ڪندي موٽي آيس. صبح جو اچي منهنجي هٿ تي هڪ درهم رکيائين ۽ چيائين ته رات جي خدمت جو حق اٿو. هر رات ائين ڪندو هو جو مون کي درهم ڏيندو هو. منهنجي خدمت کان معافي ورتي هئائين. چند ڏينهن ائين گذريا ته هڪ پاڙيسري مون وٽ آيو ۽ چيائين ته هن غلام کي وڪڻي ڇڏ، ڇو جو هيءُ ڪفن چور آهي. ٻي رات جو ان ڳالهه جي تصديق لاءِ جستجو ۾ نڪتم. ڏٺم ته هو جڏهن جاءِ جي دروازي وٽ پهتو ته دروازو کلي ويو ۽ هو نڪري هڪ ويران زمين ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ هڪ جهاڙين واري زمين جي ٽڪري ۾ عبادت ۾ مشغول ٿي ويو ۽ ساري رات عبادت ۾ گذاريائين ۽ صبح جو آسمان ڏانهن هٿ کنيائين ته هڪ درهم سندس هٿ تي اچي پيو. ان کي کيسي ۾ وجهي غائب ٿي ويو. اهو لقاءُ ڏسي کيس آزاد ڪرڻ جو ارادو ڪيم ۽ پوءِ سندس ڏاڍي ڳولها ڪيم ته کيس آزاد ڪريان پر کيس ڪونه لڌم. ماٺ ڪري زمين تي ويهي رهيس ته ايتري ۾ هڪ گهوڙي سوار، ڪميت گهوڙي تي نمودار ٿيو ۽ مون کان پڇا ڪيائين ته اتي ڪيئن ويٺو آهين. مون کيس سمورو حال ٻڌايو. هن چيو ته هن جڳهه تان هڪ تمام تيز رفتار گهوڙي سوار ڊوڙندو هليو ويو. پوءِ رات جو غلام حاضر ٿيو ۽ منهنجي در تي پهچي ڪڙو کڙڪايائين. مون کيس چيو ته مان توکي آزاد ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪو آهيان ۽ (تون آزاد آهين) پوءِ مون کي هڪ پٿر جو ٽڪرو هٿ ۾ ڏنائين ۽ (پاڻ هليو ويو) پوءِ مون ان پٿر کي ڏٺو ته اهو سون جو هو. پوءِ مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ پاڙيسري کي جڏهن اِها ڳالهه ٻڌايم ته ان کي به ڏاڍو افسوس ٿيو پر چارو ڪوبه ڪونه رهيو.

غلام آخر عن ابراهيم قال رايت بالبصره مملوکا في السوق ينادي عليہ من يشتري هذا الغلام بعيوبہ وهي ثلاث خصال لاينام الليل ولاياکل النهار ولايتکلم اِلا بما لابدمنها فقلت للغلام اراک عارفا. قال يا ابراهيم لو اعرفہ ما اشتغلت بغيره. قال فعلمت انہ من العارفين فقلت للبائع بکم هذا الغلام؟ فقال بما اردت فانہ مجنون فاعطيتہ ثمنہ فقلت في نفسي يارب اني قد اعتقہ لوجهک الکريم فالتفت الي وقال يا ابراهيم ان کنت اعتقتني في الدنيا عن الرزق لقد اعتقک الله في الآخرة من النار ثم غاب عني.

ترجمو: ابراهيم بيان ٿو ڪري ته ”بصره جي مارڪيٽ ۾ هڪ غلام کي وڪرو ڪندي ڏٺم ته مٿس واڪ هلي رهيا آهن. ٻولي لڳائيندي چئي رهيو هو ته ڪير هن غلام کي عيبن سميت خريد ڪندو جو هن ۾ ٽي خصلتون آهن: هي رات جو ننڊ نه ڪندو آهي ۽ ڏينهن جو کاڌو نه کائيندو آهي ۽ سواءِ تمام مجبوري جي هي هرگز نه ڳالهائيندو آهي.  پوءِ مان غلام کي چيو ته تون عارفن مان معلوم ٿو ٿين. چيائين يا ابراهيم! جيڪڏهن هيءُ عارفن مان آهي ته هن غلام کي ڇو ٿو وڪڻين؟ چيائين ته هيءُ چريو آهي. پوءِ مان سندس لاءِ رقم ادا ڪري ڇڏي ۽ دل ۾ چيم ته يارب تعاليٰ هن کي مان تنهنجي رضا خاطر آزاد ڪريان ٿو. پوءِ هو مون ڏانهن متوجه ٿيو ۽ چيائين ته اي ابراهيم! جيڪڏهن تو مون کي دنيا ۾ رزق ڏيئي آزاد ڪرايو ته توکي الله تعاليٰ آخرت ۾ دوزخ جي عذاب کان آجو ڪري ڇڏيو. پوءِ غائب ٿي ويو.“


(1) يعني پهرين واضح روايت.

(1) احجاز الزيت: مدينہ منوره جي هڪ محلي جو نالو هو جتي مسلم بن عقبہ جي سرڪردگيءَ ۾ يزيدي لشڪر مديني وارن جو قتل عام ڪيو هو ۽ نبي ڪريم ﷺ جن حضرت ابو ذرغفاري رضه کي خطاب ڪندي انهيءَ قتل عام جي اڳواٽ خبر ڏني هئي: تهذيب الڪمال ص10 ج28، المستدرک علي الصحيحين ص470 ج4، سنن ابي دائود ص110 ج4، نيل الاوطار ص77 ج6.

(1) حضرت عبدالرحمٰن بن عوف انهن ڏهن جليل القدر اصحابين سڳورن مان آهي، جن کي رسول الله ﷺ جن سندس حياتيءَ ۾ جنت جي خوشخبري ڏني هئي. ترمذي حديث 3747.

(1) آيت درست ڪئي وئي (سورة ابراهيم آيت: 49)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com