سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :12

ا

دب لطيف

جهامنداس ڀاٽيا

ڌرتي

ڌرتي اصل کان رَتَلَ، ته به تَتَل الاجي ڇو نه؟ اَمَڙِ جو آهي، پوءِ ڪئن ڪوسي پوندي. مٺڙي آهي سندس مُرِڪَ مگر جڏهن نه سندس سنتان هلت هلي ئي اُلٽي سندس اخلاق جي، ته لهوءَ جا لُڙڪ لاهيو ڏي: مگر اُها ته اک کڻي سندس اوک جو احساس ڪري ئي ڪونه، پوءِ فرض ادائي، قرض ادائي باقي ٿيندي ڪئن؟ سرهاڻ جا سندس سيني مان ٿي اُڪري اوڀري ’وِسُ کي واسي‘ تنهن جو ترانو تازگي ۽ تقويت بخشي ٿو هاريءَ ناريءَ کي؛ مگر ڪَل ڪنهن ڪنهن ڪسان کي جُڙي. عام ريت، پريت جو پنڌ ڌرتي مان ته پئدا ٿو ٿئي، مگر اها ڄاڻ به ڪاڻ واري؛ سخا به سندس شَههَ ڏيو ڇڏي شهنشاهن کي، ته به نڪو ڪو سندس سرهائيءَ ۾ سوس اچيو ويهي، ۽ نه وري مُرڪ سندس مومل واري ڦري سومَلَ واري ٿئي! اَمڙِ  ڀونءَ ڀيڙو ڪري پاڻ وڃي ورتڻ ۽ ورونهن ۾ لڳي؛ جڳت جنني جي جيءَ ۾ جوتءِ جَڳي. هوءَ امڙ جيان گود ۾ ڪڏائي ۽ سرچائي. رسامون رانجهن ننڍڙو جي ڪري، کڻي معاملو منڊي ليٿڙيون پائي، ته هوءَ کيس ڳل لڳائي مٺڙيون ٻوليون ٻڌائي ٻيجل واريون، جو هو سرچي، خرچي خوشيءَ واري حاصل ڪري، واصل ٿي، واٽ وٺي اچي ئي عبرت واري.

ها، حورَ آهي هوءَ، مگر حسن سندس جو واءُ، هڳاءُ اکين ۾ اچي الاجي ڇو نه ٿو، واٽ ويندڙ جي محبت ۽ صحبت، سندس غافل سنتان الاجي سمجهي ڇو نه ٿي!

(2)

امڙ جيان ٿي تاتي نپائي. اسراري آهي سندس اوت؛ موٽ وري سندس اهڙي، جو جهڙس ڪو ٿي سگهي ئي مشڪل - اگهي کي سگهو ڪري ڇڏي، آڏي ڇڏي، گڏي ڇڏي هوند -  هپايل گهايل کي.

حليمائي جو حسن پسي، رَسي وڃي راٺوڙ رنگ ڀوميءَ ۾؛ رڻ ڀومي آهي هيءَ دنيا، جت مار ڦار ڌاران ٻيو ڪو حسن انسان کي اکين ۾ اُڀري ڪين ٿو. هاري، هَرُ هلائي، سندس پيٽ چيريندو، ڀتر ڀڃي، سندس هڏ گڏ ڀڃي چور ڪري ڇڏيندو، ته هوءَ وري به سالن جي سانڍيل تازگي کيس ڏيندي. ماٺ ئي ماٺ ۾ پئي ڏسندي ڏک - موٽَ مڻيا واري سندس سک ڌاران ڪئن ٻِي ٿئي؟

سندس جسم جي جزي جزي ۾ جيوت جو جوهر آهي، ڪيميائي اهڙي ته آهي ان جي قطري قطري ۾، جو ظاهري بي جان آن جو داڻو، ڦَل جي ککڙي، ڦول جو ٻجُ؛ جاندار ٿي اُڀرندو اُسرندو، ۽ سج سامهون ٿي سائو سڦڙو ٿي، گل جهليندو ۽ ڦر ڏيندو.

ڌرتي آهي رَتي؛ هڪ جي عيوض ڏهه ڏيندي؛ ڏهن جا ڏهوڻا ڏيندي؛ سَوَن جا سؤڻا سٽيندي به، ته به چالِ نه مٽيندي - سخيءَ وارو هٿ پيو هوندو؛ واتان ويڻن جي واکاڻ نه ڪندي. ڏيندي ڏيندي ٿڪجي ڪين، مگر ٿڪبو وري به وٺڻ وارو.

(3)

ڌرتيءَ جي ڌوڙِ پاڪائيءَ سان ڀرپور آهي. جيڪي به نه اوجذب ڪري، تنهن ۾ تواني ۽ طاقت غضب ٿي ڪري.

خاڪي آهي هي جِسِمُ، مگر ڪهڙي نه اعليٰ اسم جو جهَلُ آهي او. بَدَنُ ته وري به خاڪي، پاڪي ته منجهس موجود آهي ئي ڪين؛ جيڪي سو مٽيءَ جي ميرائيءَ ڏانهن مائل، مٽيءَ جو گهايل ٿي پوندو.

جنس جنس ۾ ٿي جنبش جاڳائي، ۽ اَلائي آلاپَ صفت جا. گيت گان ڪندي، مٽيءَ سان ملڻ جي محبت ڏيکاريندي. آخر اُن سان هِڪُ  ٿي لِڪُ ڪري ويندي.

آدم جو اصل نَسُلُ آهي ئي مٽي؛ مٽي کاڌِ آهي جيتن جي - مٽيءَ ۾ مڻيا به آهي غير معمولي. فرش تي گهمندي عرش سان پيو اورنا اوريندي؛ اوچي ڳاٽِ پيو سينو سيريندو. مگر ماءُ سندس، اها ماڻهنِ هن جي آهنجي قبول ڪندي. هوا جي جهوٽي سان، پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان گُمُ ٿي ويندو.

(4)

سگهارو سو، جو سَهي سگهي. سخي سو، جو ڏيئي سگهي. وٺڻ جو جنهن ۾ وَرُ آهي، مگر ڏيڻ جو گهَرُ اَٿَس ئي ڪين؛ سو يقين ته ڪنهن يوگ وارو ڪينهين.

ڌرتي ڏيندي ٿڪجي نٿي؛ سهندي سهڪي نٿي.

ٻڪي ٻاجههَ جي وَٽِسِ هَڪي ۽ ٻڪي آهي، ٻارَ خواهه ٻڍي لئه.

رنگ برنگي آهن سندس کيلَ؛  اَڻَ ڳڻيا آهن سندس ميلَ، اُنهن مان اُپت وري اهڙي اسرار واري ٿي ٿئي، جو بيان اُن جو بي بيان ٿيو پوي.

گُلَ  ئي گَلَ  ڏسو حيرت جو حسن پسو.، چوينِ پئِي ’وَسو منهنج ا ٻارڙو وَسو!‘

اوت عجائب انهن جي پسي، عبرت وٺيو وڃي - عطائي عطار جي تي. کوليو ڇڏي دُنگ خود ڪشيدي عطر جا.

رنگ به اهڙا ته گلن مٿان کڻي اُڇلائي، جو ڏسندڙ عجب پيو کائي ته هي ڪهڙو اسرار آهي.!

ميوا ڏسُ ته مست ٿيو وڃي مَنُ؛

صورتون سندن رنگ برنگي؛ ڊول سندن ڍولُ؛ ٻولُ سندن ٻهه ڳڻو- طاقت تراوت تک به تکي. ذائقو هِڪَ هِڪَ جو ذوقي.

عجب ته اهو، ته هڪ قسم جي ميوي ۾ به جنسون جدا جدا، وَڻ وَڻ جي کڻٽ پنهنجي ته جنس جنس جي لذيت لاثاني.

اوتَ آبَ جي ايڪرسي ته ڪيميائي ڦيرو نرالو نرالو.

هِڪَ قسم جو پاڻي پي، گل سرهاڻِ  جي رهاڻِ ريت پنهنجي پنهنجي ڪندا رهن؛ ميوا وري ذاتِ ذاتِ  موجب ڪندا ٿا رهن - کٽو مٺو ذائقو آڇيندي، او امڙ جي اِسراري اقرارَ جو انجام ڪندا ٿا رهن. ڌرتي نيٺ ڌرتي آهي!

(5)

بيهڪ وري مٽيءَ جي آهي مٿي پاڻيءَ وَهَڪَ!

چهڪ تڏهين ته ايڏي اَٿس.

نهرون، چشما ڪريزَ، مڙني کي ڍڪيو ڇڏي.

تيلَ، گئسون غيب ۾ گُمُ ڪيو ڇڏي، مگر ماڻهو بي گَمَ ڪين سمهيو رهيو.

هو به مٽيءَ سان مٽي ٿيو پوي، لعل، هيرا، پيروز، نيلم لهيو اچي، ته به ڌرتي کيس ڪو عتابُ ڏئي ڪيئن ته تو ’منهنجو خزانو خالي ڪري ڇڏيو.‘

بنهه نه.

هوءَ ته کيس للڪاري چوي پئي: ” منجهِي ماڻڪ لَعلَ، منجهي ئي بي مثل مالَ؛ اچين جي منهنجا لعل، ته پانڌ پالهو نه ڇڏيانءِ.“

(6)

اُتت ۽ اوت جي هوندِ موتَ جا سنيها آڻيندا ٿا رهن، سي وٽس موج ۽ سُهُجَ ٿا لهن. انهن کي اندرني تاڪين ۾ لڪائي، پئي ساڻن لاڏَ ڪري.

وِسُ کي وڏي واڪي پئي چئي: ” اوهان مون سان ڀال ڪو نه ٿا ڀَلايو، پَرَ جيڪي سو ڀلائي لائق منهنجا اهنجا ٿا ٿي پئو. سَڀَڪنهن قسم جو ڪِنُ، گَندُ ڦِٽُ اُڇلائي منهنجي منهن ۾، ٻارن کي چوندا ٿا رهو:” چي اڇي!  ڌرتيءَ تي لٿڙيون ٿو پائين، -- مٽيءَ سان ٿو پاڻ لڳائين.“

آءٌ ته حسن جي امڙ آهيان. اوهان ته ٿوري ۾ ٿڪجي، ڪمرڪٻي ڪيون، آگي کي عتاب ۽ خطاب ڏيندا رهو. ٻڌايو ٻُلُ  توهان جو آهي ڪي ڇَلُ آهي اهو سمورو سَچ جو...

”اي انسان تون ڏِسُ ته وِسُ ۾ واسُ ڪنهن جو آهي؟ تنهنجو؟ يا منهنجو؟“

انسان- او ڌرتي، واسُ وِسُ ۾ ته آهه منهنجو، مگر وقت ان کي مٽيءَ ۾ ملائي ٿو ڇڏي؛ هي جي نه عمارتون ٿو اَڏيان، تن کي پنهنجو ٿو سڏيان؛ مگر جي تو نه هجين ته اها اَڏَ ۽ پَڏَ بيهي ڇاتي؟ آءٌ خود واءُ جي جهوٽي وهيڻو ڦوڪڻي جيان ڦنڊي ٿو وڃان واءُ سان خبر نه آهي پنهنجي طاقت، لياقت، عبادت ۽ سياست جو ترانو ڪيئن ٿو توائيندو اڳ ڳائيندو رهان.“

(7)

او امڙ، اسرار تنهنجو هيءُ، ته تون سدا سرهائيءَ مان رقص ڪندي ٿي رهين، راڳ ڳائيندي رهين، ته نڪي انهن جو آواز راز ڏسي، ۽ نڪي انهن جو ساز ڪو آغاز جو انجامُ پَسي.

انسان کي اکيون آهن، مگر منجهن تنهنجي اتات تازيءَ هوندي به جوت ڪانهي. ڪَنَ آهنس، مگر ٻڌڻ کان ٻوڙو آهي، جو هو ٻَڌو پيو آهي.

توکي قرار خود ڪونهي مگر قرارَ جو اقرار آهي اصل کان ذات انسان سان جسم تنهنجو جزا آهي مگر قضا قسمت جي، اسم جو اُجالو ان ۾ اُڀري ٿو پوي ته نور نوراني توسان برميچي مشڪل سگهي.

حُسُنُ حورن جو آهي، تنهنجي توشا خاني ۾.

باغ ۾ ٻهه ٻهه ۽ چهه چهه آهي، ته به تنهنجي؛ پَرَ جي جهنگل ۾ اڪيلو سڪيلو ٽانگو، الف جيان نانگو بيٺو هوندو، ته لطيف حسن پسي ڪو ان جو هسي ويهندو؛ ڪو رَسي راز پروازَ جي کي روئي ويهندو.

حسن تنهنجي جو حسابُ انگن اکرن ۾ اچي سگهي نٿو. اَگهي جي اگر ڪو عجيبن اڳيان، ته سينگار پساريءَ دنيا جي سنهڻن جو ڦڪو ٿيو وڃي؛ نه نه هار هسيون، بئنسر بولا، چوڙا، چوٽيءَ ڦُل، چوڙيون، چيلهڪيون، ڪڙيون ڪنگڻ، ڇاڇَ  جيان سنگمرري سرير تي ڄڻ پيا ٽڙندا.

تنهنجي ساون کيتن جو حسن، سندن ڪانن جون تانون، سندن لچڪ وارن جسمن جي موڙ جهور، لوڏ لمڪو چمڪو چشمن اندر اوتي ڇڏيندا. واءُ جي جهوٽي تي مستيءَ ۾ گيت جي، آسماني تنبوءَ هيٺ کڻي ٿا ڇيڙين، تَنِ جي تانَ ۾ اهو تاثير ٿو ٿئي، جو جيڪر حاذق اڪسيرُ به طاقت عطا ڪري نه سگهي. اها خوشيءَ جي خماري ٿي لهيو پوي لهوءَ ۾، جو دنيا بدلجو پوي.

ڪڏهن وري پڪي آن جا رنگ، انڊلٺ جي رم جهم کي شهه ڏيون بيهندا، ته ٻيءَ گهڙيءَ پاتالي پاڻي تنهنجن تاڪين مان تڪڙو نڪري، تازو توانو ڪندو بُٺُ ۽ ٺُوٺُ برپٽن کي، تَتن تنن تي ڇنڊ وجهنود، اُساٽيلن جي اُڃ اُجهائي، آس اُڀرائي آراين ۽ آسروندن جي پيو سيکاريندو سڪ ۽ سخا جا سبق!

او ڌرتي! ماتا! ڪهڙا قرب جا ناتا آهن تنهنجا، غافل انسان سان.

(9)

ڌرتي: ” اي انسان! نيشان آهن منهنجا تنهنجن تندن ۽ تارن تي. منهنجي گود ۾ تنهنجي جنني نپني؛ تنهنجي سجني نپني؛ تنهنجو ساج نپنو، تنهنجو اڪج نپنو، ۽ نپنو سنسارُ ته به چئين ويٺو تون ئي ته، ’آهه نه مون کي قرار‘.

”آد کان اقرار آهي آدم سان، ته کيس پالي پولي، اڀرائي اُسرائي، اڳيان سندس آڻيندس اسرار عجيبن جو.

”اهو پسي هو پريشان ٿي ويو؛ حوا جو حسن پسي، هو حيرت ۾ حيران ٿي پيو؛ گُلَ پسي، گلستان ڏسي، هِڪَ هِڪَ گُلَ ۾ هُنَ کي هُلُ هنگامو حَرُصَ جو معلوم ٿيڻ لڳو. ڦَلَ ڏسي، هو ڦري ويو قول کان، هو رڳن ۾ راڳ رغبت جو ٻڌڻ لڳو، لَستَ ۾ هو لهي پيو.“

رازُ رغبت جو سازَ نه سڻايو کيس.

اُتر اوڀَرَ جون لڳيون هوائون، اُتر ڏکڻ جون چٽڪيون اُبتيون هوائون، جن لاءِ اُن جي ديدون دٻايون.

هو به منهنجا، او انسان؛ آءٌ به آهيان انهن جي، مگر معنيٰ منجههَ جي ڪي مانجهي معلوم ڪَنِ. ڪيڏي نه نفرت آهي نگاهه ۾ تنهنجي، مون لاءِ نه، ٻين انسانن لاءِ!

حسن ته بي نگاهه ڪينهين؛بي راهه ۽ بي واهه ڪينهين.

جَنِ کي مون تاتيو، تَنِ سُرُ ئي علحدو الايو؛ تڏهين ڌَڙ منهنجو رَتيءَ  ۾ رڱجي پيو، ۽ مان ڌڙ رتي ٿي پيس.

اوانسان،ڪنهن سان اوريان ايهو سورُ،ڪنهن کي ڏيکاريان گــَهُرُ ڀرپورُ،جڏهن تون ئي چوين ٿو ته ’آهي سَڀُ ڪوڙُ.

(10)

ٻارُ اَمَڙ سان سارو ڪري، اَمڙِ آرو ڪندو آدي ڏي؛ ڀاڪيون پائي پيو ڀاڪيون پائيندس. وسهندس ائين پيو ته اُن مان ئي کيسِ اوتَ ملي؛ پوتَ به پوندس پلهءِ ان مان ئي. سِرڪي پيو سِرڪندو، ڄڻڪ سُرڪ به کيس ملي اتان ئي هئي.

شايد اُن جي ايها سمجهه سجائي آهي.

اَجائي هجي ها نه هوندو هي هونگارون ۽ هٻڪارون ڪئن اُپجن ها!

اهي مڙيئي عناصر ٻارَ جي چينگهاڙ سان تارَ ملائيندا، تاڙيون وڄائيندا ٿا رهن، معصوميت ۾ اُهي لهن ٿا پنهنجو اَمَرُ گيتُ - آدي ميتُ.

تڏهين ته ٻارُ ڌرتيءَ سان بغلگير ٿو ٿئي، ۽ ڏئي ٿو اُن کي دانهن داد لئه.

انهيءَ اَمَڙِ جي عشق مان سموري عشق جو انجام ٿو ٿئي ۽ اُن جي اُلي مان ئي اُجالو پيدا ٿو ٿئي.

اُن کان وانجهي رهي، انسان صبوح کي الوداع چئي، سانجهيءَ ۾ ٿو پهي.

(11)

ڪيڏو نه رازُ آهي ڌرتيءَ جي گود ۾؛

ڪيڏو نه سازُ آهي سندس گونج ۾.مگر مست انسان هستيءَ هُنَ جي غافل ٿي، شاغل ٿي وڃي ٿو شهادت جي شوق ۾.

ڌرتيءَ جي ڳچي لاءِ ڪوڙَ ڪلورَ ڪيڏا نه ڪري ٿو ٻڍو ۽ جوان، مگر هو نادان آهي، ناتوان آهي- پريشانيون کيس پنهنجو نيشان بنائينديون ٿيون رهن.

اول آکيرو ڌرتي، آخر آرام ڌرتي. پوءِ پَچِ پَچِ ڇاجي؟ ڪَڇِ ڪَڇِ ڇاجي؟ گهڻيءَ واري کي گهڻي ٿي گهرجي، ته به پارت نه پونديس.

ڌرتيءَ جو اولاد ٿي، ڌرتيءَ کي ڳڀو ڳڀو ڪندا ٿا رهن- گهر اڏين، مندر ٺاهين، مسجدون ٺاهين؛ ديوليون جوڙين ته به ڌرتي ساڳي.

آسماني ڇَتِ هيٺ رهندي لهون ڇا ٿا؟

ڌرتيءَ هِڪَ؛ ڇِتِ هِڪَ، ته به انسان ويچارو ڇيهون ڇيهون ٿي پيو هوا ۾ اُڏامي ۽ اُڀامي.

ڌرتي جو ڌيرج ئي حسن جي هولي هڳاقيندي ۽ ڳائيندو اُها لولي، جنهن ۾ هوندو ميٺاجُ محبت جو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com