سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :45

 

ڊاڪا ۾ هن نه صرف ”بانگ درا“ جي ذريعي قلمي جهاد جاري رکيو، بلڪ اتي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ وڃي، بک ۽ اُڃ ۾ دورا ڪري، غريب عوام جي حالتن کي روبرو جاچيو، ۽ انهن جي مسئلن کي وڏي پيماني تي سرڪار سان نبيرڻ جي مهم شروع ڪئي: ان لاءِ هن باقاعدي ”پبلڪ پڪار آفيس“ پڻ کولي هئي. انهيءَ دوران ۾ خاڪسار تحريڪ جي بانيءَ، عنايت الله خان مشرقيءَ، کيس سڄي مشرقي پاڪستان لاءِ خاڪسار تحريڪ جو ناظم اعليٰ مقرر ڪيو. هو پهرين به انهيءَ تحريڪ ۾ رهيو هو، ۽ مڃيل سپاهي هو. انگريزن جي حڪومت ۾، هندستان جي مختلف پرڳڻن ۾، ڪيترنئي محاذن تي هن پنهنجي مجاهدانه روح جو ثبوت ڏنو هو. ناظم اعليٰ جي حيثيت سان، هن سڄي اوڀر پاڪستان جا طوفاني دورا ڪيا ۽ بنگالي عوام جي خلوص ۽ محبت سان خذمت ڪئي. خواجه صاحب کي اتي جي عوام جي سقيم حالت ڏسي بيحد ڪهڪاءُ ايندو هو، جي سنڌ جي مظلومن  کان به خراب حالت ۾ گذري رهيا هئا. پيٽ  جي هڪ ويلي حاصل ڪرڻ لاءِ اتي جو انسان پريشان هو. اگهه چوٽ چڙهيل هئا، جن کان بدن جا وار جيڪر ڪانڊارجي وڃن.، چانورن جو مڻ 60 کان 80 رپيا، گاسليٽ جي بوتل رپئي، ۽ لوڻ جو سير رپئي- اهي حالتون هيون! خواجه صاحب جڏهن انهنجو سبب سوچيو ته معلوم ٿيس ته ضرورت جي شين جون پرمٽون اهڙن ماڻهن کي ڏنيون وڃن ٿيون، جيڪي سڌيءَ طرح عوام کي ڪا به چيز نٿا ڏين، بلڪ هو اهي پرمٽون منافعي خور مارواڙي واپارين کيڏين ٿا، جيڪي اتي  جو اتي اهي پرمٽون وري نفعي سان نيڪال ڪريو ڇڏين: ان طرح، پرمٽن جي هٿؤن هٿ سوديبازيءَ سان، جنسن جا اگهه ڪيئن سيڪڙو وڌيو ٿي ويا، ۽ ان جو نتيجو عوام کي مجبوراً  ڀوڳڻو پئي پيو. خواجه صاحب جانفشانيءَ سان اهي مسئلا اختياريءَ وارن تائين آندا ته انهن کي خود پيٽ جا وڍ پوڻ لڳا:  ليڪن کين معلوم هو ته بنگالي عوام ۾ حقيقتن کي سمجهڻ جو گهڻو مادو آهي، تنهنڪري، لاچار، خوراڪ جي وزير صاحب اهڙن ماڻهن جون پرمٽون رد ڪيون، جن کي سڌيءَ طرح راشن ڊيپو جا ليسن ڪونه هئا.

حالتن وري ڦيرو کاڌو. مشرقي صاحب هندستان ڏانهن مقرر ڪيل تعداد ۾ خاڪسارن جي مارچ جو حڪم ڪڍيو، ۽ انهن جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ ۽ تاريخ به مقرر ڪئي. ناظم اعليٰ جي حيثيت ۾، خواجه صاحب کيس لکيو ته خاڪسارن ۾، چند مجاهدن کان سواءِ، اهڙو بيغرض  جذبو آءٌ نٿو محسوس ڪريان، اوهين مهرباني ڪري هن معاملي ۾ تڪڙ نه ڪريو، بلڪ تاريخ ۽ تعداد وغيره  جو اعلان به قبل از وقت ٿيندو. مشرقي صاحب بالاخر اعلان ڪري ڇڏيو، پر مقرر تاريخ تي گهربل تعداد ۾ سپاهي جمع نه ٿي سگهيا. خواجه صاحب احتجاج طور پنهنجي عهدي تان استعفا ڏني - پر مشرقي صاحب اها منظور نه ڪئي.

بنگال ۾ سندس سرگرميون به سرڪار کي بنهه ڪين آئڙيون، سو کيس وري به سنڌ ڏانهن موٽائي آندائون، جتي هن پنهنجيون دستوري ڪارروايون اچي نئين سر شروع ڪيون.

حيدرآباد جي ”پريس ورڪرس يونين“ سندس خدمتون حاصل ڪيون، ۽ کيس پنهنجيءَ ائڪشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمن چونڊيائون. ورڪرن ۾ به گروهه هئا، ۽ ٻنهي گروهن کيس پنهنجو قابل اعتماد امين مقرر ڪيو. خواجه صاحب ان وقت جيڪو ” امين جو فيصلو“ ڇپائي پڌرو ڪيو، تنهن ۾ سندس رهبري قابل ديد آهي.

ان وقت پاڪستان ۾ جنرل اليڪشن ٿيڻي هئي، جنهن جي لسٽن جي ڇپائيءَ جو ڪم صرف اردو ۽ بنگاليءَ ۾ سرڪار منظور ڪيو. سنڌي ليڊر ته ڪڏهن به سنڌ کي ڪم ڪونه آيا آهن، البت اخبارن سو ڪافي پڪار ڪئي، پر نتيجو ڪو به ڪونه نڪتو.  سنڌيءَ ۾ لسٽن نه ڇپجڻ سبب، هڪ طرف سنڌي زبان جي حيثيت مجروح  ٿي رهي هئي، ٻئي طرف سنڌين جا ووٽ غلط تلفظ ۾ اچڻ سببان هزارين ماڻهن جو ووٽ جو حق وڃي رهيو هو، ۽ ٽئين طرف لکين رپين جي اجرت کان سنڌي پريسون ۽ مزدور محروم ٿي رهجيو ويا. خواجه شمس جي خدمت ان معاملي ۾ شاندار آهي. اڪيلي سر، هو ڪراچيءَ ۾ ڌرڻو ماري وڃي ويهي رهيو.  ۽ تيستائين ڪونه موٽيو، جيستائين مرڪزي سرڪار جي اختياريءَ  وارن کان سنڌي ۾ لسٽن ڇپائڻ جو اعلان نه جاري ڪرايائين!

سنڌي ادب، صحافت ۽ عام  ڀلائي جي سلسلي ۾ خواجه شمس جي ڪيل خدمتن جو وستار ڪافي طويل آهي.  هو هڪ مخلص ۽ پرجوش سپاهي هو، جيڪو آخر دم تائين ڪنهن نه ڪنهن جدوجهد ۾ لڳو رهيو. شادي ڪانه ڪيائين، ۽ سندس سمورو سرمايو صرف ڪتاب ئي هئا. وٽس پنهنجي ذوق جي علمي ڪتابن جي سٺي لئبرري هئي، جيڪا سندس وفات  بعد حيدرآباد جي اسماعيليه لئبرري ۾ شامل ڪئي ويئي. افسوس آهي جو سندس شاهڪار تحريرن جو رڪارڊ، ”بانگ درا“   اخبار جا پرچا سمورا ناياب آهن. وٽانئس به، ڪئين ڀيرا چوريون ڪرائي، اهو سمورو دفتر غائب ڪرائي ڇڏيو ويو، بلڪ هڪ اڌ ڀيري ته سندس اخبار جي ڇپائي هلندي، پريس تي چڙهائي ڪري، سندس سمورو مواد وغيره پوليس قبضي ۾ ڪري کڻي ويئي. ”بانگ درا“ جو جيڪو ”غدار نمبر“ 14 – آگسٽ (غالباً1948ع)  تي شايع ڪرڻو هوس، سو ائين ئي ضبط ٿيو هو. ان جو جيڪو اشتهار ڪڍيو هئائين، سو به تمام جرات ڀريو هو، ۽ اهو ئي شايد ضبطيءَ جو اڳواٽ  سبب بنيو هوندو. ڪاش، اهو ” غدار نمبر“  شايع ٿي سگهي ها، جنهن ۾ ملڪ جي مجرمن جي فهرست هئي!

مسلسل مشقتن سببان، سندس صحت بريءَ طرح متاثر ٿي رهي هئي، ۽ آخري ڪجهه سالن کان ٽي. بيءَ جي مرض جو غلبو وڌي ويو. حيدرآباد جو دوست نواز ڊاڪٽر، محترم رحم علي عباسي، سندس علاج تي ورهين کان وٺي توجهه ڏيندو رهيو، جنهن جي ئي سهاري سان هو وري وري بيماريءَ جي بستري تان اٿي پيو ميل ملاقاتون ڪندو هو. ان معاملي ۾ مرحوم ڏاڍو سخت جان هو.

حيدرآباد جي ’رائٽرس گلڊ‘ سندس علاج ۽ امداد لاءِ ٺهراءَ  پاس ڪيو، ۽ مرحوم خود به مرڪزي گلڊ سان ڪافي خط ڪتابت هلائي هئي، پر سڄي سال جي مدت به شايد ڪاغذي منظورين لاءِ ڪافي ڪانه هئي! هن نهايت دلدوز ۽ سخت طريقي سان مرڪزي ’رائٽرس گلڊ‘ کي مسلسل مراسلا لکيا، ۽ ’گلڊ‘ جي صوبائي مجلس عامله جي سنڌي رڪن، محترم گرامي صاحب پڻ هن باري ۾ لکپڙهه هلائي، پر افسوس آهي ته اتان جواب نهايت مختصر  ۽ مايوس ڪُن، ڊگهن ڊگهن وقفن کان پوءِ ملندا رهيا. ڪڏهن ٻن سٽن ۾ لکيو ويو ته ’سيڪريٽري جنرل دوري تي ويل آهي‘، ته ڪڏهن ’عالي صاحب گشت ۾ ويل آهي‘، وغيره: حالانڪه انهيءَ دوران ۾ جناب قابل اجميري (جو پڻ حيدرآباد ۾ ئي رهندڙ هو)، مرحوم عبدالمجيد ’سالڪ‘، جناب احمد رياض، وغيره، اردو ۽ پنجابي اديبن کي نه فقط علاج جون فوري سهولتون ڏنيون وئيون، پر 5 -5 سؤ رپين جا ماهيانا وظيفا به کين عطا ڪيا ويا! تازو ئي، صوبائي سيڪريٽري، مسٽر وقار عظيم، اولهه  پاڪستان جي سڀني شاخن کي جناب حاجي لق لق جي علاج لاءِ امدادي رقمن گڏ ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، حالانڪه سنڌيءَ جي هڪڙي ئي اديب جي علاج لاءِ، ٻارهن مهينن جي مدت ۾ به توجهه نه ڏنو ويو. اديب سڀ اديب آهن، ۽ انهن جي شخصيت ڪنهن  به علائقي، قوم يا زبان وغيره جي امتياز کان بلند آهي: اسين ائين ئي سمجهون ٿا، ۽ ان ڪري ڪنهن کي به ورسائڻ ۾ اسين بنهه ارها ڪين آهيون، پر اهو ئي نقطه نظر ’گلڊ‘ جا ڪارپرداز پڻ اختيار ڪن، سا گذارش اسان کي ضرور ڪرڻي آهي. گذريل سال سنڌيءَ جي هڪ اڌ اديبن تي ماهوار صرف هڪ سؤ رپين جي وظيفي جو احسان ڪيو ويو هو، سو به ٻڌون ٿا ته  هاڻي جاري نه رهيو آهي. ’گلڊ‘ جي حيدرآباد واريءَ سنڌي شاخ، مرحوم شمس جي علاج ۽ امداد سان گڏ، سنڌي ادب جي چند مستحق اديبن مثلاً جناب محمد صديق مسافر،  مرحوم حاجي محمود خادم، وغيره جي امداد جي سفارش پڻ گذريل سال ڪئي هئي، پر ان جي شنوائي به ڪانه ٿي. اميد ته خاص طور گلڊ جون سنڌي شاخون هن معاملي ۾ تدارڪ حاصل ڪنديون.

بيماريءَ جي بستري تي ئي مرحوم شمس، حضرت علي عليه السلام جي ” نهج البلاغه“  جو سنڌي ترجمو.، جناب نذير  حسين حيدريءَ جي مشورن سان، مڪمل ڪيو، جو پڻ هن وقت حيدرآباد جي اسماعيليه ائسوسئيشن وٽ آهي، ۽ اسان جي زوردار گذارش آهي ته مرحوم  جي هن شاندار محنت کي ضرور اشاعت  هيٺ آندو وڃي. سندس اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل مضمون ۽ شعر وقت بوقت شايع ٿيندا رهندا هئا، ۽ ڪيترائي اڻڇپيل مقالا ۽ شعر، ۽ ڪجهه سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب پڻ سندس ڀائرن وٽ محفوظ آهن.

خواجه شمس دليريءَ  ۽ حوصله منديءَ، زنده دلي ۽ يارويسي، جو مجسمو هو. هو سنڌ جي جوانن لاءِ هڪ بهترين مثال هو: هڪ اڪيلو، هٿن خالي شخص، جنهن جي خلاف گويا سڄي دنيا هئي، وقت جي حڪومت خلاف، قوم خلاف، حتاڪ ابو اما به خلاف، انتهائي بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾، جنهن طرح پنهنجن اصولن تي اٽل رهي، آخرين دم تائين قومي ۽ عوامي خدمت ڪندو رهيو، سو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جي زندگيءَ مان اسان سڀني کي سبق پرائڻ کپي.

خواجه شمس سچ پچ ته هڪ قلندر هو، جنهن جي ساري زندگي  جدوجهد ۾ گذري. اسين سندس وفات جي غم ۾ سندس ڀائرن ۽ دوستن سان برابر جا شريڪ آهيون. خدا پاڪ کيس مرهي، ۽ مٿس پنهنجي رحمت ڪري!

نموني طور، سندس هڪ غزل مان ڪي شعر هيٺ درج ڪجن ٿا، جيڪو ڏيپلائي صاحب جي ”عبرت“ اخبار ۾ شايع ٿيو هو. اهو غزل پاڻ بدين جي ”مجلس ادب“ جي هڪ طرحي مشاعري ۾، 1- مئي 195’ع تي پڙهيو هئائين، جنهن ۾ ’نياز‘ همايوني، نذير حسين حيدري، اختر رضوي، شمشير الحيدري، وغيره پڻ شريڪ هئا.

اڄ ڏسي حالت وطن جي، پيچ و خم کائي ٿي دل،

هن تباهيءَ تي، عزيزو، خون ٽپڪائي ٿي دل.

حاڪمن وٽ عدل ناهي، آهه رشوت زور تي،

پاڻ ڀي تڙڦي ٿي دل، ۽ مون کي تڙڦائي ٿي دل.

ظلم ۽ زوري وڌي وئي ملڪ ساري ۾، سڄڻ،

ظالمن جون چوطرف پاڙون پٽڻ چائي ٿي دل.

اُف سياست، سنڌڙي، تنهنجي وئي نابود ٿي،

تنهنجي سياست کي وري نئين سر اَڏڻ چاهي ٿي دل.

هي عياشيءَ جا حسين محلات ڇو قائم رهن؟

هي بُراين جا اَڏا پاڙؤن پَٽڻ چائي ٿي دل.

جن بنايا محل ماڙيون، خون چُوسي قوم جو،

تن لُٽيرن کان اهي واپس وٺڻ چائي ٿي دل.

ملڪ جو برباد هاري آهي، ۽ مزدور پڻ،

تن جي برباديءَ جو اڄ بدلو وٺڻ چائي ٿي دل.

ويا زمينون حقّ وارن جون کڻي غاصب امير،

قوتِ بازوءَ سان سي واپس وٺڻ چائي ٿي دل.

مالڪانِ مِل ، يهوديءَ مان ڦِري فرعون ٿيا،

ظالمن کان سي مِلون زوريءَ کسڻ چائي ٿي دل.

غير کان گندم وٺي، وڪڻي ڇڏيئون پنهنجو وطن،

برسرِ پيڪار تن سان اڄ ٿيڻ چائي ٿي دل.

ڪي خوشامد- خُو صحافي ٿا هڻن هامون غلط،

تن لغورن جي لٻاڙن تي به شرمائي ٿي دل.

ڪي سڄڻ صالح ڪجن پيدا وطن جي واسطي،

بس، انهن جي جستجو ۾ پيچ و خم کائي ٿي دل

شاعرِ رنگين نوا، ڇڏ گل ۽ بلبل جو بيان،

تنهنجي دل جا آتشين نغما ٻڌڻ چائي ٿي دل.

ڪيئن اچي آخر پُڄاڻي غاصبانِ قوم جي:

”دل کي سمجهايان ٿو مان، ۽ مون کي سمجهائي ٿي دل.“

”شمس“ جي سوزش کان ٿي پاسي، مريض مصلحت!

توکان نفرت ٿي مون کي، ۽ تو کان گهٻرائي ٿي دل.

 

مرزا علي بخش ’ڪوثر‘، مرحوم

حيدرآباد جي مشهور ٽنڊي آغا جي خيرپوري مرزائن جو معزز فرد، مرحوم شمس العلام مرزا قليچ بيگ جو شاگرد، مرزا علي بخش ’ڪوثر‘، اڱاري ڏينهن، 8- آگسٽ 1961ع تي، پنجاهه سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.

مرزا صاحب 27- ڊسمبر 1911ع تي حيرآباد ۾ ڄائو. سندس والد، مرزا دوست محمد، مير عبدالحسين ’سانگيءَ‘  جي خاص مصاحبن مان هو. سنڌيءَ جو بزرگ اديب ۽ شاعر مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي سندس وڏو ڀاءُ آهي، جنهن ڏهن سالن جي عمر ۾، والد جي وفات بعد، کيس سنڀاليو ۽ پڙهايو. 1933ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، لاڙڪاڻي جي انڪم ٽئڪس آفيس ۾ ڪلارڪي ڪرڻ لڳو. ٽن سالن بعد، حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪلارڪي مليس، ۽ ان وقت کان و‎ٺي صحت کاتي ۾ ملازمت ڪندو رهيو، جتي پنهنجيءَ محنت ۽ ايمانداريءَ  سان حيدرآباد ڊويزن جي ائڊمنسٽريٽو آفيسر جي عهدي تي رسيو.

مرحوم خوش خُلق، رلڻو ملڻو، ۽ سادي سڀاءَ وارو هو. شعر ۽ نثر ۾ سٺو ملڪو حاصل هوس.  مرزا قليچ بيگ مرحوم، جناب ’احسن‘ ڪربلائيءَ ۽ جناب شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ کان ڪلام جي اصلاح ورتائين. وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ، پنهنجي ڪلام کي خود مرتب ڪيو هئائين. سندس ڪلام گهڻو ڪري مرثين، سلامن، غزلن ۽ نظمن تي مشتمل آهي.

مرزا صاحب کي ڳچ عرصي کان دل جي دوري جي شڪايت هئي. اداري کي سندس پوين، ۽ خاص طرح جناب ’احسن‘ ڪربلائيءَ  سان دلي همدردي آهي. رب سائين کيس شال پنهنجيءَ رحمت ۾ جاءِ ڏئي!

مرحوم‘ ڪوثر‘ جي هڪ نظم مان چند بند درج ڪجن ٿا.

محبت جي مرلي

عزيزو، هي هڪ عرض منهنجو اَگهايو،

بغاوت ڪنان ديس پنهنجو بچايو،

نه هڪٻئي سان هرگز اوهين وير پايو،

محبت جي هر وقت مُرلي وڄايو!

وڌايو سڀئي جوش حبِ وطن جو،

ڌَريو ڌيان من ۾ نه تَنَ جو، نه ڌن جو،

عناد ۽ حسد پنهنجي دل تان مِٽايو:

محبت جي هر وقت مُرلي وڄايو.

هلو پاڻ ۾ گڏجي سڀ باصداقت،

ڪري بحث پنهنجي گهٽايو نه طاقت،

رکڻ خير گهرجي، وڙهڻ ٿيو اجايو:

محبت جي هر وقت مُرلي وڄايو.

اوهان ڪهڙي هڪٻئي سان پاتي عداوت،

نفاق ۽ حسد، بغض، وير ۽ بغاوت،

ڇو پنهنجي هٿين پاڻ گهر کي ڦٽايو؟

محبت جي هر وقت مُرلي وڄايو.

جڏهن عام ٿي آهي نفرت سڀن ۾،

۽ گهٽ آهي پڻ شوق الفت سڀن ۾،

تڏهن عزم همت کي پنهنجي وڌايو:

محبت جي هر وقت مُرلي وڄايو.

هي دنيا اوهين سمجهو هڪ گهر برابر،

رهون جنهن ۾ گڏ ٿا بمثلِ برادر،

سڀئي آهيون پنهنجا، نه ٿيو ڪو پرايو:

محبت جي هر وقت مُرلي وڄايو.

نه ٿيو ڪنهن تي خندان، ڏسي منجهه مصيبت،

ڪريو ڪين ڪنهن جي گلا خواهه غيبت،

انهيءَ چال کان پاڻ پنهنجو بچايو:

محبت جي هر وقت مُرلي وڄايو.

ڪيون جيئن وڏن ديس سان ٿي ڀلايون،

اڃا جن جو نالو سڀئي پيا ٿا ڳايون،

انهن جيان اوهين نيڪ نالو ڪڍايو:

محبت جي هر وقت مُرلي وڄايو.

 

جي صدما اوهان کي رسيا، سي وساريو،

۽ ڏک سک ۾ هر وقت گڏجي گذاريو،

اها مدعا ٿي، اِهو منهنجو رايو:

محبت جي هر وقت مُرلي وڄايو.

جنهين خانه جنگيءَ کان فرصت نه آهي،

۽ جن کي حميّت مروّت نه آهي،

هي پيغام ’ڪوثر‘ جو تن کي سڻايو:

محبت جي هر وقت مُرلي وڄايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com