سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :27

 

6. ابو عباده وليد بن عبيدالبختري. ” حماسه“ جي مصنف ’ابو تمام‘ جو همعصر ۽ عربيءَ جو مشهور شاعر، ابو عباده، ڪيترو وقت اچي ملتان ۾ رهيو. (1). منصوره واٽ تي هوس، انهيءَ ڪري اتي به ترسيو هوندو.

7. ابوالعباس احمد بن محمد بن صالح التميمي المنصوري. سندس ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. هو جيد عالم ۽ بلند پايه مصنف هو. دائودي مذهب جو امام هو. سندس باري ۾ بشاريءَ جو بيان اڳ ۾ اچي چڪو آهي. هو منصوره جو رهاڪو هو، ۽ اتي قضا جي عهدي تي فائز هو؛ پوءِ عراق وڃي رهيو. سمعانيءَ سندس لاءِ لکيو آهي:

”عراق ۽ فارس ۾ رهندو هو. ابوالعباس ڪنيت ڪندو هو، ۽ دائود الاصفهانيءَ جي مذهب جو مشهور امام هو. فارس ۾ پهچي هن فن آثار ۽ ان جي طبقي مان حديث جي سماعت ڪئي. ’مستدرڪ‘ جي صاحب، الحاڪم عبيدالله، حديث جي روايت ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جيڪي عالم ڏٺا، تن سڀني ۾ هي نهايت ظريف طبع وارو هو“ (2)

ان مان معلوم ٿيندو ته هو الحاڪم جي شيوخ مان هو.  ان کان سواءِ الحاڪم ” المعجم“ ۾ به سندس ذڪر ڪيو آهي. سندس باري ۾ ابن نديم ’المنصوري‘  جي عنوان هيٺ لکي ٿو:

”ابوالعباس ڪنيت، ۽ احمد نالو هوس. محمد بن صالح جو پٽ هو، ۽ دائود ظاهري جي مسلڪ جو پيرو هو. دائودي مسلڪ جي جيد عالمن ۾ سندس شمار آهي. جليل القدر تصنيفون لکيائين، جن مان ڪي تمام عمديون ۽ ضخيم آهن. سندس ڪن ڪتابن جا نالا هي آهن:

1. المصماع ڪبير، 2. ڪتاب اخادي، 3. ڪتاب السير.(1)

8. ابراهيم بن محمد بن ابراهيم بن عبدالله ديبلي. سمعانيءَ سنڌ جي هڪ ٻئي محدث، شيخ ابراهيم بن محمد بن ابراهيم بن عبدالله جو به ذڪر ڪيو آهي. ياقوت حمويءَ ”معجم البلدان“ ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي. سندس شيوخ حديث مان موسيٰ بن هارون ۽ محمد بن علي صائغ وغيره هئا.(2)

9. شيخ علي بن موسيٰ. شيخ علي بن موسيٰ ديبلي به ممتاز محدثن مان هو. سندس شاگردن مان شيخ خلف بن محمد بن موازيني ديبلي هو، جنهن بغداد ۾ سڪونت اختيار ڪئي. اتي پنهنجي شيخ جون روايتون بيان ڪندو هو. (3)

شيخ ابوالحسن احمد بن محمد بن عمران ابن جندي سندس شاگردن مان هو. سمعانيءَ سندس ذڪر ڪيو آهي.

10. ابو محمد عبدالله ابن جعفر ابن مره المنصوري المتري. هي به وڏو عالم ۽ محدث ٿي گذريو آهي. سمعانيءَ جو بيان آهي: ” سندس رنگ سياهيءَ مائل هو هن حسن بن مڪرم ۽ ان جي همعصرن کان حديث جي سماعت ڪئي. الحاڪم به کانئس روايت ڪئي آهي“ (1).

11. شيخ ابو تراب ’تبع تابع‘. هن صاحب جو ذڪر اڳ ۾ به ڪيو ويو آهي. سندس مقبرو ٺٽي جي ڀرسان آهي.

12. شيخ ابو القاسم شعيب بن محمد، معروف به ابن ابي قطان ديبلي. چوٿين صديءَ جي محدثن مان هو. مصر ويو، جتي محدثن کانئس روايتون ورتيون. شيخ ابو سعيد بن يونس سندس شاگردن مان هو. سمعانيءَ سندس ذڪر ڪيو آهي. (2)

13. ابوالعباس احمد بن عبدالله ديبلي. هن صاحب، سنڌ ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ اسلامي دنيا جو سفر ڪيو، ۽ ممتاز استادن ۽ شيخ کان حديث جون روايتون ورتائين. سندس شيوخ حديث ۾ قاضي ابو خليفه (بصره)، جعفر بن محمد فريابي (بغداد)، مفضل بن محمد جندي، محمد بن ابراهيم ديبلي (مڪه)، علي بن عبدالرحمان، محمد بن زيان (مصر)، ابوالحسن احمد بن عمير (دمشق)، ابو عبدالرحمان مڪحول (بيروت)، ابو عروبه حسين بن ابو معشر (بحران)، احمد بن زهير، عبدان بن احمد حافظ (عسڪر)، ۽ ابوبڪر محمد بن اسحاق بن خزيمه، وغيره هئا؛  ۽ شاگردن جي صف ۾ امام حافظ ابو عبدالله حاڪم، صاحب ”المستدرڪ“ ، جو جليل القدر اسم گرامي به آهي. نيشاپور ۾ قيام اختيار ڪيائين، ۽ اتي ئي خانقاه ۾ رهي رشد، هدايت، علم ۽ فن جي خدمت انجام ڏيندو رهيو. صوف جو لباس اختيار ڪيائين. ڪڏهن پيرين اگهاڙو به گهمندو وتندو هو. نيشاپور ۾ 343 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو الحيره ۾ آهي. سمعانيءَ ”ڪتاب الانساب“ ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي. (1)

14. اهڙيءَ طرح، انهيءَ زماني جي زاهدن ۽ صالحن مان شيخ ابوالعباس، محمد بن محمد عبدالله، وراق، ديبليءَ جو اسم گرامي به آهي. سندس شيوخ حديث مان ابو خليفه فضل بن حباب جمعي، جعفر بن محمد فريابي، عبدان بن احمد عسڪري، محمد بن عثمان بن ابي سويد بصري، وغيره آهن؛ ۽ شاگردن ۾ شيخ حافظ ابو عبدالله حاڪم، صاحب  ”المستدرڪ“،  جو اسم گرامي آهي. انهيءَ زماني جو وڏو زاهد ۽ عابد هو. ’زاهد‘ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو، جو ان زماني ۾ صوفين لاءِ ڪتب ايندو هو. 354هه ۾ وصال ڪيائين. شيخ ابو عمرو بن نجيد سندس جنازي جي نماز پڙهائي. (2)

15. شيخ ابو علي سنڌي. هيءُ صاحب به ان دور جي مشائخن مان هو. مشهور شيخ طريقت، ابو يزيد طيفور بن عيسيٰ بسطاني (متوفي 261هه) جي شيوخ مان هو. بايزيد چوي ٿو ته مون ابو عليءَ کان فنا ۽ توحيد جو علم سکيو، ۽ ابو عليءَ مون کان ’الحمد‘ ۽ ’قل هو الله احد‘. ”نفحات“ ۾ شيخ روزبهان جي ” شطحيات“ جي شرح کان نقل آهي ته هو بايزيد بسطامي رحه جو استاد هو. شيخ ابو نصر عبدالله بن علي بن سراج طوسيءَ به سندس ذڪر پنهنجي مشهور ڪتاب ”اللمع“ ۾ ڪيو آهي. (1)

16. ان زماني جي سنڌ جي عالمن مان منصور بن حاتم نحويءَ جو ذڪر به آيو آهي. هو آل خالد بن اسيد جي موالي مان هو، ۽ سنڌ ۾ رهندو هو. بلاذريءَ ”فتوح البلدان“ ۾ هند ۽ سنڌ بابت معلومات، سندس روايت سان نقل ڪئي آهي.(2)

17. شيخ ابو جعفر محمد بن ابراهيم ديبلي. مڪي معظم ۾ رهندو هو. ياقوت حمويءَ ۽ سمعانيءَ سندس ذڪر ڪيو آهي. هن ابن عينيه جي ”ڪتاب التفسير“، ۽ شيخ عبدالله سعيد بن عبدالرحمان  مخزوميءَ کان روايت ڪئي. اهڙيءَ طرح، هن ابن مبارڪ جي مشهور ڪتاب ” البروالصله“ ۽ ابو عبدالله حسين بن حسن مروزيءَ کان روايت ڪئي آهي. سندس شاگردن مان عبدالحميد بن صبيح، ابو الحسن احمد بن ابراهيم بن فراس مڪي، ۽ ابوبڪر محمد بن ابراهيم، علي بن مقري، وغيره آهن.

18. ابو محمد عبدالله بن جعفر منصوري. هن کان قرآن حڪيم جي علم ۾ مهارت حاصل هئي. ’مريءَ‘ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو. حسن بن مڪرم وغيره کان حديثون ٻڌائين. حاڪم سندس روايتون،” مستدرڪ“ ۾ ورتيون.(1)

 اسلامي حملن کان پوءِ، سنڌ مان ڪيترا سنڌي عرب دنيا ۾ غلام ٿي ويا. انهن مان ڪيترا وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿيا.

1. ابو معشر سنڌيءَ جو نالو سرفهرست آهي. حديث، مغازي ۽ فقهه ۾ ڪمال حاصل ڪيائين؛ خاص طرح مغازيءَ  جي فن ۾ استاد ليکيو ويو آهي. سندس استادن مان محمد بن ڪعب، قرظي، سعيد بن ابي سعيد، مقيري، ابو برده بن ابي موسيٰ، هشام بن عروه، موسيٰ بن بشار، نافع، محمد بن قيس، وغيره آهن. ”جامع ترمذيءَ“ ۾ سندس روايت موجود آهي.  سندس شاگردن ۾ جليل القدر عالمن ۽ فاضلن جا نالا آهن: جهروڪ محمد بن ابي معشر، عبدالرزاق، ابو نعيم، محمد بن بڪار، منصور بن ابي مزاحم، ليث بن سعد، عبدالله بن ادريس، هشيم، ابن مهدي، ابو نصر، هاشم بن قاسم، وڪيع، هوزه بن خليفه، عثمان بن عمرو، محمد بن سوا، محمد بن عمرو اقدي، ابو ضمره، سعيد بن منصور، عاصم، بن علي، ابو ربيع زهراني ۽ فن حديث ۽ فقهه جو مشهور امام سفيان ثوري. علامه ذهبيءَ، امام احمد بن حنبل، خطيب بغداديءَ، ابو نعيم خليليءَ سندس ذڪر ڪيو آهي. خليفو مهدي سندس علم ۽ فضل جو قدردان هو. سڀڪنهن کيس مغازيءَ جو امام مڃيو آهي. سندس تصنيفن مان ” المغازي“ تمام مشهور هئي. ابن نديم ” الفهرست“ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. 1700هه ۾ وفات پاتائين. خليفي هارون رشيد سندس جنازي جي نماز پڙهائي. بغداد جي مقبره ڪبيره ۾ سنڌ جو هيءُ فخر مدفون ٿيو. (1)

2. ابو عبدالملڪ محمد. سندس فرزند به وڏو عالم هو. ابو حاتم محمد بن ادريس رازي، محمد بن ليث جوهري، ۽ ابو يعليٰ  موصليءَ سندس روايت ڪيل حديثون بيان ڪيون آهن. نوانوي سالن جي عمر ۾، 244هه ۾، وفات ڪيائين. (2)

3. شيخ الاسلام عبدالرحمان بن عمرو امام اوزاعي. فقهه جي هڪ مذهب جو باني هو؛ شام ۽ اسپين ۾ ڪيتي زماني تائين سندس پوئلڳن جو وڏو تعداد موجود رهيو. فقهه جي تاريخ ۽ خلافيات ۾ اڄ تائين اهو مذهب معلوم ۽ مشهور آهي. سندس والد سنڌي هو. پاڻ دمشق جي هڪ ڳوٺ ۾، 88 هه ۾ پيدا ٿيو. آخر عمر ۾ بيروت ۾ قيام ڪيائين. حمام ۾ ڄاڻي واڻي باهه ۾ کيس جلايو ويو. سندس وفات جي سال ۾ اختلاف آهن؛ عام طرح مؤرخن 156هه لکيو آهي. سندس استادن مان عطاء بن ابي اباح، قتاده، شداد، نافع، مولي، عمر، زهري ۽ محمد بن سيرين، وغيره آهن؛ ۽ شاگردن مان مالڪ، شعبه، ثوري، ابن مبارڪ، يحيٰ بن سعيد قطان، وغيره آهن. ابن مهديءَ، امام احمد بن حنبل، امام ابو اسحاق فزاري، اسماعيل بن عباس، عبدالله بن مبارڪ ۽ سفيان ثوريءَ سندس ذڪر ڪيو آهي. امام اوزاعي ۽ امام اعظم سندس همعصر هئا؛ امام اعظم به سندس قدردان ۽ سندس علم جو معترف هو (1)

4. حافظ ابو محمد بن سالم سنڌي. هڪ سنڌي غلام هو، جو عرب ۾ وڃي وڏو عالم ٿيو. سندس استادن مان هشيم، ابن بشر، يحيٰ بن سعيد قطان، عبدالرحمان بن مهدي، اسماعيل بن عليه، سعد بن ابراهيم بن سعد، يعقوب بن ابراهيم، ابن عيسيٰ، ابو نعيم فضل بن وڪيع، محمد بن جعفر، يزيد بن هارون، وهب بن جرير، عبدالرزاق بن همام، ابن منير، وغيره آهن. سندس شاگردن ۾ اسماعيل بن ابي حارث، حاتم بن ليث، يعقوب بن شيبه، احمد بن ابي خثيمه، جعفر طيالسي، عباس دوري، يعقوب بن يوسف مطعوي، حسن بن علي معمري، احمد بن حسن بن عبدالجبار صوفي، ابوالقاسم بغوي، احمد بن علي آبار، عثمان دارمي، وغيره آهن. امام احمد بن حنبل، يحيٰ بن معين، مسود، حميدي، يعقوب بن شيبه، حمزه ڪاناني، امام سنائي، خطيب ۽ ابن حجر سندس ذڪر ڪيو آهي. 22- رمضان 231هه ۾ 61 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.(1)

5. ابو العباس فضل بن سڪيف بن سحيت، سنڌي، قطيعي، معروف به سنڌي. حديث جي مشهور راوين مان هو. صالح بن بيان ساحلي ۽ احمد بن محمد رمليءَ کان حديثون روايت ڪيائين. کانئس محمد بن موسيٰ بن حماد بربريءَ، ابو يعلي موصليءَ، ابراهيم بن عبدالله مخرميءَ ۽ محمد بن محمد باغنديءَ روايتون ڪيون.(2)

6. ابو نصر فتح بن عبدالله سنڌي. آل حڪم جي موالي مان هو؛ پوءِ آزاد ٿيو. مختلف علمن، فقهه ۽ ڪلام وغيره ۾ وڏو ماهر هو. فقهه جي تحصيل ابو علي ثقفيءَ کان ڪيائين، ۽ حديث جي روايت حسن بن سفيان وغيره کان ڪيائين. فقيهه ۽ مڪلم جا لقب حاصل ڪيائين. شاگردن ۽ معتقدن جو وڏو ٽولو وٽس هوندو هو. حافظ عبدالله سندس ذڪر ڪيو آهي. (3)

عرب حڪومت جي زماني ۾ حديث جي علم جو چرچو هليو، جو ’سرباتڪ‘ جي افساني وڏي شهرت حاصل ڪئي. عرب مؤرخن سرباتڪ کي قنوج جو حڪمران ليکيو آهي. شيخ سرباتڪ جي دعوا هئي ته حضور سرور ڪائنات صلي الله عليه وآله وسلم، حضرت حذيفه ۽ حضرت اسامه رضه کي ڏانهنس اسلام جي دعوت لاءِ موڪليو هو، جنهن تي هن اسلام قبول ڪيو هو. انهيءَ روايت کي اسلامي دنيا ۾ وڏي شهرت حاصل ٿي. فن رجال جي ڪتابن ۾ سندس ذڪر آيو. علامه ابن اثير ”اسدالغابه“ ۾، حافظ ” اصابه“  ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي.  شيخ اسحاق بن ابراهيم طوسي هندستان آيو، ۽ سرباتڪ سان ملي صورتحال جي تحقيق ڪيائين. سرباتڪ ساڻس پنهنجي عمر 725 سال بيان ڪئي، ۽ پنهنجي اسلام آڻڻ جو مٿيون واقعو بيان  ڪيو. اهڙيءَ طرح شيخ ابو حاتم حلويءَ، ابو سعيد مظفر بن اسد حنفيءَ جي هيءَ روايت نقل ڪئي آهي ته سرباتڪ ساڻس بيان ڪيو ته هو ٻه دفعا حضور صلعم جن سان ملي چڪو آهي. هڪ دفعو مڪي معظم ۾، ۽ ٻيو دفعو مديني منور ۾. علامه ذهبيءَ، ”تجريد“ ۾ مٿس جرح ڪئي آهي. سرباتڪ 333هه ۾ وفات ڪئي. (1)

سنڌ ۾ اسلام.

عربي حڪومت جي زماني ۾ علم ۽ فصل جي بيڪران بحر مان نه فقط مسلمان، پر سنڌ جا هندو به مستفيض ٿي اسلام تي اچڻ لڳا. بلاذريءَ (4 صدي هجري: 9 صدي عيسوي) جو بيان آهي ته ڪشمير، ڪابل ۽ ملتان جي وچ ۾ هڪ شهر عسفيان (اسيوان) نالي هو (2). اتي جي راجا جو هڪ لاڏلو پٽ سخت بيمار ٿي پيو. راجا مندر جي پوڄارين کي گهرائي چيو ته سندس پٽ جي سلامتيءَ جي دعا گهري وڃي، جن ٻئي ڏينهن ٻڌايو ته ديوتائن کيس جيئري رکڻ جو وعدو ڪيو آهي. قدرتاً اهو ڇوڪرو گذاري ويو. راجا کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان وقت مندر ڊهرائي ڇڏيائين ۽ پوڄارين کي مارائي ڇڏيائين. ان کان پوءِ شهر ۾ جيڪي مسلمان سوداگر هئا، تن کي گهرائي سندن مذهب جو احوال پڇيائين. هنن اسلام جا عقيدا بيان ڪيا، ۽ هو مسلمان ٿي ويو(1). بلاذريءَ جو چوڻ آهي ته اهو واقعو معتصم بالله (218-227هه) جي زماني ۾ ٿيو.

ٿوري وقت کان پوءِ سنڌ جي ٽڪرن تي هندو حڪمران ٿي ويا هئا. عربي حڪومت سنڌ جي فقط هڪ حصي تي هئي. اهڙي هڪ راجا جي اسلام آڻڻ جو واقعو مٿي بيان ٿيو. ٻئي هڪ اهڙي راجا جو به واقعو ملي ٿو، جنهن قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو. 270 هه (883ع) ۾ سنڌ جي هڪ هندو راجا، مهروڳ بن رامڪ،-- جو الرا ( يعني الور، سنڌ جو قديم شهر) جو حاڪم هو، جنهن جو راڄ ڪشمير ۽ پنجاب جي وچ ۾ هو، ۽ هندستان جي وڏن راجائن مان هو. منصوره جي امير عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز هباريءَ ڏانهن لکي موڪليو ته ڪنهن اهڙِ شخص کي مون ڏانهن موڪليو، جو سنڌيءَ ۾ مون کي اسلام سيکاري. منصوره ۾ عراق جو هڪ مسلمان عالم هو، جو تمام تيز طبيعت ۽ سياڻو ۽ شاعر هو، ۽ جيئن ته سنڌ ۾ پليو هو، تنهنڪري سنڌ جون مختلف زبانون ڄاڻندو هو. امير جي چوڻ سان هو تيار ٿيو. هن راجا جي زبان ۾ هڪ قصيدو لکي راجا ڏانهن موڪليو. راجا اهو قصيدو پسند ڪيو ۽ ان ڏانهن سفر خرچ موڪلي گهرايائينس. هو راجا جي درٻار ۾ ٽي سال رهيو، ۽ سندس خواهش موجب هن قرآن شريف جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. راجا روزانو ترجمو ٻڌندو هو، ۽ بيحد متاثر ٿيندو هو. هڪ دفعو سوره ياسين جي هڪ آيت جو جڏهن کيس ترجمو ٻڌايو  ويو، تڏهن هو تخت تان هڪدم لهي آيو ۽ ٻيهر ترجمو ٻڌي، ٻه ٽي قدم اڳتي وڌي، سجدي ۾ ڪري پيو، ۽ سجدي ۾ ايترو ته رنو جو سندس ڳل به آليءَ مٽيءَ ۾ ڀرجي پيا. گهڻي وقت کان پوءِ جڏهن سجدي مان اٿيو، تڏهن سندس زبان مان وڏي آواز ۾ هي الفاظ نڪتاس: ’بيشڪ، اهو ئي رب معبود آهي، جو ازلي ۽ ابدي آهي.‘

جڏهن مذڪوره شاعر موٽي اچي عبدالله سان مليو، تڏهن ٻڌايائينس ته ” راجا دل سان مسلمان ٿي چڪو آهي، پر رعيت جي ڀَوَ کان ظاهر نٿو ڪري.“(1)

قرآن حڪيم جو پهريون ترجمو اهو آهي، جو هزار سال اڳ سنڌي زبان ۾ ٿيو. ان کان اڳ ٻيءَ ڪنهن به زبان ۾ قرآن حڪيم جو ترجمو ثابت نه آهي. راجا ان عالم کي ڇهه سؤ مڻ سون، ٽي دفعا انعام ۾ ڏنو. ]؟[

سنڌ جو مشهور ظالم حاڪم دلو راءِ جو ڀاءُ، حضرت ڇٽو امراڻي، به سنڌ جي عربي حڪومت ۾ وڃي مسلمان ٿيو. ”تحفته الڪرام“  جو صاحب سندس بابت لکي ٿو:

”خدا تعاليٰ ان کي ننڍپڻ ۾ اسلام جي توفيق عطا ڪئي، ۽ هن انهيءَ شهر (الور) مان نڪري وڃي قرآن شريف ياد ڪيو ۽ اسلام جا عقائد سکيا“ (1)

هن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن سنڌ جي عربي حڪومت جي شهر منصوره يا ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃي اسلام جي تعليم حاصل ڪئي هوندي؛ ڇاڪاڻ جو ان زماني ۾ سنڌ ۾ عربي حڪومت ڪمزور حالت ۾ موجود هئي.

عربن ۽ هندن جا مذهبي مناظرا. عربن جا سنڌي ماڻهن سان تعلقات ايتريقدر ته وڌي ويا جو هندن يا ٻوڌين سان سندن دوستاڻا مذهبي مناظرا ٿيڻ لڳا. معتصم جي پيءُ، هارون رشيد ( ٻي صدي هجري، پڇاڙي)، جي زماني جو واقعو آهي ته هندستان جي ڪنهن راجا هارون رشيد کي چوائي موڪليو ته ’اوهين پنهنجي مذهب جي ڪنهن عالم کي مون ڏانهن موڪليو، جو مون کي اسلام کان آگاهه ڪري ۽ منهنجي اڳيان هڪ پنڊت سان مناظرو ڪري‘(2). ٻي روايت آهي ته سنڌ جي ڪنهن راجا وٽ هڪ فاصل پنڊت رهندو هو، جنهن کي راجا آماده ڪري خليفي ڏانهن چوائي موڪليو ته ’مسلمانن وٽ تلوار کان سواءِ مذهب جي سچائيءَ جو ٻيو ڪو به دليل ڪونهي: جيڪڏهن اوهان کي اوهان جي ڌرم جي سچائيءَ جو يقين آهي ته پنهنجو ڪو عالم موڪليو، جو منهنجي پنڊت سان اچي بحث ڪري‘. خليفي هڪ وڏي محدث عالم کي ان ڪم لاءِ موڪليو. پنڊت جڏهن عقلي دليل شروع ڪيا، تڏهن ملا جواب ۾ حديثون پيش ڪرڻ شروع ڪيون؛ جنهن تي پنڊت چيو ته هي ’اوهان لاءِ سند آهن.‘ هڪ ٻيءَ روايت موجب، پنڊت چيو ته ’تنهنجو خدا جيڪڏهن هر شي تي قدرت رکي ٿو، ته ڇا کيس پاڻ جهڙيءَ ڪنهن هستيءَ جي ٺاهڻ جي به قدرت آهي؟‘ ويچاري عالم صاحب چيو ته ’اهڙي قسم جي ڳالهين جو جواب ڏيڻ اسان جو ڪم نه آهي.‘ راجا انهيءَ عالم کي موٽايو، ۽ هارون رشيد ڏانهن چوائي موڪليائين ته ’جيڪي ٻڌندو هوس، اهو اکين سان ڏسي يقين ٿيو ته اوهان وٽ اوهان جي مذهب جي سچائيءَ جو ڪو به دليل ڪونهي.‘ خليفي علم ڪلام وارن کي گهرائي، اهو مسئلو سندن آڏو پيش ڪيو. انهيءَ جماعت  جي هڪ ننڍيءَ عمر واري ڇوڪري چيو ته ’هي اعتراض اجايو آهي. الله ته اهو آهي، جنهن کي نه ڪنهن ٺاهيو آهي ۽ نه ڪنهن پيدا ڪيو آهي؛ هو مخلوق نه آهي. هينئر جيڪڏهن هو پاڻ جهڙو ڪو پيدا ڪندو، ته هو سندس جهڙو ته ٿي نه سگهندو: هو بهرحال سندس مخلوق ئي هوندو. تنهن کان سواءِ، هوبهو خدا جهڙيءَ ڪنهن ٻيءَ هستيءَ جو هجڻ، خدا جي توهين آهي، ۽ خدا پنهنجي توهين ۽ تحقير تي، اهو محال آهي ته قدرت نه رکندو هجي. اهو سوال ڪرڻ اهڙو ئي آهي، جيئن ڪو چوي ته خدا جاهل ٿي سگهي ٿو؟، خدا مري سگهي ٿو؟، خدا کائي سگهي ٿو يا پي سگهي ٿو؟ ظاهر آهي ته انهن مان خدا ڪجهه به نٿو ڪري، ڇو ته اهي سڀ ڳالهيون سندس ذات جي شان جي خلاف آهن.‘ اهو جواب  سڀني پسند ڪيو، ۽ خليفي جي مرضي ٿي ته ان پنڊت جي مقابلي ۾ هن ڇوڪري کي سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي. پر ڪنهن تجربيڪار عرض ڪيو ته ’هيءُ ٻار آهي؛ جيڪڏهن هڪڙو جواب  آيس ته ضروري نه آهي ته سڀ جواب اچنس.‘ انهيءَ ڪري هڪ ٻئي مشهور متڪلم کي خليفي چونڊي هندستان موڪليو. هڪ روايت موجب، اهو ٻڌي اڳ به ان متڪلم سان مناظرو ڪري چڪو هو ۽ شڪست کائي چڪو هو.  ٻيءَ روايت موجب، جڏهن اهو متڪلم رستي ۾ هو، تڏهن پنڊت هڪ ماڻهو موڪلي معلوم ڪيو هو ته هي فقط مذهبي ملا آهي يا عقليات مان به واقف آهي. جڏهن کيس خبر پيئي ته هو عقليات کان به واقف آهي، تڏهن پوءِ، ٻنهي روايتن موجب، پنڊت، ان جي مقابلي ۾ پاڻ کي ڪمزور سمجهي، کيس رستي ۾ ئي زهر ڏياري مارائي ڇڏيو.

اهڙي هڪ ٻئي مناظري جو به پتو پوي ٿو. ٻڌمت جا پوئلڳ ظاهري حواسن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ذريعي علم جا قائل نه هئا. بصري ۾ - واصل بن عطا، جهم بن صفوان، ۽ ٻوڌين جي وچ ۾ انهيءَ مسئلي تي مناظرو ٿيو. آخر واصل پنهنجن دليلن سان ان کي قائل ڪيو(1)

عربي شاعري. مٿي اچي چڪو آهي ته عربن جي حڪومت جي ڪري عربي زبان گهڻي قدر مروج ٿي چڪي هئي؛ انهيءَ ڪري سنڌي ماڻهو عربيءَ ۾ شاعري به ڪرڻ لڳا. اهڙن شاعرن مان جن جو احوال ملي ٿو، انهن جو هت تعارف ڪرائجي ٿو.

1. هارون بن عبدالله، ملتاني. بنو ازد جي آزاد ڪيل غلامن مان هو. ابو دلف، پنهنجي سفرنامي ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي (2). سندس ڪيترا ئي شعر تاريخي ڪتابن ۾ ملن ٿا.

2. سندي بن صدقه. هڪ سنڌي شاعر هو. سندس ذڪر ابن الغمان پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. شاعر هجڻ سان گڏ، سٺو ڪاتب ۽ عالم ۽ فاضل به هو. سندس هڪ سؤ صفحن جو هڪ ڪتاب ابن نديم جي زماني ۾ به موجود هو.

3. ڪشاجم سنڌي. نائين صدي عيسويءَ ۾ هڪ سنڌي شاعر ۽ عالم، ڪشاجم بن شاهڪ سنڌي ملي ٿو. سندس نظم جو ٻن سون صفحن جو ڪتاب ابن نديم جي وقت ۾ به موجود هو(3). هڪ ڪتاب نثر ۾ به هوس.

4. ابو ضلع سنڌي. هڪ ممتاز سنڌي شاعر هو. عربي زبان ۾ سنڌ جي تعريف ۾ سندس هڪ نظم چيل ملي ٿو، جو هن ڪنهن معترض جي جواب ۾، سنڌ جي خوبين ۽ ان جي پيداوار جي تعريف ۾ لکيو آهي (1). مولانا سيد سلمان ندويءَ جو خيال آهي ته ” هن شاعر جي وجود جو زمانو 686 هه کان اڳ هوندو. عجب نه آهي ته هيءُ ٽينءَ يا چوٿينءَ صدي ۾ هجريءَ ۾ ٿي گذريو هجي، ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ عربن جي دور جو زمانو هتي ختم ٿئي ٿو“ (2). سندس نظم جو ترجمو آهي(3):


(1)  ”معجم البلدان“ ، ص 51، باب س.

(2)  ”ڪتاب الانساب“، ورق 243.

(1)  ”الفهرست“ ، ص ، 360

(2)  ”نزهته الخواطر“، ص 65.

(3)  ”نزهته الخواطر“، ص 65.

(1)  ”ڪتاب الانساب“ ص 243

(2)  ايضاً، ۽  ”نزهته الخواطر“، ص 66.

(1)  ”نزهته الخواطر“، ص 70.

(2)  ”نزهته الخواطر“، ج ا، ص 64.

(1)  ”تحفته الڪرام “، ج 3، ص 68؛ ۽  ”نزهته الخواطر“، ص 151.

(2)  ”نزهته الخواطر“، ص 50.

(1)  ”نزهته الخواطر“، ص 67، 64.

(1)  ”تذڪره الحافظ“، ج1، ص 412؛ ”تهذيب التهذيب“، ج10، ص 419؛ ”ڪتاب الانساب“، سمعاني، ورق 313؛ ”تاريخ خطيب بغدادي“، ج 13، ص 42؛ ”شذرات الذهب“، ج1، ص 278؛ ”الفهرست“، ص 136، طبع مصر.

(2)  ”ڪتاب الانساب“، ص 314؛ ’تاريخ خطيب بغدادي‘، ج 3، ص 326

(1)  ”تذڪره الحافظ“، ج 1، ص 60؛ ”تهذيب التهذيب“، ج 6، ص 238؛ ”شذرات الذهب“، ج 1، ص 241.

(1)  ”تاريخ خطيب بغدادي“، ج 8، ص 329؛ ”تذڪره الحافظ“، ج 4، ص 65؛ ”تهذيب التهذيب“، ج2، ص 252.

(2)  ”تاريخ خطيب“ ج 12، ص 362؛ ” لسان الميزان“، ج 4، ص 44

(3)  ”ڪتاب الانساب“، ورق 314؛ ”ڪتاب الانساب“، مقدسي، ص 79

(1)  ”نزهته الخواطر“، ج 1، ص 70.

(2)  امير خسرو، ” خزاين الفتوح“ ۾، ’سيوان‘ نالي هڪ قلعي جو ذڪر ڪيو آهي، جو دهليءَ کان 100 فرسنگ جي پنڌ تي هو، ۽ 708 ۾ سيتل چند ان جو راجا هو (”عرب و هند ڪي تعلقات“ ص 235). هڪ رايو آهي ته اها سر زمين، هاڻوڪو سيوهڻ شريف ٿي سگهي ٿي.

(1)  ”فتوح البلدان“ ، ص 446

(1)  ”عجائب الهند“، بزرگ بن شهريار، ص 4 ليڊن.

(1)  ”تحفته الڪرام“، ج 3، ص 44

(2)  ”ڪتاب المنيه والا مل في شرح ڪتاب الملل و النحل“، الاحمد بن يحيٰ المرتضيٰ، باب ذڪر المعتزله، مطبوعه حيدرآباد دکن، سن 1316هه، ص 31، 34، بحواله ” عرب و هند ڪي تعلقات“، ص 236 کان 239.

(1)  ”شرح ڪتاب الملل و النحل“، مرتضيٰ زبيدي، مطبوعه حيدرآباد دکن، واصل بن عطا جو حال، بحواله ” عرب و هند ڪي تعلقات“، ص 239-240

(2)  ”سير البلاد ولاقاليم“ ج 2، بحواله ” تاريخ سنڌ“ ص 357.

(3)  ”الفهرت“، ص 234.

(1)  ”آثار البلاد“، قزويني، ص 85، بحواله ” عرب و هند ڪي تعلقات“، ص 94-96.

(2)  ” عرب و هند ڪي تعلقات“، ص 95

(3)  بحواله ” عرب و هند ڪي تعلقات“، ص 95-96

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com