سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :29

 

آغا عبدالنبي (عليگ)

سچل سرمست

حضرت عبدالوهاب ولد حضرت صلاح الدين بن حضرت صاحبڏنو صاحب، فاروقي، رياست خيرپور جي هڪ ننڍي ڳوٺ ’دراز‘ ۾، سن 1152 هجريءَ ۾ پيدا ٿيو، ۽ سال 1242 هجري، ماهه رمضان جي چوڏهين تاريخ هن دار فانيءَ مان لاڏاڻو ڪيائين. سندس تخلص سنڌي ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ ’سچل‘، ۽ فارسيءَ ۾ ’آشڪار‘ هو. عموماً ’سچل سرمست‘ جي نالي سان کيس سڏيو ويندو هو،  ۽ اڄ به انهيءَ نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. سندس استاد، سندس چاچو حضرت عبدالحق صاحب  هو، جو شريعت جو صاحب ۽ هڪ فيض جو درياهه چيو وڃي ٿو. شروع کان ’سچل‘ نماز ۽ روزي جو پابند هو، ۽ شريعت جي مڙني احڪامن جي عزت ڪندو هو. هو قرآن جو حافظ به هو. ابتدا کان هو آرام طلب ڪونه هو، چنانچه کٽ کان پٽ کي زياده پسند ڪندو هو. لذيذ غذا جو به شوقين ڪونه هو. ساده مزاج، ڪم سخن، گوشه نشين، مگر وڏي پايي جو سخن فهم ۽ سخن سنج انسان هو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ هن پنهنجي سنڌي، فارسي ۽ ضروري  عربي تعليم پوري ڪئي.

سچل سرمست سنڌ جي اعليٰ پايه شاعرن مان هڪ آهي. ائين چوڻ بيجا نه ٿيندو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ سچل سرمست جي ڪڙيءَ جا صاحبدل ۽ باذوق شاعر اڄ سوڌو سر زمين سنڌ تي پيدا ڪونه ٿيا آهن. نه رڳو ايترو، پر سندن درجو دنيا جي وڏن شاعرن ۽ صوفين جي صف ۾ به گهڻو مٿي آهي. جيڪڏهن شاهه کي ’سنڌ جو رومي‘، ۽ سچل کي ’سنڌ جو عطار‘ چئجي ته بيجا نه ٿيندو. سچل سرمست جو زمانو سنڌي شاعريءَ جو اهو دور هو، جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ وڏو ڦيرو آيو. جنهن جو مکيه ڪارڻ ’سچل سرمست‘ جو سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ڪلام هو. وائيءَ جي جاءِ ڪافيءَ ورتي، سه حرفي ۽ ڏوهيڙا مقبول عام ٿيڻ لڳا، ۽ غزل جي باقاعدي ابتدا ٿي؛ شاهه ڀٽائيءَ واري زماني جي سنڌيءَ پنهنجو ويس بدلائڻ شروع ڪيو، صوفي ڪلام کي ڪافي مقبوليت ملڻ لڳي، ۽ شاعرن جو تعداد به سنڌ ۾ ڪافي وڌڻ لڳو. يوسف فقير، صديق فقير، شاهن فقير، خليفو ڪرم الله، دلپت، ۽ آخودن عزيزالله انهيءَ دور جا نامي گرامي شاعر ٿي گذريا آهن؛ مگر جنهن رنگ ۾ سچل شعر چيو، جا سچل جي شاعريءَ جي زمين هئي، ۽ جو تخيل جو پرواز سچل سرمست جي شعر ۾ هو، سو مٿي ڏيکاريل صاحبن جي شاعريءَ ۾ نٿو ملي سگهي.

سچل جي ڪلام جو وڏو حصو زماني جي خُرد بُرد سببان هيٺ مٿي ٿي ويل آهي، جنهن جو هٿ اچڻ شايد ناممڪن آهي. هن بزرگ پنهجي ڪلام جو وڏو حصو پاڻ به ناس ڪري ڇڏيو هو، انهيءَ ڪري ته مبادا سندس مستيءَ ۽ حال جي وقت ۾ چيل ڪلام پڙهي ۽ ٻڌي عوام غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿئي. تنهن هوندي به، سندس جيڪو ڪلام موجود آهي، ان جيترو ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر جو ڪلام اسان وٽ موجود نه آهي. سچل سرمست سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪافي ڪلام چيو آهي، جو هر نقطه نگاهه کان قابل تعريف آهي. فارسيءَ ۾ سچل صاحبِ ديوان آهي. ”ديوانِ آشڪار“ کان سواءِ ، سچل جو فارسي ڪلام جيڪو ”رازنامه“ ۽ ”رهبرنامه“ ۾ موجود آهي، سو به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. ان سان گڏ ”گدازنامه“، ”تارنامه“ ۽ ”قتل نامه“ پڻ سرمست جي محبت جي ڳُجهن نُڪتن جا خزانا آهن.

هر آن معنيٰ ڪہ شد از ذوق پيدا،

ڪجا تعبير لفظي يا بد اورا.

بقول شخصي، سچل جي شاعريءَ جون زمينون، خصوصاً تصوف جا ڳُوڙها معما، ۽ عوماً مجازي عشق جو سوز ۽ گداز آهن. سچل دراصل علم ادب جو صاحب ۽ هڪ برگزيد و صوفي هو، جنهن ’همه اوست‘ جي اُصول رائج ڪرڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس شعر پڙهڻ مان ائين معلوم پيو ٿئي، گويا کيس ازلي اُستاد کان ’وحدت الوجود‘ جو ئي سبق مليل هو. هڪ هنڌ فرمائي ٿو:

’تون‘ ’مان‘ وڃي وچ مون، ته ڪي پاڻ پسن،

عابد ۽ معبود سو هڪ نگاهه ڏِسن،

پاڻ پڙهي، پاڻ بيهي، پاڻ ئي سجدو ڪن،

پاڻ مڙوئي پاڻ ٿيو، نوڙي نوڙت ڪن.

هت آدم مون الله ٿيو، ٻيا سڀ شڪ ڀڄن،

اصل الله مون آدمي، ثابت صورتن.

سچل پنهنجيءَ شخصيت جو اظهار هيٺين لفظن ۾ ڪيو آهي:

ڪو مومن چوي، ڪو ڪافر چوي،

ڪو جاهل نالو ظاهر چوي،

ڪو شاعر چوي، ڪو ساحر چوي،

آءٌ جوئي آهيان، سو ئي آهيان.

ڪو ملا چوي، ڪو قاضي چوي،

ڪو مفتي چوي، ڪو غازي چوي،

ڪو روزيدار نمازي چوي،

آءٌ جوئي آهيان، سو ئي آهيان.

سچل جي ڪلام جو مکيه موضوع ’همه اوست‘ هو. هن ’همه از اوست‘ کي تسليم نه ڪيو آهي:

رهِ عقل جز پيچ در پيچ نيست،

بر عارفان جز خدا هيچ نيست.

هڪ هنڌ سچل چوي ٿو:

ٻانهون ڀانءِ مَ پاڻ، تون ئي مالڪ ملڪ جو،

”لا خير في عبيدي“، ايهو اٿيئي اهڃاڻ.

سچل جي شعر جي وڏي خصوصيت اها آهي جو سندس هر هڪ شعر ائين پيو لڳي، ڄڻ ته نه رڳو شاعر جي پر خود پڙهندڙ جي دل مان نڪتو آهي. هو هڪ تارڪ صوفي هو؛ ڪڏهن سالڪ، ته ڪڏهن مجذوب. جذبي جي حالت ۾ هو فنائيءَ جو به قائل نه هو. هڪ هنڌ جذبي ۽ حال جي حالت ۾ فرمائي ٿو:

فنا ڪي بات باطل هي، اگر تو هم سي سچ پوڇي،

خدا هي تو، بقاباالله، نه هرگز تو فنا هوگا.

زمين پر ڪيا،فلڪ پر ڪيا،دگر ڪيا عرش وڪرسي پر،

درون بيرون همه هرجا، تو ڪُلي جا بجا هوگا.

هوالاول، هوالاخر، هو الظاهر، هو الباطن،

يهان ڀي وه، وهان ڀي وه، ’سچل‘ ڦِر تو ڪجا هوگا!

وحدت ۽ معرفت جي انهيءَ بام عروج تي پهچڻ بعد به سچل پنهنجيون ابتدائي ڏاڪڻيون ۽ چاڙهيون نٿو وساري. جڏهن هو ڪثرت کان وحدت تي پهچي ٿو، تڏهن وري به وحدت کان موٽي ڪثرت ۾ اچي ٿو، ۽ اچڻ پسند ڪري ٿو، ڇو ته ڪثرت مان نڪري وحدت جي درياهه ۾ پهچڻ جي معنيٰ ’وصل‘ آهي، ۽ وصل کان پوءِ فراق جي لذت ويندي رهي ٿي. سچي عاشق کي دائمي وصل کان فراق جي لذت  زياده مرغوب آهي:

جو عاشق هين وه جل جل ڪي ڀي جيتي هين، نهين مرتي،

اري، سوزِ محبت هم سي آڪر سيکه، پرواني!

ڪافي، ڏوهيڙي، سي حرفيءَ، بيت ۽ غزل جي صنفن ۾ سچل ڪافي اضافو ڪيو آهي. هن سنڌي ادب جي خزاني ۾ لکين لعل گوهر گڏي ڇڏيا آهن. ڪرامات کي هيچ سمجهندي، هڪ هنڌ چوي ٿو:

توڙي پٺيءَ لڳي سارو جڳ، ته به ڇا ٿيو؟

ناهي مڃتا سان مطلب.

سچل جي موج جي انتها ڪانه هئي. سندس منزل رواجي صوفي سڳورن کان گهڻو مٿي هئي. هيٺين چند مثالن مان سچل جي منزل جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

پنهنجي ذات لڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان؟

منصوريءَ جي موج ۾، ’اَناالحق‘ اَلايان؛

’اعليٰ اعظم شان‘ جي، نوبت نينهن وڄايان.

 

واديءَ ۾ وحدت جي، گهوري عين گهمايان؛

’سچو‘ سارو سچ ٿيو، هيءَ حڪمت ٿو هلايان.

 

سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،

اها تڪبير ’فنافي‘ والي، پهلي ڦِر پڙهيجي،

مار نغارا ’انا الحق‘ دا، سُولي سِر چڙهيجي،

وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان، عاشق تان نه آڙيجي،

’سبحاني ما اعظم شاني‘، ’سچو‘ سرّ سليجي.

 

بت را سجود ڪرمد، در ميڪده نشستم،

اسلام شد بغارت، چون سدِّ دين شڪستم.

ايمانو  دين برون شد،آن يار اندرون شد،

زنار در گلوشد، رشته سبحه گستم.

اين شيوه است رندي، معلوم شد برندان،

من از شرابِ وحدت، منصور وار مستم.

انهيءَ منزل تي به سچل قانع نه ٿيو. اڳتي هلي هڪ هنڌ چوي ٿو:

تو خدا هستي، خدا هستي، خدا،

لاشريڪ و پاڪ از چون و چرا،

خويش را در خويش مي بيني همه،

نيست چيزي در تحرڪ غير ما،

هم خائي نام خود را داشتي،

ذات تو تحقيق مي باشد خدا!

 ارباب تصوف ۽ صوفياي ڪرام کان عروج ۽ مستيءَ جي حالت ۾ اهڙا ڪلام وقتي واتان نڪرن ٿا، جي شرعي نقطه نگاهه کان قابل اعتراض آهن؛ مگر اهڙن باذوق، الله جي عاشقن جي بچاءَ ۾ مولانا رومي هيئن ٿو فرمائي:

گفتگوي عاشقان دربابِ رب،

جوششِ عشق است، ني ترڪِ ادب.

مٿي سچل جي مستيءَ ۽ پرواز جو ذڪر ڪيو ويو آهي؛ مگر ساڳئي وقت سچل جڏهن رواجي طرح هڪ سالڪ جي حالت ۾ ڪلام چوندو هو، تڏهن منجهس جا نرمي ۽ انڪساري لڌي وڃي ٿي، سا حيرت جهڙي آهي. مثلاً، هڪ وقت فرمائي ٿو:

 

غرق گناهان دي وچ هويان،

ڪوئي مول ثواب نه ڪرديان،

تيڏي لا اُبالي، سرڪار سائين،

ڏيک ڏيک ٻهون مين ڏرديان.

 

آهيان عيبدار، مان ٻانهن جي ٻانهي،

عمر سڀائي ڪوڙ ڪمايم، بخشيو مون کي، جاني!

 

گربنده گنهگارم، از درِ تو بس اُميدوارم،

دربار گهٽ چہ عرض سازم،ڪز جرم خطائي شرمسارم.

ڪيف ۽ حال جي وقت ۾ سچل جا ٻول هڪڙا، ته وري رواجي طرح سندس وچن ئي ٻيا. هڪ هنڌ ٿو چوي:

مسجد ڇوڙ ڳيس، وڃ مي دا جام پيتوسي،

’مين‘’تون‘ڏونهين وسر ڳيوسي، بيخود ڪيف ڪيتوسي،

ڏوهه ثواب ڪنون ڇٽ پيوسي، ’سچل‘، سارا ڏن ڏتوسي.

وري جو انهيءَ ماڙيءَ تان لهي ٿو، ته گويا سرمستي ياد ئي ڪانه اٿس. چي:

ميلي هان يا مندي ها، بيشڪ تيڏي بندي هان،

پئي هان تيڏي پناري، لڳي هان تيڏي لاري.

هيءُ آهي سچل سرمست جي جذب ۽ مستيءَ جو مختصر  جائزو. اڄ سخت ضرورت آهي ته سچل جي فلسفي تي ڪا مڪمل تصنيف پيش ڪئي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com