سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :35

 

”مهراڻ“ جا موتي

=”جيڪي ماڻهو سون چاندي گڏ ڪن ٿا ۽ ان کي خدا جي راهه ۾ ضرورتمندن تي خرچ نٿا ڪن، انهن سڀني کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌايو.“ - قرآن شريف.

 - حضرت محمد صلعم

=”جيڪڏهن اوهين گهوڙي تي هجو ۽ اوهان جو چهبڪ ڪري پوي، ته اوهين گهوڙي تان هيٺ لهي پاڻ اهو چهبڪ کڻو،ڪنهن کي سوال نه ڪريو.“ - حضرت محمد صلعم

=”ڪوبه دلاسو، عقل جي دلاسي کان بهتر ڪونهي؛ نه ڪا ميراث ادب کان، ۽ نه ڪو مددگار مشوري کان بهتر آهي.“- حضرت علي رضه.

=”تونگريءَ جي وقت اعتدال سان هلڻ، ۽ معاف ڪرڻ جي وقت معاف ڪرڻ، سڀ کان عمدو ڪم آهي.“ - حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه.

=”جيتريءَ دير ۾ اوهين پنهنجي تجربي ۽ عقلمنديءَ جو اظهار ڪريو، اوتريءَ دير ۾ ٻين تجربيڪار ۽ عقلمند ماڻهن کان اڃا به وڌيڪ مفيد معلومات حاصل ڪريو.“-بيڪن.

=”جيئن ماکيءَ جون مکيون اوندهه ۾ ڪم ڪن ٿيون،تيئن انساني خيال خاموشيءَ ۾ وڌن ويجهن ٿا.“-نامعلوم.

=”ڪاميابي،عقل ۽ محنت جي ميلاپ سان پيدا ٿئي ٿي.“ - ڊسرائلي.

=”جيئن جيئن منهنجي عمر گذرندي وڃي ٿي، مون کي اهو يقين ٿيندو پيو وڃي ته دنيا ۾ وڏن ۽ ننڍن، ڪمزور ۽ طاقتور، مشهور ۽ گمنام انسانن ۾ فقط هڪ ئي ڳالهه جو فرق آهي: اها آهي ارادي جي قوت. دنيا ۾ فقط هڪ ئي طاقت آهي، جا سڀڪجهه ڪرائي ٿي سگهي، ۽ جنهن کان سواءِ ڪا به قوت، ڪهڙي به قسم جا حالات، ۽ بهتر کان بهتر اتفاق به انسان کي انسان نٿا بنائي سگهن: اها طاقت آهي - هڪ اٽل ارادو، ۽ هڪ مقصد جي مقرري.“ - بڪسٽن.

=”انسانيت جي سڀني دشمنن کي مذاق ڪرڻ ڏيو. آءٌ صداقت وانگر سخت ۽ انصاف وانگر اٽل رهندس. آءٌ انساني غلاميءَ جي مڪروهه رسم کي مِٽائڻ جو ارادو ڪري چڪو آهيان. آءٌ ڪنهن کي به نه بخشيندس. آءٌ هڪ انچ به پٺتي نه هٽندس. منهنجي آواز جو اثر ضرور ٿيندو. مستقبل پاڻيهي فيصلو ڪندو ته آءٌ صحيح رستي تي هوس.“ - لائڊ گيريزن.

=”خوب ياد رکو ته جيڪو شخص ظالم امام (حاڪم) کان ڀڳو، سو ظالم نه آهي. آءٌ صاف صاف چوان ٿو ته گنهگارن سان وفاداري ۽ انهن جي فرمانبرداري ڪرڻ اوهان لاءِ جائز نه آهي.“ - حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه.

=”ڀل ته منهنجي گردن تي تلوار رکي وڃي، آءٌ پوءِ به سچيءَ ڳالهه جي اشاعت کان باز نه ايندس!“ - حضرت ابوذر غفاري رضه.

=”ادب جو ڪم آهي سڀڪنهن جي وچ ۾ ميلاپ پيدا ڪرڻ، ۽ جدا جدا ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ. ماڻهن کي ادب کي سمجهڻ کپي، ڇُهڻ کپي، ۽ هنڊائڻ کپي.

”عوام کان الڳ رهڻ سان اسين بيگانا ٿي پونداسين. اديبنکي عام انسانن سان رلي ملي رهڻو، ۽ هنن کي سمجهڻو آهي؛ مون وانگر، گوشي نشينيءَ ۾ رهڻ سان ڪم نه هلندن. مون ڪيتري وقت کان سماج کان الڳ رهي جا پنهنجيءَ رياضت ۾ غلطي ڪئي آهي، تنهن کي آءٌ هاڻي سمجهي ويو آهيان-- ۽ ان ڪري ئي اڄ هيءَ نصيحت ڏيئي رهيو آهيان. منهنجي شعور جي هيءَ تقاضا آهي ته جيڪڏهن اهو انسانيت سان هم آهنگ  نه ٿيو ته بيڪار ٿي ويندو: اها حقيقت منهنجي  دل ۾ سچائيءَ جي چراغ وانگر روشن آهي، ۽ ڪير به ان کي اُجهائي نٿو سگهي.“ - ٽئگور.

=”ادبي صنفن جي تبديلي ته هڪ روزمره جي ڳالهه آهي؛ مگر ادب ۾ تخليقي قابليتن جي صورت ڪڏهن به نٿي بدلجي.“ - مڊلٽن مري.

=”رُوي زمين کي آباد ڪرڻ اهڙو نه آهي، جهڙو هڪ دل کي شاد ڪرڻ.“ - عمر خيام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com