عمر! ماروئڙن کي، ڪرين ناحق نماڻو،
آڻي اجڙوال کي، ٿو طلب ڪرين تاڻو،
اڳي به راجا رهي ويا، تون سڄر ساماڻو،
تختو ويندءِ تار ۾، ڪندين هڪ ڏينهن هالاڻو،
هليو ويندين هيڪلو، ڇڏي ٽولا ٽڪاڻو،
سمهاري سوڙهي ۾، ڏيندءِ واري وڇاڻو،
زوري زبر، اندر قبر، پوندءِ خبر جڏهن پڇندءِ پڇاڻو،
ڌڙ لٽيندَئي ڌوڙ ۾، جيئن ڌار ٿئي ڌاڻو،
نا ٿئي جاءِ جواب جي، اُتي ڇار ڪندا ڇاڻو
ساڻ نه هلندئي سومرا، هي منڊل مانڊاڻو،
ڀٽن ڀِيڙا، ڪندا پِيڙا، قهري ڪِيڙا، ات خان ڪندا کاڻو،
ماري تنهنجي ماس کي، ڪندا سنڌن کي ساڻو،
روڪڙ سڀ رهي هتي، نه ڪو نوٽ هلي ناڻو،
موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڪر مِگهه مائٽاڻو،
پٽ پٽيهر پالڪيون، اسين ڄٽ نه ٿا ڄاڻو،
هي ڪلهي ڦاٽل ڪنجرو، سو ڏنل ڏاڏاڻو،
مَنهن ماروئڙن جا، ڪن ٿر مٿي ٿاڻو،
وسي ويڙهيچن جو، شل ڀٽ مٿي ڀاڻو،
ڪامل رهندءِ ڪونڪو، شل ديري ۾ داڻو،
ڪونه ڏسان ٿي ڪوٽ ۾، ڪو ٻار به ٻاٻاڻو،
ساڙي سڪ سرير کي، جيئن گهمي ٿو گهاڻو،
ڄڀيون ڄيرا، جلن جيرا، ٻرن ٻيرا، ناهي آڙهه اُجهاڻو،
پينگهي ۾ پنهوار کي، ڏنو آيل اولاڻو،
پاريم ڪونه پنهوار سان، ڪو ٻول به ٻاراڻو،
ٻنڌن جو ٻروچ چئي، اٿم قول ڪيو ڪاڻو،
دهشت دؤر درياهه جي، آهي سفر سٽاڻو،
مڇي کي مهراڻ مان، ٿو ماري مهاڻو،
ڀري پنهنجي ڀن کي، ٿو رڇ ڪڍي راڻو،
عَملَ وڙهندا اُٺ ٿي، جيئن لئي چري لاڻو،
هلي ڪونه حاڪم سان، ڪو مُڍيءَ جو ماڻو،
اِنهي لهرين ۾ ٿو لعلڻ چئي، شل سيد سڃاڻو،
اي سالڪ! ٿي سياڻو، اٿئي ڪورٺ وس ڪريم جي.
|