روايت [3]
عمر ۽ مارئي جي پيئتا ڀاءُ ڀيڻ هجڻ واري روايت
هن روايت هيٺ شامل ڳالهين جو خاص نڪتو هي آهي ته: مارئي، حمير
بادشاهه جي ڌيءُ هئي، پر عمر ۽ مارئيءَ جون مائرون
جدا جدا (ٻيون) هيون. سڄيءَ سنڌ مان مليل نظم ۽
نثر جون روايتون، جيڪي انهي نڪتي تي مبني آهن، سي
هن بعد شامل ڪيون ويون آهن.
سانگهڙ، عمر ڪوٽ ۽
ساماري تعلقن مان مليل ڳالهه*
عمر ۽ مارئي جي ٿڃ شريڪ ڀاءُ ڀيڻ هجڻ واري روايت
همير سومرو
هڪ دفعي شڪار تي چڙهيو، شڪار جي پوئتان ڊوڙندي
ڊوڙندي ساٿين کان وڇڙي ويو ۽ شڪار به کانئس نڪري
ويو. هڪ مُند سياري جي، ٻيو مٿان پيئي رات، وري
مينهن به وسڻ لڳو، تنهن هڻي هن کي سُڪائي وڌو. نه
گهوڙي تان لهي سگهي نه چُري پُري سگهي جو وڃي ڪنهن
اجها ۾ ويهي. آخر گهوڙي تي ويٺي ئي بيهوش ٿي ويو.
گهوڙو پنهنجي مُنهن هلندي هلندي اچي ڀالوا ۾ نڪتو. ڳوٺ جو چڱو
مڙس ڊوڙي آيو. همير کي بادشاهي ڪپڙا ۽ هٿيار
پنهوار پهريل ڏسي، سهي ڪيائين ته ڪو بادشاهه آهي.
همير کي گهوڙي تان لاٿائين پر هو سڪو پيو هو.
تنهنڪري يڪدم ويڄ گهرائي کين علاج لاءِ چيائين.
ويڄن، همير کي ڏسي چيو ته: هن کي سرديءَ جي اهڙي
ته چوٽ آيل آهي جنهن جو ٻيو ڪوبه علاج ناهي، فقط
هڪڙو طريقو آهي، جنهن سان بچي سگهي ٿو. اهو هي ته
ڪا ڪنواري ڇوڪري هن کي سڄي رات ڀاڪر ۾ جهلي سمهي
رهي، ان جي بدن جي گرميءَ سان سردي جو اثر لهي
ويندو.
ڳوٺ جي آسپاس مارن جا لڏا لٿل هئا، جن ۾ پالڻيءَ نالي هڪ پنهوار
وٽ ماڏوئي نالي ڌيءُ سامائي ويٺي هئي. تنهن کان
ماڏوئيءَ جي گهُر ڪيائون. پالڻيءَ جي هائوڪار تي
ماڏوئي جو همير سان نڪاح پڙهي کين گڏ سمهاري
ڇڏيائون.
قدرت الٰهي سان اڌ رات جو همير جو سيءُ لٿو ۽ کيس هوش آيو. هڪڙي
نوجوان ڇوڪريءَ کي پاڻ سان گڏ ستل ڏسي، حيرت ۾ اچي
پڇڻ لڳو ته ڪهڙي ماجرا آهي؟ ماڏوئي کيس سمورو قصو
ڪري ٻڌايو. تنهن تي پاڻ به ٻڌايائين ته آءٌ سنڌ جو
حاڪم همير سومرو آهيان. اهو ٻڌي ماڏوئي تمام گهڻي
خوش ٿي.
اسر مهل همير سومرو اُٿي، پنهنجي گهوڙي تي چڙهي عمر ڪوٽ ڏانهن
روانو ٿيو. وڃڻ وقت چيائين ته: زال کي وري اچي وٺي
ويندس. همير سومرو عمر ڪوٽ ۾ پهتو ته ساڻس ٻئي
راجا جي جنگ ٿي، جنهن ۾ پاڻ مارجي ويو ۽ ماڏوئي،
ڀالوا ۾ ئي پنهنجي پيءُ وٽ رهي. ماڏوئيءَ کي ان
رات حمل رهجي ويو هو، جنهن مان مارئي ڄائي. جنهن
جي وڏي ٿيڻ تي ساڻس ٻڌائي ڇڏيو هو، ته سندس حقيقي
پيءُ همير سومرو آهي ۽ پالڻو سندس نانو آهي.
پالڻي پنهنجي ٻڪرين ۽ مال چارڻ لاءِ ڦوڳ سان انجام ڪيو ته کيس
مارئي سان پرڻايو ويندو. پر جڏهن مارئي جوان ٿي،
تڏهن پالڻي، کيس سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري، پنهنجي
عزيز کيت سان مارئي جو مڱڻو ڪري ڇڏيو. ڦوڳ ڪاوڙجي
عمر ڪوٽ ۾ آيو ۽ عمر سومري کي مارئيءَ جي سونهن جو
بيان ڪري ٻڌايائين. عمر سومرو، مارئيءَ جي سونهن
تي هرکي، اُٺ تي چڙهي، ڦوڳ سان گڏ مارئيءَ جي ڳوٺ
جي ٻاهران اچي لڪي ويٺو. صبح جو مارئي پنهنجي
سهيلين سان گڏجي کوهه تان پاڻي ڀرڻ آئي. عمر کيس
ڏسندي ئي هوش حواس وڃائي ويٺو. پوءِ پاڻي پيئڻ جو
بهانو ڪري مارئيءَ کان پاڻي گهُريائين. مارئي سندس
ويجهو آئي ته هن کيس ٻانهن کان جهلي کڻي اُٺ تي
ويهاريو ۽ اچي عمر ڪوٽ ۾ نڪتو. اتي عمر مارئيءَ کي
شاديءَ لاءِ تمام گهڻو زور رکيو، پر جڏهن مارئيءَ
کيس ٻڌايو ته آءٌ تنهنجي ڀيڻ آهيان، تڏهن دايون
گهرائي انهن کان انهيءَ ڳالهه جي پڪ ڪيائين. پوءِ
ته عمر، مارئيءَ کي موڪل ڏني ته ڀلي پنهنجي وطن
موٽي وڃي.
مارئي جهڙي مس هئي، ڪا نَوکنڊين ۾ نار،
سَتيءَ به سِيل رکڻ سان ڪري ڇڏيو هو قهار،
ڏسي سَڀرايون سومري جون لُڏي ڪين لغار،
سٺائين ٿي سِر تي تهمتون تڪرار،
هائو نه ڪيائين همير سان، ساري سڀ ڄمار،
لاهي سڀ لاچار، وڃي ٿي ماهو تنهن ملير ۾.*
------
انصاف ڏيو عمر کي، ورنَهه ڪري ويچار،
با امانت بچي ويئي، هيڪلي حسن دار،
عمر مارئيءَ تي ڪيو پنهنجو نفس امار،
زور ڪري ها تنهن زال سان، ڇا هو عورت جو اختيار
ههڙو سائو صلحدار، مردن ۾ ڪو مس لڀي.
مارئيءَ کي عمر ڪوٽ مان وٺڻ لاءِ سندس مڱيندو کيت آيو هو. سو
مارئيءَ کي اُٺ تي چاڙهي ملير ڏانهن روانو ٿيو. اڌ
واٽ تي، کيت هڪڙو ڇانهون پٽي، اُن مان ڪوري اندران
ڳر ڪڍي ڇڏي، باقي کل مارئيءَ کي ڏنائين. مارئي ڏٺو
ته مار! هن کي مون ۾ شڪ آهي، سو ارمان ۾ پئجي، پاڻ
کي اُٺ تان کڻي هيٺ ڇڏيائين ۽ اتي جو اتي مري
ويئي.
|