سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :28

 

تعلقي ٽنڊي باگي مان قلمبند ڪيل ڳالهه*

همير سومرو عمرڪوٽ تي بادشاهي ڪندو هو. سٺ سالن جي عمر تائين اُن کي اولاد ڪونه ٿيو. سندس راڻيءَ جو نالو ”ساران“ هو، جنهن سان همير جي تمام گهڻي دل هوندي هئي. هڪ ڏينهن همير کي سندس راڻيءَ چيوته:جيڪڏهن مون مان توکي اولاد نٿو ٿئي، ته تون ڀل ٻي شادي ڪر، منهنجي موڪل آهي.

عبدالله، ڀالوا جو سردار هو. همير جي ساڻس گهاٽي ياري هئي، ۽ ياريءَ ۾ کيس ٻارهن تڙ (جاگيرون) لکي ڏنا هئائين.1 هڪڙي ڀيري همير شڪار تي چڙهيو. شڪار ڪندو ڀالوا ۾ آيو ۽ عبدالله وٽ اچي ترسيو. اسُر جو قرآن شريف جي تلاوت جي آواز تي اک کلي ويس. ڪنهن عورت مٺڙي آواز سان تلاوت پئي ڪئي. آواز همير جي دل ۾ چُڀي ويو. صبح جو عبدالله کان انهيءَ بابت پڇا ڪيائين، ڇاڪاڻ ته اهو آواز عبدالله جي گهر مان پئي آيو.

عبدالله کي ”حاجران“ نالي تمام سهڻي ۽ سلڇڻي ڌيءُ هئي، سندس دستور هوندو هو ته اسر جو نماز پڙهي قرآن شريف جي تلاوت ڪندي هئي. عبدالله، همير کي ٻڌايو ته اهو آواز منهنجي ڌيءُ حاجران جو هو. همير کانئس يڪدم حاجران جي سڱ جي گهُر ڪئي. عبدالله، حاجران، جو سڱ اڳئي پنهنجي قوم ۾ ڏيڻو ڪري ڇڏيو هو. سو جڏهن بادشاهه جي گهُر ٿي، تڏهن انڪار ڪري نه سگهيو، ۽ لاچار همير سومري کي سڱ ڏنائين. همير شادي ڪري حاجران کي عمرڪوٽ ۾ وٺي آيو. ٻن مهينن جي گذرڻ بعد همير اچي بيمار ٿيو. دل ۾ خيال ڪيائين ته متان عبدالله لاچار ٿي مون کي سڱ ڏنو آهي، تنهنڪري ان جي ڪا مون کي رنجش پهتي آهي، سو پنهنجن وزيرن کي گهرائي، کين وصييت ڪيائين ته: جيڪڏهن مري وڃان ته راڻي حاجران کي سندس پيءُ عبدالله وٽ ڀالوا جي تڙ تي پهچائجو، متان مون تي عبدالله جو رنج رهجي وڃي. قدرت خدا جي، ٿيو به ائين جو ٻن ٽن ڏينهن ۾ همير سومرو مري ويو. وزيرن، همير جي وصيت موجب حاجران کي ڀالوا جي تڙ تي، سندس پيءُ عبدالله وٽ پهچايو. حاجران اُن وقت پيٽ سان هئي، ۽ قدرت سان همير جي پهرين راڻي کي به اُميدواري هئي. ٿورن گهڻن ڏينهن بعد حاجران کي ”مارئي“ ڌيءَ ڄائي ۽ ساران کي پُٽ ڄائو جنهن جو نالو ”عمر رکيائون. مارئي لاڏ ڪوڏ سان پلجڻ لڳي. هوءَ ساهيڙين سان گڏجي پڙهڻ ويندي هئي. جڏهن وڏي ٿي تڏهن هڪڙي ڏينهن ساهيڙين کيس چيو ته: مارئي! تنهنجو پيءُ نه آهي ڇا؟ اسان جي مائٽن تنهنجو پيءُ نه ڏٺو آهي. تنهن تي مارئيءَ پنهنجي ماءُ کان پڇيو ته: اما! منهنجو پيءُ نه آهي ڇا؟ انهيءَ تي حاجران مارئيءَ کي ٻڌايو ته: تون همير سومري جي ڌيءُ آهين، جو عمرڪوٽ جو بادشاهه هو. تون ڪو خيال نه ڪر. تون ته پاڻ بادشاهي گهراڻي مان آهين. اتي مارئي کي سموري حقيقت جي خبر پيئي.

اڃان مارئي ڄائي به ڪانه هئي ته عبدالله کي ڦوڳ نالي هڪڙو ڇوڪرو جهنگ مان لڌو هو. ان کي پالي وڏو ڪيو هئائين. ڦوڳ سندس مال چاريندو هو.1 هُو مارئيءَ تي عاشق هو، ۽ پڪ هئس ته مارئيءَ جو سڱ مون کي ملندو. جڏهن مارئي وڏي ٿي، تڏهن ان جو سڱ گهريائين. عبدالله مارئيءَ جي شادي سندس ماسات ”معروف“ سان ڪري ڇڏي. معروف، حاجران جي ڀيڻ حليمان جو پٽ هو.

ڦوڳ کي جڏهن سڱ نه مليو، تڏهن نااُميد ٿي عمرڪوٽ آيو ۽ عمر بادشاهه کي مارئيءَ جي سونهن بابت ٻڌائيندي چيائين ته: ڀالوا جي تڙ تي عبالله جي ڌيءُ مارئي نالي آهي، جا سونهن سوڀيا ۾ چنڊ جهڙي آهي، ۽ توسان شادي ڪرڻ جي لائق آهي. عمر کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته مارئي ڪا سندس ڀيڻ آهي، سو هن جي حسن جي هاڪ ٻڌي هرکي پيو. ڦوڳ کي چيائين ته: مون کي هلي مارئي ڏيکار. پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي ڀالوا جي تڙ تي آيا.

مارئي صبح جو تڙ تان پاڻي ڀرڻ آئي. ڦوڳ جي ڏيکارڻ تي، عمر کيس زوري اُٺ تي چاڙهي آڻي عمرڪوٽ ۾ ڇڏيو. اِتي مارئي، عمر کي چيو تهِ ادا! تون منهنجو ڀاءُ آهين، آءٌ تنهنجي ڀيڻ آهيان. منهنجي ماءُ جو تنهنجي پيءُ همير سان نڪاح هو. عمر خيال ڪيو ته هيءَ ڪوڙ ٿي ڳالهائي، پر تڏهن به ڪي ماڻهو موڪليائين ته انهيءَ ڳالهه جي پڪ ڪري اچن. انهن ماڻهن ڀالوا ۾ وڃي پڇا ڳاڇا ڪئي، ۽ خبر پَينِ ته ڳالهه برابر سچي آهي، ۽ مارئي عمر جي ڀيڻ آهي.(1) جڏهن اها  خبر عمر کي پيئي، تڏهن مارئي جي مڙس معروف ڏانهن ماڻهو موڪليائين، جي معروف کي وٺي آيا. پوءِ عمر، مارئي کي ڀيڻ ڪري کيس چُنيون پوتيون ڏيئي، معروف سان گڏ ڀالوا جي تڙ تي روانو ڪيو. مارئي سورنهن ڏينهن عمرڪوٽ ۾ رهي.

معروف جڏهن ڳچ پنڌ ڪيو، تڏهن مارئيءَ کي چيائين ته: مارئي! تون عمر کي پسند نه آئين، تنهنڪريءَ توکي واپس ڪيو اٿس. اهو ٻڌي مارئيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته دنيا ائين چوندي، سو انهيءَ خواريءَ کان مرڻ بهتر سمجهي، پاڻ کي اُٺ تان کڻي هيٺ ڦٽو ڪيائين ۽ اُتي جو اُتي مري ويئي.

- - -

 

تعلقي ٺٽي مان شير خان چانڊيي جي ٻڌايل ڳالهه*

همير جي راڻي ڪنهن طرح سان وڇڙي وڃي ڀالوا ۾ نڪتي. راڻيءَ کي پيٽ هو، مارن ۾ ئي کيس ”مارئي“ ڄائي. مارئي اڃا ننڍڙي هئي ته ”ڦوڳيو“ مٿس عاشق ٿيو. مارئيءَ جي ماءُ چيس ته: ٻڪريون چار ته توکي مارئيءَ جو سڱ ڏينداسين. انهيءَ دلاسي تي ڦوڳيي اٺ سال ٻڪريون چاريون.

مارئي جڏهن جوان ٿي ته ”کيت“ کي ڏنائون، جنهن تي ڦوڳيو ناراص ٿي عمر وٽ آيو ۽ ساڻس مارئيءَ جي سونهن جي تعريف ڪيائين. عمر سمجهيو ته ڦوڳيو متان ٿر جي ڪا معمولي ڇوڪري ڏسي، ان کي سهڻو ٿو سمجهي، سو کيس عمرڪوٽ جون سهڻيون ڇوڪريون ڏيکاريائين، پر ڦوڳيي چيو ته: اهي مارئيءَ آڏو پهريدار سونهنِ. تنهن تي عمر کيس پنهنجي ڀيڻ ”ڪُندُو“ ڏيکاري. اتي ڦوڳيي چيو ته: آهي ته اها به مارئيءَ کان گهٽ، پر هِن جا ڪي ڪي روش، مارئيءَ سان لڳن ٿا.

تڏهن عمر خيال ڪيو ته هڪ ڀيرو مارئيءَ کي ضرور ڏسجي. سو ويس بدلائي، ڦوڳيي کي ساڻ ڪري، اُٺن تي چڙهي مارئيءَ جي ملڪ ۾ آيو. ڦوڳيي کوهه تان مارئي ڏيکاريس. عمر سندس سونهن ڏسي حيران ٿي ويو ۽ نيت ڪيائين ته مارئيءَ سان شادي ڪريان. اها ڳڻ ڪري کوهه تي آيو ۽ مارئيءَ کان پاڻي ڍڪ گهريائين. مارئي پاڻيءَ جو وٽو ڀري جهڙو سندس ويجهو آئي، تهڙو عمر جهڙپ هڻي کيس اُٺ تي کڻي وهاريو ۽ اُٺ کي واءُ مينهن ڪندو عمرڪوٽ ۾ اچي سهڙيو.

مارئي اهو حال ڏسي عمر کي چيو ته ادا، تون منهنجو ڀاءُ، آءٌ تنهنجي ڀيڻ. ڀلي پڇا ڳاڇا ڪري ڏس. عمر جڏهن داين ۽ ٻانهين کي مارئي ڏيکاري پڇا ڪئي، تڏهن معلوم ٿيس ته مارئي سچ ٿي چوي. پوءِ مارئي کي وٺي پنهنجي هٿن سان مارن ۾ ڇڏي آيو.

- - -

 

تعلقي جاتي جي شاعر گل محمد کوسي جا بيت*

1-

صفت ڪريان ٿو صاحب جي، جيڪو خالق خلقڻهار،

مرشد اسان جي محي الدين، جنهن جو نالو آهي نروار،

همير نالي سومرو، هو ملڪ ڌڻي مختيار،

رهندو هو. وڳهه ڳوٺ ۾، جوڙ چڱيءَ جنسار،

هن وت سوين سپاهي هئا، ٻيا طنبو طرحدار،

هڪ ڏينهن الله جو ٿيو، ويٺي وير ڪيو ويچار،

ڪري شوق شڪار جو، ورتائين گهوڙا ۽ هسوار،

پهرين منزل ڪيائين پٽ تي، جتي هئا هرڻ مرون هيڪار،

اتي ڪاري وڃي ڪڙڪو ڇڏيو، ڪيا دوناليءَ ڌڌڪار،

حيوان ڪريو هڪوار، جنهن کي ڇيرا ڇڳا ٿي لڳا.

2-

رات رهي روجهه پڪائون، خوشيءَ منجهان خان،

صبح جو سعيو ڪري اٿيا جلديءَ منجهان جوان،

ٿاڪ ٻڌائون ٿر ۾، جت هئا مارن جا به مڪان،

تهدل لٿا اچي تڙ تي، کوي طنبو ۽ طولان،

اتي صورت ڏٺائين سونهڻي، مارن ۾ انسان،

ماڻهو موڪليائين مارن ڏي، ڪڍي غير گمان،

تن سان گڏجي ”گل محمد“ چئي، اُن کي گهرايو سومري سلطان،

هن کي ڪل پيئي ڪانه، ته سومري سڏايا سڱ لاءِ.

3-

ڏنائون سڱ سومري کي، ڪري الله توهار،

گهوٽ ويهي ٿو گهر ۾، ڇڏيو شوق شڪار،

اوڻيهه راتيون رهي پيو، ويهينءَ ڪيائين ويچار،

وري موٽيو پوئتي، موڙي مير مهار،

ڪاهي آيو وڳهه ڪوٽ ۾، گهوڙا ۽ هسوار،

تهدل ويٺو تخت تي، ڪري الله توهار،

سڱ وٺي آيو سومرو، هي پرڻجي پنهوار،

’صاحبان‘ ڌيءُ ’سومار‘ جي، نالو جنهن نروار،

ٻڌيو هس ڳچيءَ ۾ هار، کليو ويٺي ٿي کٽ تي.

4-

کلي ويٺي کٽ تي، پئي وينگس نهاري واٽ،

تنهن جا صبح سويرو، ڇيلا ڇوڙيو، ٻڪر ڪن ٻيڪاٽ،

ڀڃن ڄاريون، پيرن واريون، اٿيو پنهواريون ڳوريون کڻن ڳاٽ،

جن جون ميناڪاري منڊيون، سي منگهه ولوڙيون ماٽ،

پائن سلواريون، ڳاڙهيون سايون، ناز ڀريون ڪن ناٽ،

تن جا گام وٺا ”گل محمد“ چئي، ڀلي ڇنـٖـي پئينِ ڇاٽ،

اٿم اندر منجهه اوساٽ، مارن جي ملڻ جي.

همير سومرو، صاحبان کي ساڻ ڪري مارن ۾ آيو ۽ اتي ويهارو کن راتيون رهيو ئي مس ته پويان وڳهه ڪوٽ تي دشمنن حملو ڪري ڏنو. اطلاع ملڻ تي همير سومرو، صاحبان کي پنهنجن مائٽن ۾ ڇڏي واپس وڳهه ڪوٽ وريو، جتي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو.

مارن جي ملڻ جي، منهنجي هينئڙي لڳي هير،

اتي ڌيءُ ڄائي ڌراڙن ۾، جنهن کي مارئي ڪوٺين مير،

سامائي ڌيءُ صاحبان جي، کائي کنڊون ۽ کير،

جوءِ اٿيو ٿي جامان کڻي، هس ڪڙولا هار،

ٿيون ٿڌڪارون ٿرن ۾، جت پڪا ڳم ڳنڍير،

چوڙيليون ٿيون چاڳ ڪن، جن جو وُٺو ملڪ ملير،

پڇي ٿي پنهنجي پيءَ جو، ورنهه اٿيو وير،

پوءِ جوڙيو تنهن کي جواب ڏئي، ڪريو ناٽ نظير،

ته ملڪن ۾ مشر هو، اصل کان امير،

صوبو هو سومرن ۾، جنهن جو نالو هو ته همير،

سومرو ڇڏي ويو ملڪ مان، هو گهوڙا گهوٽ وزير،

هاڻي ڀاءُ سڄي ٿو ڀيڻ جو، عمرڪوٽ امير،

اهو خواري ڪندو کوسو چئي، اچي مارن مٿي مير،

هاڻي پنهوارن جا پير، ڏجا مهت ملير کي.

عمر سومرو هڪ دفعي شڪار جي لاءِ ملير طرف ويو، ۽ اتي مارئيءَ کي تڙ تي پاڻي ڀريندي ڏٺائين. مارئيءَ کي ڏسڻ سان عاشق ٿي پيو ۽ مارئيءَ کي کڻڻ جو ارادو ڪيائين، مگر ان وقت ڪي ماڻهو کوهه جي نزديڪ ڏسي واپس موٽي آيو. ٻئي دفعي وجهه وٺي مارئيءَ کي زوري اُٺ تي چاڙهي، اچي عمرڪوٽ ۾ بند ڪيائين، جتي کيس شاديءَ لاءِ گهڻيئي منٿون ڪيائين، پر مارئيءَ نه مڃيو. نيٺ عمر، مارئيءَ کي سمجهائڻ لاءِ ڪي چڱا مڙس گهرايا، جن ۾ هڪ هندو نالي ’موتي‘ مارن جوگيهي پڻ شامل هو. ان کي مارئي ۽ عمر جي ڀاءُ ڀيڻ هجڻ واري سموري حقيقت معلوم هئي. تنهن عمر کي سڏي سڄي ڳالهه ٻڌائي چيس ته: مارئي تنهنجي ڀيڻ آهي. مون پاڻ ڏٺو ته همير سومرو، مارئيءَ جي ماءُ سان پرڻيو هو. چون ٿا ته مارئيءَ جي کڻي اچڻ کان پوءِ، هڪڙيءَ رات عمر خواب لڌو، جنهن ۾ پڻ کيس معلوم ٿيو ته مارئي سندس ڀيڻ آهي. ان کان پوءِ مارئيءَ کي مارن ڏانهن ڏياري موڪليائين. مارئي جڏهن ملير جي ويجهو پهتي، تڏهن کيت ڏگري هڻي، ڇانهين جي اندران ڳر ڪڍي، باقي ٺلهو کوکو مارئي ڏي ڏياري موڪليو. هوءَ اهو طعنو سهي نه سگهي، سو پاڻ کي اُٺ تان کڻي ڇڏيائين ۽ اتي ئي مري ويئي.

- - -


* هن ڳالهه جو مدار ٻن روايتن تي آهي: هڪ مير مير محمد لنڊ ويٺل تعلقو ٽنڊو باگو جي زباني قلمبند ڪيل ڳالهه ۽ ٻي خليفي حاجي شير محمد ويٺل مٺي، تعلقو ٽنڊو باگو جي مثنوي تان ورتل آهي.

1  خليفي صاحب مثنوي ۾ اٺن تڙن جا نالا ڏنا آهن: ڀالوا، گوٿري، ڌانڌل، ڏانو، رتنياري، وِيراوان، ٻهي ۽ رامسر.

1 خليفي صاحب جي روايت موجب* کيت مان لڌو هو، تنهنڪري ”کيت“ سڏيائونس. پوءِ ”ڦل“ نالو پيس؛ اُن بعد وري ”ڦلو“ نالو رکيائونس.

(1)  خليفي صاحب جي روايت موجب: هڪ پيرسن، مارئي عمر جي ڀيڻ ڀاءُ هجڻ جي شاهدي ڏني.

* راوي شير خان چانڊيي جي زباني قلمبند ڪيل، ڪچهري ٺٽو، تاريخِ 21- اپريل 1963ع.

* هيءَ روايت دُري اوٺي، عمر چاليهه سال، ويٺل ساڌپور، جي زباني ميرپور ساڪري جي ڪچهري ۾ 1960ع ۾ قلمبند ڪئي ويئي.

گل محمد پٽ احمد بليلاڻي کوسو، ويٺل کوسن جي ڪيٽي، لڳ گگهه مڪان ۾، ديهه سکپور، تپو منارڪي، تعلقو جاتي. اٽڪل 5 – 6 سال ٿيا جو (1955ع ۾) ستر ورهيين جي عمر ۾ گذاري ويو. پوليس ۾ هو. اڻ پڙهيل هو.. ننڊ ۾ اشارو ٿيس ته بيت ڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org