1- |
موڪل ڏي ملير وڃان، ٿڌو ڏسان ٿر،
ڏوٿي آڻيو ڏٿ تي، ڪن غاريبو گذر،
کاڄ انهن جو کنڀيون، سائون، ساڳ، سڱر،
مارو وهن مهراڻي تي، پڙهن الحمد جو اکر،
حيا ۽ حقيقت جو آهي سنگهارن وٽ ثمر،
قل هوالله رکيائون قلب ۾، پڇيائون ان آيت جو اکر،
هيڪڙائي جو هيئـٖين تي، رکيائون دل مٿي دفتر،
تو وٽ وهنديس ڪينڪي، جي ڪرين ڏکا ۽ ڏمر،
جيئرو اڃان جهان ۾، ويٺو آهي منهنجو ور،
سو شاهد اچي شفاعت ڪندو، سوڙهي منجهه سڌر،
هيلوڪي هيل گذري ويئي، پروڪي پر،
ڪم نه ايندو ڪماند جو، ڳهلا توکي ڳر،
مهند ٻڌين ٿو، مهيري چئي، مالڪ جو محشر،
شاعر کي انهيءَ شعر جو، تون الله ڏج اجر،
لڙائي جو لشڪر، توکي عمر! ڪم نه ايندو قيام ۾.
|
2- |
موڪل ڏي ملير وڃان، مون کي اندر منجهه اداس،
وُٺـٖـي تي ويندا رهيا، پنهور ٻئي پاس،
چهر رنڌين چٽڻي، ڏيو لوڻڪ کي لاس،
کايو لسي خوش ٿين، مارو منگهن تي مواس،
تنهنجي شربر شرن جي مون کي بنهه وڻي نه بانس،
مون کي ڇڏ، مهيري چئي، تون ڪامل ڪر قياس،
مون کي وُٺي جا واس، آيا عمر! تنهنجي ڪوٽ مان. |
3- |
موڪل ڏي ملير وڃان، آءٌ اُڪنڊي آهيان،
وڃي آءٌ ويڙهه ۾، ٿانيڪي ٿيان،
وڃي آءٌ ويڙهه ۾، کاٽونڀا کيان،
مونکي ڇڏ، مهيري چئي، ڏسان ويڙهيچن ونهيان،
ماڙي منجهه ميان، مون کي سک نٿو اچي سومرا. |
4- |
سرتيون پرتيون پير کي، وڃان ٿي ورهن،
وري هن وطن ۾، مون کي موليٰ آڻي من،
وري هن وطن ۾، منهنجا پساهه شل پڄن،
ڀنجهو منهنجي بُٺيءَ تي، راضي ٿيو رکن،
قل پڙهيو منهنجي قبر تي، دليون ئي دعا ڪن،
ختمون منهنجو کاهڙ ۾، پنهواريون پڙهن،
کارائين ختمي تي پانڌ ڀري پيرن،
مئي پڄاڻا، مهيري چئي، ٻڌان ڪوڪارون ڪنن،
منهنجي ملاقات مارن، ڪندو قادر ڏينهن قيام جي. |
5- |
قادر ڏينهن قيام جي، واجهائي وطن،
کٽ رواني کاهڙ ڏانهن، مون کي ملائيجا مارن
کٿي کفن مون کي، من اوڍيائين اُنَ،
مُٺيا منهنجي مٿي کان مر ڇاٽيلا ڇوڙين،
ڀيڻون منهنجي بُٺيءَ تي، اديون اوسارين،
ڀيڻون منهنجي بٺيءَ تي، وانٽا ورهائين،
من مون کي مرهائين، محابي محمد مير جي. |
6- |
محابي محمد مير جي، مونکي ڇڏ کڻي،
پنهوارن جي پاڙي مان، جي هئا آيا سڏ سڻي،
پنهوارن جي پاڙي مان، تون حاڪم آئين هڻي،
ته سسي تنهنجي سومرا،ڪ ويا لحظي منجهه لڻي،
ڌنارن مان ڌُڻي، تون کڻي آئين کوهه تان. |
7- |
کڻي آئين کوهه تان، تون راڄن مان راڻي،
کڻي آئين کوهه تان، تون ناحق نماڻي،
محلاتون ڏسيو ماندي ٿئي، ڏوري ڏوٿياڻي،
ڇڏ ته وڃي ڇيلا چاري، پئي پلر جو پاڻي،
کاڄ جنهن جو کنڀيون، اُت للر ۽ لاڻي،
عمر! ڪڏهين ڪم نه ايندءِ، اهو جوڀن ۽ جواڻي،
انهيءَ مظلوم جي، مهيري چئي، ٿيندي ثابت ڳالهه سڀاڻي،
خان انهيءَ کاڻـٖـي، اها دنيا مثل خواب جي. |
8- |
دنيا مثل خواب جي، مون کي ميان موڪل ڏي،
کڻي آئين کوهه تان، تون سومرا سڏي،
ٻانهن ڏي ٻڪرارن کي، تون سومرا سڏي،
متان مارو ملڪ سان، وڃن لاکيڻا لڏي،
دنيا ڌوڙ، اٿئي ڪوڙ، وجهندئي گند ۾ گڏي،
مٿان هن هڏي، چُوپِيندل چلي ويا.
|
9- |
چُوپيندل چلي ويا، ڏيئي چپن کي چک،
سوين هتي سلطان هئا، لاکون هئا لک،
ڪنهن جي پوري ڪانه ٿي، هِيئـٖـين سندي هِڪَ،
ويا وءهائي وجود ۾، ڏمر، ڏمر ڏاڍا ڏک،
عمر! ڪئين احمق، هتي گهوٽ ڇڏي گهوڙا ويا. |
10- |
گهوٽ ڇڏي گهوڙا، ويا مرد مري،
دنيا جي دل تان، وين ڳالهه وسري،
منڪر نڪير تن کي ڏني ڳجهارت ڳجهڙي،
’من الربک وما دينک‘، ڏسو سڌ سري،
ويا ڳڻتي منجهه ڳري، اکر ٻڌي عربي جو. |
11- |
اکر ٻڌي عربي جو، پڇاڻو پڇيو،
مهندان تن ملائقن جي، ڪٺن ڪين ڪڇيو،
بانٺو تن جي بدن تي، باهه جو بڇيو،
هڏ لنگهي ويو هڏن مان، تن مان بنهه ڪين بڇيو،
صاحب رب سچو، شل عيب اگهاڙي ڪينڪي. |
12- |
عيب اگهاڙي ڪينڪي، آهي ويجهن کان ويجهو،
مون کي محمد مير جو، آهي دل مٿي ڌيڄو،
مهاڙي مريد چئي، وٺ پاسو پيغمبر جو،
پڙهه ڪلام ڪلمي جو ته عيبن کان آجو ٿئـٖـين. |
13- |
موڪل ڏي ملير وڃان آءٌ مارن کي ملان،
ٿاريلين سان ٿرن ۾ آءٌ هيڪ جيڏين سان هلان،
ٿاريلين سان ٿرن ۾ آءٌ چؤنرن پاس چلان،
اهو سوال ڪريان ٿي سومرا آءٌ ڌڻي کي به دليان،
ڏوٿين جا ڏيل ۾ مونکي اندر منجهه اُلان،
مون کي ڇڏ مهيري چئي، وڃي پنهنجا سور سلان،
جهلي ڪيئن جهليان، روح اباڻي راڄ کان.
|
14- |
روح اباڻي راڄ ۾ منهنجا پڄن شال پساهه،
روح اباڻي راڄ ۾ هتي رڳو مِٽي ماهه،
مارن جي ملڪ ۾ ڊپ نڪو ڊاءُ،
مارن جي ملڪ ۾ الله ئي الله،
مارن جا مهيري چئي، اڇا آهن ارواح،
وڃي رک چوڙيلين سان چاهه، تون راجا پنهنجي راڻين سان. |
15- |
راجا پنهنجي راڻين سان وڃي سيڄن مٿي سمهه،
مير پنهنجي محلاتين ۾ وڃي گهرن پاسي گهم،
آءٌ پلؤ وجهان ٿي پير جو ۽ الله جو به اسم،
مون نماڻيءَ کي نِيرَن ۾ ڪو حاڪم ڪر نه حڪم،
من مَنجهان مهيري چئي ڪڍ وجود مان وهم،
ادا! آءٌ قسمت جو قلم، لکيو ويٺي لوڙيان. |
16- |
لکيو ويٺي لوڙيان، ڏوهه نه ڏسان ڪنهن جو،
موازي مران، ته به مُججا مارن ڏانهن مَنجو،
کڻي اوهين کاهڙ ڏي، مون کي هرين هرين هلجو،
پارت ڪري ونهور کي، ڏوٿين کي ڏجو،
مارن وٽ وٽ، مهيري چئي، مون کي سَتي ڪري سڏجو،
عمر! آءٌ قلم قست جو، لکيو ويٺي لوڙيان. |
17- |
لکيو ويٺي لوڙئين، تون عورت! ڪر عقل،
آءٌ راڄ ڌڻي راڄن جو، آهيان غازي مٿي گل،
راتيان ڏينهان روڄ ۾، تنهنجو کاهڙ لاهي خلل،
راتيان ڏينهان روڄ ۾،تون هر هر ڪرين پئي هُل،
گهرائي تنهجي ڳوٺ کي، ڏيان مارئي تنهنجو ملهه،
ڇو ٻاريو اٿئي جيءَ مٿي جل، تون کلي ويهه کٽ مٿي. |
18- |
آءٌ نه کٽن هيري، منهنجو مرڪ نه آهي ميان،
پاسو کوڙي پٽ ۾، واري منجهه ويهان،
مُلهه وٺي مارن کان، توکي ڏوٿين کان ڏيان،
ٻروچ چئي، تنهنجي ٻارن مان، ڪري ڏي ويڙهيچن کي وهاءِ،
ته روز هوند رهان، ڪامل تنهنجي ڪوٽ ۾. |
19- |
سڻي ڳالهه مارئي جي، ويو عمر ٻڌڻ سان ٻُٽجي،
ڪاتي کڻي ڪهڻ لاءِ، مير آيو مٽجي
وينديئن تون وڍجي، نه ته ويهه کلي تون کٽ مٿي. |
20- |
آءٌ نه کٽن هيري، سومرا سائين!
مور نه مُڙان موت کان، جي ڪاتيءَ ساڻ ڪهائين،
مور نه مُڙان موت کان، جي وِيرَ! وڍائين،
آءٌ پلؤ وجهان ٿي پير جو، متان منهنجي لوئي کي هٿ لائين،
مون پکن پڄائين، ته تنهنجا ٿورا وڃي ٿر ڳائيان. |
21- |
عمر اٿي آيو مارئيءَ تي، ڪاوڙ ٿو ڪري،
ڏسيو سونهن تنهنجي سپرين! مونکي ساعت نٿي سري،
جلوو منهنجي جيءَ تان، وسئون نٿو وسري،
جيڪر ناڪار ڪنديئن مون سين، ته هت ويندئين تري،
هاڻي هينئڙو ٿو ڳري، تون کلي ويهه کٽ مٿي. |
22- |
آءٌ نه کٽن هيري، نه وڻي مون پنهوارن کي پٽ
ڇو وات هڻيو وَل وَل ڪرين، هڻين جهانگياڻي کي جهٽ،
آءٌ ڪين وهنديس ڪوٽن ۾، مون ٻڌو گوڙين جو گهوگهٽ،
پچي پيو پٽن تي، مکڻي ۽ مُرٽ
خان! تنهن کيت جو، تون مور ناهين مٽ،
خان! تنهن کيت جو، آهي ڇڳر مٿي ڇٽ،
ڇو مجني وانگر مست چريو ٿيو آهين چٽ،
ڇو مجني وانگر مست ٿيو آهين عشق ۾ الٽ،
پيو هوند پٽ ۾، منهنجو اولاڻو ارٽ،
سرتيون اتي ساڻيهه ۾، وڃيو سنهون ڪتين سٽ،
متان مارو ڪن منهنجي، ڪمائي ڪُٽ،
مور نه وڻن، مهيري چئي، تنهنجون پوشاڪون ۽ پٽ
هاڻي لاهه عمر! ڪني تان ڪوڪٽ، موڪل ڏي ملير وڃان. |
23- |
مارئي! ملير جو، آسرو ئي پَلَ،
کلي ويهه کٽ مٿي، روح راڻي مون سان رَلُ،
ڪنگڻ، ڪڙيون، ڪٺمالون، رک دُهريءَ سان دل،
پازيب، پوچو، پنڙا، جهالر کڻي جهل،
مٿو ڌوءِ مارئي، تون ميٽ کڻي مل،
من ۾ هجيئي مريد چئي، ته سور مون سان سل،
اسان کان کائج اول، تون کلي ويهه کٽ مٿي. |
24- |
آءٌ نه کٽن هيري، سومرا سائين!
ڪنگڻ، ڪڙيون، ڪٺمالون، آءٌ ٻُٽ ڀڃان ٻانهين،
نورا، نسبيون، ڪن ڪيوٽيون، سڀ کوري منجهه کائين،
ڪين وهنديس ڪوٽن ۾، توڙي حڪم هلائين،
جي مونکي مائٽين ملائين، ته تنهنجا ٿورا ڳايان ٿر ۾. |
25- |
مِٽ توکي مارئي! وساري ويٺا،
کلي کاءُ کٽ مٿي، کلل ڇڏ کيٽا،
جهڻ پئندينءَ جهنگل ۾، کيندينءَ کاٽونبا کٽا،
چؤنرن پاس چاريندي هئينءَ، گهڏڪيو تون گهيٽا،
اٿي تِري هڻ تيل جي، مک چوڙيلي چوٽا،
مارن جي محبت جي، ناهي جهانگين وٽ جٽا،
مڻ وٺي ڏيئين مصريءَ جا، ميوا کاءُ مٺا،
مڻ وٺي ڏيئين مُشڪ جا، صابڻ ڏيئين سٺا،
رک نازبوءِ نڪ تي، سونگهه ڦاروا ڦوٽا،
گهڻا گلقند توکي ڏيان، چاشنيون چٽا،
ڪڏهن ڏکي ڪانه ٿيندينءَ، مارئي! مون وَٽا،
لاهي لوئي لڱن تان، اٿي ڪر لاکيڻا لٽا،
مون ورتا آهن، مهيري چئي، تو لاءِ پٽولا پٽا،
مون تولاءِ ڏکيا ڏينهن ڏٺا، تون کلي ويهه کٽ مٿي. |
26- |
آءٌ نه کٽن هيري، سمهان خاڪ مٿي خاڪ،
ساهه سدائين سومرا! ڪيئي پلر پسائي پاڪ،
ڀونگا اسان جا ڀٽن مٿي، آهن ٿرن مٿي ٿاڪ،
اها آڇ ڏٺي اٿئي اکين سين، مورک اٿئي ماڪ،
دنيا دم گذر آهي، ڪامل هڪ ڪلاڪ،
محلاتون پوري ويا، مهيري چئي، تاڙا ڏيئي تاڪ،
حاڪم ٿيءُ نه هلاڪ، مونکي موڪل ڏي ته ملير وڃان. |
27- |
مارئي تنهنجي ملير ۾، ناهي پنهور کي پرواهه،
کلي کاءُ کٽ مٿي، تون حاڪم ٿي حلوا،
ڀٽن جي ڀرن ۾، تو کِينُ ڄارين منجهه ڄَوا،
چچڙن جي چڪ جي، ناهي درد جي دوا،
ڏاهو نه آهي ڏيهه ۾، ڀيڻي ناهه ڀوا،
ملڪ نٿو وڻي، مهيري چئي سهڻي! تو سوا،
جيئري ڪر جاوا، تون کلي ويهه کٽ مٿي. |
28- |
آءٌ نه کٽن هيري، تنهنجي وائي ڪين وڻي،
ڪامل تنهنجيه ڪوٽ تي، پيئي ڏکي ڏينهن ڳڻي،
اکيون عرب پار ڏي، کڻيو پيئي کڻي،
فريادون فقير جون، مانَ سائين سڻي،
لائق منجهان لڙي، محمَّد ڄام مديني جو. |
29- |
محمد ڄام مديني جو، توکي سٺي ڏيندو صلاح،
مارئي ويهه ماڙين ۾، وَنِي! تون ونواهه،
کاڄ خوراڪون ماکيون، کلي تون کاءُ،
آءٌ ٿورو ڪري ٿر وارن کي، ڪڍرائي ڏيان واريءَ مان واهه،
دنگ منهنجو دهلي تائين، آهيان بڙو بادشاهه،
ڪري حاڪم سان حق نڪاح، تون کلي ويهه کٽ مٿي. |
30- |
آءٌ نه کٽن هيري، توکي ڀانيان عمر! ڀاءُ،
لاهي ڇڏ لوياري تان، تون چريءَ مٿان چاهه،
ڪڏهن ويهن ڪينڪي، منهنجون ويڙهيچون ونواهه،
کاهڙ ۾ کيت سان، منهنجو پڙهي ڇڏيائون نڪاح،
سنگهار منهنجا سانوڻ ۾، ڪن وانڍين تي وهانءُ،
شغل ٿين شاديون اتي، گوڙيون ڪن گجڪاءُ،
کِوڻيون اتي خوشيءَ منجهان، ڪن اتر پاس اهاءُ،
شاهي ملي هئي سڪندر کي، جو هئو بڙو بادشاهه،
تنهن به کوٽايو ڪونه ڪو، ان واريءَ منجهان واهه،
منهنجا پلر تي پٽن ۾، ڪن مارو پيا مساح،
ڪر موڙيو ڪعبةالله ڏي، ڪن الله اڪبر الله،
نيڪ پڙهن نمازون، ٻي ڪن صاحب جي ساراهه،
عمر! ڊڄ ڌڻيءَ جي ڊاهه، مون کي موڪل ڏي ته ملير وڃان.
|
31- |
مارئي تنهنجي، ڀائيان سرها ٿيا سنگهار،
جيڪس تو کُٽايا، کاڌي ڪئين خرار،
يقيني هتي يار، توکي منٿ ڪريان پيو مارئي. |
32- |
يار چئو انهن کي، جيڪي تنهنجون عورتون هجن،
ڀائر ڀيڻن کي، ائين ڪڏهن ڪين چون،
ٻڌيو ڪچيون ڳالهيون ڪنن سين، توتي باهيون ڀڙڪا ڪن،
توتي نالو يار جو، جنهن کي عادل عمر چون،
تنهن پٽ مارايو پنهنجو، حاڪم ساڻ هٿن،
تيئن مارائجنئي سومرا، ڪري دريافت دُرن،
تو ڪيو مون بي گناهه کي، قابو منجهه ڪوٽن،
منهنجا ماروئڙا ملڪ ۾، ڏکويا ٿا ڏُسڪن،
ڇرڪ ڀريو ڇوڪرا، وڃيو پنهوارن جا پٽن،
’عمر عمر‘ ڪريو اٿيو، وڃيو لڪن منجهه وڻن،
ظلم تنهنجي زوراوري کان، توبهه ترت پڙهن،
راجا پنهنجي رعيت سين، اهڙا قهر نه ڪجن،
عمر! تنهنجي اکين، منهنجا هيبت هٿ ڪنبايا. |
33- |
قادر جي قدرت جو، سڻ هادي جو حڪم،
پهرين ڀلجي پيو بهشت ۾، ڪو اَنّ مٿي آدم،
ٻي ڀلجي پيئي سهڻي، جنهن ڪچو ڏٺو نه ڪم،
ڪاهيو پيئي ٿي ڪن ۾، ڏاڏي پوٽي ڏم،
ٽيو ڀلجي ٻڪرار پيو سسئي تي، بدو بي شرم،
چوٿون ڀليو آهين مون ڀيڻ تي، غازي لاهي غم،
ڇو اونداهيءَ ۾ انڌو ٿيو آهين، ڪر دريافت پنهنجو دم،
پنهنجو منهن مهانڊو هڪ جهڙو شير! ٻاري ڏس شم،
رک ڀاءُ منهنجو ڀرم، موڪل ڏي ته ملير وڃان. |
34- |
سڻي ڳالهه مارئيءَ جي، ڊنو عمر ڌڻيءَ جي ڊاء،
سچي آهين سِيل تي، تون ڀيڻ آءٌ ڀاءُ،
غير انهيءَ گند کان، پاڻ کي بچايو الله،
مارئي ويئي ملير ۾، جنهن وڃي ڏٺا گولاڙا ۽ گاهه،
مارئي ويئي ملير ۾، ٿيو هل هوگاء،
شابس هجي سومري کي، جو هليو شرط مٿي شاهه،
ڪيڏو هوس خيال مارئي تي، رکيائين چوڙيلي مٿي چاهه،
حرف پڇيو هيڪڙو، ويو دل جهليو داناهه،
ٻي شابس هجي مارئي کي، جنهن صدق رکيو منجهه ساهه،
پيو پنهوارن منجهه پساهه، جڏهن مارئي آئي ملير ۾ . |
35- |
مارئي ملير ۾، هجن مبارڪون مڙن،
عمر اٺائي آيو، ڪري قابو منجهه ڪوٽن،
ڪئين امير، ڪئين وزير هئا، پر ڪنهن نه چيو صاحب کي صرحاً،
مردن کڻي ماٺ ڪئي، رکي راهه رنن،
عمر پنجين سن جا، هي چوڏهون سن چون،
جنهن کان مرن پناهه پني، ڪهيو ڪتابن،
قصو عمر مارئي جو، سنگتي سڀ سڻن،
جهڙو حياءُ هنن کي، تهڙو سائين ڏي سڀن،
ڪيو ويندو ڪينڪي، پورهيو پورهيتن،
کنڌو جنهن کان کنيو اٿيئي، سو سيٺ سجهي سڀن،
قرض ڏيندين ڪينڪي، ته لڳندئي لڪڻ منجهه لڱن،
ايندئي مَلڪ الله جا، اُلهي مٿان اڀن،
نيئي هڻندئي اوڙاهه ۾، جنهن کان ڪامل ٿا ڪنبن،
دوزخ جي دهشت کي سورهيه ڪين سهن،
وري وڌائي ڳالهه کي، چيو ساڻ چپن،
قصو عمر مارئيءَ جو، پورو اُت چون،
موليٰ هن مريد کي، الله ڏج امن،
ڪلمون پاڪ پڙهن، سي لنگهي ويندا لڪيون. |