سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :4

 

روايت [1]

 

عمر جو مارئيءَ کي زوري کڻڻ ۽ مارئيءَ جي ست پرکا واري آڳاٽي روايت

عمر ۽ مارئيءَ جي قصي جي هيءَ روايت عام مشهور آهي، جنهن جا خاص نڪتا هي آهن ته: عمر، مارئيءَ کي زوري کوهه تان کڻي عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريائين، پر مارئي پنهنجي ست تي قائم رهي، عمر جي آڇن کي ٿڏي ڇڏيو. آخر عمر سندس ستيا ڏسي، کيس وطن ڏانهن موٽايو. مارئي جي مڙس کيت، مارئي جي پاڪدامني ۾ شڪ آندو، تڏهن مارئي پرکا ڏيئي ست سيل واري ثابت ٿي. انهي سٽاء تي سڄي سنڌ مان نثر ۽ نظم ۾ مليل ڳالهيون هن بعد شامل ڪيون ويون آهن

- - -


 

تاريخ طاهري واري ڳالهه*

عمر سومري بابت ڳالهه ٿا ڪن ته مارئي نالي هڪڙي سهڻي زال، جا پرڻيل چئي ٿي ويئي، مارن جي قوم مان زوري هٿ ڪري، عمرڪوٽ جي قلعي ۾ بند ڪري ويهاري ويٺو هو.

اهو قصو هن ريت آهي ته ڦوڳ نالي هڪڙي شخص، مارئي جو سڱ سندس مائٽن کان گهريو، پر مارئي جي مائٽن اهو سڱ پنهنجي عزيزن مان هڪ کي ڏيئي ڇڏيو. پوءِ اهو ڦوڳ فريادي ٿي عمر سومري وٽ دانهن کڻي ويو. جڏهن عمر وٽ پهتو ته حقيقت ڪرڻ وقت مارئي جي سونهن صفائي جي ساراهه ڪرڻ لڳو ۽ عمر کي چيائين ته:’آءٌ انهي سڱ تان دستبردار آهيان، جي توهان کيس پنهنجي محل ۾ داخل ڪريو. هوءَ اهڙي ته سهڻي آهي جو منجهانئس نگاهه ڪڍڻ به مشڪل آهي.‘ عمر ويس مٽائي، هڪڙي تکي اُٺ تي سوار ٿي، مارن جي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن مارئي تي نظر پيس ته اڪن ڇڪن ٿي پيو. ڪيترا ڏينهن اتي تاڙ ۾ ويٺو رهيو. جڏهن وجهه لڳس تڏهن مارئي کي اُٺ تي اُڏائي آڻي عمرڪوٽ مان ڪڍيائين.

ان زال کي هزارين شابسون ۽ جس هجن، جنهن پنهنجي سيل ستر بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. عمر جي طرفان کيس ڳهه ڳٺا، زيور ڪپڙا، زريون زيور ۽ ست – رڇيون آڇيون ويون. ڊپ خوشيون ڏيکاريون ويون، مگر هوءَ ڪنهن به ڳالهه تي راضي نه ٿي. عمر کي ائين چوندي رهي ته: اهو ڪهڙي مذهب ۾ روا آهي ته پنهنجي مڱيندي جو حق ڀڃي، تنهنجي بي بقا اسبابن جي چٽڪن تي لڳي ريجهي وڃان، پوءِ آخر جي ڏينهن هلي شرمسار ٿيان.

عمر جڏهن هن جي آهن دانهن کان متاثر ٿيو، تڏهن هڪ سال بعد (ڪي ان کان گهٽ وڌ ٿا چون)، سندس مڙس کي گهرائي، ڳهن ڳٺن سميت، ٻانهن انهن جي حوالي ڪيائين ۽ کيس مارئي جي پاڪدامن هجڻ جي به تسليٰ ڏنائين.

جڏهن مڙس ان کي وٺي ملڪ پهتو، ته ان جو شڪ زال مان نه لٿو. اُٿئي ويٺي کيس طعنا پيو هڻندو هو. هڪڙي ڏينهن اها خبر عمر کي وڃي پئي، جنهن تي کيس مٺيان لڳي ته ڇا منهنجو صبر، ڇا مارئي جي پنهنجي عزت بچائڻ جي مضبوطي، ان جو هنن بيوقوفن کي ڪو به قدر ڪونهي! سو ڪاوڙجي هڪ وڏو لشڪر ماروئڙن تي چاڙهيائين ته وڃي سڄو ملڪ تاراج ڪري ڇڏي.

جڏهن اهو لشڪر ملڪ ۾ پهتو ته ماروئڙا حيران ٿي ويا. پڇيائون ته:’هي فوج ڪنهن جي آهي ۽ ڇا جي لاءِ آهي؟‘ عملدارن چيو ته: ’توهان مارئي جي پاڪدامني تي ويساهه نٿا ڪريو، ۽ ان جو مڙس مهڻن طعنن سان مارئي کي روز ٿو وڍ وجهي، جنهن کان بادشاهه توهان جي تباهيءَ جو حڪم ڏنو آهي ته ان نموني منهنجي بدنامي ٿيندي ٿي رهي، اهي ماڻهو ئي هت نه هجن.‘

پوءِ مارئي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي دلداري ڏئي، ڪي وڏڙيون پاڻ سان وٺي عمر جي خذمت ۾ پهتي. جتي عمر کي چيائين ته: تون هڪ حاڪم آهين، توکي لازم نه هو ته پرائي ڄائي کي هڪ سال پنهنجي دٻڙ دؤنس سان بندي ڇڏين، پوءِ به بدنامي کان ڪاوڙجي پنهنجي لشڪر هٿان غريبن کي ماريائين. ماڻهن جا وات ڪير بند ڪري نٿو سگهي. آءٌ به ته انهيءَ ڪري ئي سهمن جي منهن ۾ آهيان. جي اهڙو ڪم نه ڪرين ها، ته ڪير توکي برو ڀلو چئي ها، ۽ ڇو منهنجو مڙس مون کان شڪي رهي ها ۽ وري حملو به اسان تي ڪرايو اٿئي. انصاف ڪر ته ان ۾ ڏوهه ڪنهن جو آهي؟ مارئي جي اها ڳالهه دل سان ٻڌائين ۽ ڏاڍو پڇتايائين. لشڪر کي واپس گهرايائين، ان سان گڏ مارئي جي مڱيندي اڳيان قسم سنهن کنيائين، جيئن ان جي دل مان غير نڪري وڃي.

پوءِ ان ستياوان زال مارئي به هندو دستور موجب پاڻ تي قسم جي پرکا قبول ڪئي، جيئن سجھي ڪڙم تان بدنامي جو ٽڪو ميسارجي وڃي. فيصلو ڪيائون ته مارئي جي پرکا وٺجي. باهه ۾ لوهه تپائي ان جي گردن ۾ وجهجي. جي هن کي ڪا لهس نه اچي، ته سمجهبو ته پاڪ آهي پوءِ ان کي الزام ڏيڻ کان باز رهجي، جيئن اهو داغ هميشہ لاءِ مٿانئس لهي وڃي.

جڏهن اها حقيقت مارئي کي ملي، ته ان خوشيءَ سان انهيءَ آزمائش کي قبول ڪيو. سچ جو ٻيڙو لڏندو، پر هرگز نه ٻڏندو ۽ آئينده ڪو به اهڙو جرم نه ڪري سگهندو. پوءِ سڀني گڏجي مچ ٻاريو. مارئي طوق پائڻ جي بجاءِ، پنهنجي پروردگار جي آسري تي باهه جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي تائين، ٽانڊن مٿان اڪري وئي ۽ ان جو وار به ونگو نه ٿيو. پوءِ عمر جو اڳي شرمسار ٿيو بيٺو هو، سو خوش ٿيو، ڇو ته مٿانئس ملامت لهي ويئي ۽ مارئي جي مڙس جي دل به صفا ٿي ويئي.

 

تحفة الڪرام واري ڳالهه*

”مارئي“ نالي هڪ پاڪدامن ۽ خوبصورت عورت، مارن جي قوم مان ’تلها‘ ڳوٺ ۾ رهندڙ هئي. سندس ماءُ پيءُ هن جو مڱڻو پهريائين ”پنهون“ نالي هڪ شخص سان ڪيو هو؛ پر پوءِ ڦري هڪ ٻئي عزيز کي ڏيئي ڇڏيائون. پنهون انهيءَ محبوب جي هٿان نڪري وڃڻ کان ڦٽيل دل ٿي، عمر وٽ فريادي ٿي ويو، ۽ وڃي چيائينس ته: هڪ ههڙي خداداد حسن جي مالڪياڻي عورت، منهنجي مڱيندي، ٻئي سان پرڻائي ويئي آهي. مون ته انهيءَ تان آسرو لاٿو، پر جيڪڏهن توهان هڪوار ڏسندا ته هوءَ محلات جي لائق آهي. عمر چمڙا پوش ڪري، هڪ تکي اُٺ تي چڙهي مارئيءَ جي ڳوٺ ۾ پهتو، ۽ کيس ڏسڻ سان مٿس چريو ٿي پيو. جيئن ته سندس طلب جو سنڌائتو تير هن جي دل ۾ چڀي چڪو هو، تنهنڪري موقعي ملڻ تي کيس اُٺ تي ويهاري، زبردستي آڻي پنهنجي جاءِ تي ڪڍيائين. پوءِ ته کيس لالچائڻ لاءِ گهڻو ئي سون، چاندي، زيور ۽ عيش آرام جو سامان آڇيائين، مگر هوءَ راضياڻي نه ٿي؛ بلڪه پنهنجي مڙس جي ياد ۾، هميشہ راتيان ڏينهان روڄ راڙو ڪندي، بي خواب رهڻ لڳي ۽ کاڌو پيتو ڇڏي ڏنائين.

پوري هڪ سال گذرڻ کان پوءِ بلڪ اڳيئي، عمر هن جي سچائي ۽ پاڪدامني ڏسي، سندس مڙس کي گهرائي، کيس گهڻئي زر ۽ زيورن سميت اُن جي حوالي ڪيو. پر سندس مڙس، عمر جي استعمال ڪرڻ جي شڪ تي، کيس ماريندو ۽ ڏکوئيندو رهيو. تنهن کان سواءِ قوم جا ماڻهو پڻ کيس طعنا تنڪا هڻندا، عمرجو نالو بي شرميءَ سان وٺندا ايندا هئا. عمر انهن عيبن کان پاڪدامن هو، تنهنڪري ڏاڍو ڪاوڙجي، مٿن ڪاهه ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. مارئي کي جڏهن اها خبر پيئي، ته سندس ڪري ئي سندس قوم تي مصيبت اچڻ واري آهي، تڏهن پنهنجي قوم کي تسلي ڏيئي، عمر وٽ لنگهي ويئي ۽ وڃي چيائينس ته: ڏوهه تنهنجو آهي، جو ڌاريءَ زال کي هيڏو عرصو  پنهنجي محل ۾ رکي ڇڏيئي- هاڻي ماڻهو طعنا نه هڻندا، تڏهن ڇا ڪندا، ۽ منهنجو مڙس بدگمان ڇو نه ٿيندو؟ هينئر هي فساد هيڪاري اڳئين کان وڌيڪ وري ٻيو گناهه، بلڪ هميشہ جي بدناميءَ جي تائيد ٿيندو! عمر متاثر ٿي، انهيءَ ارادي کان باز آيو، ۽ سندس مڙس کي گهرائي، چيائين ته: هن پاڪدامن عورت جو آءٌ برابر طلبگار هوس، پر جيئن ته هوءَ راضياڻي نه ٿي، ۽ سندس سچائي ثابت ٿي، تنهنڪري مون کيس پنهنجي نياڻي سڏي توکي ڏني آهي. انهيءَ ڳالهه جي سچائي لاءِ، جيڪڏهن توکي ثابتي گهرجي ته اجهو آءٌ حاضر آهيان؛ جنهن نموني سان تنهنجي دل کي اطمينان ٿئي سو بيشڪ چئي ڏي، ۽ ائين ڪر ته جيئن مون تان ۽ مارئيءَ تان هيءُ ٽڪو ڌوپي وڃي. اتي مارئي چيو ته: هيءُ گناهه مون تي مڙهيو ويو آهي، تنهنڪري لوهه تپائي منهنجي هٿ تي رکو ته آءٌ سچ تي کڻي وڃان. بس پوءِ ته سڀني مٽن مائٽن ۽ شهر جي رهاڪن گڏ ٿي، اهڙو گرم لوهه، جنهن جي گرميءَ کان ڏسندڙ جون اکيون ٿي سڙيون، سندس هٿ تي رکيو ۽ هن کي ڪو به ايذاءُ نه آيو. اتي مارئي چيو ته: اڃا انهيءَ کان به وڏو امتحان ڏينديس. پوءِ سندس چوڻ تي باهه جو وڏو مچ ٻاريائون، جنهن مان اها سهڻي عورت حضرت ابراهيم خليل وانگيان، اهڙيءَ طرح جو گويا ڪو باغ جو سير ڪري رهيو هجي، ۽ ڏاڍي مزي ۽ آهستگيءَ سان، ڪيئي دفعا آئي ويئي. خدا جي قدرت ۽ سچائيءَ جي برڪت سان، سندس جسم جي ڪنهن وار کي ڪو ايذاءُ ۽ ڪپڙي جي ڪنهن تند کي ايذاءُ نه پهتو. هاڻي مڙس خواهه ماڻهن جي، عمر ۽ مارئي ۾ ٿيل بدگماني بلڪل دور ٿي ويئي.

بيشڪ، مارئي جي سچائيءَ ۽ پاڪدامني تي به آفرين آهي، پر هزارين آفرينون عمر جي خود- روڪ لالچ کي دٻائڻ تي آهن، جو ههڙيءَ مفت ۾ هٿ آيل پريءَ کي سندس مرضيءَ کان سواءِ هٿ نه لاتائين.

 

------


*  تاريخ طاهري (فارسي)، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنه 1964ع تان ورتل.

*  تحفة الڪرام، سنڌي ترجمو، ص ص 100 – 105، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ تان ورتل. هن روايت جو دارومدار پڻ تاريخ طاهري تي آهي، البت نالن ۾ ڪجهه فرق آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org