سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :5

 

آڳاٽن شاعرن جي ڪلام مان اهڃاڻ

سنڌ جي آڳاٽن شاعرن، ميين شاهه عنايت، شاهه عبداللطيف ۽ خليفي نبي بخش جي بيتن مان عمر مارئيءَ جي ڳالهه بابت جيڪي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ملن ٿا، سي هن ريت آهن: مارو، ٿر ۾ ملير جا ويٺل هئا ۽ عمر سومرو، عمرڪوٽ جو بادشاهه هو. مارئي تمام حسين هئي، عمر سومرو سندس سونهن جي ساراهه ٻڌي ملير ۾ ويو ۽ مارئيءَ کي کوهه تان کڻي عمرڪوٽ ۾ آيو. مارئيءَ کي ويس وڳن ۽ محلاتن تي لالچائي شادي ڪرڻ لاءِ چيائين، پر مارئي اڳئي پرڻيل هئي، تنهن انڪار ڪيو ۽ عمر سومري کان واپس وطن وڃڻ جي گهر ڪيائين، جا عمر نه قبولي ۽ مارئي کي قلعي اندر حفاظت سان رهايائين. امرئي پنهنجي وطن جي سڪ ۾ ماڙيءَ تي چڙهي، مارن کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيندي هئي، وطن ڏانهن سندس سڪ ۽ مارن سان سچائي ڏسي، آخرڪار عمر کيس وطن وڃڻ جي موڪل ڏني ۽ مارن ڏانهن اُماڻيائين.

مارو ۽ مارئي ملير جا هئا

وطن مون ملير، قضا آنديس ڪوٽ ۾،

چانڪ پيئنديس پرينءَ سين، پائر جو پنير،

هاڃو ڪيو حمير، بالله نئي ٿو بند ۾.

]شاه لطيف[

مارو مِٽ ملير جا، ساريم سڀيئي

حب الوطن من الايمان، اندر اهيئي

پکن ۾ پيهي، پسان شال پنهوار کي.

]شاه لطيف[

ملير تان محصول وغيره معاف هو ۽ مارو خوشحال هئا

نڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾

آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل

مارو پاڻ امل، مليرؤن مرڪڻو.

]شاه لطيف[

مارئي تمام سهڻي هئي

اُڀي جوهي جهوپڙين، سِڻ ڏيئي سِڻ جهل

پدمڻ جو پڌرو ٿئو، تنهين منهن مهل

وڄون وسڻ آئيون، اِن اباڻي اهل

ڪامل ٿئي ڪهل، سورج جي سرماڻ جي.

]شاه عنايت[

سڻ ڏيو سر جهوپڙين، اُڀِي جوهي جوءِ

ساوڄون پسي وماسيون، جا سونهن سنديامي هوءِ

اوهس پئسو اُتهين، پتنگ سڀڪو پوءِ

جڏمارئي مٿو ڌوءِ، تڏ سونهن جهڪو ٿئي.

]شاه عنايت[

سڻ ڏيو سر جهوپڙين، اُڀي اَجوهي

اڱڻ منجهه، عنايت چئي، پَٿِي پاٻوهي

کِوڻي ٻانهون ڏي، لوڪان ليکي وڄڙي.

]شاه عنايت[

عمر بادشاه هو ۽ مارئيءَ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي ملير ۾ آيو

عمر آئين اوچتو، ڪهڙي حاج حمير

توڏٺي مون ڀؤ ٿئي، سٽڪو منجهه سرير

ميان منجهه ملير، اڳ نه ڏٺين ڪڏهين.

]شاه لطيف[

عمير بادشاه، مارئيءَ کي کوهه تان کڻي ويو

آڌيءَ اُٺين تي، جيلانہ پاڻي پاتارن ۾

وارو ويسرين کي، ڏينهان ڪونه ڏي

مون ڪمينيءَ کي، مٿان کوهه کڻي ويا.

]شاه لطيف[

عمر جي ڏاڍائي سببان مارو ملير مان لڏي ٿر ۾ ڏورانهين هنڌ تي هليا ويا

هڪل مير حمير جي، جڏهن ٻڌائون

تنهين ويل ملير مان کرجينون کنيائون

ان اوسيڙي، عنايت چئي، لڏ نه لاٿائون

ڪنبندي ڪٽيائون، جيڪي هئن حياتي ڏينهڙا.

]شاهه عنايت[

لنگهي ڪالهه، قطب چئي، ڪنهن اونهي ٿر ٿيا

هيبتان حمير جي وري ويڙ ويا

جن ريءَ ساعت نه سري، پهر تن پيا،

سنيها سيڻن جا پڇن ڪين ٻيا،

اوء هُلي هنڌ هِيا، شرم هٿيڪي سومرا.

]قطب[

کاهڙيان کڻي ويا، ٿر ڪيائون ٿاڪ،

سانگي لڏايا سومري ڪري من مذاق،

جڪس پروڙيا پاڪ، امر اباڻن سين.

]شاهه لطيف[

کاهڙيان کڻي ويا، رهيا ڍٽان دور

سڀ لڌايا سومري، عمر ڪري اُور،

وڏي ڪنهن ضرور، مارن ملير مٽيو.

]شاهه لطيف[

کنيائون کائڙ ڏي، سارج هاج هِيا،

لائي لڏ لطيف چئي، پرئين ٿر ٿيا،

ڇڏي ڳُڻ ويا، ماروئڙا ملير ۾.

]شاهه لطيف[

عمر مارئيءَ کي محلاتن، پوشاڪن ۽ طعامن جي لالچ ڏيئي شاديءَ لاءِ چيو

در، دروازا، دريون، هاڻي هتي هو،

ڪوڙين اڏيان ڪيترا، طنبو مٿان تو،

جي مُل نه آيا مارئي، تنين رڙ ۾ رو،

ڪوڪٽ آهي ڪو، پسي پنهوارن ۾.

]شاهه لطيف[

مارئيءَ، عمر کي جواب ڏنو ته آءٌ اڳيئي پرڻيل آهيان، ٻيو ور نه ڪنديس ۽ تنهنجا هنڌ وڇاڻا، ويس وڳا نه قبولينديس

مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون،

سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون،

عمر جو آئون، پٽ ڪيئن پڙهيان سومرا.

]شاهه لطيف[

کوءِ کهنا، ٻن ٻانڌڻا، کوءِ پٽولا پٽ چير،

مون ماروءَ سين لڌيون، لائون منجهه لوير،

قاسم ٿين ڪبير، جي سالون اوڍيان سومرا.

]خليفو نبي بخش[

پٽ نه پڙهيان سومرا، جانڪيتان جيان،

آءٌ ڪيئن لوئي لاهيان ڪارڻ ٻن ڏينهان،

جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.

]شاهه لطيف[

آءٌ ڪيئن سوڙيين سمهان، مون ور گهاري ولهه،

کٿيريءَ تان کل، عمر! ڪج نه اهڙي.

]شاهه لطيف[

آءٌ ڪيئن سوڙيين سمهان، مون ور گهاري سڃ،

ور اباڻن سين اڃ، کهه شربت تنهنجو سومرا.

]شاهه لطيف[

ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي،

اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت،

پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.

]شاهه لطيف[

مارئي، عمر سومري جي ڪوٽ ۾ ڏينهن ڪاٽيندي، پائڻ پهرڻ ۽ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. بکن ۽ ڏکن سونهن وڃائي ڇڏيس، پر ڀرم نه ڀڳائين ۽ عمر بادشاه کي وطن ورڻ لاءِ پئي ستايائين

ڪاڻياريون ڪيئن ڪن، عمر! اڇا ڪپڙا،

جني جا ٿرن ۾ ور ٿا ويڻ سهن.

]شاه ڪريم[

اڻڀا سڻڀا نه ڪري، سونهن وڃايس سور،

پييس لوهه، لطيف چئي، لٿس ڪوڏ ڪپور،

چت جن جا چور، سي مکي مرڪ نه ڪنديون.

]شاهه لطيف[

مينڍا ڌوءِ نه مارئي، پييس پنهواريون چِت،

راجھ رئاري، هنجهون هاري، هيءَ هتي جي هِت،

آهِس پائر پار جو کِجڻ ۽ کپت،

وينگس ويڙهيچن ري، مس سڻي ڪا مت،

سومرا سُپت، ڪر ته ڪوٺيان نڪري.

]شاهه لطيف[

سونهن وڃايم سومرا، عمر! ٿيس اسير،

مارو منجهه ملير، مون سين هِت هيئن ٿيو.

]شاهه لطيف[

مارئي ملير ڏانهن منهن ڪري روزانو پئي ڳوڙها ڳاڙيا ۽ سانگي ساري پئي عمر بادشاه کي منٿون ڪيائين ته کيس واپس وطن وڃڻ جي اجازت ڏئي

اکڙيون ملير ۾، جنين راتو ڏينهن،

عمر آسائِن سينءَ، هاڻي ڪندي ڪيئنءَ.

]شاهه ڪريم[

صورت ليکي هت، معنيٰ ليکي ماروئين،

عمر! مون جي چِت، اوطاقون ٿرن ۾.

]شاهه ڪريم[

ڪريو مهاڙ ملير ڏي، روءِ اُڀي چوءِ،

سُهڄ سوري ڀانئيان، سومرا سندوءِ،

مِلڪ ماروءَ جي آهيان، زور نه ٿيان جوءِ،

سو قلب ڪوٽ نه هوءِ، جو هُتي جن هٿ ڪيو.

]شاهه لطيف[

ڏهه ڏونہ اُڀي ڏي، سنيها سيد چئي،

نياپا نينهن گاڏئان، ڪو پائر پانڌي ني،

آن پڻ تنهين کي، ڇنڊيان کِهه اکين سين.

]شاهه عنايت[

قسمت قيد قوي، نا ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،

لکئي آڻي لوح جي، هنڌ ڏيکاريس هيءُ،

پرچي ڪين پنهوار ري، جان جُسو ۽ جيءُ،

راجا راضي ٿيءُ، ته مارن ملي مارئي.

]شاهه لطيف[

ڇڏ سٻرايون سومرا، عمر لڳ الله،

ٿيم نه ٿورا ڏينهڙا، ماڙئين ڳاريم ماهه،

سڪ منهنجي ساهه، ماروءَ جي مس لهي.

]شاهه لطيف[

مارئي، ملير ڏانهن کنوڻ ڏسي، روئي رات گذاري

جت ڀنگا، ڀٽون، ڀيڻيون، تنهن کنوڻ ٿي کنواءِ،

ساوجھ پسيو وندران، مون روئندي رات وهاءِ،

سيليتين سهاءِ، مارو جو ملير جو.

]شاهه لطيف[

مارئي، مارن کان پانڌي اچڻ جو انتظار ڪيو، پر ويڙهيچن سنديس ڪل ڪانه لڌي

ڪيم مهاڙ ملير ڏي، مٿي ڪوٽ چڙهي،

نت نهاري ڏيهه ڏي، ڳوڙها پيم ڳڙي،

نڱي ڪوڪ قلب مان، منجهان روح رڙي،

ويڙهيچن وري، ڪر نه لڌي ڪڏهين.

]شاهه لطيف[

نڪو اير نه ڀير، نڪو اوٺي آئيو،

مون وٽ آيو ڪونڪو پائرنئون ڀري پير،

ڪتابتون ڪير، آڻي ڏيندم ان جون.

]شاهه لطيف[

مارئي خواب ۾، ملير ۾ مينهن وسندي ڏٺو

ستي لڌم سُوهَڻُون، کٿيءَ ۾ خاصو،

وٺا مينهن ملير ۾، ٿيو تڙ تڙ تماشو،

چوريان مان پاسو، تا جسو جنجيرن ۾.

]شاهه لطيف[

ستي لڌم سهڻو، لوئيءَ ۾ ليٽي،

ته منڌي پايو مٽ ۾، ولوڙيان ويٺي،

پکي آءٌ پيٺي، کيرون ڏينم جيڏيون.

]شاهه لطيف[

ستي لڌم سهڻو، کٿيءَ ۾ خاصو،

لاتقنطوا من رحمة الله، ٿيو دل کي دلاسو،

سمهي ڏج سنگهار کي، پاسي سين پاسو،

سا سڻندي ڳالهڙي، وڍئو وسواسو،

چري چؤماسو، موهر ڌڻي موٽيا.

]خليفو صاحب[

آخرڪار پيغام پهتس پر سرتين ويڻ چوائي موڪليس

جو ڏيهه ڏاڏاڻيان آئيو، ڏنم تنهن طعنو،

پائي ويهه مَ پلنگين، ڳچيءَ سر ڳانو،

مٿان لڪ لطيف چئي، کاء مَ خزانو،

سرتين سيل چوائيو، زور هڻي جانو،

ٿيو سڏ سمانو، حرف لٿي هيڪڙي.

]شاهه لطيف[

اجھ اڍنگا ويڻ، مون کي مُڪا جيڏئين،

هاري حميرن جا، جيڪس کاڌئي کيڻ،

سانڀئڙا ۽ سيڻ، ڪ تو ويا وسري.

]شاهه لطيف[

مارئي به مارن ڏي چوائي موڪليو ته:

پانڌي پرينءَ پنهوار کي چيم تيئن چئيج،

سدا سنگت ڏينهنڙا ور مَ وساريج،

ڪوٺين ڪُٺي آهيان، سگهي سار لهيج،

مُٺ مانڌاڻي منجيج، ته نِيرَن ۾ نٿون ڪريان.

]شاهه لطيف[

’فيڪون‘ فدا ڪري، ڪهيائين سين ’ڪُن‘،

تعظيماً تمام ڪري، پوءِ پٿريائين ڀُن،

مارو تئائين مُن، ڀينر ڀاڱي آئيو.

]شاهه لطيف[

قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،

ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد، وطن آءٌ ويندياس،

مارن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين.

]شاهه لطيف[

مارن وٽان اوٺي آيو ۽ مارئيءَ کي دلاسي جو نياپو ڏنائين

اُتان اوٺي آئيو، خبر ايءَ کري،

وسارج مَ ور کي، پئج مَ منڌ مري،

ويندئن اُت وري، ڪو ڏينهن آهئين ڪوٽ ۾.

]شاهه لطيف[

پانڌي پرينءَ پنهوار جو، مون وٽ جو آيو،

ته وٺا مينهن ملير ۾، سڀ ڏيهه سوايو،

ٻاجهر پڪي ٻاجهه ٿي، لٿو ڏولائو،

سو سرتين ساڃائو، سو هنيون هت نه وندري.

]شاهه لطيف[

ڪو ڏينهن آهئين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مَ لاهه،

ڪامِڻ تنهنجي ڪُر جي ايءَ آڏ وڏائي آهه،

سَتِي سِيل نباهه، ملير ويندئن مارئي.

]شاهه لطيف[

آيم اجڙ وال، ٿاريلا ٿر ڌڻي،

لاٿائون لطف سان، مٿان قيد ڪنگال،

مون تي وريا واهرو، لٿو بند بنبال،

سڻي سڏ سوال، موهر ڌڻي موٽيا.

]خليفو[

مليران مارو، پکي پيهي آئيو،

وريا واهارو، هاڻو سڀ هيڻا ٿيا.

]شاهه لطيف[

مارئي، عمر کي چيو ته مران ته منهنجو مڙهه ملير ۾ نئجو

واجهائي وطن کي ساري ڏيان ساهه،

بُت منهنجو بند ڻ، قيد مَ ڪيجاهه،

پر ڏيهيائي پرينءَ ري ڌار مَ ڌريجاهه،

ٿڌي مٽي ٿر جي ولهيءَ وسائيجاهه،

پويون ٿئي پساهه، ته نجاه مڙهه ملير ڏي.

]شاهه لطيف[

واجهائي وطن کي ساري ساهه ڏيان،

هيءُ سِرُڦ ساڻيهه سامهون منهنجو نج ميان،

مقامياڻي مارئين وڃي ٿر ٿيان،

مُيائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

]شاهه لطيف[

الا! ايئن مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾،

جُسو جنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،

پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پجھنم ڏينهڙا.

]شاهه لطيف[

عمر مارئيءَ جي سچائي ڏسي، مٿانئس بند لاٿو ۽ کيس ويڙهيچن وڃڻ جي موڪل ڏني

مَ ڪي رو، مَ رڙ ڪي، هنجون هڏ مَ هار،

توتان بند بِدا ٿيو، ٻيڙيون نيئي ٻار،

پهچندئن پنهوار، سگهي سنگهارن کي.

]شاهه لطيف[

قيد ۾ منجهه قطب چئي، وڏو فيض ٿيو،

صلح واريو سومري، ايءُ قادر ڪم ڪيو،

پوندو ڪونه ٻيو، اُڊو آجڙين کي.

]قطب شاهه [

عمر مارئيءَ کي مارن ۾ اُماڻي آيو

عمر اُماڻي، آيو سام، سيد چئي،

ٿانهر ٿي ثرن ۾، ڀئو لٿو ڀاڻي،

مارئي ملي مائٽين، ڏکي ڏاڏاڻي،

هيبتان هاڻي، ڇُٽو ملڪ ملير جو.

]شاهه عنات[

مارئي ملير ۾ موٽي آئي

کِلو، خير ٿيو، ماروئڙا ملير ۾

صلح وارئو سومري، وچان ويرُ وئو

الاهي عنات چئي، ڏءسن ڪونه ڏُئو

اِي ڏن ڏوٿيڙن کي، پوندو ڪونه ٻئو

سُرهو سڀ هئو، وطن ويڙهيچن جو.

]شاهه عنات[

مارن، مارئي جي پاڪدامني تي شڪ ڪيو، تڏهن مارئي طعنو هنين ته

هِتي ويٽِينِ وِڏيُون، هُتي تان نه هئا

ٻُڏي تان نه مُئا، پاڻي پائي پاٽ ۾.

]شاهه جو رسالو[

عمر ۽ مارئي ٻئي پاڪدامن هئا

جيئن عمر! اڇو تون، تيئن آءٌ مرڪان وچ مارئين

مُنهن نه ميرو مون، سِيل تنهنجي سومرا.

]شاهه لطيف[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org