روايت [2]
عمر ۽ مارئي جي ٿڃ شريڪ ڀاءُ ڀيڻ هجڻ واري روايت
عمر ۽ مارئيءَ جي ٿڃ شريڪ ڀاءُ ڀيڻ هجڻ واري روايت پڻ سنڌ جي
مختلف حصن ۾ رائج آهي. جيڪا پڻ هڪ مستقل روايت طور
جدا رکي وي آهي. هن روايت جون نظم ۽ نثر ۾ مليل
ڳالهيون هن بعد شامل ڪيون ويون آهن.
تعلقي عمرڪوٽ مان مليل ڳالهه*
ڳالهه ٿا ڪن ته تعلقي ننگرپارڪر ۾ ڄام نندو نالي هڪ سمو ذات جو
سردار رهندو هو، جو تمام سکيو ۽ مالدار ماڻهو هو.
ڪيترن ڳوٺن ۽ پاڙن جو چڳ مڙس پڻ هو. هڪ دفعي ٿر ۾
سخت ڏڪار پوڻ سبب پنهنجو مال ڪاهي، ٻار ٻچا وٺي
اچي عمرڪوٽ جي ڀر ۾ رهيو، تن ڏينهن اتي جو حاڪم
”خفيف“ سومرو هو، جنهن کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو
نالو عمر رکيائون، جو وڏو ٿي پيءُ کان پوءِ عمرڪوٽ
جو مشهور حاڪم ٿيو.
عمر اڃا ٽن مهينن جو مس هو ته سندس ماءُ بيمار ٿي پيئي. حڪيمن
مشورو ڏنو ته ڇوڪر کي انهيءَ بيمار ماءُ جو کير نه
ڏجي، ان جي عيوض ڪنهن تندرست زال جو کير پيارجي.
تنهن تي خفيف سومري خاص ٻانهين کي حڪم ڪيو ته آس
پاس ۾ ڪا سگهڙ ۽ چڱي گهراڻي جي زال هٿ ڪريو، جنهن
وٽ ٻار هجي، ته اُن جو کير ڇوڪر کي ڏجي. ٻانهين
ڳولا شروع ڪئي، شهر جون سڀ عورتون ڏسڻ کان پوءِ
شهر جي آس پاس ويٺل مالدار ماڻهن ۾ ڳولا ڪيائون.
آخر کين ڄام نندي جي زال، جنهن جي گود ۾ ان وقت ٻن
مهينن جي ڇوڪري ”مارئي“ نالي هئي، تنهن کي پسند
ڪيائون، ۽ اها خبر خفيف سومري کي ٻڌايائون، جنهن
ڄام نندي کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس سارو احوال
ٻڌائي، کانئس سندس زال جي کير جي اجازت گهريائين.
ڄام خوشيءَ سان اجازت ڏني. اهڙيءَ طرح مارئيءَ جي
ماءُ عمر کي پنهنجو کير ڌارائيندي رهي. نيٺ ڄام
نندو ۽ ٻيا مالدار موٽي ماڳين هليا ويا.
جڏهن مارئي چئن پنجن سالن جي ٿي، تڏهن ٻين ڇوڪرين سان راند
ڪندي، انهن کي پنهنجن ڀائرن سان گڏ انهن کي ”ادا“
ڪري سڏ ڪندي ڏسي کيس ريس ٿيندي هئي ۽ خيال ڪندي
هئي ته منهنجو به ڪو ڀاءُ هجي ها ته آءٌ به کيس
ٻين وانگر پيار ڪريان ها ۽ ’ادا‘ ڪر سڏ ڪريان ها!
هڪ ڏهاڙي ڪنهن هڪڙي ڇوڪري مارئيءَ کي ائين به چئي
ڏنو ته: تون نڀاڳي آهين، تڏهن تنهنجو ڪوبه ڀاءُ
ڪونهي. تنهنڪري تون اسان سان نه گڏ هل ۽ نه راند
ڪر. اهو ٻڌي مارئي روئي ماءُ وٽ آئي ۽ اچي چيائينس
ته: امان! مون کي پنهنجو ڀاءُ ڄڻي ڏي ته آءٌ به ان
کي ’ادا‘ ’ادا‘ ڪري سڏيان، ۽ سهيلين ۾ ڀاڳ واري
ٿيان. اهو ٻڌي ماڻس چيس ته: ”امان! تنهنجو اهڙو
ڀاءُ آهي، جنهن جهڙو ڪنهن جو ورلي هوندو!“ تنهن تي
مارئيءَ پڇيو ته: ”امان! اهو آهي ڪٿي؟ مون کي جلد
ڏيکار!“ ان تي ماڻس چيس ته: سنڌ جي مشهور حاڪم
’خفيف‘ سومري جو پٽ عمر سومرو تنهنجو ڀاءُ آهي،
جنهن توسان گڏ منهنجو کير ڌاتو آهي. هتي اهڙو
ڪنهنجو به ڀاءُ ڪونه هوندو.“ ان کان پوءِ مارئيءَ
کي هميشہ اها سڪ هوندي هئي ته ڪڏهن اهو پيارو ڀاءُ
ڏسنديس.
ٻاراتڻ جو زمانو گذريو، جواني آئي. عمر به جوان ٿيو ته مارئي به
وڏي ٿي. عمر وڏو ٿي عمرڪوٽ جو بادشاهه ٿيو ۽ عدالت
۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.
ڄام نندي کي هڪ يتيم ڇوڪرو ڦوڳيو عرف ڦوڳ نالي هٿ چڙهيوهو، جو
سندس مال پيو چاريندو هو. جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن کيس
خيال ٿيو ته ڇو نه ڄام نندي کان مارئيءَ جو سڱ
گهران؛ پر وري ڊپ ٿيس ته متان اهو ذڪر ڪرڻ سان ڄام
کيس لوڌي ڪڍي نه ڇڏي سو ڳجهيءَ طرح مارئيءَ تي
عاشق ٿي، خاموشيءَ سان پيو پنهنجا ڏينهن پورا ڪندو
هو. هڪ ڏينهن دل جهلي، هن مارئيءَ سان پنهنجي محبت
جو ذڪر ڪيو. جنهن تي مرڳو اهڙيون سِڌيون سڻايس جو
ويچارو ماڳهين چپ ڪري ويهي رهيو. پر دل ۾ خار ضرور
ٿيس.
انهيءَ وچ ۾ مارئيءَ جو مڱڻو سندس سوٽ ’کيت‘ سان ٿي ويو. تنهن
تي هيڪاري ڦوڳ کي گهڻو ساڙ ٿيو، سو ڄام نندي جو
مال ڇڏي، منهن ڪري وٺي ڀڳو ۽ آخر عمرڪوٽ اچي پهتو.
اتي خيال ٿيس ته ڇو نه عمر کي مارئيءَ جي سونهن
بابت ٻڌائي، کيس هرکائي، مارئيءَ جي ٻانهن کڻائي،
مارئي ۽ کيت کان بدلو وٺان. اها ڳالهه ڳڻي عمر جي
دربار ۾ آيو پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي خبر چار
ٻڌائيندي، اتي جي ماڻهن جو ذڪر ڪندي، مارئيءَ جو
ذڪر شروع ڪيائين. مارئيءَ جي سونهن جو بيان اهڙي
ته ڍنگ سان ڪيائين جو ٻڌڻ سان ئي عمر سومرو پرپٺ
ان تي عاشق ٿي پيو، ۽ ان جي هٿ ڪرڻ جا گهاٽ گهڙڻ
لڳو.
عمر بادشاهه ڦوڳ کان صلاح ورتي: ته مارئيءَ کي ڪيئن هٿ ڪجي؟
تنهن تي ڦوڳ صلاح ڏنيس ته؛ اوهان هڪ ڀلي اٺ تي
چڙهي، ويس بدلائي مون سان گڏ هلو ته آءٌ توهان کي
مارئي هلي ڏيکاريان. ڦوڳ جي چوڻ تي عمر سومرو، ويس
بدلائي، اٺ تي چڙهي، ڦوڳ کي ساڻ کڻي، ٿر روانو
ٿيو. جڏهن ڀالوا جي تڙ جي ويجهو آيا، تڏهن اتي
ترسي پيا. جڏهن مال پيارڻ جو وقت ٿيو ۽ مارئي تڙ
تي آئي، تڏهن ڦوڳ، مارئي ڏانهن اشارو ڪري عمر کي
ٻڌايو ۽ پاڻ اتي لڪي بيهي رهيو. پوءِ عمر اٺ هڪلي
تڙ تي آيو. نولو ماڻهو ڏسي، تڙ تي بيٺل ڇوڪريون
وٺي ڀڳيون، جڏهن ٿورو اڳڀرو وييون، تڏهن مارئيءَ
سهيلين کي چيو ته: ادي! ويچارو متان اڃايل هجي؛
تنهنڪري هلو ته هلي پاڻي پياريونس. ائين ڪري سڀ تڙ
تي آيون ته عمر به پاڻي گهريو.
مارئي چڙهي واري پاڻي ڪڍيو. پوءِ عمر کي چيائين ته: ادا، مسافر!
اچي پاڻي پيءُ. عمر اٺ تان لهي هيٺ آيو. مارئيءَ
چيس ته: ٻڪ جهل ته پاڻي پياريانءِ. عمر چيو ته؛
آءٌ ٻڪ جهلي پاڻي پي ڪونه ڄاڻان. اهو ٻڌي مارئي جي
سهيلين مان ڪنهن مارئي کي چيو ته: ادي مارئي! ڇڏ
مُئي کي، هن کي پاڻي ڪونه ٿو وڻي؛ ۽ هو اٿي هلڻ
لڳيون. عمر کي ته گهربو ئي ايترو هو، تنهن نڪا ڪئي
هم نڪا تم؛ کڻنديئي مارئي کي کڻي اٺ تي چاڙهيائين؛
انهيءَ واقعي تي هيءَ بيت مشهور آهي:
کڙي هئي کوهه تي، عمر ڏٺائين،
ويس ورت هٿن مان، رتو رنائين،
چڙهندي چيائين ته، ڇنو سڱ سرتئين.
عمر اٺ کي هڪلي اچي عمر ڪوٽ پهتو. ڦوڳ پنهنجي منهن روانو ٿي
ويو. اهڙيءَ طرح مارئي عمر ڪوٽ ۾ پهتي.
عمر، مارئيءَ کي زر، زيور، محل محلاتون وغيره آڇي، شادي لاءِ
چيو؛ پر مارئيءَ کيس جواب ڏنو پوءِ جڏهن اها خبر
پيس ته کڻي اچڻ وارو ۽ شاديءَ لاءِ چوڻ وارو عمر
سومرو آهي، تڏهن ڊوڙي ”ادا، ادا“ ڪري وڃي گڏيس.
اها حالت ڏسي عمر وائڙو ٿي ويو ۽ مارئيءَ کان
پڇيائين ته ڇا آهه؟ مارئي سموري ڳالهه بيان ڪري
ٻڌايس، جا ٻڌي عمر نهايت شرمسار ٿيو ۽ وڌيڪ
خاطريءَ لاءِ جهونيون دايون گهرائي پڪ ڪيائين.
انهن مان هڪ ٻڍڙيءَ پنهنجي وسريل ڳالهه ياد ڪري،
جواب ڏنو ته: ائين برابر ٿيو هو ته تو ڄام نندي جي
زال جو کير ڌاتو هو ۽ مارئي ان وقت ڄام نندي جي
زال کي ٿڃ تي هئي. بلاشڪ تنهنجي ڀيڻ آهي. ان واقعي
جي تصديق ’هوتوءَ‘ نالي واڻئي هڪ شاعر هن طرح ڪئي
آهي:
ٽيهين رات ٽري، دائي عمر وٽ آئي،
ان اچي عمر ڄام کي، هيءَ حقيقت سڻائي،
ڌاتئي ٿڃ ’مارئي ماءُ‘ جي، هيءَ ڀيڻ، تون ڀائي،
سرت رک، ساڃهه ڌار، ڪر نه اجائي،
ڪا ڀيڻ ڪنهن ڀاءُ کي، آهي رهائي،
جيڪا ڄام نندي ڄائي، سا سام پرتئي سومرا!
پڪ ٿيڻ بعد عمر مارئيءَ کي پنهنجي ڀيڻ سڏي، پاڻ وٽ رهايو ۽
ماڻهو موڪلي، ڄام نندو ۽ کيت گهرائي، انهن کي سڄي
حقيقت ٻڌائي، کانئن معافي وٺي، مارئي انهن سان گڏي
کين پنهنجي ملڪ وڃڻ جي موڪل ڏنائين. اهڙيءَ طرح
مارئيءَ جي ڀاءُ کي ڏسڻ واري مراد پوري ٿي.
------
تعلقي سانگهڙ جي شاعر ليمي
شر جا بيت*
1- |
پکا پنهوارن جا، مون ڏورئون ٿي ڏٺا،
مارو ملڪ ملير ۾، وِير آهن ويٺا،
سي ڪڏهن ڇڏيندم ڪينڪي، آهن مير مٺا،
جن سان ڀال ڀلي جا، ٻيا اٿن سانگ سُٺا،
لکين سي، ليمون چئي، ٿيندا قيام ڪٺا،
آهن قرب ڪُٺا، سچي نيت سردار ڏي. |
2- |
سچيءَ نيت سردار ڏي، ويندم واري ساڻ وٺي،
اڄ ڪا بوند برن ۾، آهي عام اُٺي،
عمر! ڇڏيئي اڌ ۾، رهائي رُٺي،
مون ڏي مارن موڪلي چوائي چٺي،
سِڪ ته سنگهارن جي، آهيان قرب ڪُٺي،
ليمون چئي، هن لوڪ ۾، آهيان ميارن مُٺي،
هاڻي پنهوارن پُٺي، ويندس مارن ڪاڻ ملير ۾. |
3- |
مارن مون ڏي موڪليو، ڏوٿي ڪري ڏانءُ،
رهان ڪيئن رتول ۾، ادا! تو وٽ آنءُ،
جنهن منجهه ساهه سکيو ٿئي، سو ٿڌو چئجي ٿانءُ،
مارن ڪاڻ مري وڃان، حب ۾ ڦاڙي هانءُ
منهنجو تڏهن ملير ۾، نيڪي ٿيندو نانءُ،
ڪالهه مُڪو اٿم ڪانءُ، سو پکي پنهوارن ڏي. |
4- |
پکي پنهوارن کي، ٿو خاطي ڏئي خبر،
بندي جهليو اٿئي بند ۾، ادا هِت عمر،
ڪنهن سان ڪجي ڪونڪو، اهڙو زور زبر،
مارن هُت ملير ۾، آهن گهڻا ٺاهيا گهر،
پنهوارن پهرائيا، ويڙهيچن ولر،
ڏسان شال اکين سان، مٿي ٿر ٿوهر،
لاهيان وڃي. ليمون چئي، ڏوٿين جا ڏمر،
هاڻي وڃي هيڪر، ملان مارو ڄام کي. |
5- |
ملان مارو ڄام کي، حُب ۾ وڃي هاڻ،
هجن گڏ هنن سان، سارو ڏينهن ساڻ،
پهري پنهوارن سان، راتيون ڪيان رهاڻ،
مارن کي ملير ۾، ڪنهن جي ناهي ڪاڻ،
اڏي ويٺا آهن اوڏهين، ڀلا ٺاهي ڀاڻ،
سي پرين اچي پاڻ، ڪڍي ويندم هن ڪوٽ مان.
|
6- |
ڪڍي ويندم ڪوٽ مان، مارو مڙيئي،
مُئِي جا مِٽ ملير ۾، آهن ڏاڏاڻا ڏيهي،
هِت ٿو برسائين بنگلا، هُت اٿئي پنهوارن پـٖـيهِي،
سوين سانگ ڪري ويا، وِير هتئون ويهي،
تن مارن سان ملير ۾، منهنجي ڪاوڙ آهي ڪـٖـيهِي،
ليمون چئي، هن لوڪ ۾، ويٺي ساريان سڀيئي،
هاڻي ايندم اُهيئي، جيڪي ڪڍي ويندم ڪوٽ مان. |
7- |
ڪڍي ويندم ڪوٽ مان، ٻيو سانگي اٿم سيڻ،
هِت ڪيئن ڪانڌ قبوليان، جو وَر جا ڏيندم ويڻ،
ساريو تن سانگين کي، ٿا نِير وهائِن نيڻ،
سڱ ته پنهنجو سومرا، آهيون ”ڀاءُ ڀيڻ“،
شوق منهنجو ”شر“ چوي، آ خيال وڌايو کـٖـيڻ،
هاڻي فنا ڪندين ڦـٖـيڻ، ته به وينديس ويڙهيچن ڏي. |
8- |
وري ويڙهيچن سان، منهنجو سائين رکندو سِير،
ملي تن مارن سان کِلي پيئنديس کِير،
ويندو سُور سَنڌا ڪري، جڏهن ملندو محمد مير،
ڪندو منهنجي ڪارڻِي، سهنجو ساهه سَرير،
هاڻي منهنجو ملڪ ملير، پر قسمت آنديس ڪوٽ ۾. |
9- |
قسمت آنديس ڪوٽ ۾، ڪنهن واري ساڻ وِکان،
مارن جا من ۾، ويٺي لفظ لِکان،
کاڄ ته منهنجو کِير آهي، هِت چانور ڪيئن چکان،
شرط انهي سان، شر چوي، آءٌ ٿي پاڙيچون پرکان،
هاڻي در وڃي ديکان، ملڪ ته ماروءَ ڄام جو. |
10- |
موٽائي مارن ڏي، توکي ڪامِڻ ڇڏيان ڪيئن،
ماڳ ته نهنجو مارئي، آهي ظاهر جاءِ زمين،
پڇي ڏس پڙهين کان، آڻائي امين،
شرع جا، شر چئي دَنگ ورهايا دين،
هاڻي چولا پائي چِينِ، تون پَٽُ پهري ويهه مارئي. |
11- |
پٽ پهريندس ڪينڪي، مارن بنا مُور،
سانگين جا ساهه ۾ پلٽي پيا اٿم پُور،
ماڙيچن جا من ۾ گهايو وجهن گُهور،
سچ چوان ٿي سومرا، آهن ساهه اندر سُور،
روئي رهنديس ڪينڪي حاويلين منجهه حمير،
ليمون چئي، هن لوڪ ۾ تنهنجا طعام به ڀانيان تير،
هاڻي کاڄ ڀلا آهن کير، سي وڃي پيئنديس پنهوارن سان. |
12- |
پيئڻ پنهوارن سان، تنهنجو ڪامِڻ ٿيندو ڪونه،
ماٺ ڪري ويهه مارئي، اِها لاهي اونَ،
پري ٿيا ونهوار، جن جي ڪُوڪ نه پئي ٿي ڪَن،
پَهر پوشاڪون پَٽ جون، گوهر پاڻ گَوَن،
اهي اٿئي حاويليون حمير جون، جيڪي چِيروليون چون،
هنڌ کٽولا حُور، توکي اِتي مُشڪ مِلن،
لکين اٿئي، ليمون چئي، ٻيون بهاريون باغن،
هيءَ ٿا توکي چڱي ڳالهه چون، سا تون مڃ کڻي مارئي. |
13- |
ڪيئن مَڃـٖـي ويـٖـهي مارئي، جنهِن جو اُداسي ارواح،
ساريو تن سانگين کي ٿو سِڪي منهنجو ساهه،
ڪوٽن مان ڪڍي ڇڏ، اڄ ڀانيان توکي ڀاءُ،
ادا! اهڙي ڳالهه جو تون وير نه ڪر وڌاءُ،
منهنجي مداين جو آهي سائينءَ کي سماءُ،
ڪيئن لڪايان، ليمون چئي، ٿو ڏسي رب الله،
ملي تن مارن سان، منهنجو پورو ٿئي پساهه،
هاڻي تاب نه هلندو تاءُ، اڳيئون اميرن جو. |
14 |
اڳيئون اميرن جي، ڪانهي جاءِ جدا،
جيئري هِن جهان ۾ جيڪي ڪم ڪندا،
اڳيئون اجورا تن کي مڙيئي ملندا،
مارو مونکي ملير ۾ چڱائي چوندا،
دُهرٖي دين ايمان جو، ڏاج وٺي ڏيندا،
ليمون چئي، هن لوڪ مان، مون نال وٺي ڏيندا،
هاڻي اوڏاهُون ايندا، ڪاغذ قريبن جا. |
15- |
ڪاغذ قريبن جا، توکي ڪامِڻ ڏيندو ڪير؟
مارو رهيا ملير ۾، جن جو پري آهي پير،
هتي ڪوٽ حمير جو، تنهن سان ڪونه وجهي ڪو وير،
ماٺ ڪري ويهه مارئي، مَن جو لاهي مـٖـير،
وسار ڪين وجود تؤن، ڀاڻُ تني ڀير،
انهن پنهوارن جي پر کان، توکي ڪچو چوندو ڪير،
هِت ٿو ساهه سڏائي سـٖـيرُ، پر آهي دُڪو تو ۾ دم جو.
|
16- |
آهي دُڪو دم جو، رضا منجهه رهـٖـي،
مارن ڏي ملير ۾، پئي ٿي واٽ وهـٖـي،
اَڄائو اُهو چئجي جيڪو ڪوڙي بات ڪهي،
آءٌ ته وينديس اوڏهين، جت اميد مون کي آهي،
موٽي وينديس مارن ڏي، قرب منجهان ڪاهي،
چارينديس چاه مان، وڃي پَهُون پهرائي،
هاڻي وَرِي ورائي، مون کي حاڪم چئو نه هيترو. |
17- |
حق چوڻ حاڪم کي، سچي ڳالهه ثواب،
ڪاهي آيو هئس ڪوٽ مان، ڪري ڪوهّ ڪَساب،
کاڻي مون کي کوهه تي، ڏين ها جوءِ جواب،
موٽائِين ها مير کي، اهڙو ڏيئي آب،
هاڻي قابو ٿئين ڪوٽن ۾، آهي بند به تنهنجو باب،
ماري توکي ماه ڪندس، ڪهي هت ڪباب،
هاڻي تڪڙ ۽ تاب، تنهنجو هلندو ڪونه حئير سان. |
18- |
هلڻ حميرن سان آهي وڙ نه اسان جو وير،
مارن جا مونکي، اڄ مهڻا ڏي نه مير،
اڳ نه ٻڌا هئم اوڏهين، ڪي ظلم جا زنجير،
هاڻ ته قسمت آنديس ڪوٽ ۾، آهيان قضا جي ڪِير،
موٽي وينديس مارن ڏي، ادا خان امير،
سائين منهنجي ساهه جي، سهنجي ڪندو سيِر،
لکئي جا، ليمون چئي، تون هڻين ٿو تِير،
ائين عمر ادا نه ڪر، ماڙيون آڇ نه ميِر،
ظاهر لاهه زنجير، ڪڍ ڪنگالڻ ڪوٽ مان. |
19- |
پيهون پنهوارن جون، آهن ٿرن تي ٿاڪ،
وُٺا آهن مينهن ملير تي ٻي مٿئون پئي اٿن ماڪ،
سوين تن جي سِڪَ ۾، آيا هيڏي ٻڌي هاڪ،
اوڏي تن جي اڱڻ کي، اچي اڏيائون اوطاق،
دُهرا لٽا دِين جا، پهريائون پوشاڪ،
اِهو اٿئي پاهت پنهوارن جو، ٿا پڙهن ڪلمون پاڪ،
لکئي جي، ليمون چئي، ماري ٿي مذاق،
هاڻي وير ڏيئي ويا واڪ، هرڪا حق حلال جا. |
20- |
هوڪا حق حلال جا، پڙهي ٿا پارين،
مٺڙا مِٽ ملير ۾، سانگيئڙا سارين
مِٺڙا مِٽ ملير ۾، ٿا اوٿڻ اُٿارين،
مِٺڙا مِٽ ملير ۾، ٿا چُوڙيليون چارين،
حيف تني جي حال کي، جيڪي وطن وسارين،
لکئي جون، ليمون چئي، مون کي ميارون مارين،
هاڻي ڳڻتيون ٿيون ڳارين، مون کي ماروئڙن جون. |
21- |
ماندي ٿيءَ نه مارئي، اِجهي مارو مال،
هُو اٿئي پکا، هو اٿئي پيهون، تو ڇو هِت هيڻا ڪيا آهن حال،
مارئي ملير مان آئي آهين ڪنگالڻ ڪالهه،
عمر ساڻ اُٺ تي، تون ناحق آئين نال،
مَري پَئين ها ميدان ۾، اها ڳوٺ ٻڌن ها ڳالهه،
ٿئين ها سُرهي سنگهارن ۾، لاکيڻي لال،
تو جيڏيون ملير ۾، تن سان حُب مان ونڊج حال،
تن مارن جي مقال، هاڻي ڪنهن سان ڪندئين ڪوٽ ۾. |
------
|