سڻ ڳالهه منهنجي، ڪامل ڏيئي ڪن،
عشق رکجي الله سان، جنهن جا پيارا ٿئي پنجتن،
ڪُنجي حوض ڪوثر جي حوالي هوتن،
مٺو محمد مصطفيٰ، امت جو ضامن،
گهوڙو پلاڻي گهوٽ لاءِ آندو هو ملڪن،
مصطفيٰ هليو معراج تي، هار ٻڌا حورن،
آيو چوٿين آسمان تي، مسلت پڙهي ملڪن،
محلي آيو مينڌرو، عربي سو عرشن،
فرزند علي شاهه جا، سورهيه ٿا به سجهن،
سي ڪناري ڪربلا جي، ڪُٺا هئا ڪوفين،
عرش مٿي انهن جو، ڏٺو پئي معجزو ملڪن،
هي اُمت تن جي آسري، سي ترهو تار سجهن،
تون مير ڪرين محفلون، تال مٿي تختن،
ڀلجي مون ڀيڻ تي، ظاهر ٿئين ظالم،
پڇاڻو ڪندئي پاڪ ڌڻي، قادر ڏيئي قسم،
توبهه زاري ڪري، ميان اُت مچائيندين ماتم،
محابي محي الدين جي، لاهه ڪڙا ڪوٽن،
وڇڙي آهيان وڳر کان، ساري آهيان سرتين،
اٺئي پهر انهن جا، مون کي پل پل پور پون،
عمر اباڻي سڪ ۾، منهنجا رويو نيڻ ٽمن،
صبح ويل سرتيون، پهريو پٽ وڃن،
ڦر ڦيرايون پنهنجا، اچيو تڙ مٿي ترسن،
مارو چارين مال ٿا، ڏيو ڀيرا پاس ڀٽن،
وچينءَ ويل وريو، اڱڻ تي به اچن،
کير ڏهن ٿيون کٿيريون، وجهيو ونگ وهڙين،
وريو وڃن وٿاڻن کان، ڪريو ڪينگر منجهه ڪڇن،
اُت کيت آهي کاهڙ ۾، جنهن سان مڱائي آهيان مائٽن،
وڃي لائون لهنديس لال سان، ڏيئي پڙهو پنهوارن،
هتي آيس ڇڄي ڇڳيرن کان، پيو وڇوڙو ورهن،
چاريندي هيس چوڙيلِن سان، گَهٽا پاس گهرن،
انهن لاءِ، الهبچايو چئي، ڳاري آهيان ڳڻتين،
ادا عمر! مارو شال ملن، آهيان جن جي آسري. |