23- |
لعنت وسي تن تي جي ظلم عادت ڪن،
رب راضي آءِ تن تي جي رکن هٿ مٿي هيڻن،
تون به ڪنبج ڀؤ قهار جي جنهن جو قهر ٻڌي ٿو ڪن،
هيءَ جا زير ڪي اٿئي زن، سا منج عارف چوي اوڏاهين. |
24- |
عمر چيو کي مارئي ات نائين رات نظير،
ته ڪو آهي گر مرشد تنهنجو يا ڪو پير فقير،
ڪي تونئي ستي آهين ست ۾، ڪنهن ٻي به رکيو سير،
ڇو ٿي پاڻ وڏائين پانهنجو ڇو ٿي ڪرين ڪِبِر ڪبير،
اٺئي پهر اندوهه ۾ ڇو نيڻ وهائين نير،
ڳڻتيون ڳاراڻا ڇڏي ڪر تون ساهه سڌير،
کاءُ کنڊون پيءُ کير، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |
25- |
جي عمر وڏا ست ستين جا نه انهن جيهي،
پر شرم نه ورثو ڪنهن جو، جو ڪري تنهن جيهي،
افعالين اصيل ٿئي توڻي ذات مندي هوئي،
ذات ڀليء، انهي طرح شال ڪونه هجي ڪوئي،
تو ته مندي ڀائين ماروئي اٿئي عقل ايهوئي،
سڀ جڳ سڀوئي، ناهي برابر سومرا. |
26- |
رات ڏهينءَ اچي راؤ کي ٻانهين ٻڌايوس،
ته روئي حال حمير تنهن وينگس وڃايوس،
جنهن ڏهه ڏينهن ان نه کاڌو ۽ پاڻي نا پيتوس،
ڇوڙي نار اکين جا پٽ سڀ پسايوس،
مان ماندي ٿي ماروئي بيحد ٿي بيهوش،
پوءِ عمر اٿاري ماروئي پاڻ کي ايهو الاءُ اُتيوس،
جـٖـيڪا ڄاڻي واڻي ماري پاڻ کي تنهن ڄڻ ڪفر ڪيوس،
ريءَ رضا تنهنجي آءٌ توکي اوڏو نا ايندوس،
ته نه پوي ڏولائي ڏوس، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |
27- |
چئيِ: عمر، سپني منجهه سلام، آيم اباڻن جا،
چيِ ڙي کٽون ويهي خوش لڳئي ۽ ٻيا سندا عمر انعام،
پٽ پهري پانبريون کاڌءِ طرحين طرحين طعام،
پڪن پسين پيرن جي تو لڙهه وساري لام،
اهڙا طعنا ٻڌي تن جا اچي نه اندر آرام،
هاڻي سومرا هيءَ سام، مُنج مير موٽائي ملير ڏي. |
28- |
يارهين رات يقينا ڪيون کيس ڪاريون ڄام اپر،
من ماري تون ماروئي وجهه م جيءُ وڪر،
ايڏو جو زوراڻو ڪري سو به ڪنهن ڏوهه ڏمر،
سڀڪو ان کائي پاڻي پئي جيئرو آهي جيتر،
تو جيئري ان ڦٽو ڪيو ۽ وڌءِ جيءُ وڪر،
ڇو تون پنهنجي ساهه تي آئي آهين ڪوپ قهر،
اها ڳالهه ٻين سان ڪر، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |
29- |
چئي: عمر ڏک ڪيئن ڏوريان ري پيڪن پر ساڻ،
اصلي ڏاج ڏکن جا مون آندا آهن ساڻ،
ڪاڏي منهن ڄٽيءَ جو تون عمر پاڻ سڃاڻ،
صاحب ٿيندم ساڻ، هيڪر وينديس پکي پنهوارن جي. |
30- |
پکي پنهوارن جي ٿا دونهان درس دکن،
هت ٿو مڏيون آڇين سومرا هٿ ڏوٿي ٿا ڏهڪن،
هت تون اصل عاجزون ڪري منهنجو ساهه سنڀالي تن،
انهي درس دکن، ڪئي محلي ماندي ماروئي. |
31- |
عمر ٻارهين رات اچي ڪئي گويا هيءَ گفتار،
ته ٻاري سڦر ڏيان سونڦ جا رک چوقبلو چوڌار،
چمن گهمي چانڊاڻ ڏس ٻيا گلابي گلزار،
ڪتل ڪشمش ڪيوڙا ٻيا ليما انب اپار،
صوف سنگتڙيون ڦاروا ٿيا پچي توت تيار،
انگور انجير گهڻا اٿئي ٻيون باداميون بسيار،
سوين لڏن سوپاريون گهڻيون ٻيا سندا ڏونگهين ڏار،
اٿئي سرها وڻ سرکنڊ جا ٻيا ايلاچي اڪيچار،
ته وڃي پن چٻ پانن جا پڻ ديک وڃي ديدار،
اٿئي چيزون چڱيون هن باغ ۾ ٻيا ميوا سڀ موچار،
اهي کاءُ چڱي خنڪار، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |
32- |
جي سونهن ڏيان سونَ جا عمر منجهه محلن،
مان کي آهي نه من ۾ تنهنجي ڄام تماچي تن،
اسين آهيون هيرڪ ڪينڪي مور انهي ميون،
باغ اسان جا بر ۾ ٿا ڪنڊا ڪرڙ پچن،
سي ڏوٿي ڏٿ چونڊي اچي ٿا خوشيءَ ساڻ کئن،
مان کي به منج ماڙ ڏي تان وڃي سنگتي ٿيان سرتِن،
مان تي حق حمير آهه کيت جو نڪي حق حاڪمن،
ترس ڪر رک راض تون مڃ عرض مسڪينن،
ٻيون سڀ ٻوليون ڏيئي ٻن، ڪڍ بندياڻي بند مان. |
33- |
تيرهين تنبو پٽ ۾ عمر اڏائي بيهاريو،
ٻهڳڻ ٻانهين کي چيو ته ڪريو تيارو،
هت محلي ماندي مارئي تنهن کي ٻاهر وهاريو،
وڃي خوش خيمن ۾ ڪري تنهن کي اتاريو،
پوءِ سڏي ٻڪرارن سان ڪيائين سڀ قصو سارو،
ڌڻ ڪاهي وٽ ماروئي وڃي چوڌاري چاريو،
مانڦ کڻي مائٽن تان ايهو اٿس آرو،
پوءِ هلي آيو وٽ مارئي عمر سوڀارو،
تو لئي ڪيم مارئي ڏس هيڏو پٽ ۾ پسارو،
هاڻي ٿيندءِ مطلب سارو، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |
34- |
چئي: عمر ڇو پسارا ڪرين ڇو پيو آهين ۾ ڏکن،
ڀلا ڌڻ ته ڌڻن جهڙا پر ماڻهو ٿا مٽجن،
تو جو مان ڏي موڪليا سي نڪي جيها مون پيڪن،
تنهنجي محلي اندر ملوڪان گهڻيون آهي سڦري صورت جن،
بهتر بيشڪ گهڻيون آهن حسين کان حورن،
مون کي ساوڪ ساڳ جي ڏس آهي منجهه ڏندن،
تون ڇا تڏ تنهين سان ٿو ڏئـٖـين جا ڄٽي ڌيءَ ڄٽن،
اصلي آهي نه سومرا مدي منهنجي من،
اهي ٻوليون ڏيئي ٻن، ڪڍ نماڻي نيرَن مان. |
35- |
چوڏهين چڙهي آيو عمر ماروئي وٽ،
ته هي مال مڏيون سڀ تنهنجا منهنجو سر به تنهنجي سٽ،
ڪونه ڪندس قصور مان توڙي وڃي وڪامان هٽ،
جو عشق وڌو آهي عقل کي کٽ تان ڪيري پٽ،
ريءَ عقل علاج ڪريان ٿو تون نٿي سمجهين ڄٽ،
نه ته هيءَ حقيقت حاڪمن لئي اصل آهي گهٽ،
تون طرح ايها مٽ، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |
36- |
حاڪم نه وڪامن هٽ ۽ نڪي پٽ پون،
بنا عشق الله جي ٿا ڪوڙا عشق ڪجن،
محبت هي شيطان وجهي ٿو مجاجن جي من،
سا جي تيتر لنؤ آهي سونَ جي جيتر اوڏوڪين اچن،
پوءِ پتل کان به پري ٿين جڏهن ڪار منهائي ڪن،
چٽڪو کهنبي جيترو آهي سندو محبت مجاجن،
اُهي ٻولي ڪين ڀلن، جن کي خوف خداءِ جو خاطر ۾. |
37- |
پندرهين رات پنهوار وٽ عمر جان آيو،
تو سڀ وڃايو مارئي منهنجو لايو لڳايو،
جي تون رنج رسامو نه ڪرين ها ته ٿئي سڀڪي سجايو،
تون بي نَهه نَهه نڪر ٿي ڪرين مان ڪين گهٽايو،
مان به وڏا وس ڪيو ٿي حيلو هلايو،
مان ڀي مرضي موجب تنهنجي رکيو پئي رايو،
هاڻي زوري زور ڪريان ٿوتوکي ڪنهن نه سمجهايو،
نه ته سگهو ڪر سعيو، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |
38- |
عمر زوري ڪم ڪتن جو جڏهن ڪُتي ڪَت ڪري،
هڪ ڪتي سگ ڪيترا ٿين ظاهر منجهه ذري،
ري رضا سڀڪو اچي مٿؤنس ڳاٽ ڌري،
جيڪو ڏاڍو سو ڏاڍ ڪري وڃي هيڻو پوي پري،
عمر اهي مرون تون آدمي ڏس تان ڌيان ڌري،
جيڪو خلقيو خاوند جو هجي سو ڏاتر کان ڏري،
جو شرع مالڪ جي مڃي سو اهڙو ڪم نه ڪري،
اهڙي وڃي تحت تري، جو ڪري شور شرع ري. |
39- |
سورهين رات سڏايا عمر ڄام امير،
مڪائين ماروئي ڏي ورنہ سڀ وزير،
تن هنر حڪمتون ڪيتريون وڃي طرح ٻڌيون تدبير،
ته جس توکي آهي ماروئي جو ثابت آهين مٿي سِير،
تون ڀي نهه نهه ٿي ناڪار ڪرين سرتِي ساڻ سڌير،
رضا جا رحمان جي اچي بڻي تقدير،
تو بي وس وڏا ڪيا، پر ڇڏي نه هوڏ حمير،
جو ڪنهن نه ڏٺي پٽ پانهنجي، ڪنڌ ورائي وير،
ڇا گذريو ڇا گذرندو، تون رهه ثابت منجهه سرير،
مڃ تون اها تقدير، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |
40- |
پوءِ وهندي چيو مارئي، اڳيان اميرن،
جي جوئن پنهنجن وارا، سي ڪئن ڀڙوتان ڪن،
اهڙا هاڃا امير جا، ٻڌي ٿيو عيب اشرافن،
هاڻي هرڻن هنڌ ڦٽو ڪيو، اچي بار جهليو بگهڙن
هنج هلي ويا ملڪ مان، اچي جاءِ جهلي زاغن،
ائين ٻڌوسين ٿي عالم کان، اهڙي ٿيندي تيرهين سن،
سا اڄ عمر اظهار ڪئي تنهنجي ورنهه وزيرن،
توکي ڄاڻ ڄڻيو ڪنهن زن، ڇو ٿو اهڙيون عادتون
زالن سان ڪرين. |
41- |
عمر تيرهين رات کي هڪ اوٺي ڪيو اظهار،
سو مثل مارن جي ٿيو اصل ايلپنهوار،
سو وٺي ويو مارئي سو ساڻ ڪري سردار،
تنهن ماڻهو ڪئي ماروئي سان گويا هي گفتار،
ته مانکي ماڻهين موڪليو سڻ نياپا هي نروار،
ته ڇو ٿي وير حاڪم سان وجهين ڇو ڪرين
جيءُ جثي ۾ جار،
جا ٿيڻي سا ٿي رهي سڀ ڪنهن ٻڌو چوقبلو چوڌار،
اڄ ته ٽڪو نه لهي توڙي ڪرين حيلا لک هزار،
اهڙي طرح نه ڪر تڪرار، وڃي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |
42- |
چئي: عمر وڙ نه ايهو پيڪن جو هي قاصد ڪوڙو آءِ،
هي ڀاڙو وٺي ڀڙوو ٿيو ٿو ڪوڙو ڪوڙ الاءِ،
هي نه مائٽ مٽ اسان جو، آيو رڳو ويس مٽاءِ،
اهڙن ڪوڙن منصوبن کان وڃي ڏاڙهي مُڇون مناءِ،
منهنجي پيڪن ڪل ڪانڪا تن اهڙا عيب نه لاءِ،
عمر کڻندئي ڪيئن خداءِ، جو تون هيڏا هنگامان ڪرين. |
43- |
عمر ارڙهين رات کي ڪئي گويا هيءَ گفتار،
ته کڻي وڃو وٽ مارئي سڀ زالن جا جنسار،
البت ذات زالن جي ڳهڻن تي حرصي ٿي هيڪار،
ڪڙيون، ڪٺمالان، ڪٺ سريون، ٻيا چوکا چندن هار،
جهالر، جهومڪ، سينڌڦل، نٿ، بولا نروار،
بئنو جڙيل جواهرن رک تون نار مٿي نراڙ،
پونچون، بازوبند، بُندڙا، ٻيون منڊيون ميناڪار،
چپ ڪليون، تائٿ، سڳيون، ٻيا جوڙا جڙت دار،
هس، هميلا، سنگهرا، وٺي آڻيو کان وينجهار،
آڻيو ٻانهيون عاج جون اڇون هجن اظهار،
نورا، گهنگهرو سونا روپا جيڪي ڇم ڇم ڪن ڇمڪار،
سي رکو نيئي مارئي چوطرف چوڌار،
اِهي سرس ڪري سينگار، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |
44- |
چئي: عمر ڪئن ڳهه پائي مارئي ته ملن مهڻا مون پيڪن،
هت لڄ ٿئي لوءِ ۾ شرمي شريڪن،
سي ڪئن سنگهرا پائن سون جا، جي وهسن منجهه وڻن،
جنہ جا لِڱ لوئيءَ هيروان، تن ناهي پُرجهه پٽن،
جيڪي ويهن واريءَ وچ ۾، سي ڪئن خوش کٽن،
جيڪي کائن ساڳ، سڱر، پيرون، تن کي پرجهه نه پلاون،
جهڙي ڪوڪڙ ڪانڌ سان، تهڙو تنهنجي ساءُ نه اچي سيرن،
عمر جِنہ جا پکا منجهه پٽن، سا منڌ ڪئن ماڙئي وِهي. |
45- |
عمر اوڻهينءَ رات کي، ڪيس سڀ پر سوڙهي گهُٽ،
بانڪي بحري باز جان سورهيه ڏنس سٽ،
دانهه ڪري اٿي مارئي، تنهن پاڻ هنيو سر پٽ،
ڪڍي ڪاتي پيٽ تي رکي نار نپٽ،
ته هي ماريندي پاڻ کي تو ڪئي مير مهٽ،
پوءِ ڊنو خوف خداءِ جي خان لٿو تان کٽ،
ته اڳتي تنهنجي مارئي نڪا عمر ڪندس اپرٽ،
ته هڻ ڪاٿي ڇڏ کٽ، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |
46- |
پوءِ ڪاتي ڇڏي مارئي ڪيو عمر سان احوال،
ته اصلي آهي نه سومرا مان کي ڪو کانچ خيال،
ٿي گهران شرم شفيع کان تنهنجو مير نه گهرجي مال،
پانَو پـٖـيڪن جو گهُران ٿي ورنهه آءٌ وصال،
شال شرم منهنجو رکي تون باري ڪج برحال،
هاڻي شام سنڀالي حال، عارف چوي منج اوڏهين. |
47- |
ويهين رات وري اچي عمر تاب رکيس تهمت،
تون تان منهنجي مارئي سڻ هيءَ حقيقت،
جو ڪنهن خر خرابي ڪري توکي ڏني مارن جي مصلحت،
تون ڇوٿي ڪاتي هڻين پاڻ کي هنر ڪري حرفت،
مانڦ ٻڌو هوئِي مارئي ڪي اڳين کان البت،
ته ڪيئن باند وٺي بادشاهه نين ٿا زور ڪيو ظلمت،
مسقت جون مشهد نين ۽ مشهد جون مسقط،
رومي، شامين جون هڻي نين دڳن ساڻ دهشت،
مشرق جون مغرب وڃي پڙهن اکر ارادت،
تون تان آهين پنهنجي ملڪ ۾ نڪا وچ ۾ ٻي ولايت،
ڇو ٿي روئين جهڙي رت، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي. |