مارئي چيو عمر کي: سڻ تون حقيقت،
انڌو ٿئين اکين کان، ڇڏيئي آب عزت،
منهنجو ست قائم آهي، باريءَ جي برڪت،
تون ته راڄن جو راڄ ڌڻي، ڪج ڪا عدالت،
توڙي سوين سک ڏئين، ته به روح ج ناهه رغبت،
جِسيَن سان هاڇا ڪجن، نه رک هيڻن تي هيبت،
ٿو شاهه سڏائين سومرا! ڪر مٿان عنايت،
شاهن جو ڪم اهو آهي، ته ڪن هيڻن حمايت،
تو دڙڪن سان دٻايو، ٻيو تاب رکين تهمت،
مان هيڻين آهيان هر حال ۾، ڪندو ماڙ مدت،
ڇو ڪوڙا عشق ڪمائي، ناس ڪيئي حشمت،
سامُن ڇو سوڙهه ڪيئي، پويئي ڪال قحط،
سامُن مٿان سِر ڏجن، رکجن مهر سندا ڪي هٿ،
تو ڪوٽن ۾ کڻي قيد ڪيو، مٿان ڳهلا وڌئي ھٽ،
ڏکيءَ کي نه ڏکاءِ تون، متان مٿان اچئي آفت،
سامون کي سختيون ڏئين، متان پوئي انهن جي شامت،
عمر! چکو جن لکيو، سي ڪيئن ڀوڳن بدبخت،
آهيان تو وهيڻي ڪانڪا، منهنجي چڱي آهي قسمت،
ٻانهي تي ٻاجهه ڪري، اچي حامي ٿيندو حضرت،
عمر! تنهنجي پرڻـٖـي کان، شل موت اچي ستت،
آهي حق جو هادي هيڪڙو، مون تي رحم ڪندو رحمت،
توڙي دکن ۾ دم ڏنم، ته بج جاءِ ٿيندم جنّ،
آهي قلم هٿ قهار جي، اها لکڻ واري ڪت،
تون ٻه هاويءَ ۾ هڄندين، ڪيئي ڏوهه سخت،
اُتي تورو تُري ٿو تڪڙو، سخت اٿئي ڪسرت،
ايندئي ملائڪ موت جا، تڏهن زاري ڪندين زحمت،
انهن اڳيان سڀ معلوم آهي، نٿا ڪڦرن غفلت،
اتي وايون ٿيندءِ ولهڙيون، ملندئي ڪين مهلت،
ڪر تون خوف خدا جو، گندا رکت غيرت،
اتي لوڙ لوڙيندين هڪڙي، مگر منهنجي نسبت،
تون برو ٿئين ڀيڻن جو، لُچا! پوئي لعنت،
ڇو سانگين سان ساڙي ڪيئي، ڪرين بيحرمت،
پوندئي ڪم ڪرين سان، ٿيندئي نه پارت،
ٻڌي هَل حشر جو، ٿا ميڻ ٿين پربت،
پٺي چيري پويون، توکي کولي ڏيندا خط،
واچڻ سان وائڙو ٿيندين، تون ظلم ڪرين ٿو هت،
اتي ڌرتي ٿيندي ٽامي جي، ناهي ڪنهن جي حاجت،
اتي سنگتي ساٿي ناهه ڪو، پيسي ڏوڪڙ نافت،
ايندو عربي اَڙين لاءِ، ڪندو شافي شفاعت،
هاڻي ڪڍي ڇڏ ڪوٽن مان، گرا ڇڏ غفلت،
اتي عرض اگهيو آهي مارئيءَ جو، ڪئي آگي عدالت،
هڪ دائي اچي در تي، دانهن ڪئي عورت:
مارئي تنهنجي ڀيڻ ٿئي، ڪجهه سک عمر اشرافت،
اتي عمر ڏڪي ويو ڏل ۾، روئڻ لڳو رت،
ڏوهه مون ڪيو، پر ڏاتر ڪيو ڏت،
شاباس آهي منهنجي ڀيڻ کي، جنهن ستيءَ جو رهيو ست،
پيرين اچي مرئيءَ جي، ۽ نر ڪئي نوڙت،
ته ڀُليو آهيان مارئي! مون ڪيو ڏوهه سخت،
پوءِ عمر ماڻهو موڪليو، مارن جي ولايت،
سانگين اچي ورتي، پنهنجي امانت،
مارئي ملي مارن سان، پرور رکيس پت،
کيت ۽ مارئي جي عمر ڪئي، شادي شناخت،
سرهيو ٿيو سڀڪو، ڏسي شاهه سندي شفقت،
مَرُ زالون ٻڏن هي قصو، ته مِهرين اچي مَت،
سڀڪا زال مارئي ٿئي، ڏسي ستيءَ جو ست،
علي شير، انصاف عمر جو، جنهن نه ڪيو زور زبردست،
جي نر سڌو ٿئي ها نار تي، ته ڪهڙي هئي طاقت،
مرد اُهي مرڪندا، جيڪي سکندا عمر جي اشرافت،
هوندا هنج حبيب جي، الله ڪندن حفاظت،
داخل ٿيندا جنت ۾، ساڻ مومنن جماعت،
ڏسو هاديءَ جي حڪمت، جو مٽيـٖـن ملي وڃي مارئي. |