سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :8

 

تعلقي ننگرپارڪر مان سروپئي ڍاڍي جي زباني قلمبند ڪيل ڳالهه*

ڄام لاکو ڦلاڻي، ڪڇ جي ڪيراڪوٽ ۾ راڄ ڪندو هو. اُن وقت پارڪر جي حڪومت ”راڻي چندن“ جي هٿ ۾ هئي. راڻي چندن تمام گهڻي خرچ سان گلن جو هڪڙو باغ تيار ڪرايو. ڄام لاکي جا روجهه روز رات جو ڪيراڪوٽ جي آسپاس وارن باغن ۾ وڃي، گلن جون مکڙيون کائيندا هئا. جڏهن انهن باغن مان مکڙيون ختم ٿي ويون، تڏهن پنهنجي خوراڪ لاءِ پري وڃڻ لڳا. آخري هڪڙيءَ رات راڻي جي باغ ۾ وڃي نڪتا ۽ ان ڏينهن کان پوءِ روزانو انهيءَ باغ ۾ وڃي مکڙيون کائڻ لڳا. اها حالت ڏسي مالهين وڃي راڻي سان حقيقت ڪئي. راڻو لال گهوڙيءَ تي سوار ٿي، روجهن جي شڪار لاءِ باغ ۾ آيو. دستور موجب روجهه به اڌ رات جو اچي مکڙيون چرڻ لڳا. راڻي پنهنجي گهوڙي کڻي روجهن پويان ڇڏي. اڳيان روجهه، پويان گهوڙي. نيٺ پرهه ڦٽيءَ جو ڪيراڪوٽ جي در تي اچي روجهه ماريائين. ان وقت چوڪيدارن، ڪيراڪوٽ جو دروازو کوليو ته روجهه مئل ڏٺائون. راڻو، جو ان وقت گهوڙيءَ تي سوار هو، تنهن کي ڏسي چوڪيدارن کي پڪ ٿي ته روجهه هن ئي ماريا آهن، سو کيس وٺي آڻي لاکي جي ڪچهريءَ ۾ حاضر ڪيائون. روجهن جي مرڻ جي خبر ٻڌي لاکي کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ راڻي کان ان جي مارڻ جو سبب پڇيائين. راڻي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌايس. مگر هڪڙي رات روجهن ڪيراڪوٽ کان پارڪر تائين پهچڻ تي لاکي کي اعتبار ڪونه آيو، سو راڻي کي چيائين ته: ائين ٿي نٿو سگهي، پر جي تون ثابت ڪري ڏيکارين ته آءٌ توکي سڱ ڏيندس، نه ته توکي ڏيڻو پوندو. راڻي اهو شرط قبول ڪندي چيو ته: روجهن منهنجي باغ ۾ مکڙيون پئي کاڌيون ۽ آءٌ گهوڙيءَ تي انهن جي پويان پيو آهيان، ڪٿي به ساهي نه کنئي اٿم. جيڪڏهن اهي مکڙيون روجهن جي پيٽ مان نڪتيون ته آءٌ سچو آهيان، نه ته ڪوڙو. لاکي اها ڳالهه منظور ڪري، روجهن جا پيٽ چيرايا، ته تازيون مکڙيون نڪري آيون. راڻي جي ڳالهه سچي ثابت ٿي ۽ لاکي کي انجام موجب سڱ ڏيڻو پيو. پر شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪري، شرط رکيائين ته، جيئن گهوڙيءَ تي هڪڙيءَ رات ۾ ڪيراڪوٽ پهتو آهين، تيئن ڄڃ به هڪڙي ئي ڏينهن ۾ وٺي اچج(1).

ملير جي هڪڙي واڍي ”پالڻي“ وٽ روجهه هئا، تنهن هڪڙو عاليشان رٿ ٺاهي، ان ۾ روجهه ٻڌا هئا. روجهه اهو رٿ هڪڙي ڏينهن ۾ سؤ ڪوهه پنڌ ڇڪي ويندا هئا. راڻي کي اها خبر پئي ته: تو لاکي جا روجهه ماريا هئا، متان منهنجا روجهه عيوض ۾ مارين، تنهنڪري آءٌ توکي ڇڏي انهي مهل موٽي ايندس. راڻي اها ڳالهه قبول ڪئي. شاديءَ کان هڪ ڏينهن اڳ، راڻو ڄڃ سميت رٿ ۾ چڙهي وڃي ڪيراڪوٽ ۾ پهتو.

پالڻي جو رٿ، لاکي کي ڏاڍو وڻيو ۽ ان جي هٿ ڪرڻ لاءِ واجهه وجهڻ لڳو. پالڻيءَ کي جڏهن انهي ڳالهه جي خبر پيئي تڏهن هڪدم باغ ۾ اچي، رٿ جوٽي تڪڙو واپس راهي ٿيو. ڪيراڪوٽ جي راڻين ۽ ٻين عورتن رٿ جي هاڪ ٻڌي، رٿ ڏسڻ جي خواهش ڪئي. اهي سڀئي گڏجي باغ ۾ آيون، ۽ رٿ تي چڙهي ڏسڻ لڳيون. لاکي جي ماءُ ”مهراڏ“ پيٽ سان هئي. ٻيون زالون ته گهمي ڦري موٽي ويون، پر مهراڏ رٿ ۾ ويهي رهي ۽ کيس ننڊ اچي وئي. پالڻي کي انهيءَ ڳالهه جي سڌ نه هئي. رٿ جڏهن اڌ رڻ ۾ آيو، تڏهن مهراڏ کي سجاڳي ٿي، ۽ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي، پالڻي کي چيائين ته: آءٌ ڄام لاکي جي ماءُ آهيان، تنهنڪري مون کي واپس پهچاءِ؛ مگر پالڻو واپس ورڻ لاءِ تيار نه ٿيو ۽ ڀالوا پهچي کيس پنهنجي نياڻي ڪري گهر ۾ ويهاريائين. ان بعد مهراڏ کي نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو ”مارئي“ رکيائين(1)

مارئي ننڍپڻ کان ئي موچاري هئي. اجھ ننڍي سڀان وڏي، نيٺ ساماڻي، جڏهن سورهن سالن جي ٿي، تڏهن سندس سونهن جي هاڪ چوڌاري پکڙجي ويئي. ان وقت ”ڦوڳ سين“ نالي هڪڙو ريٻاري به ڀالوا ۾ رهندو هئو. وٽس ٻڪرين جا ڌڻ هوندا هئا جي ويراهه ۽ ڀالوا جي آسپاس چرندا هئا. هو مارئيءَ جي سونهن سوڀيا ڏسي، کيس ڦندي ۾ ڦاسائڻ جا گهاٽ گهڙڻ لڳو. پر مارئي ڏانهس ڏسندي به ڪين هئي. جڏهن مارئي وهي چڙهي، تڏهن راڄن مهاڄڻ گڏ ٿي مارئي جي مڱڻي بابت پالڻيءَ وٽ آيا. پالڻي، مارئي جو مڱڻو ”کيت“ سان ڪري ڇڏيو. کيت، ذات جو ”ڏوڏ“، اصل ۾ نَيَڙ (جوڌپور) جي ڳوٺ ”سانچور“ جو ويٺل هو، جو پوءِ اچي ڀالوا ۾ ويٺو هو. ڦوڳ خارن (ڪاوڙ) وچان عمرڪوٽ ۾ عمر سومري وٽ ويو. عمر سومرو ان وقت پنهنجي اميرن وزيرن کي نيڪ نصيحتون ڪري رهيو هو. ڦوڳ تي نظر پيس ته ان کان به خبر چار پڇيائين. ڦوڳ، بادشاهه کي خلاصي طرح خبر ٻڌائڻ لاءِ عرض ڪيو. عمر سومري خلاصي هنڌ تي ڦوڳ کي گهرائي احوال ورتو. انهيءَ تي هن مارئيءَ جي سونهن جي اهڙيءَ ريت ساراهه ڪئي، جو هو مارئيءَ تي پرپٺ ڇڪن ٿي پيو. آخر صلاح ڪري اُٺ تي سوار ٿيا ۽ ٽن ڏينهن جي مسافريءَ بعد ڀنڀرڪي جو اچي ڀالوا ڀيڙا ٿيا.

مارئي به سرتين سهيلين سان گڏ، سج اُڀرئي کان اڳ گهڙا کڻي، کوهه تي پاڻي ڀرڻ آئي. اتي ڦوڳ، عمر کي اشارو ڪيو ۽ مارئي ڏيکاري، پاڻ وڻ جي اوٽ ۾ لڪي بيٺو. عمر اٺ ڪاهي کوهه تي آيو ۽ پاڻي پيئڻ جو بهانو ڪري مارئيءَ کان پاڻي گهريائين. مارئي دلو کڻي پاڻي پيارڻ لاءِ جيئن عمر جي ويجهو آئي، تيئن هن کيس جهلي کڻي اٺ تي ويهاريو ۽ عمرڪوٽ ۾ اچي محلات ۾ وهاريائينس. عمر کيس ريشمي وڳا ۽ طرحين طرحين جا طعام آڻي ڏنا، مگر مارئي نه قبوليا ۽ چيائين ته منهنجي اڳيئي شادي ٿيل آهي، تنهنڪري ٻيو حق نه ڪنديس. تنهن تي عمر پنهنجي قاضي کي گهرايو جو مارئيءَ کي عمر سان شادي ڪرڻ لاءِ سمجهائڻ لڳو. تڏهن مارئيءَ چيس ته:

قاضي عمر ڪوٽ جا، نبيرجِ نياء،

سڌر ڏسي سومرو، رکج ڪو مَ رياء،

ويڙهيچن وياء، قضا آندي هن ڪوٽ ۾.

-----

قاضي عمر ڪوٽ جا، توري ڪج تپاس

مون ناناڻو ”مُڙگهر“، ڏونگر ڪڇ ڏاڏاس

ڦُل سندي ڌيئڙي، لاکي جي ڀيڻاس

لکئي ڪارڻ پانهنجي، ڪيم پالهڻئو پئاس

پوءِ ويهي پلنگ پاس، لوئي ڪيئن لڄايان.

تڏهن ڪاوڙجي عمر کيس کڻي قيد ۾ وڌو.

مارئي قيد ۾ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو ۽ تمام ضعيف ٿي وئي. مٿان اچي واهوندا وريا. ان انڌاريءَ ڪوٺيءَ ۾ رات جو کِنوڻ ڏسي، دريءَ وٽ بيهي وطن جي سڪ ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي هئي. عمر سومري مارئيءَ جي ايڏي اڪير ڏسي، کيس پنهنجي ڀيڻ ڪري گندي ڍڪائي، اٺ تي چاڙهي پنهنجي ملڪ ڇڏي آيو. مارئيءَ جي ملير پهچڻ تي سنگهارن ۾ سرهائي ٿي، مگر ڪن ماڻهن مارئيءَ تي گمان آندو. اها خبر جڏهن عمر جي ڪن تي پيئي، تڏهن وڏو لشڪر وٺي ملير تي ڪاهي آيو. مارئي ڏٺو ته هاڻي اجايو لڙائي ٿيندي ۽ مفت ۾ ماڻهو مرندا، تنهن هڪ وڏو آڙهه تيار ڪرايو ۽ مچ جي آر پار چار دفعا لنگهي ويئي. کيس صحيح سلامت ڏسي سڀ ماڻهو، مارئي کي پاڪدامن سمجهڻ لڳا.

 

------

تعلقي ڏيپلي مان محمد عثمان ميمڻ جي زباني قلمبند ڪيل ڳالهه*

ڪڇ جي راجا ”ڦُل“ جي راڻيءَ جو نالو ”ماڏوئي“ هو، جنهن مان ”لاکو“ پٽ هئس. هڪڙي ڀيري ڦُل ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي، ماڏوئيءَ کي ڏهاڳ ڏنو، ۽ هڪڙي باغ ۾ جاءِ اڏائي، کيس جدا ويهاري ڇڏيائين. ان وقت هوءَ پيٽ سان هئي.

پالڻو نالي هڪڙو شخص پارڪر طرف رهندو هو، تنهن هڪڙو سهڻو رٿ ٺاهيو هو. هڪڙي ڀيري ان ۾ روجهه ٻڌي، رٿ ڪاهي، راجا ڦُل جي گهر ڪيائين. پالڻي اهو رٿ خاص پنهنجي شوق لاءِ ٺاهيو هو ۽ ڏيڻو ڪونه هئس، تنهنڪري راجا کي چيائين ته: اهو رٿ ٻئي بادشاه کي ڏيڻو ڪيو اٿم، توکي ٻيو ٺاهي ڏيندس.

ڦل راجا، پالڻي کي پاڻ وٽ مهمان ڪري ٽڪايو. رات جو پالڻي کي شڪ جاڳيو ته راجا متان رٿ کسي وڃي، سو وجهه وٺي وڃي رٿ کي جوٽيائين. اهو رٿ انهي باغ جي در اڳيان بيٺل هو، جنهن ۾ ماڏوئي رهندي هئي. اتفاق سان شام جو اُها به باغ گهمندي گهمندي در وٽ آئي ته اوچتو نظر وڃي رٿ تي پيس. رٿ هو تمام سهڻو، سو ڏسڻ لاءِ رٿ ۾ چڙهي پئي. اندر نرم ريشمي گاديلا وڇايا پيا هئا، سو ماڏوئي کي اُتي ويٺي ويٺي ننڊ کڻي وئي.

پالڻي رٿ کي وٺي ڀڄايو. اڌ واٽ تي ماڏوئي سجاڳ ٿي. پالڻي کان پڇيائين ته: ڪير آهين ۽ ڪيڏانهن ٿو وي هلين؟ تڏهن پالڻو هڪڙي عورت کي رٿ ۾ ڏسي حيران ٿي ويو. آخر کيس سموري حقيقت ٻڌايائين. ماڏوئي به کيس ٻڌايو ته: آءٌ راجا ڦُل جي زال آهيان. هاڻي پالڻو اچي ششدر ٿيو. ماڏوئي کي ڇڏڻ لاءِ پوئتي به موٽي نه سگهي. نيٺ ماڏوئي موٽڻ جي پچر ڇڏي، تڏهن پالڻو کيس ڌيءَ ڪري، پاڻ سان گڏ وٺي آيو.

ماڏوئي پالڻي وٽ رهڻ لڳي. کيس ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو ”مارئي“ رکيائون. مارئي تمام سهڻي هئي. ڦوڳ نالي هڪڙو ٻڪرار مارئي تي عاشق هو، تنهن سندس سڱ پالڻي کان گهريو. ليڪن پالڻي پنهنجي هڪ عزيز ’کيت‘ سان مارئيءَ کي مڱائي ڇڏيو. ڦوڳ کي انهي تان ڪاوڙ لڳي، سو عمر ڪوٽ ۾ ويو، ۽ عمر جي اڳيان مارئي جي سونهن جي ساراهه ڪرڻ لڳو ۽ چيائين ته: اهڙي حسن وند عورت غريبن جي ڪکائين جهوپڙين بدران تنهنجي محلات ۾ سونهي.

عمر بادشاه به ڦوڳ جي ڳالهين تي هرکجي، مارئيءَ کي هٿ ڪرڻ جو ارادو ڪي، ۽ شڪار جي بهاني سان ڪجهه ماڻهو ڦوڳ کي ساڻ ڪري، مارئيءَ جي ملڪ ڏانهن ويو. مارئي پنهنجي سهيلين سان گڏجي کوهه تان پاڻي ڀرڻ ايندي هئي. عمر اُڍ تي چڙهي کوهه تي آيو. مارئيءَ کي چيائين ته: پاڻي ڍڪ پيار. مارئي جيئن ئي کيس پاڻي پياريو، تيئن عمر ٻانهن کان جهلي کڻي اٺ تي ويهاريس ۽ آڻي عمر ڪوٽ ۾ ڇڏيائينس.

چون ٿا ته ٻارهن مهينا، عمر کيس شاديءَ لاءِ چوندو رهيو، پر مارئي کيس خدا جو خوف ڏياري، انهيءَ ارادي کان پري رکيو. جڏهن عمر ڏٺو ته مارئي ڪنهن به طرح مائٽن کي نٿي وساري ۽ نڪي شاديءَ لاءِ راضي ٿي ٿئي، تڏهن کيس ملير ڏانهن موٽائي موڪليائين.

 

-----


*  هن ڳالهه جو مدار ٻن روايتن تي آهي هڪڙي سروپئي پٽ ڌيري پٽ آسين پٽ ڏورنگي پٽ ويرو پٽ حسن، ڍاڍي فقير، ويٺل ننگرپارڪر عمر 65 ورهيه جي زباني قلمبند ڪئي وئي، ۽ ٻي روايت منگهارام اوجها (تعلقو ننگر پارڪر) کان ملي.

(1)  ٻي روايت موجب لاکي ٽي شرط رکيا: هڪ ته هڪڙي ڏينهن ۾ ڄڃ پهچي، ٻيو ته سؤ ڳرين واري لٺ آڻجو ۽ ٽيون ته هر هڪ ڄاڃي هڪ هڪ جنگي پڙو سيري جو کائي.

(1)  ٻي روايت موجب: مارئي رٿ ۾ ڄائي.

*  هيءَ ڳالهه محمد عثمان ميمڻ، سپروائزنگ تپيدار ڏيپلي جي زباني تاريخ 23- آگسٽ 1975ع تي قمبند ڪئي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org