سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :10

[10]

 

ڊاڪٽر ذرا تکي وک وڌائيندو پئي ويو. من ۾ ڄڻڪ ٽانڊا ٻري رهيا هئس. ڪهڙي دوا ڏيڻي آهي، طئي ڪري چڪو هو. دوا کي هو خود پنهنجي هٿن سان تيار ڪندو هڪ مشقي يوگ. ڪيترين ديسي شين جو بڻيل. پر ماڻهن کي ٻڌائيندو ڪونه دوا آهي ڪهڙي؟ جيڪي شيون سنسار ۾ سلڀ ٿينديون آهن، انهن تي ماڻهن جي دل ڄمائي نه ٿيندي آهي. سو هرگز ڪين ٻڌائيندو. رڳو هڪ ڏينهن ۾ ئي مريض جي هڏڪي بند ڪري کين ڏيکاري ڇڏيندو ته وٽس عجيب علاج ۽ انوکي اوشڌي آهي. راهه هلندي هلندي اوچتو وري هٽڪي بيٺو. هڪ ڀيرو ستاب کي ڏسي اچجي. پر هاڻ موٽڻو پوندو. من جي الجهن ۾ الجهيل هو ستاب جي گهر واري گهٽي پوئتي ڇڏي آيو هو. رهي به، ٻڍي جو تپ اڄ ضرور لهي ويو هوندو. شايد اڪيلو ئي شطرنج وڇائي ڪري مُهرا هلائي رهيو هوندو. سڀاڻي صبوح جو ڏٺو ويندو. هلي ڪري سيگهه ۾ دوائي تيار ڪري وٺان.

”اڙي، جيون مهاشيه آهي ڇا؟ او جيون مهاشيه!“ ڀر واري گهٽيءَ مان ڪنهن زناني آواز ۾ پڪاريو. ”ذرا ٻڌو ته سهين، ترسجو.“

جيونمهاشيه رڪجي ويو. گهٽيءَ مان هڪ ڪرڙوڊ وڌوا نڪري ڪري آئي. هوءَ هئي نشي ٺڪرائڻ. ڳوٺ ۾ مشهور. اڄڪلهه جا ڇوڪرا لڪي ڇپي ڪري کيس چوندا آهن ”مسز شريف آف نوگرام“ ڳوٺ ۾ سندس رعب داٻ گهڻو آهي.

ايندي ئي هن پڇيو، ”ها، هن کي، يعني رتن بابو جي نينگر کي ڏسي آئين؟ ڪيئن آهي هو؟“

جيون مهاشيه چڪر ۾ پيو. آواز مان هن کي نشي ٺڪرائڻ جو انومان ئي نه ٿي سگهيو هو. ٿيڻ گهربو هو. پر، جيئن ته هن گهٽي ۾ اهڙي اختياري واري واڻيءَ ۾ پوڪاري ڪير ٿي سگهي؟ هوءَ پنهنجي ورانڊي ۾ ويهي رهندي ۽ جڏهن جنهن کي وڻندس سڏ ڪري من جي پڇندي پڇائيندي. جيون ڊاڪٽر مختصر ۾ چيو: ”هن کي بيماري ڏاڍي ڏکي آهي، پر نااميدي جهڙي ڪانهي. چڱو، مان هلان. دوا ڏيڻي آهي.“

”اوهان کي گهوڙو هجي ها ته الائي ڇا ڪريو ها اوهان! ٿورو ترسو کڻي.“

”دوا ڏيڻي پوندي.“

”مان سمجهان ٿي. ساڻ ۾ آدمي به انڪري کنيو اٿو. اي ڀائي، تون وڌي وڃ. ڊاڪٽر صاحب اجهو آيو! منهنجي امروٽ جي ڌيءَ بيمار آهي. هن جي پيٽ جي بيماري وڃي ئي نٿي. هڪوار هن کي ڏسي وڃو. اڄڪلهه جي هنن ڊاڪٽرن جي چپيٽ ۾ اچي ڪري هيترو سارو ناڻو خرچ ڪيوسين، پر نتيجو ڪوبه ڪونه نڪتو. اڄڪلهه اوهان ته ان طرف اچو ئي ڪونه، اسان ماڻهن کي هڪوار ڇڏي ئي ڏنو اٿو. نيهار... اڙي نيهار.... ”پڪارڻ جي ضرورت ڪانهي، هل ته ڏسي ئي اچان.“

مهاشيه جي اندر ويندي ئي نشيءَ ڄڻڪ هن جي راهه روڪيندي پڇيو ”مون کي ٺيڪ ٺيڪ ٻڌايو، رت ماستر جو پٽ چڱو ڀلو ٿيندو يا مري ويندو؟“

نشيءَ جي ڳالهه تي جيون مهاشيه کي ڪو اچرج نه لڳو. هن جي عادت ئي اها آهي. دنيا ڀرجي ڳجهين ڳالهين جو منجهه هن کي ڪڍڻو ئي آهي. صرف پتو ڪڍڻ سان ئي هن کي سنتوش نه ملندو آهي، سڀني هنڌ ڳالهه کي وائکي ڪري ئي هن کي سک ملندو آهي.

مهاشيه ڳنڀير ٿي چيو: ”مون توکان ڪجهه به لڪائي نه چيو آهي نشي. نبض مان آئون ڪجهه به نه سمجهي سگهيو آهيان.“

”سمجهي نه سگهيا! اوهان ٿيا جيون مهاشيه، اوهان سمجهي نه سگهو، اهو به ممڪن آهي ڀلا! ماڻهو چون ٿا، جيون مهاشيه جي نبض پڪڙيندي ئي موت جي بيماري پنهنجي مرڻ جي پير سان آهٽ ڪري بتائيندي آهي. اوهان لڪائي رهيا آهيو.“

هينئر ڊاڪٽر جا ڀرون تڻجي ويا. نشي پڇڻ کان ته باز آئي، پر کيس ڊپ ڪين ٿيو. چي: ”سمجهي ويس. ٿيو اهو ئي آهي. اڙي او نيهار، ڪيڏانهن ٿي وڃين تون؟“

’ڇا آهي پڦي! نيهار ڪمري جي اندران ئي ورندي ڏني. هن دروازو کولي ٻاهر ليئو پاتو. ليئي پائڻ سان ئي جيون مهاشيه کي آچار جي بوءِ آئي. هوءَ اندر لڪي ڪري کٽاڻ کائي رهي هئي. ’هيءَ‘ گرڀ جي بيماريءَ جي هڪ نشاني آهي. بيماري هاڻ لاعلاج ٿي چڪي آهي، نه ته هاڃيڪار شين جو هيئن چشڪو ڇو لڳي؟‘

هوءَ نينگري ٻاهر آئي.

سنهڙي ڏٻري، اڀريل هڏيون، مرجهايل بانسي عطسي گل جهڙي رنگ واري هڪ ڪشوري. سينڌ ۾ سنڌر! ڪشوري هئي، پر ٻار جي ماءُ ٿي چڪي آهي.

جيون مهاشيه کان ڇرڪ نڪري ويو. سڄي شرير تي ڄڻڪ پاڇو پئجي ويو اٿس.

نشيءَ چيو: ’گرڀڻي ٿي آهي. ٻه ٻار اٿس. برو حال ٿيندس.‘ نشيءَ ڊگهو ساهه کنيو ۽ روئي پيئي.

”ٻه ٻار اٿس؟ ڪيتري ڄمار اهي هن جي؟

چوڏهن؟ ڊاڪٽر  اچرج وچان پڇيو.

نشيءَ اکيون اگهي ڇڏيون. چي؛ ’ٻارهن سالن جي عمر م پهريون ٻار ٿيو اٿس ۽ جيڪو هنج ۾ اٿس، سو چوڏهن سالن ۾. چنڊ جهڙو ٻچڙو اٿس، ڇا ٻڌايانوَ، ڏسي ڪري اندر جهڄي ٿو.“

’چند ڇا جو، بم آهي بم، پنهنجي ماءُ کي کائڻ آيو آهي. هي پيءُ جي سراسر زيادتي آهي.‘ جيون مهاشيه جو سڄو هردو پڄري ويو. اهڙن ظالمن کي سزا به نٿي ملي؟ ڊاڪٽر ٿڌو ساهه کنيو. هن جي پتا چيو هو: ’پٽ، جڏهن مريض کي ڏسين ته ڪهڙي به سببان هن تي ڪاوڙ يا ڌڪار نه ڇنڊج. ائين ڪرڻ واجب ناهي.’ هو چوندو هو: ’ان ۾ ماڻهوءَ جو پنهنجو به ڪهڙو وس ٿو هلي، انسان ته رانديڪو آهي.‘

جيون مهاشيه جو ايلوپئٿي جو گورو ڊاڪٽر رنگ لعل چوندو هو: ’انسان بنهه بيوس ٿئي ٿو. هن ۾ ڪام، ڪروڌ ۽ لوڀ ته پسونءَ جو ٿيندو آهي، پر سرير ۾ پسونءَ جو ٻل نه ٿيندو اٿس. ان تي ڪاوڙ متان ڪرين، ائين ڪاوڙ ڪري سگهين ٿو، غصي ٿيڻ جو توکي حق آهي، پر اهڙي حالت ۾ علاج جو پيشو اختيار نٿو ڪري سگهين.‘

ڊگهو ساهه کينچي ڊاڪٽر چيو: ’نيٺ هيترن ڏينهن تائين تون ڪري ڇا رهي هئين؟‘

”هي – هو ڪجهه نه ڪري رهي هئي. وري گرڀ ته ٿيندو ئي آهي، ههڙو حال ٿي ويندو، مون ڪٿي ٿي ڄاتو! هيڏانهن ڪيترن ڏينهن لاڪر نوَن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريندي رهي. هيءُ ته الائي ڇا ڇا بڪندا ٿا وتن. خرچ جي هيڏي ساري فهرست! ايترو خرچ ڪٿان پورت ڪريان؟‘

’هون.‘ ڊاڪٽر چپ رهيو.

پر نشيءَ جي ڳالهه اڃا پوري نه ٿي هئي؛ ’جڙي- جنتر، ديوتا جو پرساد، گهڻو ڪجهه ڪري چڪي آهيان.’

اهو ته ڊاڪٽر ڏسي ڪري ئي تاڻي ويو هو. ڳچيءَ  ۾ تعويذن ۽ سڳن جو گند. ڪرائيءَ تي ٻڌل هو ڪپڙي جو جنتر. ’پر ڪري ڇا؟ ڇا ڪري ڊاڪٽر؟ هڪ وئديڪ دوا آهي، سوچڪا ڀرڻ!‘

’کارائي سگهندينءَ نشي؟ پاڻي پيائرڻ جي ان ۾ بلڪل منع آهي!‘

”پاڻي پيئارڻ منع آهي؟“ نشي ڇرڪي ويئي: ’چئو ڇا پيا توهان؟‘

’ها، پاڻي پيئارڻ منع آهي. وري به هڪ ڀيرو نبض ڏسان ٻچي.‘

موت جي مريض ٻچي منهن ۾ ڪپڙو وجهي کلڻ لڳي؛ ’ٻن – ٻن ٻارن جي ماءُ آهيان مان ٻچي آهيان!‘

ڊاڪٽر به مشڪيو ۽هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو. زهر ئي هڪ ماتر دوا رهجي ويئي. نگري مرض لاءِ زهريلي دوا، ترياق. نبض ۾ هن کي پيرن جي آهٽ ملي رهي آهي.

نشيءَ ڪوڙ ڪين ٻوليو هو. موت جي پيرن جي جيڪر هن ديش جي استرين جهڙي آهٽ هجي ته ڊاڪٽر کي هن جي ڇمڪ ٻڌڻ ۾ اچي. ماڻهو چوندا آهن، نيٺ ڊاڪٽر جو پتا ڪهڙو نه هو، ڪهڙي نه هئي هن جي سکيا! هن جو پتا سندس گرو به هو ناڙي پريکيا جي وديا ۾ پر ٻيڻ. ديکشا جو ڏينهن، وياڪرڻ جو پاٺ پڙهائڻ کانپوءِ ٻيو ڏينهن، جنهن ڏينهن ناڙي- وديا جو مهورت ٿيو، ڏاڍو شڀ ڏينهن هو. ويساکه جي اکشيه ٽيج هئي.

هن ٻڍاپي ۾ به کيس اهي ڳالهيون ڪالهه جهڙيون ڀاسي رهيون هيون. صاف ياد اچي رهيون هئس. سڀ واٽ ويندي هو سڀ سوچيندو پئي هليو.

*      *      *      *

ڊاڪٽر هڏڪي جي دوا تيار ڪئي. پُرزي تي کارائڻ جي ترتيب لکي ڪري ساڻ آيل آدميءَ کي ڏنائين ۽ آيورويد- ڀون جي ورانڊي ۾ ويهي ڪري هن ڊگهو ساهه کنيو. کيس نشي ٺڪرائڻ جون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. نوڪر اندر ناريل کڻي ڪري اچي بيٺو.

ڊاڪٽر هن جي چهري ڏانهن ڏٺو. هو رتن بابو جي پٽ جي هڏڪي جي سوچي رهيو هو: ’سڀاڻي صبوح توڻي هڏڪي شايد بند ٿي وڃي. هڏڪي بند ٿيندي. پوءِ ڊاڪٽر پرديوت ڇا چوندو؟‘

’تماڪ پيئو. ماتا جي چوي ٿي، چانهه جو پاڻي ٽهڪي رهيو آهي.‘

مطلب اهو ته عطر اندر پهچڻ جو نياپو موڪليو آهي. ڊاڪٽر ناريل کي هٿن ۾ ورتو. چي: ’نه ٿي سگهي ته، چانهه تون هتي ئي کڻي اچ؛ اٿڻ تي اڃا من نٿو ڪري.’

’آخر هيئن کلئي هنڌ ويٺا رهندا. اڀ جهڙالو آهي، الائي ڪنهن وقت مينهن اچي وسي.‘

ڊاڪٽر اڀ ڏانهن مٿي نهاريو. ساوڻ جي آسمان ۾ ڇڊن ڪڪرن جي هڪ تهه جي هيٺان هڪ ڪارو ڪڪر ڦيرا پائي رهيو آهي، هڪ اچي ٿو، ته ٻيو وڃي ٿو.‘

اِندر وري به بيٺو رهيو. ڊاڪٽر کي ياد اچي ويو. هو هر روز جي سودي واسطي پئسن جو انتظار ڪري رهيو آهي.

دستور اهو آهي ته ڊاڪٽر جيئن مريض ڏسي موٽندو آهي، ته اپت جي سموري رقم عطر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو آهي. اڄڪلهه ته ڌنڌو لڳ ڀڳ ڇڏي ئي ڏنو اٿائين. ڪڏهن اهڙو به هو جو ڏيهاڙي پنجويهه- ٽيهه روپيه ڪمائي گهر ايندو هو. هاڻ ڪڏهن ته چار روپيه، ڪڏهن ڇهه ۽ ڪڏهن ٻه ئي. ڪنهن- ڪنهن ڏينهن ته گراهڪ ئي نه ايندو ۽ ڪڏهن پري کان ڪوئي سڏ ٿيندو به ته ڊاڪٽر وڃڻ کان نابري واريندو. اڄ ڊاڪٽر عطر کي روپيه ڪونه ڏنا هئا. پراني شيخ وٽان موٽڻ کانپوءِ کائي- پي چڪڻ بعد عطر سان ڊاڪٽر جي جهڙپ ٿي ويئي هئي. تهان پوءِ ڪشور اچي رتن بابو وٽ ڪوٺي ويس. ان وچ ۾ هن ڪرتو لاهي ڇڏيو هو. اگهاڙي بدن ويٺو هو. هن ڪرتو اِندر کي ڏيئي ڇڏيو. چي، ’کيسي ۾ روپيه آهن.‘

’چار روپيه آهن.‘

’عطر کي وڃي ڪري ڏي. مون کي هاڻ تنگ نه ڪج.‘

’چلم ٺاهي رکي وڃان؟‘

’رکي وڃ. پر تون وڃ. تون ڏاڍي بڪ بڪ ٿو ڪرين.‘

هيتريون سڀ ڳالهيون ڪندي ڊاڪٽر آسمان ڏانهن تڪي ڪري رهيو هو. اکين سان پسي رهيو هو بادل، ڪن هئا اندر جي ڳالهين تي، رکي رکي وات سان ورندي به ڏيندو پئي ويو، پر هن جي من ۾ ولوڙا وجهي رهي هئي، وپن جي هڏڪي، ڊاڪٽر پرديوت جي ڳالهه، نشي جي ڳالهه: ’ماڻهو چون ٿا، جيون ڊاڪٽر نبض پڪڙي ٿو ته موت پيرن جي آهٽ سان بتائي ٿو. ڪهڙو نه هو سندس پتا، ڪهڙي نه هئي هن جي وديا!‘

*      *      *

اُن ڏينهن ويساکه جي اکشيه ٽيج هئي. پٽ جي ديکشا لاءِ انهيءَ شڀ ڏينهن کي جڳت مهاشيه طئي ڪيو هو. تنهن ڏينهن هڪ ايڪانت واري ڪمري ۾ پٽ کي ويهاري هن جي چيتنا کي هن تيز فهم ڪرڻ چاهيو هو. گهر ۾ سڀني کي چتائي ڇڏيو هئائين، ’خبردار، هن کي سڏي ڪري ڪير به رڪاوٽ نه وجهي.‘

جيون نبض پڇاڻ مان ٿورو گهڻو واقف هو. ويڄ جي گهر جو هوئڻهار سپوت. ننڍپڻ ۾ راند روند ۾ سٿين سرتن جي نبض ڏسندو هو، ڌوڙ مٽيءَ جون پڙيون ٺاهي دوا ڏيندو هو. جيون جي ماءُ به نبض ڏسڻ ڄاڻندي هئي، نبض شناس جي باريڪيءَ جو پهريون سبق پاڙهي، مرتيو جي ڪهاڻي سڻائي پڻهس تنهن ڏينهن جي بيمارن جي ناڙي پاڻ جاچي ڪري کيس چيو: ’وٺ، هنن جي ناڙي ڏس.“

بيمارن جا نسخا لکي ڪري دوا- وڀاڳ ڏانهن موڪلي جيون کي هن نبض جي خاصيت ٻڌائي. جڳت مهاشيه جي سکيا جو طريقو ان قسم جو هو.

آيورويد- ڀون جو ڪم ڪار ختم ڪري هو پٽ کي ڪيترن بيمارن جي گهر ساڻ وٺي ويو. موٽندي رستي ۾ ٻڌايائين: ’پٽ، جيڪي ويڄ طبيب نبض شناس ۾ ماهر ٿي ٿا وڃن، موت کي انهن سان صلح ڪرڻو پوي ٿو. جتي مرتيو جو اڌڪار هوندو آهي، اتي ته هو رستي تان هٽي وڃڻ لاءِ چوندو آهي. چوندو آهي، ’اهو منهنوج اڌڪار آهي.‘ ۽ جتي سندس اڌڪار نه آهي ۽ هو غلطي وچان ليئو پائيندو آهي، اتي ويڄ چئي ڏيندو آهي، ’يمراج! اڃا وقت نه آيو آهي، توکي موٽي وڃڻو پوندو.‘

’ڪارڻ اهو آهي ته هن درجي جا جيڪي ويڄ يا حاذق ٿين ٿا، تن کان نڪي مرض جي پڇاڻ ۾ چوڪ ٿيندي آهي، نه علاج طئه ڪرڻ ۾. مرتيو جيئن اچوڪ ٿيندو آهي، پنجين ويد آيورويد جي سرشٽا (رچيندڙ) برهما جو بڻايل ڀيشج (دروا) ۽ اڻ جي شڪتي به ساڳي ريت وئرٿ نه ويندي آهي. جنهن برهما جي ڀرون تاڻي ڪٺور درشٽيءَ مان مرتيو جو جنم ٿيو آهي، انهي برهمان جي پرسن درشٽيءَ مان ڀيشج جي سرشٽي ٿي آهي. اها شاستر برهما دکش پرجاپتيءَ کي ڏنو هو، دکش کان اهو اشوني ڪمارن (سورهيه پترن) کي مليو، اشوني ڪمارن کان پراپت ڪيو اندر ديوتا ۽ اندر ڏنو ڌنونتري کي. هتي آيورويد جا ٻه ڀاڱا ٿيا. ڌنوتريءَ کي شليه- چڪستا (وڍ ڪٽ يا سرجري) جو ڀاڳه مليو هو، بعد ۾ حاصل ڪيو پنروَ سو ۽ اَتريه. تنهن بعد ان کي اگني ويش حاصل ڪيو. آچاريه اگني ويش اگني ويش سنها‘ (آيورويدڪ گرنٿ) جي رچنا ڪئي. انهيءَ ’سنهتا‘ مان ”چُرڪ سنهتا“ بڻي. پنچ ند (پنجاب) پرديش جي مها پنڊت چرڪ نئين سر ان ’سنهت‘ جو سنسڪار ڪيو هو. چرڪ چرنجيو (امر) بڻيو.‘ پيءُ پٽ ڳالهيون ڪندا رستي تان وڃي رهيا هئا. ٻئي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيا هئا. عام طور جڳت مهاشيه گاڏيءَ يا پالڪي کي ڪم ۾ ڪين آڻيندو هو. گهڻو پريان ويندو هو ته ڍڳي گاڏيءَ ۽ تڪڙو وڃڻو هجيس ته کٽولي کي ڪتب آڻيندو هو. ان ڏينهن هن پٽ کي هڪ روڳڻي ڏيکاري هئي، ٺيڪ جهڙي اڄوڪي ٺڪرائڻ جي ڀائٽي هئي. هوبهو اهڙي ئي. ڪشوري؛ گهڻي ۾ گهڻو هوندي ته سورهن ورهين جي. هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ هئي، ٽيون ٻار ٿيڻ وارو هوس.

ان ڏينهن هلندي هلندي جڳت مهاشيه بتايو هو: ’شاستر ۾ مقرر ٿيل عمر جو ذڪر آهي. پر ڪرم ڦل ۾ اها عمر گهٽجي وڌجي ٿي. انسان ويچار ڪري مرتيو کي نوٽو ٿو ڏي. اهڙن موقعن تي اها ئي ڪار ٿيندي آهي، ته به....“

جڳت مهاشيه چپ ٿي ويو. شايد هن جي من ۾ شڪ جاڳيو هو. ذرا ساعت چپ رهي چيو هئائين: ’ڪڏهن ڪڏهن شاستر جي ڳالهه تي شنڪا ٿي اٿي جيون. اسان جي شاسترن جو چوڻ آهي ته پتيءَ جي پاپ ۾ پتني حصيدار ناهي. پر هيءُ جيڪي ڪجهه تو ڏٺو، تنهن کي اسين ڇا چئو؟ مڙس جي بري لڇڻ جو نتيجو هيءَ ويچاري ڀوڳي رهي آهي، انهيءَ سبب هن کي اڪال – ڪال جوگره ٿيڻو پوندو.

وري کن ترسي چيائين ’شايد هجي ته اهو هن ڇوڪريءَ جي پورب جنم جو ڪرم ڦل هجي، ان جي ڪارڻ ئي هيءَ گهٽ عمر پائي پيدا ٿي. پر اهو به ڪير چئي؟‘

تنهن ڏينهن جيون مهاشيه به انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪيو هو. من ئي من ۾ هن پنهنجي ڀاڳيه وڌاتا کي پرڻام ڪيو هو جو هن کيس بچائي ورتو هو. ’منجري هئي ته خاصي تندرست، پر ٻارهن ئي سالن جي ته هئي. ڪير ٿو چئي سگهي ته هن جي به اهائي گت نه ٿئي ها؟‘

هڪ ڊگهو ساهه ڇڪي ٻڍي جيون مهاشيه اڄ وري آسمان ڏانهن تڪيو. هن جي چپن تي هڪ عجيب مشڪ نمودار ٿي ويئي. پنهنجي سونهاريءَ تي هٿ ڦيريائين. آڪاش ۾ شفق جي الاڻ ڏيکائي ڏني. دور دور پکڙيل بادلن جا تهه به لعل ٿي رهيا هئا، هيٺ ٻگهه پکين جي قطار اڏامي رهي هئي. اوچتو هن جي نگاهه پيئي، چانهه جو ڪٽورو سامهون ڍڪيل رکيو آهي. الائي ڪيتري دير کان اندر رکي ويو آهي. ماضي ۾ محو رهڻ سبب چانهه جي ياد به نه آيس. اِندر ورجهايو ضرور هوندو، هن ياد ڏيارڻ جي ڪوشش به ضرور ڪئي هوندي، پر هن کي ياد نه اچي رهيو آهي. اڄ چانهه رهجي ويئي.

گذريل ڳالهين کي سوچڻ ۽ ياد ڪرڻ جو به هڪ نشو ٿيندو آهي. ڏاڍو سهڻو هوندو آهي ان جو روپ ۽ سلسلو. نظر پئجي وڃي ته اک هٽڻ جي نه ڪندي. خاص ڪري هن وقت جتي جي ڳالهه ياد آياس. اها جڳهه جھڻڪ آڪاس جي هن لعل سنجها جهڙي ئي گهاٽي ڳاڙهي هجي.

رستي تي منجريءَ کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ هو ڀاڳيه وڌاتا کي ڌنيواد ڏيندو آيو ۽ گهر اچڻ سان ئي ڏٺائين...

وري هو مشڪيو. ڪيترائي ڀيرا ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريائين. ها، ڪرم جي چڪر (ڦيري) سان جن چر جي رچنا ڪئي، اهي جهڙا چڪري آهن، تهڙائي زنده دل به آهن.

*      *      *      *

ان ڏينهن هو ٽئين پهر کانپوءِ گهر موٽيو هو. جيون جي ماءُ انتظار ۾ هئي ته هيءُ موٽن ته چانور اُٻاري. پر اها ڪائي خاص دير ته نه چئجي. ويڄ جي کاڌي جو وقت ٽيون پهر ئي آهي.

هٿ منهن ڌوئي، آلو انگوڇو پٺي تي ڦيريندي جڳت مهاشيه چيو: ’جيون کي اڄ ڪل ڪرم جي سکيا ڏيئي مان  بيفڪر ٿيس. پر تنهنجو منهن هاڙو ڇو لڳي رهيو آهي جيون جي ماءُ؟‘

”ڪهڙو لڳي رهيو آهي؟“

”لڳي ٿو، ڏاڍي فڪرمند آهين، ڪجهه سوچي رهي آهين؟“

”سوچينديس ڇا؟ جيون جي ماءُ ٽاري ويئي.

”ڇا سوچيندينءَ! ڇا خوب چيئيه! زالن کي ڳهه ڳٽن جي ڳڻتي رهندي آهي. ڌيءَ پٽن جي وهانءُ جي چنتا رهندي آهي. تون انهن ٻن مان ڪجهه سوچي سگهين ٿي.“

جيون جي ماءُ کلي. رنڌڻي ۾ وڃي ڪري هن چلهه تي چڙهيل ديڳڙي جو ڍڪ هٽايو ۽ ڇاڻيءَ سان چانور ڪڍي ڪري ڏسڻ لڳي.

ان ڏينهن جڳت مهاشيه جو چت پرسن هو. سرءُ جي ڪڪرن کان صاف آڪاس جهڙو. هن خوشيءَ ۾ ڀرجي پڇيو؛ ’ڇو، ڪوئي جواب نه ڏنئه؟“

ورندي جيون ماءُ چيو: ’مان ڇا چوان؟ تون ته انتريامي آهين. مون چيو، ڪجهه سوچي ڪانه رهي آهيان، پوءِ به تون چوين ٿو ته سوچي رهي آهيان. تڏهن تون ئي ٻڌاءِ ڇا سوچي رهي آهيان؟‘

جيون هينئر به مونجهه ۾ هو. پتا جي ڳنڀير ڳالهين جي گونج هن جي دماغ ۾ ٿي رهي هئي.

هڪ اوچتي ڌڪ سان هن جي ايڪاگرتا ۾ ڀنگ پيو. هو ڇرڪي اٿيو.

’کاڌو پيتو جڏهن ختم ٿيو ته هڪ رڪيبيءَ ۾ هرير جا ٽڪرا آڻي سامهون رکي هن چيو؛ ’تون سچ پچ انتريامي آهين، سو مون ڪو مذاق وچان نه چيو آهي. ٻپهرن جو چٺي کڻي ڪانديءَ کان هڪ آدمي آيو آهي چٺيءَ ۾ لکيل ڇا آهي، سو مون کي خبر ڪانهي، پر موڪلڻ واري جو نالو ٻڌي ڪري مون کي ڳڻتي ويڙهي ويئي آهي. چٺي نوڪرشڻ سنگهه لکي آهي: ’هيءَ وٺ.‘

هن چٺي سامهون رکي ڇڏي.

جڳت ٻنڌو مهاشيه چٺي پڙهي. جيون حيران ۽ پريشان اکين سان پيءُ جي چهري کي ڏسندو رهيو. پر هن جي چهري مان هو ڪو انومان لڳائي نه سگهيو. هن چٺي پڙهي پوري ڪئي ۽ ويساکه جي تتل آسمان ڏانهن اسٿر اکين سان نهارڻ لڳو.

جيون کي اهو سڀ ڪجهه ياد اچي رهيو آهي.

سج الهيو هو. ٽيون پهر وهامي رهيو هو. اڀرندي دروازي واري گهر جي ورانڊي تي ويٺو هو، سامهون الهندي دروازي واري هڪ تري واري رنڌڻي جي مٿان ڏسڻ ۾ ايندڙ پروهت- برهامڻ جي گهر جي مولسري وڻ جي مٿي تي اس کان ٻرندڙ ويساکي آسمان ڄڻڪ تپسيا ۾ لنولين شو ڀڳوان جي اڌ ٻوٽيل ٽئين نيتر جي جوالا کان تپيندڙ هجي. چو طرف سناٽو هو. هوا جو نالو به نه هو. ائين پئي ڀاسيو، شام ٿيندي ٿيندي طوفان لڳندو. الهندي خلاءِ تي آثار نمودار هئا. جيون انهيءَ طرف نهاري رهيو هو. ائين پئي ڀاسيو، هن جي هردي ۾ طوفان مچندو. ’نوڪرشڻ سنگهه ڇا لکيو آهي؟ منجري، شايد منجري جي ماءُ، هن ڏيوالو ڪڍندڙ زواليت کي پهتل ڪٽنب جي شيطان ڇوڪر تي مست آهن، ان ۾ شڪ جي گنجايش ڪانهي. بنڪم ۽ منجريءَ لاءِ ته سوچڻ ئي بيڪار آهي، هو انکي نچائي رهيا آهن. ۽ اهو ئي ڇو چئي. دراصل هو خود ڀولڙو آهي، هنن وٽ ڀولڙو ناچ نچي ٿو، هو مزو وٺن ٿا. ڀولڙي جو ناچ نه، رڇ جو ناچ. ڀولڙي ۽ رڇ ۾ تفاوت ئي ڪيترو آهي؟ ٻئي جانور آهن ۽ ٻئي مورک. پر نوڪرشڻ سنگهه نيٺ لکيو ڇا آهي؟ سندس خلاف شڪايت ته لکي موڪلي اٿائين؟ ڪوڙو الزام، ذليل الزام! جيون ڇا ڪري؟ ڀڳوان ساکي آهي، پر هو ته گواهي ڏيڻ ايندو ناهي! هو ته ائين ڪونه چوندو، جيڪڏهن دل سان پيار ڪرڻ گناهه آهي، ته جيون گنهگار آهي. ان کانسواءِ جيون ڪو به ڏوهه ڪونه ڪيو آهي. هو موت جي سزا مليل مجرم جيئان انتظار ڪندو رهيو.

مهاشيه نظر هيٺ جهڪائي ڪري پڇيو، ’جيون جي ماءُ‘، هن جو آواز گنڀير هو.

جيون جي ماءُ به انتظاريءَ ۾ بيٺي هئي. زور ڏيئي چيائين: ’چئو. ٻڌڻ لاءِ ئي ته مان بيٺي آهيان.‘

’جيون جي شاديءَ جو بندوبست ڪر.‘

’ڪنهن سان؟ نوڪرشڻ جي ان نينگريءَ سان؟‘

.ها، انهيءَ سان. وهانءُ ڪرڻو ئي پوندو. نوڪرشڻ لکيو آهي، هن گهٽنا سبب هن جي ڌيءَ جي بدنامي پکڙي آهي. هو جيڪو بدچلن ڇوڪرو آهي، هن جيون ۽ منجري جي باري ۾ ڪيترن قسمن جا افواه پکيڙيا آهن. چيو اٿائين، جنهن ڏينهن جهڳڙي جو واقعو ٿيو، ان ڏينهن هن عنبير مهٽڻ جي بهاني جيون کي منجري جي بدن تي هٿ لڳائيندي ڏٺو اٿس.‘

ماءُ پٽ ڏانهن نهاري چيو: ”جيون!“

جيون ماءُ کي هن مورتيءَ ۾ اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو.

ماءُ وري دهرايو: ”چئو منهنجا پير ڇهي ڪري چئو...“

ان ڏينهن پتا جي صحبت، هن جي اندر ڇهاءُ سان جيون کي ڄڻڪ نئون جنم مليو هو. هو اٿيو، ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي چيائين، ”مون هن جي ڳل تي عنبير جو ٽڪو لڳايو هو، ۽ ٻيو مون ڪوبه ڏوهه ڪين ڪيو آهي.“

مهاشيه چيو، ”ڇي – ڇي، تون اهو سڀ ڪهڙو تماشو ڪرڻ لڳينءَ جيون جي ماءُ! مون جڏهن وهانءُ جي پرٻنڌ جو چيو، ته پوءِ هيءُ سڀ ڇا؟ حقيقت ۾ جيون دل سان ان ڇوڪريءَ کي چاهي ٿو. اهڙي حالت ۾ به ڪوئي قسم کڻائيندو آهي. تون وهانءُ جي تياري ڪر.“

’واه، ائين به ڪو ٿيندو آهي؟ ٽپڻو ڏس، خود وڃي ڪري ڇوڪريءَ کي ڏسي اچ، ان کان پوءِ ڳالهه ٻول، ڏيتي ليتي...“

”نه، اهڙي حالت ۾ هيءُ سڀ ڪجهه نه ٿيندو. چٺيءَ سان گڏ هن اهو به موڪليو آهي، مان ان کي ڦاڙي ٿو ڇڏيان. شايد ان مان ارچڻ پيدا ٿئي ۽ ڏيتي ليتي ڇا جي؟ هن لکيو ڇا آهي، ڄاڻين ٿي؟ لکيو اٿس، اوهان جي ڪٽنمب جي اپاڌي مهاشيه آهي، اهڙي خاندان جا اوهان آهيو. خود به هن علائقي جا مشهور ويڄ آهيو. اوهان جو پٽ ڊاڪٽري پڙهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ منهنجي هيءَ ڪوشش جيڪا حالت پيدا ٿي چڪي آهي، ان ۾ جيڪڏهن اوهان انڪار ڪري وڌو ته منهنجي نياڻيءَ کي گنگا ۾ ٻڏڻ جو بهانو ملي ويندو. بس، هن کان پوءِ ٻي ڪائي ڳالهه ٿي نٿي سگهي. ويساک ۾ چونڊي ڳڻي گهڻا ڏينهن رهجي ويا آهن. ايترو جلد ٿيڻ ته تمام ڏکيو آهي ۽ جھيٺ ۾ مربي پٽ جو وهانءُ نه ٿيندو آهي. پهرئين آکاڙ ۾ ئي وهانءُ ٿيندو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org