سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :34

[32]

 

بستري تي ليٽندي به مهاشيه جاڳي رهيو آهي. ننڊ ڪانه آيس. من ۾ ماندگي. ننڊ به ڪانه اچي رهي آهي. وپن ۽نشي جي ڀائٽيءَ جي مرتيو هن جي من کي چلائمان ڪري وڌو آهي. دانتوءَ ڏانهن جيڪا تلخي، من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هئس، سا ڍڪجي ويئي آهي. ڀرواري بستري تي عطر سمهي پئي آهي. بغل واري دريءَ مان آسان جو ڪجهه حصو ڏيکائي ڏيئي رهيو آهي: سياري جي گهاٽي نير، نکيترن سان ڀريل آسمان جو ٿورو حصو. گوڙن جي اڻ ٿڪ اونائي ڪنن ۾ اچي رهي آهي. مهاشيه به سوچي رهيو هو: موت ڇا آهي؟ اڻ ٽر ميلاپ، هڪ سمجهه کان پري رهيسه: انهن جوابن سان ته جيءُ نٿو ڀرجي. پراڻن شاسترن جي هن ڀورن وارن واريءَ[1] جي ساکيءَ مان به سنتوک نٿو پڙپي. بيهوش پيل مرڻينگ مريض جيئرو ٿي اٿيو. اهڙن ماڻهن مان ٻه چار ڄڻا عجيب وغريب قصا ٻڌائين ٿا. ڪوئي چوي ٿو، هو ڄڻڪ هڪ لامحدود خلاءِ ۾ اڏامندو پئي ويو، موٽي آيو. عجيب آهي آڪاش لوڪ! وري ڪوئي چوي ٿو، ’هو سمنڊ ۾ ترندو پئي ويو.‘ ٻنهي جا آزمودا نرالا آهن. ان ۾ به گوناگون سوال اٿن ٿا. من نٿو ٻجهي. ڪشور جي هڪ ڳالهه ياد اچي رهي آهي. هن جيڪي چيو هو، سو عجيب نموني سندس من ۾ پوتل آهي. ڪافي ڏينهن جي ڳالهه آهي: نوگرام جي گووند پالڪ جو ڇوڪرو نسيرام. مرڻينگ حالت ۾ پيو هو. مرڻ کان پندرهن منٽ اڳ ۾ چيو هئائين: ڪيترو زور سان پگهر ڇٽي رهيو هوس! پنهنجي هيڏي لنبي وئدڪ جيون ۾ ايترو پگهر ڳاڙيندو ڪنهن کي ڪونه سنڀري. شيوا ٽهل ڪرڻ وارا عنبير ۽ سنڍ مليندي مليندي ٿڪجي پيا: عنبير ۽ سنڍ جو وزن ختم ٿي ويو! ڌٻڻ مان جهڙي طرح پاڻي نڪرندو آهي، بدن جي رونگٽن مان پگهر نڪري رهيو هو. زندگيءَ جو چراغ هوريان هوريان اجهامي رهيو هو، پر هن کي هوش هو. اڻ ڇنڀ اکين سان مهاشيه بيٺي بيٺي ڏسي رهيو هو. نبض هئي ڪانه. ڪنهن کيس سڏ ڪيو هو: نسوُ. نسوُ، نسوُ! او نسوُ....!

ڌيري ڌيري هنجو ٻوٽيل اکيون ٿوريون کليون هيون: نظر ۾ جواب جو اسارو بکي رهيو هو. نهايت جهيڻي آواز ۾ هن چيو هو، هان؟

”ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڏاڍو ڪشٽ ٿو ٿئيهءِ؟“

تڪليف سان ڪنڌ ڌوڻي چيو هئائين: ”نه“

ذرا ساعت چپ رهي اکيون بند ڪندي چيو هئائين: ”لڳيم ٿو.... آئون....“

”ڇا؟“

”ڄڻڪ ڏاڍو پري پري وڃي رهيو آهيان. توهان جون ڳالهيون چڱي ريت ٻڌي به نٿو سگهان... توهان کي ٺيڪ طرح ڏسي....

ڪنڌ ڌوڻي هن ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ”هو چڱي طرح ڏسي نٿو سگهي. ڪوئي پردو ڪرندو پيو اچي ۽ اهو پردو ڌيري ڌيري گهاٽو ٿيندو پيو وڃي.“

هن کان ويڪ سهڻو بيورو هن ڪڏهن ڪونه ٻڌو.

ٺيڪ اهڙي ئي وقت ڪنهن ٻاهران سڏ ڪيو: ”مهاشيه!“

”ڪير؟“ ڀت جي سهاري اُٿي ڪري دريءَ مان ڏٺائين. لالٽين کنيو ٻه آدمي بيٺا هئا. ”ڪير آهن هي؟ ڪنهن کي ڇا ٿيو؟“

”ڪير آهي؟“

”جي اسان آهيون. پراني ميان وٽان آيا آهيون.“

”ڇا ٿيو آهي؟ بيبي جي مزي ۾ ته آهي؟“

”جي نه. مصيبت آهي. لڳي ٿو ته بيبي جي زهر کائي ورتو آهي.“

”زهر کائي ورتو آهي؟ آفت!“ هو جلدي اٿي کڙو ٿيو. ”عجب آهي! آدمي زهر به کائي ٿو، ڦاسي تي به چڙهي ٿو، ڪپڙي ۾ باهه لڳائي سڙي به مري ٿو، پاڻيءَ ۾ ڇلانگ لڳائي ٻڏي ٿو!“

*      *      *

پراني ٻنهي هٿن ۾ مٿو جلهي ويٺو هو. سندس منهن خوفناڪ ٿي ويو هو. جوڻس زهريلو ٻج پيسي کاڌو آهي. مهاشيه کي ڏسندي اٿي بيٺو. هن جون اکيون به ڳاڙهيون ٿي ويئون آهن. چي: ”اسپتال جي ڊاڪٽر ٺيڪ چيو هو مهاشيه جي. مرض جو ته رڳو بهانو آهي: هيءَ عورت ئي شيطان آهي. جيئن ته مون جهڙو ٻڍو آدمي هن کي ڇهي ٿو، ان ڪري بيماريءَ جو بهانو بڻائي پيئي رهندي هئي. زهر کائي پاڻمرادو سڄي ڳالهه ٻاڦي رهي آهي.“

ٻڌل جهنگلي پاڏي وانگر مٿو لوڏي گرجندي پرانيءَ چيو: ۽ ”هو حرامي، غلام، سامهون گڏجي ته هن جي ڳچي ڦوڙي وجهان! حراميءَ جو ٻچو به حرامي‘ ۽ هن جي والده. حرامزادي! ٻانهي! ڪڏهن هوءَ حرامزادي منهنجي...“ پرانيءَ گندا لفظ ڪڍيا.

مهاشيه چيو:”هينئر انهن ڳالهين کي رهڻ ڏي. هن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“

”جهنم ۾ وڃي پوي. مري وڃي. شيطان، رنڊي. اوهان رڳو سندس منهن مان ٻڌو ته هن خود زهر کاڌو آهي ۽ هن ڪمبخت، نفر، حرامي ربانيءَ واسطي کاڌو اٿس. نه ته هيءُ شيطان مون کي ڦاسائي وجهندا.“

پرانيءَ مٺين ۾ پنهنجا بانوار وار ڀڪوڙي، بنا ڏندن وارين مهارن سان دٻائي چيو: ”هاءِ، مون پنهنجي گهر ۾ پاڻ شيطان کي جڳهه ڏني. هاءِ! اسپتال جي ڊاڪٽر ٺيڪ ئي چيو هو.“

هوڏانهن سندس بيبي پاڻ ئي سڀ ٻولي رهي آهي. تڪليف وچان هوءَ عجيب آواز ڪري ۽ ساڻ چئي رهي آهي: ”ڦٽل ڀاڳ منهنجو! هن ڦٽل ڀاڳ ڪري هر ڪنهن کي ڪنهن ريت قبول پئي ڪيو اٿم‘ مگر تو ربانيءَ کي ڇو رکيو؟ هن جي ماءُ کي ڇو رکيو ۽ رکيئه سو رکئيه، هن کي پوءِ هٽائي ڇو ڇڏيئيه؟“

ڳالهه اها ئي آهي.

ڪالهه ٽئين پهر کان پرانيءَ جي بيبي الٽي ڪرڻ لڳي هئي. اول ته سڀني کي اها گرڀ جي علامت لڳي. پر لڳاتار الٽي، اُلٽيءَ سان گڏ ڪئٿي جا ٽڪرا، ڳاڙهن مرچن جون کلون: اهي سڀ نڪرڻ لڳا. تنهن تي ماڻهن کي شڪ پيو، ’بيبيءَ کي اهو سڀ ڪٿان مليا؟ ڪنهن آڻي ڏنا؟‘

تيسين هوءَ لڳ ڀڳ مورڇت تي ويئي هئي. کوج خبر شروع ٿي. جيتامڙي جي کوج ۾ نانگ نڪري آيو: تيليءَ مان ٿنڀ بڻجي پيو. بيبيءَ جي خاص دائي يعني رباني جي ماءُ وڏي عزت آبرو سان ڪئٿو، ڳڙ، مرچ، لوڻ ملائي ڪري چٽڻي ٺاهي ڏيئي ويئي هئي. جهنگلي ٻير به ڏنا هئائين. اها ڪا اڄوڪي ڳالهه ڪانه هئي. ڪيترن ڏينهن کان لڳاتار اها حرڪت هلي رهي هئي. ڪڏهن بازار جي مٺائي، ته ڪڏهن پڪوڙيون ته ڪڏهن ٻيو ڪجهه. ڪجهه نه ڪجهه مڙوي ئي روز هلندو پئي آيو. آڻي پهچائيندو هو رباني ۽ پنهنجي هٿن سان کيس کارائيندي هئي سڪينه بيوه. ٻڍيءَ سڪينه (ربانيءَ جي ماءُ) شايد کيس بارڊر واري ساڙهي به آڻي ڏني هئي. اها خبر پرانيءَ کي سندس وڏي گهر واريءَ ڏني. هن پنهنجي اکئين ربانيءَ کي ساڙهي آڻي، ماءُ کي ڏيندي ڏٺو آهي ۽ ان ساڙهيءَ ۾ ”نئين بيبيءَ“ کي به ڏٺو اٿائين.

پرانيءَ جي نرگهٽ تي ڄڻڪ ڪنهن لٺ وڄائي ڪڍي. غصي وچان ڏمرجي هن وڏي بيبيءَ جو چوٽو جهليندي چيو هو: تون ڪوڙ ڳالهائي رهي آهين!“

وڏي بيبيءَ الله جو قسم کاڌو هو. هن زال جو چوٽو ڇڏي ڏنو۽ سڪينه بيوه ۽ هن ٻانهيءَ جي ٻچي ربانيءَ جي ڳولها ڪئي. پر ٻئي ماءُ پٽ فرار ٿي چڪا هئا. پرانيءَ ان ڳالهه کي وٺي وڌيڪ هل بکيڙو ڪرڻ مناسب نه ڄاتو. آسپاس جي ڳوٺن ۾ هندو-مسلمان، ٻنهي جاتين ۾ سندس دشمن ڀريل هئا. چئن پنجن سالن کان هڪ نئين زمين واسطي هنن جي وچ ۾ مقدمه بازي هلي رهي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پنهنجي ماءُ سان گڏ، ربانيءَ انهن ماڻهن مان ئي ڪنهن وٽ پناهه ورتي آهي. سو زهريلي ڏندن بغير نانگ جيئان پرانيءَ بگڙي پنهنجي نئين بيبيءَ جي خوب خبر ورتي. هوءَ بيهوش جيئان پيئي هئي. ان حالت ۾ هن جي وارن جي چڳن کان ڇڪي بار بار کيس هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. شايد کيس ماري دم پٽي ها. پر وڏي زال کيس روڪي ورتو: ”اڙي، ميان ڇا ڪري رهيو آهين، مري ويندي. توکي ڦاسي ملندي. کيس ڪڍي ٻاهر ڪر.“

ليڪن پرانيءَ کان طلاق به ڏنو نه ٿيو. ’هيءَ حرامزادي خوشيءَ سان ويندي ۽ ربانيءَ وٽ پهچي ويندي. اهو برداشت نه ٿي سگهندو.‘ ان ڪري هن کيس ڪمري ۾ بند ڪري رکيو هو. ”اڄ هن شام جو گهاٽ تي وڃڻ لاءِ سکا ڪئي هئي، سو وڏي بيبيءَ ڪمرو کولي ڇڏيس، تڙتي هن جي مٿان نظرداري رکي ويئي. گهاٽ جي ڀرسان ئي زهريلي ٻج جا وڻ آهن. پهريدار جي اک بچائي هوءَ ڪيترا ڦل ٽوڙي آئي هئي. الائي ڪڏهن انهن کي کائي ويئي هئي. هاڻ بيهوش ٿي پئي آهي. مري پوي ته بلاٽري. ههڙي بدچلن عورت هت جهنم رسد ٿئي، رنڊي، بدذات، حرامزادي. مهاشيه، صرف ايترو پنهنجي ڪنين ٻڌي ته هن حرامزاديءَ زهر پاڻيهي کاڌو آهي. پرانيءَ ڪجهه نٿو ڄاڻي. هو بيقصور آهي.“

*      *      *

خوبصورت جوان عورت! زهر جي اثر ڪري اڌ جاڳرت اوسٿا. درد وچان آنڊن ۾ لوڇ. ساهه ڄڻڪ گهٽجي پيو. وات ۽ نڪ مان گڦ نڪري رهي آهي، ڪليجي ۾ زوردار ڇڪ، ڄڻڪ ڇاتي ڦاٽي چيرون چيرون ٿي پوندي. اڌ ٻوٽيل ٻئي اکيون، لعل: سروناش جو نشو طاري. اڌ اگهاڙي حالت ۾ پيل آهي: وارن جون چڳون ڇڙوڇڙ ڌوڙ ۾ ڀرجي ويئون آهن، چو طرف. ماڻهن جي ڌنڌاڙڻ ۽ چهنڊڙيون پائڻ سانوچ وچ ۾ کيس هوش اچي وڃي ٿو۽ سجاڳ رهي ٿي: ”هاءِ! مرڻ به مونکي نٿا ڏين. مرڻ تي به پنهنجو اختيار ڪونهي. هاءِ ڙي نصيب! هاءِ ڙي تقدير!“

وري کلي چيائين: ”ڪونه روڪي سگهندين ميان، مون کي روڪي نه سگهندين. رباني شيخ سان ڀلي مونکي وڃڻ نه ڏج، ليڪن هينئر جنهن سان آشنائي ڪئي اٿم، ان جو هٿ تون ڪونه ڇڏائي سگهندين: نه، هر گز نه. هاءِ! مونکي ڇڏي ڏي. ذرا سمهي وٺان.“

’هاءِ: هاءِ!‘ چوندي ٻيهر زهر جي خماريءَ کيس نستو ڪري وڌو. ڏندڻ پئجي ويس. ڪنڌ لڙڪي پئي ويس.

مهاشيه چيو: ”پراني، بيبيءَ کي تون اسپتال وٺي وڃ.“

”اسپتال؟ جي نه. مون ته چئي ڏنو آهي ته....“

”دماغ خراب نه ڪر. آئون تنهنجي ڀلائي جي ٿو چوان. آئون هينئر اهو مهاشيه ڪونه رهيو آهيان. جڏهن پنچايت جو پرڌان هوس، تڏهن الائي اهڙا ڪيترا معاملا منهنجي هڪم سان ميٽجي ويا هئا. هينئر اهي ڏينهن ڪونه رهيا. اڄ جڏهن تو مون کي گهرايو آهي، آئون آيوآهيان ۽ اچي هيءُ سڀ ڪجهه ڏٺو اٿم، تڏهن مون کي ئي ٿاڻي  تي اطلاع ڏيڻو پوندو. وري آئون ٿيس ويڄ. آئون بيمار کي جيئارڻ لاءِ ٿو اچان، بهي هن جو موت ڏسڻ لاءِ نه.“

پراني ڪيتري دير گم سم ويٺو رهيو. ان بعد چيائين: ”گاڏي وٺي اچ ڙي حنيف! سگهو اچ. ليڪن اوهان ساڻ هلو!“

رات جا ٻه وڄي رهيا هئا.

مهاشيه آواز ڪيو: ”ڊاڪٽر صاحب! ڊاڪٽر صاحب!“

ڊاڪٽر ٻاهر نڪتو. ”ڪير؟“

”آئون آهيان جيون دت.“

”اوهان هيتري رات گذر ئي؟“

”هڪ عورت زهر کاڌو آهي. ڪينر جو ٻج. انهيءَ کي کڻائي آيو آهيان. پراني ميان جي بيبي آهي.“

”اجهو آيس مان. هوڏانهن نرس ڪمپائونڊر وغيره جاڳي رهيا آهن؟ انهن کي سڏيو اٿو؟“

”ها سڏيو اٿم.“

”بس هڪ منٽ ۾ اچان ٿو.“

اندر وڃي هن هاف شرٽ پهري ۽ ٻاهر نڪري آيو. نڪا پڇا نڪا ڳاڇا، نه وري ڪڇيائين. اسپتال جي سامهون هريهر ڪمپائونڊر کي ڏسي پڇيائين: ”سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ويندو؟“

”اٽڪل پندرهن منٽ ته لڳي ئي ويندا. مون پوٽاش پرمئنگنيٽ لوشن ٿورو پيئاري ڇڏيو آهي.“

ڊاڪٽر ڪمري جي اندر وڃي رهيو هو. پراني ٻوڪ ڦاڙيو: ”آئون هلان ٿو ڊاڪٽر صاحب. جيڪڏهن هيءَ عورت  بچي پوي ته پوليس جي حوالي ڪجوس، نه بچي سگهي، ته لاش صدر موڪلي ڏيندا. اتي چيرڦاڙي جيئن سمجهندا، تيئن ڪن. سلام!“

اچانڪ پٺتي منهن ڦيرائي وري چيائين: ”ڪاش، ان وقت مون توهان تي غصو نه ڇنڊيو هجي ها: اوهان کان ئي علاج ڪرايان ها! مهاشيه جي ته هُن زماني جو آدمي ٿيو. نبض جاچي موت جو پتو ٻڌائي سگهي ٿو. باقي هيءُ جوان سڀ ڪجهه ڪونه سمجهي سگهندو.“ هو هليو ويو.

پرديوت اندر ويو. مهاشيه چپ چاپ بيٺو رهيو. هن اڀاڳڻ کي نڌڻڪو ڇڏي وڃڻ ۾ گويا سندس پير کڄي نٿي سگهيا. هن جون ههڙيون حرڪتون هونديون، هو ائين سمجهي نٿي سگهيو. خير، ان ڳالهه کي به هو قبول ڪري ٿي سگهيو. ليڪن کيس خبر هئي؛ ٻڍي مڙس ڏانهن جوان زال جو اهڙو رخ هن  جو اڻ ڄاتل ڪونهي، پر ان جي لاءِ حيرت انگيز طريقا وٺڻ جو هن انومان به نٿي ڪيو، پرانيءَ جي ضرورت کان وڌيڪ لاڏ پيار کي ئي هن ان جو مکيه ڪارڻ سمجهيو هو ۽ پياري ڌيءَ جي لاڏ ڪوڏ کي پتا جنهن سنيهه جي نظر سان ڏسندو آهي،انهيءَ نظر سان ڏٺو هئائين. هن جو خيال هو، اولاد ٿيڻ تي هن جي سنيهه سان جيون جي اها کوٽ پوري ٿي ويندي‘ سو هو هن جي اولاد پيدا ڪرڻ جي شڪتيءَ کي ئي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو پئي آيو. هن جون اهي ڪوششون ڪارگر به ٿيون. ليڪن اها ڪوشش- جوانيءَ کان متاثر ٿيل من جي تڙڦ سان هن ناجائز ۽ غلط طريقي سان ڪارگر ٿي سگهي ٿي، اهو ته هو سوچي به ڪونه سگهيو هو. مهاشيه هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو. هن عورت سان هو گويا سوين ممتائن جي ڳنڍين ۾ ڳنڍجي ويو آهي. ڪئين ڀيرا نير ڀريل نيڻن سان ڏانهنس تڪيندي هن عورت چيو آهي: ”سمجهي نٿي سگهان مهاشيه بابا، لڳي ٿو ته مرض هتي آهي، هتي، هتي آهي. هر هنڌ. ڪٿي به هڪ هنڌ ڪونهي. ڪهڙي بيماري اٿم، اهو به نٿي ڄاڻان. پوسراٽي آهي، درد آهي. ائين ٿو ڀاسي، بدن ۾ سگهه ڪانهي. ڪڏهن ڪڏهن ڇهان ٿي ته پوسرائي ٿو.“ چوندي چوندي هن جي اکين مان لڙڪ وهندا هئا. ڪئين ڀيرا هن پڇيو آهي: ”آئون بچي ته ويندس مهاشيه بابا؟“ مهاشيه هن جي اکين ۾ ڏٺو آهي، اپار ڀو!

انهيءَ عورت اڄ زهر کاڌو آهي. بيحد ڳالهائڻ لڳي آهي. چيو اٿائين: ڪونه روڪي سگهندين. ميان، ڪونه روڪي سگهندين. جنهن يار جو هينئر هٿ پڪڙيو اٿم، ان جي هٿ مان مونکي ڪين ڇني سگهندين.“

هريهر ٻاهر اچي چيو: ”مهاشيه جي، اوهان ويهندا؟“

”ها. وهندس. پراني ته هليو ويو. مون کان وڃيو نٿو ٿئي. هن اڀاڳڻ جي آخرين دشا ڏسڻ بنا مون کان وڃڻ ڪين پڄندو.“

دروازو کولي پرديوت ٻاهر آيو. ڪمپائونڊنگ روم مان الائي ڇا ٻاهر کڻي آيو. هريهر چيو: ”هي. اڃا ترسندا سر.“

”ترسندا! ٺيڪ ته آهي. اڪيلو ٻاهر وهندا؟ اچو اندر اچو.“

کلي ڪري مهاشيه چيو: ”ٻاهر ئي ترسان ٿو. آئون ٺيڪ ويٺو آهيان.“

باقي رات جو آسمان ڏانهن ڏسندو ويٺو رهيو. اڀ ۾ نکيترن جي جڳهه بدلجي رهي آهي. وقت بادشاهه ڪافي کسڪي ويو آهي. وسپت گرهه جي ڏنگي پڇ جو ڇور اتي ڏيکاري ڏي پيو. ’ست ڀائرو‘ گهمي رهيو آهي. هو، هتي وسشٺ جي هيٺ اَرونڌتي: جيڪڏهن هن کي ڏسي سگهي، ته سندس عمر ڇهه مهينا ته اوس وڌي ويندي. يعني ٻيا ڇهه مهينا ته هو پڪ ئي پڪ جيئرو رهندو. اهو ته هو پنهنجي ناڙي ڏسي به بتائي سگهي ٿو. ليڪن؟ اچانڪ هن کي خيال آيو، جيڪڏهن هن عورت وانگر زهر به پيئي، ته به جيئندو؟ ناڙي ڏسي اهوته نٿو چئي سگهجي. ارونڌتيءَ کي ڏسي ئي ڇا ائين چئي سگهجي ٿو؟ لاشڪ هو زهر کائڻ وارو ڪونهي. هرگز نه. گهڻي ڀاڱي ماڻهو زهر ڪونه کائيندا آهن. ڪيترو ئي زبردست شوڪ، دک، ناڪاميابي هجي، زهر ڪونه کائيندا. موت کان ماڻهو ڏاڍو ڊڄن ٿا. شراب پي مرن ٿا، ويچار ڪري مرن ٿا، بدفعليءَ ۾ مرن ٿا. ون وهاري وانگر. نشيءَ وانگر. انهن ماڻهن سان گڏ وپن جو نالو نٿو ڳڻجي. ليڪن زهر کائي هي به نٿا مري سگهن. ان جي ذات ئي نرالي ٿيندي آهي. هن نينگريءَ جي ذات؟ استرين ۾ ئي اها ذات وڌيڪ پائي وڃي ٿي.

نارائڻ نارائڻ! هي گووند!

گنڀير ڪنٺ سان اوچتو مهاشيه پڪاريو: ”گووند پت رکي ورتي، نه ته ڀوپيءَ کي نه پائڻ سبب هوءَ به ان ريت زهر کائي مري ها. ها، هوءَ کائي سگهي ٿي. منجري انهيءَ ذات جي عورت هئي.“

گهٻرائجي مهاشيه ورانڊي کان نڪري کلئي آسمان جي هيٺ بيهي رهيو. ”پرمانند ماڌو!“

اسپتال جي ڊگهي ڪمري جي دروازي مان ڇڻجي روشنيءَ جو شعاع پئجي رهيو هو. بيمار سمهيا پيا آهن. ننڊاکڙي حالت ۾ ڪوئي ڪوئي پاسو ورائي رهيو آهي. آسپاس وارا ڪوارٽر شانت آهن. اوندهه ۾ ڪارا پاڇا پيا ڏسجن. قبرستان جي وچ ۾ بڙ جي پنن مان هوا جي تيزيءَ جي سبب لڳاتار يڪساهي سانءِ-سانءِ جو آواز. اوچتو پير جي هيٺ ’پَٽِ‘ جو آواز ٿيو. ”اڙي ڙي‘ ڏيڏر آهي.“

’ڪير؟‘ اسپتال جي ورانڊي تي سفيد لباس ۾ هڪ ناري- مورتي!

مهاشيه پڇيو: ”ڪير!“

ڌيمي آواز ۾ جواب آيو: ”مان نرس آهيان. اوهان ٻاهر بيٺا آهيو. اچي ويهو.“

”ٺيڪ ئي آهيان. هوءَ ڪيئن آهي؟“

”ٺيڪ ڪانهي.“

”هي نارائڻ!“ مهاشيه گنڀير سُر ۾ وري نام جپيو. نرس ڪمري جي اندر هلي ويئي.

سندس پيرن هيٺان لتاڙجي هو ڏيڏر پچڪ ڪري مري ويو. ”عجيب آهي. هينئر هوئي موت جو قاصد بڻجي پيو. موت ڪٿي نه آهي؟ ڪنهن ۾ موت ڪونهي؟“

”مهاشيه جي؟“

”ڪير؟ هريهر؟“

”جي.“

”ڇا ٿيو؟“

”ختم ٿي ويئي. هيتري ڪندي ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو.“

پردويت ٻاهر نڪري آيو. چي: ”مان ڪجهه نه ڪري گهيس. اوهان ڏسندا؟“

”نه. پوءِ آئون وڃان؟“

”چڱو!“ پرديوت اچانڪ پڇيو: ”هن جي گهر وڃي ته اوهان کيس ڏٺو هو. ناڙيءَ مان اوهان سمجهي ڪونه ويا ته هيءَ ڪانه بچندي؟“

”مون ناڙي ڪانه جاچي هئي ڊاڪٽر صاحب.“

”ڪانه جاچي هئي؟“

”نه. مون ئي اسپتال لاءِ صلاح ڏني هئي. اوهان ڏسو؛ اوهان جو علاج جديد آهي. مون ناڙي ڪانه ڏٺي هئي.“


[1]  مرتيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org