سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :12

[12]

 

تنهن ڏينهن ته کيس اچرج لڳو هو، پر اڄ نٿو لڳيس.

وانءَ کان اڳي جيون جو ٿڌو شوڪارو ’شڪل چوڏس‘ جي سمنڊ جيئان گجي اٿيو هو، وهانءُ جي ئي ڏينهن اهو ’شوڪارو‘ ٻيجه- پرتي پدا جي ڀاٽاپيل سمنڊ وانگر اُداس ٿي ويو. زندگيءَ ۾ پورڻماسيءَ جو ڏينهن ڪڏهن ڄڻڪ آيو ئي ڪين. پر ڇا اوماس آئي؟ نه اڄ تائين اها به ڪڏهن ڪانه آئي. سڪيلڌي پٽ بن بهاريءَ جي موت سان به ڪان آئي.

شادي يارهين آکاڙ تي ٿي هئي. ڇوڪرين جي هن ديش ۾ کوٽ ڪانهي.

ڇوڪري هن ديش ۾ ’دائي‘ آهي ۽ دائي ٿيڻ اهو ئي سخت اڻ سهائيندڙ بوجو آهي. ٻلوان ان بار کي ڍوئي سگهي ٿو ۽ نٻل ان کي لاهيندي وقت ڪيرائيندي سامت جو ساهه کڻي ٿو. هن دنيا ۾ اهڙن هيڻن جو تعداد ئي ته گهڻو آهي!

ڏهن ڪنيائن جي مائٽي آئي. انهن مان ڇهن کي ته جڳت مهاشيه سڃاڻپ ملندي ئي ٽاري ڇڏيو. باقي چئن کي هن ڏٺو ۽ شهر جي هڪ ٻڍي مختيار جي ماءُ جي ڀاڻيجيءَ کي پسند ڪيو. ڏاج ۾ ورتائين هڪ هريڙ. نينگريءَ جو نالو هو ڪرشڻ ڀامني. هوءَ ويچاري اناٿ ٿي رهي هئي. ٻن مهينن کان پوءِ چوڏهن سال پورا ڪري پندرهين ۾ پير پاتو هئائين. سريندر ئي ان نينگري جي خبر کڻي آيو هو.

وهانءُ  اتسو ۾ ڪنهن به قسم جي ڪسر نه ڇڏيل هئي؛ نه گهر، نه ٻاهر. ڪويراج جي ناتي مشهوري ۽ روپين پئسن جي درشٽي کان سماجڪ شان شوڪت، مان مريادا ۾ ان سمي جڳت مهاشيه جو رتبو ائين چئجي آڪاش ۾ سج ۽ چنڊ جي جوڙي اڀري! هڪ ته سڪيلڌو پٽ، ان تي اهڙي وچتر حالت ۾ هن جو وهانءُ. ڪانديءَ ۾ جهڙو ماٺ ميٺ ۾ منجري ۽ ڀوپيءَ جو وواهه ٿيو هو. اهڙو ئي ڌوم ڌام سان هتي جيون ۽ ڪرشڻ ڀامني جي وواهه جو اتسو ٿيو. شرنائي، ڍولڪ- دهل دمام، ايتريقدر جو بئنڊ به وڳي. راڙ علائقي ۾ سڀ کان اول بئنڊ وارن جي مجلس مرشد آباد ۾ ٿي، وري ڪانديءَ ۾. نوگرام کان ڪانديءَ جو مفاصلو ڏهه ڪوهه هو. هتان جي باجن جو آواز ڏهه ڪوهه يعني ويهه ميل مفاصلو لتاڙي نئين جوڙي جي ننڊ ۾ خلل چاهي نه وجهي، وڄائڻ وارن جي معرفت اها خبر ٻڌائڻ ضروري هئي. هيتري ڌوم ڌام، اتسو شادماني هوندي به جيون جڏهن ڪنواريتي گهر پهتو، تڏهن موڳو ۽ مايوس ٿي ويو. شامياني ۾ هو ٿڪل ماندو ٿي سمهي پيو. هٿ جوڙي چيائين: ”مون کي معاف ڪجو منهنجي طبيعت خراب آهي.“

پر استرين کيس اجازت نه ڏني. کيس ڳائڻو به پيو ۽ انهن ڏينهن جي رواج پٽاندڙ ڪرشڻ ڀامني کي هنج ۾ به ويهارڻو پيو.

پڪو سون جهڙو رنگ هو ڪرشڻ ڀامني جو. جيڪڏهن مکڙو ڪومل ۽ سهڻو هجيس ها ته ڇا چئجي!

پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ ڪنوار بڻجي ڪرشڻ ڀامني جنهن ڏيهاڙي ماهشيه جي گهر پهتي، انهيءَ ڏينهن هن جو ساهراڻو نالو مٽائي رکيو ويو، عطر. هن جو رنگ روپ ڏسي ماڻهن جون کايون چرخ ٿي ويئون هيون. ڪنوار جو نئون نالو رکي ڪري جيون جي پڦيءَ چيو هو: ”تنهنجي سڀاءُ جي سرهاڻ سان شل هيءُ گهر ٻهڪي اٿي!“

سهاڳ رات به سکڻي ئي گذري. جيون ٻاهرين طور کلي رهيو هو، ڏاڏي ۽ ڀاڄاين جي کل چرچي ۾ به هن ڀاڳ ورتو پر سڀ بي دليو، ڄڻڪ ڪٺ پتلي! اڄ کيس هن ٻڍاپي ۾ به ياد اچي رهيو هو ته بدلي چڪائڻ جو اهو آنند ڪيئن نه وساميل ڏيئي جئيان ڪارو ٿي ويو هو. هڪ ڳوڙهي ويدنا کيس ڍڪي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.

هن اپمانجو بدلو چڪائڻ ڪاتر ئي وهانءُ رچايو هو. پر وهانءُ بعد هن ڏٺو، بيعزتي جو بدلي ڪين وٺي سگهيو، صرف وهانءُ ٿيو.

دنيا ۾ بيعزتيءَ جي باهه جيءَ کي جلائڻ واري ٿيندي آهي. اها جلن رڳو بدلي چڪائڻ جي خوشيءَ سان ئي اجهامي سگهي ٿي؛ ان جي جيڪا جوالا جيءَ ۾ ڌڌڪي اٿندي آهي، اها مخالف کي جلائي خاڪ ڪري شانت ٿيندي آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿئي، ته اها آگ ٻري سڙي ازخود ٿڌي ٿي ويندي آهي، جيڪي وڏا ماڻهو آهن، اوچ آهن، تن جي ڳالهه جدا آهي. اهي اپمان جي آگ کي کميا جي پاڻيءَ سان وسائي ڇڏيندا آهن. جيونمهاشيه مهان نه آهي، پاڻ به ائين چوندو آهي. ان ڪري هن جي من جي اها آگ اڄ به ڌڌڪي رهي آهي، ٻاهريان ان جو ڪنهن کي اندازو نٿو ٿئي. ڪنهن کي ان جو اندازو لڳائڻ به ڪين ڏيندو هو. هڪ ئي ان کي ڄاڻي سگهندي آهي، عطر. هوءَ ان کي پهرئين ڏيهن کان ئي ڄاڻندي آهي.

جيون جي اها پيڙا ساري سنسار کان لڪل هئي، پر  نئين ڪنوار کان لڪل نه هئي. ايترو ئي ڇو، ان پکڙجندڙ بيماري جيئان ڪنوار تي به حملو ڪيو. سهاڳ رات ئي جيون دت جي دل جو درد ڪنوار جي من تي چوٽ ڪري ويو.

سهاڳ رات جي باقي گهڙين ۾ جيون ڪنوار کي پنهنجي ڇاتيءَ ڏانهن ڇڪيو هو. هن رکائيءَ ۽ تکائيءَ سان دانهن ڪري چيو  هو: ”آه! ڇڏي ڏي مونکي.“

’ڇو، ڇا ڳالهه آهي؟‘

’ڳالهه ڇا هوندي، ٺيڪ نٿو لڳي.‘

’ڍيڪ نٿو لڳي؟‘

’نه. توکي پيرين ٿي پوان، مونکي ڇڏي ڏي، ڇڏي ڏي.‘

’نيٺ به ڇا ٿيو؟‘

’ٿيندو ڇا؟ ديا ڪري مونسان لائون لڌيون اٿئه، منهنجو اڌار ڪيو اٿو. داسي ٿي ڪري آئي آهيان، داسي ٿي رهنديس. ڪم هاج ڪنديس، ٻه ٻڪ اناج جا کائينديس. عزت ماڻڻ منهنجو ڪم نه آهي ڇڏي ڏيو.‘

اڄ به ساڳيو ئي حال آهي.

عطر جوالا مکي بڻجي رهي آهي. باهه و ڦلڻ شروع ٿئيس، ته بس ٿيڻ وٽان نه آهي.

ان ۾ عطر جو ڪهڙو قصور آهي؟ سندس جگر ۾ هن جي (جيون جي) جگر جي ڇهاءُ سان ئي باهه لڳي ٿي وڃي.

پر انهيءَ ۾ ئي هڪ سکيو سنسار وڌيو ويجهيو هئو. جيئن ته عطر چوندي آهي: ”ڪهڙو نه ناماچار هوس. ٻنهي هٿن سان ڪمايائين، چئن هٿن سان لٽائي ڇڏيائين. عزت آبرو، ڌن دولت انهيءَ کي ته چوندا آهن. آدمي ان کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو چاهي؟“

ڀريو ڀاڳيو گهر سنسار. ٽي ڌيئرون، هڪ پٽ. سُرما، سُشما، سَرما. ڇوڪرو ون بهاري. سڀني ماءُ جو ڍنگ ۽ پيءُ جي صحت ملي هئي.

ناموس ۽ عزت به خوب مليس، اها ناموس ڪشور- جيون جي تمنا جي حساب سان سمنڊ جي مقابلي جيتري نه به هجي ته به هڪ دور ڦهليل ڍنڍ جي مقابلي جيتري وچولي آڪار جي سندر سلوني سروور سان مشابهت ضرور ڏيئي سگهجي ٿي. جنهن ۾ پڪو گهاٽ هجي، پاڻيءَ ۾ مڇيون هجن، نالو به جنهن جو مالڪ جي مرضيءَ پٽاندڙ شيامسر يا شيام سروور هجي. پاڻي به ان جو نرمل رهيو هجي، ان ۾ وهنجي ڪري قتل اسٽايل ڳوٺاڻا ترپت به ٿيا هئا. اڃاين هن جو پاڻي پيتو ۽ مالڪ کي دل سان دعائون ڏنيون. پر اهو تلاءُ دور دراز ڦهليل ڍنڍ جي ڀيٽ ۾ ڪيترو تڇ هئو، ڪيترو خسيس جنهن جو ڪو شمار ئي ڪونهي، اهو ته ان جو مالڪ ئي ڄاڻي ٿو، جنهن ساڳي ئي هڪ ڍنڍ بنائڻ جي خواهش ڏيکاري هئي. جنهن جي ڪلپنا اهڙي هئي جو ان ڍنڍ

جي گهاتن تي الائي ڪٿان ڪٿان جون ٻيڙيون ۽ بجرا اچي ڪپر ڀيرو ٿيندا.

هن وهيءَ ۾ ايندي ئي جيون جا سڀ موهه ويندا رهيا آهن. لال، نيري، سائي، واڱڻائي وغيره ست رنگن جي انڊلٺ هينئر کيس ڏيکائي نٿي ڏي. اکين آڏو هينئر فقط ٻه رنگ ئي رهجي ويا آهن، اڇو ۽ ڪارو. سو جهرو ۽ انڌيرو. اڄ هو اچرج وچان سوچيندو آهي، ’تنهن وقت انڊلٺ وانگر ستن رنگن جي جدا جدا جهلڪ واري تمنا ڪيئن اندر ۾ جاڳي هئي؟‘

من ۾ اهو سوال ايندي ئي جيون دت مشڪي ڏنو. پاڻمرادو ئي پڇي ويهندو، ’ڇو؟‘ آخر تنهنجي من ۾ ڀيري ڀيري سان اهو سوال اٿي ڇو ٿو؟ ان سوال جي اچڻ جي ڳالهه ته ڪانهي. ٻه رنگ- ڏينهن ۽ رات جي اڇي ۽ ڪاري رنگ کي ڇڏي باقي سڀني رنگن کي تو پنهنجي هٿن سان ئي ته ڌوئي ڇڏيو آهي. هيڻن جو رنگ هار سان ڌوپجي ويندو آهي. ڏکن وچان وهندڙ لڙڪن سان ڌوپجي ويندو آهي. پر تو ته انهن کي ڪوڙ چئي ڪري ڌوئي ڇڏيو آهي! پنهنجي مهاگرو جڳت مهاشيه جي اپديش کي وساري ڇو ٿو ڇڏين؟ انهن اپديش ۾ ئي ته تو پنهنجو پاڻ کي تنهن ڏينهن کوهي ڇڏيو هو... پاڻ ئي پنهنجي ڀل سڌاري جيون مهاشيه ڪنڌ کي ڌوڻيو. بار بار پنهنجي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريو- ’ٺيڪ آهي! ٺيڪ!‘

اچانڪ روشنيءَ جو هڪ ڪرڻو اکين سان ٽڪرائجي ويس. روشني؟ اوه، سنجها گذري ويئي. رات ٿي آئي. سمڪ ئي نه پيس. گذريل ڳالهين جي يادگيريءَ ۾ هلندڙ جي کيس سڌ به ڪانه رهي.

روشني اندران ئي اچي رهي هئي. شايد اِندر يا نندو تي کڻي اچي رهيو آهي. پر نه ته. پيرن جي آهٽ مان ته ڪا استري پيئي ڀانئجي. عطر اچي رهي آهي. جيون مهاشيه کي آترويلا ٿيڻ لڳي. بي وقت هن جو اچڻ هن لاءِ شڪ جي ڳالهه آهي.

هوءَ ئي هئي. عطر بتي هيٺ رکي ۽ وڃي سندس ڀرسان بيٺي. ڊگهو پڪل جسم، گورو چٽو رنگ ڳل تي سندور جو ٽڪو اڄ به لڳائيندي آهي، سينڌ ۾ سندور جي ريکا ٻهڪندي رهندي آهي. موقعو مليس ها ته سخت ڪلامي ڪندڙ عطر ڪنهن راجيه جو راج به هلائي سگهي ٿي. کل چرچي ۾ اها ڳالهه جيون مهاشيه انيڪ ڀيرا چئي چڪو آهي. عطر جواب ۾ چيو آهي، ’هڪڙي ئي شخص کي پنهنجي مٺ ۾ قابو نه رکي سگهيس، ته راجيه جي حڪومت!‘ ورندي ڏيئي هن هميشه هڪ عجيب مشڪ سان کليو آهي.

’ڇا ڳالهه آهي؟‘ ڪنڌ مٿي کڻندي جيون مهاشيه پڇيو. عطر جو مکڙو اڄ ڏاڍو مٺڙو لڳي رهيو  آهي. برسات سان ڀنل ڌرتي جهڙو ڪومل، ممتا سان ڀريل.

ڪجهه اتاو لائيءَ سان عطر پڇيو، ‘تو اڄ چانهه ڪانه پيتي؟‘

’پيئڻ وسري ويم.‘

’وسري ويئه؟‘ عطر مشڪي. ’آدمي چانهه پيئڻ به وساري ويهندو آهي‘ نندوءَ اچي ٻڌايو، تماڪ به ڪونه پيتو اٿئه، هي آواز ڏنو، تو ڪوبه جواب نه ڏنس! طبيعت ٺيڪ آهي نه؟ ڪي خراب آهي؟ نيٺ به ڇا ٿيو آهي توکي؟‘

ويڳاڻو بڻجي جيون مهاشيه چيو، ’ڪجهه ڪونه ٿيو آهي. ائين ئي سوچي رهيو هوس. نوگرام ۾ رتن ماستر جي پٽ کي ڏسي آيو آهيان. رستي ۾ ٺڪرائڻ نشيءَ پنهنجي ڀائٽيءَ کي ڏيکاريو. رتن ماستر جي پٽ جي بيماري ڏاڍي سخت آهي، وري به ڪجهه چئي نٿو سگهجي. پر هوءَ نينگري، هنجو....‘

ڊاڪٽر ڪنڌ ڌوڻيو. وري چيائين، ’ڪالهوڪي ٻار، مشڪل سان پندرهن سالن جي ٿيندي. انهيءَ عمر ۾ ٻه ٻار ڄڻي چڪي آهي. نشيءَ ٻار کي ڏيکاريو. چي ’چنڊ آهي.‘ مون سمجهيو، ’ٻالڪ چنڊ نه آهي، بم آهي. پنهنجي ماءُ کي کائڻ آيو آهي. اف! ڪهڙي نه من جي حالت ٿيم!‘

’ساڳي ڳالهه تون نشيءَ کي به چئي آيو آهين ڇا؟‘ عطر ڏڪي ويئي.

’نه. پر نشي پرکي ويندي. چئي ڏنو اٿم، پاڻي پيئڻ تي روڪ پوندي. ان کانسواءِ ٻي ڪائي دوا ڪانهي.‘.... ’ڪير؟‘

ڪير اندر اچي عطر ٻائي جي پوئيان بيهي رهيو. ’اوه.... تون آهين، اِندر.‘

’ها. مان کيس چانهه ٺاهڻ لاءِ چئي آئي هيس. هان، پيءُ وٺ. تون به خوب ڪمال جو آدمي آهين. چانهه نشي جي شيءِ آهي،ان بنا توکي ڪائي تڪليف محسوس نٿي ٿئي. تماڪ پيئڻ به وسري ٿو وڃئه!‘

اِندر چانهه سان ٽمٽار پٿر جو گلاس ڏانهس وڌائي ڏنو. عطر ٻائي چيو: ’مان بيٺي آهيان، پيءُ وٺ، گلاس کڻي تڏهن وينديس. اِندر جي هٿ ۾ ڇنڇر وسندو آهي. ڇهن مهينن جي اندر ٽي گلاس ٽوڙي چڪو آهي. اندر وڃه ته، اندران تاڪ تان ڦوٽن جو چورو رکيو آهي، کڻي اچ.‘

اِندر جيئن اتان هليو ويو تيئن عطر چيو: ’تو مون کان لڪايو آهي. اسپتال جي ڊاڪٽر جي ڳالهين سان توکي سخت صدمو پهتو آهي. نئين زماني جو ڊاڪٽر، نئين عمر، گهمنڊ گهڻو اٿس. هن کي اها خبر به ڪانهي ته هن ڪنهن کي چيو ۽ ڇا چيو. مون کي ڄاڻ آهي ته تنهنجو رايو ڪڏهن به غلط نٿو ٿئي. جڏهن موتيءَ جي ماءُ گذاري ويندي تڏهن هو به سمجهي ويندو. صبوح جو مون توکي لکو مٺو چئي ڏنو. هيءُ مئو، ٻوٿ ٻريو ششي، جو هتي ئي نبض پرکڻ سکيو، ڪمپائونڊري سکيو، سو ڪمبخت به ڇا پيو بڪي ته ’هٿ پير ڀڄڻ سان موت جي اڳڪٿي جي ڳالهه ته مون ڪٿي ڪانه سڻي، مان ته سمجهي نٿو سگهان. خبر نه آهي، مهاشيه ائين ڀلا ڇو چيو؟‘ هن جي واتان اهڙي ڳالهه ٻڌي منهنجو ته اندر ئي جلي ويو. مون به کيس امالڪ ڦهڪائي ڏنو: ’ششي، تون ڪهڙي منهن سان ائين ڳالهائي رهيو آهين؟ شرم نه آيو توکي؟ جيڪڏهن هيءُ ڪلجڳ نه هجي ها، ته تنهنجي ڄڀ سڙي ڪري پوي ها.‘

جيون مهاشيه مشڪيو. هن ڪابه ورندي نه ڏني. ’عطر ٻائي ششيءَ تي سخت خفي ٿي ڏسجي.‘

عطر جواب جو انتظار ڪيو. جواب نه مليس، ته نهايت تيز نگاهه سان پتيءَ کي گهورڻ لڳي. پر مڙس جو چهرو کيس چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. سانوڻ جي ڪڪرن سان ڇانيل ڪاري رات ٽن طرفن کان ڪافي کليل جڳهه جي وچ ۾ ورانڊي ۾، جهوني لالٽين مان جيڪا روشني ملي رهي هئي سا نهايت ئي ناڪافي هئي. وري ٻڍاپي جي ڦڪي نظر جا ٿي. هن لالٽين جي وٽ مٿي کنئين. جهڪي ڪري سواميءَ کي ڏٺو. ناراض ٿي چيائين. ’تون کلين ٿو؟ تنهنجي چمڙي ڇا گينڊي جي آهي؟‘ هن کي کلندو ڏسي ڪري عطر ناراض ٿي ويئي.

ڊاڪٽر ٿورووڌيڪ کلي چيو: ’ٻيو ڇا ڪريان، چئو؟ روئان؟‘

’روئندين؟‘ ٻرندڙ باهه ۾ گيهه جا ڇنڊا پيا. ’روئندين؟ تون روئندين؟ ايشور تنهنجي اکين ۾ لڙڪ ته ڏنا ئي ڪونهن. روئندين ڪيئن؟ جيڪو آدمي پنهنجي پٽ جي مرڻ جي اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو، مرڻ وقت ٻاهر ويهي رهي ٿو، چوي ٿو ته ’هن کي ڇا ڏسان؟ ڇهه مهينا اڳي ئي مان ڏسي چڪو آهيان...‘

ڊاڪٽر ٽوڪي چيو: ’ترس عطر پاڻ کي جهل. توکي منٿ نيزاري ٿو ڪريان. مون کي ذرا سوچڻ ڏي. رتن بابو جي پٽ کي ڏسي ڪري موٽيو آهيان، مونکي ذرا سوچڻ سمجهڻ ڏي.‘

ڏور ٽٽل تير ڪمان جيئان عطر اچي ڇٽڪي. چي: ’مون کان انياءُ ٿيو آهي. تو سان ڳالهائڻ لاءِ اچڻ ئي منهنجوانياءُ آهي. ها، منهنجو حق به ڪهڙو آهي؟ ديا پالي توهان مهاشيه مون کي وٺي آيا هئا. مئل ماءُ جي ڌيءُ، مامي جي ٽڪرن تي پلجي رهي هيس، ديا پالي بنا ڏاج ڏيوڻ جي ئي مون کي وٺي آيا هئا، وٺي آيا ته ٻانهي نوڪرياڻي جيئان ڪم ڪاج ڪندي رهندي. ان کانسواءِ منهنجو ٻيو ڪوبه اڌڪار ته ڪونهي. مون اهو اپراد ڪيو آهي، هزار ڀيرا اپراڌ ڪيو اٿم. معاف ڪج.‘

ايترو چئي هوءَ اوندهه ۾ ئي هلي ويئي.

اهائي آهي عطر‘ سدائين اهڙيئي‘ ڊاڪٽر کليو. پر ڪنهن عجيب آواز جي رنڊڪ پوڻ سان اها کل اڌ ۾ ئي رڪجي ويس. ساڻئي اها جاءِ گهري اوندهه ۾ ڍڪجي ويئي. هينئر ته ڊاڪٽر ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. عطر بتي تيز ڪئي هئي. اها شايد ضروري کان وڌيڪ تيز ٿي ويئي هئي. ڳالهين جي لسلي ۾ ان طرف ڪنهن ڌيان ڪونه ڏنو. ان جي چمني ڌم سان ٽٽي پيئي ۽ لالٽين وسامي ويو.

*      *      *

هن جو اهو ٽهڪ ڏيئي کلڻ به بند ٿي ويو. من جون ٽڙيل پکڙيل چنتائون اچي مڙيون، عطر اڃا هاڻي چئي ويئي آهي ته ’و ڌاتا توکي اکين ۾ لڙڪ ڀري ڪونه موڪليو آهي.‘ اها ڳالهه ياد ايندي ئي اُمالڪ سندس کِل بند ٿي ويئي. هڪ ڊگهو ساهه ڀري من ئي من ۾ چيائين: ’وڌاتا ته ڀري موڪليو هئو عطر، ڪيترو سارو بيحد، تو انومان به نٿي لڳائي سگهين. سمنڊ جيترو اٿاهه کارو پاڻي انهن ٻن اکين جي اوٽ ۾ ڀري ڀڳوان موڪليو هو. تنهنجي توکي خبر ئي ڪانهي. پر هن وئديه – شاستر جي گيان يوگ، اگستيه مُنيءَ وانگر ان سمنڊ کي انجلي ڪري ڍُڪ ۾ پيءُ ڇڏيو هئو. هينئر اهو اندر سڪل سمنڊ جي سطح جهڙو خشڪ، ريتيءَ سان ڀريل آهي. ان ۾ ڪيترائي موتي، ڪيترائي رتن ماڻڪ شايد هجن، پر، ان ۾ اکين جي پاڻيءَ جي کاراڻ آهي. تو ته اهو به ڪڏهن ڪين سمجهيو، نه ڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي! منجري ۽ تون، توهان ٻئي ڄڻيون ئي ته موت آهيو؛ توهان ڪڏهن امرت کي چاهيو ئي ڪونه. جيڪر امرت چاهيو ها؛ ته ويجهو اچو ها، سمجهي وڃو ها.‘ هن وري هڪ ڊگهو ساهه کنيو.

آخر منجري ۽ عطر کي ئي اڪيلو ڇو ڏوهه ڏيئي رهيو آهيان، مان؟ خود مان؟ جيون ۾ امرت کي حاصل ڪرڻ جو مون ئي ڪهڙو انڀو ڪيو آهي ڪڏهن؟ ان ڳالهه کي ٻيو ڪير به نٿو ڄاڻي، ٻه ڄڻا ئي ان کي ڄاڻندا هئا. هڪڙو ته سندس پتا، سندس سکيا ۽ ديکشا گوروُ.

سندس بي صبريءَ جي حقيقت کان جڳت مهاشيه واقف هئو. امرت کي نه حاصل ڪري سگهڻ اشانت ۽ تربت نه ٿيڻ جو ڪارڻ آهي. مرڻ وقت جڳت مهاشيه پاڻ وٽ گهرائي جيون کي اها ڳالهه چئي هئي. آيوروئدڪ گيان جي جيون کي ديکشا ڏيڻ کانپوءِ به هو ڏهه ورهيه جيئرو رهيو. کيس گيان گنگا ڪرائي ويئي هئي. گنگا ڪناري تي ئي هن چولو ڇڏيو هو. ماتا سندس اڳي ئي چالاڻو ڪري ويئي هئي! هن کي به ان جو ٿورو گهڻو پتو هئو. پر هن کي ان بي صبريءَ جي ڪارڻ جي ڪائي ٻوجهه ڪانه هئي. هن ته بنهه حقيقي دنيا ۾ ئي ان جو ڪارڻ ڳولهيو هو. پتا وانگر گنڀيرتا سان هن جي هردي کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪانه ورتي هئي.

وواهه کانپوءِ جيون آيورويد جي سکيا ۾ تن من لڳائي ڇڏيو. اسڪولي جيون ۾ هن جو چت جنهن پڙهڻ لکڻ ۾ ڪين لڳو، انهيءَ پڙهائي لکائيءَ ۾ هو جنبي ويو هو. جڳت مهاشيه چيو هو؛ ’اسڪول ۾ پڙهائيءَ ۾ هيڻو حال ڏسي مون سمجهيو هو، جيون ڪند فهم آهي. پر هاڻ ڏسان ٿو، آيورويدڪ ۾ هن جو دماغ تيز آهي. پر...‘ چوندي چوندي هو رڪجي ويو هو. پٽ ڏانهن مهڙ ڪري ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو هئائين.‘ ’پر ان سان گڏوگڏ سنگيت سک. راڳ ڳاءِ، آنند ماڻ. ڀڳوان جو ڀڄن ڪرڻ ڌاران هن طبابت جي پيشي کي اختيار ڪري جيئرو ڪيئن رهندين؟‘

ٺاڪرداس مصر تن ڏينهن ۾ جيئرو هو. هن چيو هو: ’اڙي ڀائي، اهو ته هن جي رت ۾ سمايل آهي. خانداني وديا جي اها خاصيت ٿيندي آهي. منهنجي هن حرامزادي ڇوڪر جي روش جي خبر اٿئيه”‘

مطلب سريندر سان هو. ’ٺاڪرداس چوندو ئي رهجي ويو.‘

’حرامزادي‘ شراب پيئڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهو ته معلوم ئي اٿئه. پڙهڻ لکڻ به  ڪڏهانڪر ڇڏي ويٺو آهي. سوچيو هئم، هن ڪمبخت کي زمينداري سرشٽي ۾ ڪين لڳائيندس. پوڄا پاٺ جا منتر سيکاري ديوگرام جي وشيشوري مندر جو پوڄاري ڪري بڻائيندوسانس. هتي جي پوڄاري جو ڪو ٻار ٻچو ته ڪونهي. اهائي ورت واري اٿس. پندرهن بيگها زمين آهي. ان جي پوڄا ڪرڻ بنا، پوڄا جو گل نيڻ بنا کيتي ٿيڻ جي نه آهي. ڪمائي به خوب آهي. پر ڪنهن به طرح راضي نٿو ٿئي. چوي ٿو: ’هيءُ منتر مون کان رٽيو ڪونه ٿيندو. پر هيءَ وري نئين ڳالهه ٻڌ، تنهن ڏينهن هو ڏهه سال اڳي جو جمع خرچ آڻي مون کي ڏيکاريندي چيائين، ’هتي چوڪ رهجي ويئي آهي وري مزو ته ڏس! چوڪ جو مونکي پتو آهي. منهنجي ئي قلم جي نوڪ سان تلاو غائب. ڏهه سال گذري ويا، ڪير پڪڙي نه سگهيو. زميندار وٽ ته هاڻ ان کي ڪير پڪڙي به نٿو سگهي. پر ڪمبخت جي سوجهه ٻوجهه ته ڏسو. چپ چاپ پنا اٿلائيندو رهيو ۽ پيءُ جي غلطي ڪڍي ورتائين. مون ته کيس هڪ چماٽ وهائي ڪڍي چيم، ’چپ رهه پٽ.‘

پٽ جي فخر وچان جهڙو ٺاڪرداس ڦونڊجي ويو هو، تهڙو جڳت مهاشيه ڪين ٿيو هو. شايد ٺاڪرداس کي ڏک ٿئي، ان ڪري هن مشڪي ڏنو هو، اٽڪ به ڪانه وڌائينس. رڳو مشڪيو هو. جڳت ٻنڌو هو گيان يوگي. اُنهيءَ پتا جو پٽ ۽ شاگرد ٿي ڪري به اصل چيز کي هنڊائي نه سگهيو. پتا چيو هو: ’آيورويد ۾ هو تيز فهم آهي.‘

ٻڌي هن جي تيز هئي، روڳ ۽ اهڃاڻ، ايتريقدر جو بيماري ۽ اهڃاڻ جي پٺيان گونگي- ٻوڙي مرتيو پنهنجا ٻه برف جهڙا ٿڌا هٿ ڊگهيري جيون کي نهوڙي وڃڻ لاءِ تيار بيٺي آهي يا نه، هو ان جو به انومان لڳائي ٿي سگهيو. ”تون ته اڄوڪو نئون ڊاڪٽر آهين، تو جيون ڊاڪٽر جو مذاق اُڏايو آهي، هن جو اپمان ڪيو آهي، ڪري وٺ. تون ئي علاج وگيان جي اهنڪار وچان هن کي نظرانداز ڪيو آهي، ڪري وٺ. پر ان وقت ڪوبه اهڙي همٿ ڪانه ڪري سگهندو هو.“

جهونين يادگيرين کي دهرائيندي جيون مهاشيه ڄڻڪ وڏي پراڻي اجگر وانگر ڦوڪجي ويو؛ هڪ جوان نانگ پنهنجي جواني جي تيزي ۽ زهريلي ڏندن جي تکائي جي گهمنڊ ۾ هڪ ٻئي جي پٺيان وار ڪندو ويو؛ ٻڍاپي کان سندس زهر جا ڏند ڀڄي پيا آهن، نهوڙجي وڃن سبب سندس شاندار جسم جي چال سست پئجي ويئي آهي، تنهنڪري لاچار سڀ سهڻو پيو.

’نارائڻ، نارائڻ’ پرمانند ماڌو!‘

جيون مهاشيه وڏي آواز هر نام آچارڻ ڪيو.

مرڻ ويل گنگا ڪنٺ تي جڳت ٻنڌو مهاشيه پڇيو هو؛ ’جيون، مون کان ڪجهه پڇڻو هجئيه ته پڇي وٺ؟‘

جيون هينئر پاڻ کي روڪي نه سگهيو، روڪيل طوفان اکين جي لڙڪن رستي ٻاهر نڪري آيو هو. هو ڪجهه ڪونه چئي سگهيو.

جڳت مهاشيه چيو هو: ’اڙي، تون روئي رهيو آهين؟ تو ته آيورويد جي ڌيکشا ورتي آهي. جيون ۽ مرتو جو ڀيد توکي معلوم آهي، تڏهن به روئي رهيو آهين؟ ڇي! مون کي گهڻو ڏک نه ڏي؛ جيڪڏهن تون روئندين ته مون کي اهو سمجهي چالاڻو ڪرڻو پوندو ته منهنجي سکيا سڦل نه ٿي. تنهن کانسواءِ هن مرتيو سان مون کي ته ڪوئي دک ڪونهي، ڪائي شڪايت به ڪانهي، مان وڏ شانتي جو انڀو ڪري رهيو آهين، پوءِ تنهنجو روئڻ ڪهڙو؟‘

جيون مهاشيه جي اکين جو پاڻي خشڪ ٿي ويو هو. جڳت مهاشيه چيو هو: ’مان سمجهان ٿو، تنهنجي من ۾ ڪٿي گنڀير پياس آهي. پر اها رهڻ نه گهرجي. تنهنجي زندگيءَ جو ڪوبه طرف اڻپور ته ڪونهي!

ذرا ساعت رکي وري چيو هئائين: ته به اهي. بيشڪ انهي ماڻهوءَ جو ڪو وس نٿو هلي، اهو مان به ڄاڻان ٿو. پر پٽ، هيءَ ترشنا رهجي ويئي، ته امرت ته نه پائي سگهندين. تون پرمانند ماڌو جو انڀو ڪين ڪري سگهندين. ايترو ضرور آهي ته مرضيءَ مطابق چيز نه ملڻ سان پياس نٿي ٻجهي. پر اها ڪامنا ڇا آهي، ان کي به ڪير ڄاڻي ٿو؟ مان آسيس ڪيو ٿو وڃانءِ، ڪامنا جي وستو پرپات ڪري تنهنجي سموري ترشنا ميٽجي وڃي، تونامرت جو سواد ماڻي سگهين. دک ۾ درد رهي سگهين، دنيا ۾ مرتيو ۾ امرت جو انڀو ڪري سگهين ۽ آنند ۾، سک ۾ رو ئي سگهين. ترپتي چاهي نه ٿئيئيه، پر پٽ گيان يوگ ۾ لنولين رهج. ايورويد ۾ سمائجي وڃج. هيءَ نهايت ۽ خشڪ راهه آهي. سو هجي. گيان دراصل اگستيه مُني آهي، ٻڪ ۾ سمنڊ، دک جو سمنڊ (شوڪ ساگر) کي پي وڃي ٿو. پنهنجي مرضي پٽاندڙ سرشٽيءَ جي ڀلائي ڪاتر هو دکن ڏانهن هليو ويو.

ان گيان يوگ – روپي اگستيه جي سُڪايل سمنڊ وانگر هن جي زندگي به رڳو ريتيءَ سان ڀريل رهجي ويئي آهي. پر ان جي هڪ – هڪ ڪڻي ۾ سمنڊ جي کاراڻ جو سواد آهي. عطر ته ڪڏهن ان کي ڏٺو به ڪونهي، صرف ريگستان (رڻ پٽ) سمجهي ڪري ٻرندڙ ساهن سان انهن کي وڌيڪ جلائيندي رهي.

*      *      *

’پتا جي مرڻ پڄاڻان گيان يوگ ۾ پنهنجو پاڻ کي غرق ڪري ڇڏڻ ڪاڻ ئي جيون دت ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ اتاولو ٿي پيو. ان سمي انگريزي علاج جي جادو سببان ديش حيران ٿي ويو هو. ڊاڪٽر رنگ لعل جي پالڪي ڍوئيندڙ ڪهارن جي ڪيڪن سان علائقي جا رستا گونجيل هئا، ڊاڪٽر نوين مڪرجي جي گهوڙي جي ٽاپن سان اڏامندڙ ڌوڙ سان ڀرجي ويندا هئا، رستن جا ٻئي ڪنارا. ڪويراجن (ويڄن طبيبن) جي من ۾ به سجاڳي ٿيڻ لڳي هئي. جيون دت کي ان وگيان ته اول ئي ڇڪيو هو، پتا جي مرتيو کانپوءِ کيس سٺو وجهه مليو.‘

ٻڍو جيون مهاشيه اوندهه ۾ هڪوار وري کليو. ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريائين. هاءِ، ها! سنسار ۾ آدمي پنهنجو پاڻ کي جيترو دوکي ۾ رکي ٿو، ٺڳي ٿو، ان جو سوڻ حصو به شايد ٻئي کي دوکي ۾ نٿو رکي سگهي، ٺڳي نٿو سگهي.

ٻڍي بار بار ڪنڌ ڌوڻيو. ننڍڙي ٻار جي معصوم ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڦلهڙي چالاڪيءَ کي پڪڙي وٺڻ تي ڪجهه نراسائيءَ، ڪجهه سنيهه وچان ۽ ڪجهه پڪڙي وٺڻ جي خوشيءَ ۾ جيئن ٻڍڙا ڪنڌ ڌوڻنيدا آهن، ٺيڪ ساڳي ريت جيون مهاشيه ڪنڌ ڌوڻيو. اڄ هن پنهنجي ان ڏينهن جي پاڻ سان ڪيل ٺڳيءَ کي پڪڙي ورتو هو.

ته ڇا هن گيان لاڀ جي ڪاڻ، گيان يوگ ۾ پاڻ کي سمائي ڇڏڻ جي خيال کان ڊاڪٽري سکڻ چاهي هئي؟ اها ڳالهه ڇا غلط هئي ته خود گهوڙي تي سوار ۽ عطر کي پالڪيءَ تي ويهاري ڪري ڀوپيءَ بوس جي گهر ڪانديءَ وڃڻ جي خواهش ڀڙڪائي رهي هئي؟

رڳو ايترو ئي؟ جڳت مهاشيه جي چالاڻي سبب ڪي پڪا ٻڌل گهر به سندس هٿن مان نڪري ڪين ويا هئا؟ ڇا ماڻهن اهو ٻوڪ ڪين ڪڍيو هو ته مهاشيه ڪٽنمب جي عزت ويئي؟ ڇا نوگرام ۾ پهريون ايلوپيٿي ڊاڪٽر ڪونه اچي چڪو هو؟ ان کان ٻه مهينا پوءِ ڪشور جي پتا ڪرشڻ داس بابو جي آسري ۾ ڊاڪٽر هريش ڪين پهتو؟ ۽ ان مان هو پاڻ ڇا شڪي ڪين ٿيو؟

هن جي گروءَ ڊاڪٽر رنگ لعل ان جو ٻيو مطلب ڪڍيو هو. چوندو هو: ’جيون، خبر اٿئي مان توکي ڇو ٿو پيار ڪريان؟ مان توکي انهيءَ ڪري ٿو پيار ڪريان جوتو زندگيءَ ۾ هار ڪڏهن ڪانه مڃي. هن ديش جا ڪويراج هار مڃي ويا، هو گهر ويٺي ايلوپيٿي کي پٽ پاراتا ڏيندا رهيا. هو نه ته پنهنجي شاسترن جي ترقي ڪري ان سان شرط پڄائي سگهيا ۽ نه وري اهو ئي چاهيائون ته ان ۾ ٽٻي هڻي ڏسون ته آخر ان ۾ ڪهڙو تت آهي. تون سٻر ۽ زنده دل آهين. مان توکي ان ڪري به پيار ڪريان ٿو. مان هار مڃڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪوئي اپمان نٿو سمجهان. هار مڃڻ جو مطلب آهي مري وڃڻ. ڊيڊ- مئن[1].... سمجهي وئين؟‘

هڪ ڊگهو چروٽ دکائي، اگهاڙي بدن، گهٽ ويڪري ڌوتي پهري ڊاڪٽر رنگ لعل ميوراکشي ندي ڏانهن تڪي ڳالهيون ڪندو۽ پير لوڏيندو رهندو هو.

مريض ايندا هئا. ان ڏينهن جي ڳالهه ياد اچي رهي آهي، جنهن ڏينهن هن مٿين ڳالهه چئي هئي. هڪ جوان مسلمان کي ماڻهو کٽولي تي کڻي آيا هئا. پيٽ جي سور وچان ههڙو نوجوان ماڻهو تڙڦي رهيو هو. هن ڏانهن تڪي ڪري رنگ لعل شڌ ڀاو سان چيو: ”پٺيءَ ڀر ليٽي پو، منهنجي پيرن جي ويجهو ليٽي پو.“

ڊاڪتر رنگ لعل جيون کي چيو هو: ’نبض ڏسندين؟ ڏسينس. ڏس ته تنهنجي ناڙي وديا ڇا ٿي ٻڌائي. تيزاب آهي، گئس آهي ڪي تِلي وڌي ويئي اٿس.‘

مريض چلائڻ لڳو: ’ڊاڪٽر بابو، ڏسو، ڊاڪٽر بابو‘ مان مري ويس، مري ويس. نه ٿئي ته زهر ڏيئي ڇڏيوم، مري ڪري جيئي پوندس. هاءِ ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو. ڪويراج، ويڄ، حڪيم، طبيب، ديوي- ديوتا، پير فقير ڪوبه در باقي ڪين ڇڏيو اٿم....“

ڊاڪٽر رنگ لعل ٽوڪيو: ’اڙي ميان، ان ۾ ديوي ديوتا ڇا ڪري سگهندا؟ کائيندي بي حساب گوشت ته ديوي ويچاري ڇا ڪري؟ هڪ دفعي ۾ ئي گهڻو گوشت کائي ويندو آهين، ڏيڍ سير ڪي ٻه سير؟ تنهنجي پيٽ ۾ بلائون ٿي پيئون آهن، ٽي ٽي، چار چار هٿ لنبيون بلائون!‘

’دوا ڏيوم ڊاڪٽر بابو، دوا ڏيوم. سور وچان ساهه نڪري رهيو آهي.‘

’دوا ته ڏيندس، پر روپيه؟ ٻه روپيه فيءَ جا، وري دوا جو دام. اول روپيه رک هتي. ان کانسواءِ دوا ڪانه ملندي.‘

’هڪ روپيو کڻي آيو آهيان حضور...‘

جيون چيو هو: ’ته باقي سڀاڻي ڏيئي وڃج.‘

ان تي رنگ لعل چيو هوس: ’يوآر اَ ڦوُل فيءَ وٺڻ بنا هرگز علاج نه ڪر. دوا اڌار نه ڏي نه ته ويندي جهنم ۾. ان مان هيءُ ماڻهو سمجهندا ته هنن جي هلي نٿي. جيئڻ جي لاءِ ماڻهو کي روپيه گهرجن. انهيءَ جيئڻ ڪاتر ئي ان جو ملهه ڪمائڻ لاءِ ئي ماڻهو ڪمائين ٿا، ان تي به جيڪي سخاوت ڏيکارڻ چاهين ٿا، سي نه رڳو ’فوُل‘ آهن، پر گناهگار آهن. جيون جي سنگرام ۾ هن کي ضرور هار کائڻي پوندي، جسٽ لائيڪ دَ هندوز*؛ اتهاس ساکي آهي ته لڙائيءَ ۾ هندن جي سوڀ پئي ٿي آهي، مسلمانن لڙائي بند ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، بس، هندو مڃي ويا. چڱو، اڄ آرام ڪري وٺو، لڙائي وري سڀاڻي ٿيندي! پر رات جو مسلمان اوچتو ڪاهه ڪري ڇڏي، لاپرواهه هندو هارائي ويا، قتل ٿي ويا، پر سورڳ ويا. مان اهڙي سورڳ جو ڪانکي ڪونه آهيان، سمجهيهءِ؟‘ ۽ هن مريض سان گڏ آيل ماڻهن کي چيو هو: ’وڃو ٻيو به هڪ روپيو کڻي اچو. بيمار کي هتي ئي رهڻ ڏيو. ڊڄو نه. هيءُ مرندو ڪونه. وڃو.‘

جڏهن هو هليا ويا، تڏهن هن چيو: ’زندگيءَ ۾ روپين جي ضرورت آهي جيون. روپيه گهرڻ ڏوهه ڪونهي. ڪنهن کان بيک نه گهر، ڪنهن سان ٺڳي نه ڪر، ڪنهن کي تباهه ڪري حاصل به نه ڪر، پر جن ڪم لاءِ تون محنت ڪرين ٿو، ان جي مزوري، ان جي في وٺڻ ۾ سنڪوچ نه ڪر. ائين ڪندين ته بک مرندين سرڳ ويندين يا نه، سو نٿو ڄاڻان.‘


[1]  مئل ماڻهو.

*  تون بيوقوف آهين.

[2]  هندن وانگر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org