[17]
ڊاڪٽر پرديوت ورانڊي ۾ ويٺو هو. سانوڻ جي ڪڪرن سان
ڪاري رات. گهٽ ٻوساٽ ۾ اندر سمهي سگهڻ ناممڪن هو،
وري مٿان مڇرداني. ماڻهو چون، مڇرداني نه هجي ته
مڇر ڀڄائي کڻي وڃن. اڄڪلهه مڇر گهٽ ٿي ويا آهن.
گذريل سال کان ڊي- ڊي- ٽي ڪئمپين (مهم) شروع ٿي
ويئي آهي. تڏهن به پرديوت مڇرداني کانسواءِ نه
سمهندو آهي. نيٺ هڪ مڇر به چڪ پائي سگهي ٿو۽ اهو
مڇر به اينافلس ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ ۾ ئي
مئلنگنيٽ- مليريا جا جيوڙا ٿي سگهن ٿا. مڇرداني
وجهي ڪري ٻاهر سمهي سگهجي ٿو، پر هن جو يعني ڊاڪٽر
پرديوت جي استريءَ کي ڊپ ٿيندو آهي، هڪ ته شهري
ڇوڪري، وري ننڍپڻ کان چور ڌاڙيلن، ڀوت پريتن، نانگ
وڇن جون ڪيتريون ئي هن ڪهاڻيون ٻڌيون آهن. منجوءَ
جي ماءُ جا ناناڻا هتي ئي هئا. ماڻهس جو نانو
جيئرو ڪونهي ۽ هن کي مامو ته ڪو هئو ئي ڪونه. منجو
پنهنجي ماءُ پيءُ جي سڪيلڌي ڌيءَ هئي. منجوءَ جي
پرناني پان جيئري آهي. ڪنن کان ٻوڙي آهي. اکين جي
نظر به گهٽ ٿي ويئي اٿس. اهائي آکاڻيون ٻڌائيندي
هئي. ڀوت پريت تي منجوءَ کي اعتقاد ڪونهي، بحث به
ڪندي آهي، پر اوندهه ۾ ڪو کڙڪو ٿئي ته ڇرڪ ڀريندي
آهي. ان ڪري بند ڪمري ۾ سمهڻو پوندو آهي. اندر
داخل ٿيڻ کان اڳي جيتري دير ٿي سگهندي، پرديوت
ٻاهر ويٺو رهندو آهي. وچ وچ ۾ فلٽ به ڇڻڪائي ويندو
آهي. چوڌاري ورانڊي جي هيٺان ڏاڪڻ تي ڪاروبولڪ
ائسڊ سان پسيل پال پيا هوندا آهن. ڊي – ڊي – ٽي ۽
بيلچنگ پاؤڊر ڇڻڪيل رهندو آهي. جنهن سان نانگ،
وڇون، جيو جنتو نه اچي سگهن.
اڄ صبوح کان ئي هن جو دماغ خراب آهي. رتن بابوءِ
جي پٽ وپن بابوءَ جي ڪيس ۾ هرين ڊاڪٽر کيس گهرايو
هو. اچانڪ هڏڪي جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. سڀاڻي
صبوح جو گهرايو هئائين. سخت تڪليف ڏيندڙ حالت.
ائين پئي ڀاسيو، ته ڪنهن به مهل بري م بري حالت
پيدا ٿي سگهي ٿي. هرين سان صلاح ڪري جيڪي ڪجهه
ڪرڻو هو، سو ٿي چڪو آهي، پر ڪوبه نتجيو ڪونه نڪتو.
اڄ صبوح جو ئي ڪشور صلاح ڏني، ته مهاشيه جيون کي
گهرايو وڃي.‘ اها صلاح شايد رتن بابو جي هئي، پر
ڪشور جي دئاران ڏني ويئي هئي. پرديوت ڇا چوي؟ پاڻ
مرادو من ۾ جواب ملي ويو هوس، ”ٺيڪ ته آهي، هن کي
ئي ڏيکارين. پر هاڻ مان نه ايندس.“ پر ان ڳالهه
چوڻ کان اڳي ئي ڪشور اُمالڪ زور ڀريندي چئِ ڇڏيو:
”پر اوهان اهو نٿا چئي سگهو ته ’مان نه ايدس‘. اها
منهنجي حجت آهي. مون ٻڌو آهي اوهان ڪجهه ناراض
آهيو. پر هو اهڙو ماڻهو نه آهي.“
ڊاڪٽر پرديوت چيو هو: ان ۾ ناراض يا خوش جي ڪهڙي
ڳالهه آهي؟ مريض توهان جو آهي، مرضي هجيو ته اوجها
کي به گهرائي سگهو ٿا.“
”اوهان ڪجهه زياده ئي چئي رهيا آهيو پرديوت بابوُ.
نه ڇا؟ پنهنجي مريادا کي ئي وڏو نه بڻايو. سچائي
کي وڏو سمجهو ۽ پوءِ چئو....“
ڪشور ذرا وچتر ماڻهو آهي. ان ۾ ڪا مڙيو ئي اهڙي
وصف آهي جو هن جي ڳالهه جو النگهن نٿو ڪري سگهجي.
سڄي علائقي جا ماڻهو کيس مڃيندا آهن. سڄي عمر ديش
جي شيوا ئي ڪري رهيو آهي. جڏهن کان پرديوت ڊاڪٽر
آيو آهي، پتو نه آهي، تڏهن کان هن جا ڪيترائي ننڍا
وڏا احسان کڻي چڪو آهي. هتي جا ماڻهو سولا ڪونهن.
منجو آزاد طبع آهي، سائيڪل تي گهمندي آهي. ماڻهو
هن جي گلا ڪري ماٺ ڪري ڪونه ويٺا، مٿي به شڪايت
لکي موڪليائون. پرديوت جو متر صدر ۾ لئباريٽري
هلائيندو آهي، وچ وچ ۾ ايندو آهي.ان جي باري ۾
افواه ڦهلايا ويا ۽ درخواست ۾ به لکي موڪليو ويو،
دوا چوري ڪرڻ جو الزام. ڪيترن مريضن جو رت تپاس
ڪرڻ واسطي ان ۾ موڪليو ويو هو، درخواست ۾ ان تي به
گهڻو ڪجهه لکيو ويو هو؛ ۽ زباني جيڪي ڪجهه چيو ٿي
ويو تنهن جو ته ڪو حساب ئي ڪونه هو. عجيب- عجيب
سوال! ’ٻنهي مترن گڏجي ڄار پکيڙي آهي. رت جي جاچ،
ٿڪ کانگهاري جي جاچ، پيشاب جي جاچ.... بس، آڻيو
روپيه. اڌو اڌ حصو. چور جو ڀاءُ ڳنڍيڇوڙ. هيستائين
ايتري جاچ نه پئي ٿي ته ڇا بيماريءَ مان ڇوٽڪارو
نٿي مليو؟‘
انهن الزامن کان ڪشور ئي کيس بچايو هو. هو پنهنجي
من سان ان ۾ جنبي ويو هو.
جڏهن هتي رهندو آهي، ڪشور ٻئي وقت انهن ماڻهن جي
کوج خبر وٺندو آهي. ان ڪري هن جي زور ڀرڻ تي ڊاڪٽر
کي سوچڻو پيو. هن چيو هو؛ ”توهان ڀلي ڀانت سوچي
ڏسو. هتي هڪ قيمتي زندگيءَ جو سوال آهي. وري به
مهاشيه کي اسان اوهان جي مٿان رکڻ جي لاءِ ته ڪونه
گهرائي رهيا آهيون. اوهان جي مدد لاءِ ئي کيس
گهرائي رهيا آهيون. هو ذرا ناڙي ڏسندو ۽ هن هڏڪيءَ
کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ان ۾ اوهانجو ڪو شرط هجي
ته هن کي چئي ڇڏيون. هرين، چارو بابو، اهي ته ان
تي اعتراض نٿا وٺن!“
”هرين ۽ چارو بابو منظوري ڏيئي ويا آهن. چاروُ
بابو چئي ويو آهي، ’ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي. هن وٽ
ڪيترائي مُشٽي يوگ آهن. سٻل سجايا. ها، آفيم مان
ٺاهيل ڪا دوا نه ڏجو.‘
سو لاچار پرديوت کي به پنهنجي راءِ ڏيڻي پيئي. هو
اهو ته نه چئي سگهيو ته ’هن جي هو ڄاڻي، منهنجي
پنهنجي راءِ آهي. مان هاڻ نه ايندس.‘ پر ان ڪري هن
جي من ۾ صبوح کان وٺي ڪهڙي نه عجيب پريشاني ولوڙا
وجهي رهي آهي. هو جيونمهاشيه جي دوا جي نتيجي لاءِ
آتو آهي. هڪ ڳالهه جي کيس خوشي آهي ته هتي مهاشيه
موت حياتيءَ جي اڳڪٿي ڪانه ڪئي. سندن ڪائي غلطي
ڪانه ٻڌائي. شايد ٻڍي اها نقطچيني ٻڌي ورتي آهي،
جيڪا چارو بابو وٽ ٿي هئي. تڏهن به کيس بيچيني
هئي. هن جي دوا جي ڦل جي لاءِ بيچيني. ان سان گڏ
ڄڻڪ ٻي به آهي. اڄ سندس هٿان هڪ روڳي مري پيو آهي!
الائي ڇا ٿي ويو آهي؟
سڀ کان وڌيڪ تڪليف کيس سندس ڊپ ئي ڏيئي رهيو آهي.
صبوح جو روڳيءَ کي ڏسي هو پاڻ چئي آيو آهي: بلڪل
ٺيڪ آهي. تپ لهي ويو آهي. سڀاڻي پرهيزي کاڌو ڏبس.
ڪجهه ڊرائوزي جهڙو هوس، بيمار ڍڪيل نموني پيو هو.
ڊاڪٽر ان کي ڪمزوري سمجهيو هو. ٻالڪ هو. بيمار جي
ٻڍي ڏاڏيءَ چيو هو: اوهان ٺيڪ ڪيئن ٿا چئو ڊاڪٽر
صاحب؟ ٻالڪ بيمار.... جيڪڏهن تپ نه آهي، ٺيڪ آهي
ته پوءِ سر مٿي ڇو نٿو کڻي؟ کاڌو ڪٿي ٿو وڻيس؟
ڊاڪٽر چئي آيوهو: سر مٿي کڻندو. نٻل آهي. ڪمزوري
دور ٿيڻ سان ٺيڪ ٿي ويندو. ٻيو ته، اسان جي ڳالهين
تي وشواس ڪرڻ گهرجي. نه ڪندا ته علاج ڪيئن ڪندس؟
ٽپهريءَ جو ٻالڪ جي حالت بگڙي ويئي. ڊاڪٽر اتي
ڊوڙندو ويو. ٻه ٽي سيون هنيئاين. پر... سنجها جو
نينگر ويندو رهيو. ڊاڪٽر سوچيندو رهيو، غلطي ڪٿي
ٿي؟ شروع کان آخر تائين؟ ڊائگونسيس؟‘ ها. مليريا
سمجهي هئائين. هئي ميلنگنيٽ مليريا. اتي ئي غلطي
ٿي ويئي. هن ڪوئنين جي سئي به لڳائي هئي.‘ ان مان
لاڀ نه ٿيو، پر ٽڪي نه سگهيو. انٽرا وينس ڏيڻ
گهربو هو.‘ اچانڪ ڊاڪٽر ڇرڪ ڀري ڪرسيءَ تي سيٽجي
ويٺو. ’ڪوئنين جو ايمپول....؟‘ ان ۾ ڪوئنين ئي ته
هئي؟ ونيه جي دڪان تان ورتو هئائين. اڄڪلهه جي دوا
فروشن جو اعتبار ڪهڙو؟ نه. هي ماڻهو سڀ ڪجهه ڪري
گهن ٿا. ڪلڪتي ۾ تازو نقلي دوائن ٺاهڻ جي هڪ لڪل ۽
وڏي ڪارخاني جو راز فاش ٿي چڪو هو. ان مان دوا-
فروش جي سازش ۽ ڊوهه جو به پتو لڳي چڪو هو. ونيه
به اول نمبر جو استاد آهي. چرب زبانيءَ ۾ پنهنجو
مٽ پاڻ آهي. سچائي ۽ ساڌو پڻي جو اهڙو ڪمال
ڏيکاريندو جو ظاهري سندس لاءِ من ۾ عزت پيدا ٿي
ويندي آهي. پر پرديوت خود ڊاڪٽر ٿيو. ونيه جي نفعي
خوري کانئس لڪل ته ڪانهي. دوا جي جنهن خوراڪ جي
قيمت چار پئسا، ان جا هو چار آنا وصول ڪندو آهي.
ان باري ۾ ساڻس ڳالهائي به چڪو آهي. پر ونيه هميشه
نهٺائيءَ سان کيس اهائي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
ته ايتري کان گهٽ وڪڻڻ ۾ گهاٽو اڻ پڇو ٿيندو! ونيه
سال به سال زمين خريد ڪندو آهي. وٽس ناڻو به ڪافي
گڏ ٿيو آهي. ٻڌجي ٿو ته نئون مڪان به اڏائي رهيو
آهي. ونيه لاءِ سڀ ڪجهه ممڪن آهي! پرديوت جا ٻئي
ڪن تپي باهه ٿي ويا! من ۾ جوش جو طوفان مچي ويو.
آرام ڪرسيءَ تان اٿي هن دوائن جي پيتي ڪڍي. ان مان
هڪ ايمپول ڪڍي ڀڳائين. ڄڀ تي ذرو چکي سواد
ورتائين. سڄو وات زهر ٿي ويس.
ڊاڪٽر ڊگهو ساهه کنيو ۽ وري ٻاهر اچي ويٺو. سڏ
ڪيائين، منجو! منجو!
منجو يعني! منجولا، ڊاڪٽر جي پتني. منجو رنڌڻي ۾
هئي. رسوئيي کي ته ڪابه ڄاڻ ڪانهي. بنهه ڄٽ آهي،
ڳنوار. عقل جو ڪورو. سڪل ساڳه، ڪيلي جي ٿڙ جي ڳڀ ۾
وڙيون ۽ ڦريون يا ڦرين ۽ ڦرين ۾ ڪيلي جي ٿڙ جو ڳڀ-
ڏيئي وٺي اهي ٻه ٽي ڀاڄيون ٺاهي ڄاڻندو آهي. چوٿين
ڪابه نه. ازانسواءِ ڪجهه ٺاهي ڄاڻندو آهي ته بس
’کيڙون‘ نالي هڪ چيز. ’کيڙون‘ هنداڻي جي ڀاڄي
ٿيندي آهي. ڪڙاهيءَ جي دال ۽ چٽڻي به هو ٺاهي
وٺندو آهي. کٽاڻ کي هو کٽاڻ نه چوندو آهي، ’ٽڪ‘
چوندو آهي. ڪچي مڇيءَ ۾ کٽاڻ وجهي رڌيندو آهي.
وڏين مڇين جي منڍي کٽاڻ سان گڏ کائيندو آهي. سٺي
رسوئي جو مطلب- تيل مصالحن جو شراڌ ئي سمجهي.
ڊپسيسيا جي روڳ کي پيدا ڪرڻ جي لاءِ اتم ڀاڻ وجهي
ڀلي زمين تيار ڪرڻ يعني ان روڳ ۾ مبتلا ٿيڻ ان کي
ئي چئبو آهي‘ ڊاڪٽر جي پسندي نئين قسم جي آهي-
اسٽو، سوپ، اوٻاريل سلاد- بس! انهن جا ته نالا به،
هيءُ دهقاني ڳنوار اڃا تائين ياد نه ڪري سگهيو
آهي. لاچار منجوءَ کي پاڻ بيهي کيس سڀ سمجهائڻو
پوي ٿو. ايترو ئي نه- هڪ اڌ ڪورس ته هوءَ پاڻ
پنهنجي هٿن سان رڌيندي آهي، اهو منجوءَ جو نجي شوق
آهي.
منجو! ڊاڪٽر وري پڪاريو. آيس! هينئر منجوءَ جواب
ڏنو.
هن قداور جوانڙيءَ جو روپ رنگ ڏاڍو موهيندڙ ۽ ڪومل
آهي. وري سندس رنگ ۾ به هڪ اهڙي چمڪ آهي، جيڪا
رواجي طور ڏسڻ ۾ نه ايندي، جا غير رواجي چئي سگهجي
ٿي. منجوءَ کي ڏسڻ سان اکيون کپي وينديون آهن،
ساهه ۾ موهه جاڳي اٿندو آهي. منجوءَ نئين زماني جي
چنچل ناري آهي. گانو ڳائي ڄاڻي. انٽر تائين پڙهيل
آهي. ڊاڪٽر سائيڪل جي سواري به سيکاري ڇڏي اٿس.
بندوق هلائڻ به سيکاري اٿائينس.
’ڇا ٿا چئو؟ رسوئي خراب ٿي ويندي!‘ ’ڇا رڌي رهي
آهين؟‘
’ٽڪ!‘ منجو کلڻ لڳي. ’ڪچي مڇيءَ جي ٽڪ‘ مونکي به
ڏاڍي وڻي ٿي!‘ اڳي ٻڍي ڏاڏي ان جو ذڪر ڪندي هئي ته
اسان ڏاڍو کلندا هئاسين. پر هيءُ ٽڪ ٿئي به سوادي
ٿو. سرهه جي تيل ۾ مصالحي جي رائي ڏيئي ۽ ڪچو تيل
وجهي اهڙو ذائقيدار ٿو ٿئي جو پڇوئي نه!
تون هتي ويهه. اڪيلائي ۾ مزو نٿو اچي. ڪوراڳ ٻاڳ
ٻڌائيءِ. طبيعت الائي اڄ ڪيئن پيئي لڳي. هن جو
ٻالڪ اوچتو الاجي ڪيئن مري ويو!
رسوئيو ٻڌائي رهيو هو....
”ڇا چئي رهيو هو؟“ ڊاڪٽر وري ڪجهه تيز ٿيو.
چئي رهيو هو، جيترا وات اوتريون ڳالهيون ٿي رهيون
آهن.
وري به ٺيڪ ئي آهي. جيترا منهن- ان کان ڏهوڻ
ڳالهيون ته نه ٿي رهيون آهن نه؟ پرديوت کليو.
صبوح جو اوهان اهو ته چئي ڪونه آيا ته سڀاڻي
پرهيزي کاڌو ڏيندس؟
”ها، ڇو؟“ ”ماڻهو گهڻي ڀاڱي اهائي ڳالهه چئي رهيا
آهن. ٻڌم چارو بابو چئي رهيو هو. اڙي بابا! موت جي
ڳالهه به ڪڏهن ڪير چئي سگهيو آهي؟ ان جي مٿان
ڊاڪٽرن جو ڪهڙو وس هلندو!“ ڪڪرن سان ڇانيل اُڀ مان
اوچتو کنوڻ چمڪي. دور تائين بادلن جي گجگوڙ ٿي.
ڪافي دور. پاٻوهه وچان ڊاڪٽر چيو: ساوڻ جي رات جو
ڪوئي گيت ڳاءِ.
اجهو آيس. رسوئي کي چئي اچان، مڇي لاهي رکندو.
سڙڻ ڏينس. جيڪڏهن هو نه لاهي رکي ته سڀاڻي کيس ڪڍي
ڇڏ.
گن گنائيندڙ سر ۾ منجو شروع ڪيو:
آئون موري گهنشيام....
آءٌ هي گهنشيام. سيتل، منٺار رامرت ورکا ڪر،
آڪاش ڏانهن تڪي رهي آ ويوڳڻ- جوڳڻ.“
ڊاڪٽر بيخودي ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. سوچيائين: ورکا
ٿئي ته سچ پچ پرديش نهال ٿي پوي. جان بچي. منجوءَ
گيت ختم ڪري چيو، مان اچان ٿي. ريڊيو کولي ٿي
اچان، سٺا راڳ پيا اچن. هن جو من رنڌڻي ۾ لڳو پيو
هو. ’ٽڪ‘ کيس دل سان وڻندو هو. ڊاڪٽر ساڳئيءَ حالت
۾ اکيون ٻوٽي پيو رهيو: ”سو چارو بابو سندس خلاف
ڪونه چيو. هيءُ ٻڍو ٿلهو متارو آهي، پر آهي چڱو.“
ريڊيو تي سازن جو سنگيت اچي رهيو هو: گٽار. سُر
ڪنبي رهيو هو، روئي رهيو هو.
ڊاڪٽر سوچيو: چارو بابو ڊفيٽيڊ سولجر[1]
آهي. ڀلمانس هار مڃي ويو. ساڌو ٻولي ۾، آتم سمرپڻ
يعني آڻ مڃيائين.
سرينڊر
(Surrender)
ڪري ويو!..... موت جي اڳڪٿي ڪير نٿو ڪري سگهي. ان
تي به ڊاڪٽر جي ته هڪ نٿي هلي سگهي.‘ پرديوت
سوچيندو رهيو، ”هلي ڇو نٿي سگهي، هلي سگهي ٿي،
جيڪڏهن هتي ڪائي ڪلنڪ
(Clinic)
هجي! شروع ۾ ئي جيڪڏهن بلڊ کي ڪلچر ڪري وٺجي ها ۽
اصلي دوا جيڪڏهن ملي ها! پوءِ ڪير ٿي چئي سگهيو ته
هو ٻالڪ جيئرو نه رهي سگهي ها؟“
ريڊيو تي گيت گونجيو: ’هي مرتيو، تون ئي منهنجي
شيام!‘ ڊاڪٽر ڀرون تاڻيون. ريڊيو بند ڪري ڇڏيو.
احاطي جي ڦاٽڪ وٽ پون پون ٿي. سائيڪل رڪشا جو
هارون وڳو. ڪير آيو آهي؟ ڇو آيو آهي؟ سڏ ٿيو آهي؟
ڊاڪٽر اٿي کڙو ٿيو. اندران اسٽوو ليمپ کڻي آيو. ٻه
رڪشا هئا. هڪ ۾ هئي هڪ جوانڙي، بيهوش حالت ۾. دائي
کيس پڪڙي ويٺي هئي. سڄو بدن ڪپڙي سان ڍڪيل. دائيءَ
جي ڪلهي تي ڪنڌ لڙڪيل هوس. دٻيل پيڙا وچان رکي رکي
نيري ٿيندي پئي ويئي، چهرو بدنگ ٿيندو پئي ويس.
ڪپڙي جي هيٺان رت جو داغ. ويم جو ڪيس. شايد پهريون
ٻار. هٿ ۾ بتي جهلي ڊاڪٽر هيٺ لهي آيو. آواز
ڏنائين: هريهر بابو! مس داس!“
ڪمپائونڊر ۽ مِڊوائيف. پر هو ڪير؟ پوئين رڪشا تي؟
اسٿول شرير ڌاري جيون مهاشيه؟
جيون مهاشيه ششيءَ کي سندس گهر اماڻڻ ويو هو. شش
جي پاڙيسري ڀٽاچاريه جي گرڀڻي ڌيءَ ساهري گهر ۾
بيهوش ٿي ويئي هئي. جيون مهاشيه کي ڏسندي ئي هنن
سندس شرڻ ورتي. پر اهڙي حالت ۾ هو ڇا ڪري؟ پر هنن
ماڻهن هڪ نه ٻڌي. چي: ”ذرا نبض ڏسو.“
”نبض ڏسي ڇا ڪندس مان؟ اول ويم ڪرائڻ ضروري آهي.
اهڙي کي گهرايو، جيڪو ويم ڪرائيندو هجي يا اسپتال
۾ کڻائي وڃوس.“ مائٽ کيس اسپتال وٺي آيا. پر جيون
مهاشيه کي ڪونه ڇڏيائون.
”اوهان ساڻ رهو!“ اوف! ڇوڪريءَ جي پتا جي نيزاري!
مهاشيه ان کي ٽاري نه سگهيو.
* * *
قميص جي آستين کنجي، نيم پٽاندڙ هٿ ڌوئي، جيوڙا
ناسڪ لوشن لڳائي ڪمري م ويندي ڊاڪٽر ڇرڪي بيهي
رهيو.
”اوهان ويم لاءِ ڪا دوا ڏني آهي؟“
”نه.“
”گڊ. اوهان انتظار ڪندا؟“
”هائو، ترسندس.“ مهاشيه مشڪيو.
”چڱو، هن ڪرسيءَ تي ويهو. نبض ڏسي ڪجهه ٻڌايو
اٿو؟“
”ناڙي ڏٺي اٿم. پر....“ ڪمري مان دٻيل چيخ نڪتي.
”ڊاڪٽر بابو!“ مِس داس جو آواز آيو.
پرديوت ڪمري م هليو ويو. جيون مهاشيه ڪارن ڪڪرن
سان ڇانيل آسمان کي تڪنيدو رهجي ويو. هن کي الائي
ڪيئن ته پئي لڳو. ”آخر آيو ڇو؟ گهر وارن جي مرضي
هئي ته ويم ٿيڻ کان پوءِ هو هڪوار ناڙي ضرور ڏسي.
پر ويم ۾ ئي جيڪڏهن....“
”ويهو مهاشيه جي.“ هريهر ڪمپائونڊر چيو. هو ڪپهه،
گرم پاڻي، بئنڊيجه وغيره کڻي وڃي رهيو هو.
”مزي ۾ آهيان.“ مهاشيه کليو. گرڀڻيءَ جي عمر ٽيهه
ٿيندي. کيس تانگهه ٿي رهي هئي. مهاشيه ڇرڪ ڀريو.
سور وچان زچه وري چلايو. ”جئه پرما پرڪرتي! جئه
گووندا!“ مهاشيه من ۾ آراڌيو.
’هريرهر بابو، گرم پاڻي‘ ڪپهه.‘ ڊاڪٽر پرديوت جو
گنڀير آواز ٻڌڻ ۾ آيو. نهايت گنڀير ۽ ڌير آواز.
* * *
ٽوال سان هٿ اگهندو ڊاڪٽر ٻاهر نڪري آيو. ڇوڪريءَ
جي پتا چيو، ”ڊاڪٽر بابو!“
”سيف ڊليوري ٿي. پٽ آهي.“
”نيهار هوش ۾ اچي ويئي؟“
”نه.“
”هوش ڪونه آيو؟“
”نه. اوهان گهر وڃو. جيڪي ڪرڻو هوندو، مان ڪندس.
هتي رهي شور مچائڻ سان ڪجهه ڪين ورندو. گهر وڃو ۽
اوهان به ويٺا ئي آهيو؟ کميا ڪندا، اڃا مان ناڙي
ڏسڻ ڪانه ڏيندس. اوهان ٻيو ڪجهه نه سوچيو.
جيتريقدر مون سمهجيو آهي. نبض ٺيڪ پيئي هلي....
ايترو ئي چئي سگهان ٿو.“ ايترو چئي ڊاڪٽر پنهنجي
ڪوارٽر ۾ هليو ويو.
”منجو!“
”چانهه ڇاڻي رهي آهيان.“
”ميني ٿئنڪس، ميني ميني ٿئنڪس.[2]
جلدي کڻي اچ.“
”ڇا مريض جو...“
”ناٽ گڊ[3]،
پر بري حالت به ڪانهي. بٽ شي مَسٽ لِو[4].
ضرور....“ چانهه جي چسڪي ڀري چيائين: ”اول ته مون
کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. دَيٽ اولڊ مئن[5]،
فيمس مهاشيه آف ديس پليس[6]،
اهو به مهاشيه ساڻ آيو هو.“
”ڪائي بري ڳالهه ته ڪانه چيائين؟“
”نه. گهر وارن ته چاهيو پئي ته مهاشيه هڪوار ناڙي
ضرور ڏسي. مون چيو، ’نه، ناڙي مان ڪانه ڏسڻ
ڏيندس.“
”هن کي چانهه پيئڻ لاءِ ڇو ڪين سڏايو؟“
”سڏائڻ واجب هو، ڪيئن؟“
”بيشڪ واجب هو.“
چانهه جي پيالي رکي پرديوت سگريٽ دکايو ۽ اسپتال
ڏانهن رخ رکيو. هڪ ٻي به سئي هڻڻي هيس. مهاشيه وڃي
چڪو هو. بيجا ڪم ٿيو. ٽن ٽن گهڙيال وڳو. رات جا
يارهن بجا. بيمار جي ڪمري مان درد- پيڙا جو جو
هلڪو- هلڪو آواز اچي رهيو هو. سور گهٽجي رهيو هو.
”شي مسٽ لو، هوءَ ضرور بچندي.“ هريهر ٻاهر نڪتو.
”ڪيئن آهي؟“
”بهتر پيئي ڀانئجي.“
”ٺيڪ ٿي ويندي. سئي تيار ڪر.“
ڊاڪٽر سرينج کي کڻي روشنيءَ جي سامهون رکيو. محسوس
ٿيس، ڦاٽڪ کليو. ’وري ڪير آيو؟...‘
هريهر اڳتي وڌيو. رتن بابو وٽان آدمي آيو آهي.
”هڏڪي وڌي ويئي اٿس ڇا؟“
”جي نه. شهر مان هوءَ روپوٽ آئي آهي. بابوءَ چيو،
وڃ، جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب جاڳندو هجي، ته ڏيئي
اچينس.“
وپن بابو جي يورين رپورٽ هئي.
”هڏڪي ڪيئن هئي؟“
”ساڳي ئي اٿس. ڪجهه گهٽيل لڳي ٿي.“
”ڪائي ڪِلنڪ ڪاش هتي هجي ها! ايڪسري ته بجليءَ
کانسواءِ نٿو ٿي سگهي. ميوراکشي يوجنا کي ته اڃا
ڪي ورهيه لڳندا. ان کان اڳي ته آثار نٿا ڏسجن. پر
رڳي هڪ ڪلنڪ هجي، ڪيترن جون جانيون بچي پونديون!
هيءَ نينگري ڀلا بچي سگهي ها؟ اسپتال، هي اوزار نه
هجن ها ته هيءَ به مري وڃي ها،“ ڊاڪٽر چوندو ويو،
”نبض ڏسي ڪنڌ ڌوڻيندي جيون مهاشيه اڳڪٿي ڪري سگهيو
ٿي، پر ڪري ڇا ٿي سگهيو؟ موت تي ڪنهنجو وس آهي،
تنهنجو يا منهنجو؟“
|