سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :33

[31]

 

”اها لڄ رکڻ جي مون وٽ ڪابه جڳهه ڪانهي. مرڻ کان اڳي ئي شرم جي وچان مري ويو آهيان. مون اوهان کي وڏو اهنج پهچايو. هڪ دشمن پٽ جو ڪم ڪيم.“ اهي وپن بابو جا آخرين الفاظ هئا، جيڪي هو پنهنجي پتا کي چئي ويو هو. هيڏانهن هڪ روايت هئي. اِها هيءَ ته پورب جنم جو دشمن پٽ بڻجي جنم وٺي ٿو، پلجي وڏو ٿئي ٿو، ماءُ پيءُ جي دل ۾ انيڪ آسون اميدون جاڳائي ٿو ۽ بعد ۾ هڪ ڏينهن مري وڃي ٿو؛ هنن کي صدمو پهچائي- پورب جنم جو ويري هن ريت پيءُ کان بدلو چڪائي هليو وڃي ٿو. موت کان اڳي ڪافي پڙهيل ڳڙهيل وپن کي به انهن کانسواءِ چوڻ لاءِ ٻيا اکر ڪونه جڙيا هئا.

اٽڪل ويهن ڏينهن بعد جي ڳالهه.

مهاشيه، ونيه جي دوڪان تي ويٺو هو. ڪشور ٻڌائي رهيو هو: ڪالهه رات اٽڪل ساڍي يارهين وڳي وپن چالاڻو ڪري ويو. ڏهه ڏينهن اڳي ڊاڪٽرن چيو هو: وپن بهتر آهي. گهٽ ۾ گهٽ هن ڀيري ته خطرو ٽري ويو. جيڪڏهن حالت وري نه بگڙي ته رفت رفته چڱو ڀلو ٿي پوندو. اٺ ڏيهاڙا اڳي ڪلڪتي مان ڊاڪٽر چئٽرجي آيو هو. هن ٻين ڊاڪٽرن جي راءِ جي پٺڀرائي ضرور ڪئي هئي، پر اهڙي اتساهه سان نه.“

رتن بابو هن جي اڳيان مهاشيه جو ذڪر ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. چيو هئائين: ”اسان وٽ هڪ ماهر نبض شناس آهي، ٽن پيڙهين کان ناڙي ڏسڻ جو کين خاص شرف حاصل آهي. هن جي اڳڪٿي....“

وچ ۾ ئي ٽوڪيندي پرديوت چيو هو: ”هن جي ڳالهه جو جيڪڏهن يقين ڪيو وڃي ته...“

ڀرون تاڻيندي ڊاڪٽر چئٽرجيءَ آکيو هو: ”ڇا ٻڌايو آهي هن؟ موت جي اڳڪٿي ڪئي اٿائين ڇا؟“

”جي نه. اهڙو ڪجهه ته ڪونه چيو اٿائين، ليڪن....“

ڊاڪٽر چئٽرجيءَ چيو هو: ”هٿ ڏسڻ ۾ منهنجو اوشواس هروڀرو ڪونهي. شروع شروع ۾ان تي گهڻو ڀاڙڻو پوندو هو. اسان مان ڪيترائي ڊاڪٽر تمام چڱي طرح ناڙي جاچي سگهندا هئا. اڄ به ڏسي سگهن ٿا پر علاج جڏهن اسان ڪري رهيا آهيون، تڏهن اسان جي ڳالهين جو ئي ڀروسو ڪرڻو پوندو. هو شايد ائين چوي ته مرض لاعلاج آهي يا هيترن ڏينهن جي اندر ڪجهه ٿيندو وغيره! اسان چئون ٿا: ڪجهه نه به ٿي سگهي ٿو، اسان مرض کي لاعلاج ڪين چونداسين. آخرين دم توڻي لڳا رهنداسين. جيڪڏهن هن جي ڳالهه تي وشواس ٿا ڪريوته بيمار جي سڀني سڳن مٽن مائٽن کي سڀ اميدون لاهي رڳو ان دکدائڪ گهٽنا جي گهڙيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو.“

ان بعد وري چيائين، لاشڪ کلندي چيائين: ”مان به هن ديش جو رهواسي آهيان، اهو ضرور آهي ته مان ڊاڪٽري ڪريان ٿو. پر هن جيڪي بتايو آهي، تنهن کي ته سمجهان ٿو. اها بيشڪ هڪ وڏي ڳالهه آهي. بيماري دکدائڪ آهي، سخت آهي. ڪنهن ريت بچي به وڃي ته جيئرن گڏ مردو ٿي رهندو ۽ سنسار ۾، جتي جنم ٿيڻ سان ئي مرتيو اڻ ٽر آهي، اتي جيڪڏهن سولائي سان ڏٻري ۽ نڪمي سرير جي جلد پڄاڻيءَ کي ثواب ڄاتو وڃي، ته اها هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي. اها ڳالهه اوهان جي فائدي وٽان به آهي. تنهن کي اسان ڇو جئون؟“

ڊاڪٽر چيٽرجيءَ جي روانگي کان ٽن ڏينهن بعد بيماري يڪا يڪ اگرو روپ ڌارڻ ڪيو. پيشاب جو رنگ خراب ٿي ويو، اندار به گهٽجي ويو. پيشاب جي جاچ مان به خرابيءَ جو شڪ جاڳيو. دل جي اوسٿا به بگڙي ويئي. ڌڙڪڻ جي ماترا ٿي هڪ سؤ ٽيهه ۽اڃا به وڌڻ جو مڪان.

هريندر وري ڪلڪتي ڀڳو. ڊاڪٽر چئٽرجي چيو: ”ان جو ئي انديشو مون کي هو. نيٺ اهو ئي ٿيو هاڻ....“

ڪجهه سوچي چيائين:”هاڻي ڪوبه چاڙهو ڪونهي.“

بار بار ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو. ”نه. ڪوبه چاڙهو نه رهيو.“ پڇاڙيءَ ۾ چيائين: ”ڊز يٽلس انٽراوينس ڏيئي ڏسوس.“

هريندر ڏڪي ويو. ”ڊزيٽلس؟ انٽراوينس؟ پوءِ ته توهان پاڻ هلو!“

”مان؟ مان هلي ڇا ڪندس؟ مون ٻڌايو آهي، حالت نازڪ آهي. ئي سمجهبو. هينئر ته رڳو چانس آزمائڻو آهي. جيڪڏهن دوا ٻوٽو ٻاريو،ته ڪرائيس ويندي رهندي. پوءِ جي ضرورت پئي ته مان به ويندس.“

مگر اها همٿ هتي ڪنهن به ڪانه ڪئي: ”هريندر، چارو بابو: ڪنهن به نه. پرديوت ڪجهه سوچيو ضرور هو. پڇاڙيءَ ۾ هو به دلشڪستو ٿي پيو، من به بيچيني جي به ڪائي حد نه هئي!

وپن بابو کي ان دم تائين هوش هو. جڏهن ڪلڪتي مان ڊاڪٽر نه آيو، هو تڏهن ئي سمجهي ويو هو. پاڻ کي ان اڻ ٽر خطري لاءِ تيار ڪري پتا کي مٿين ڳالهه چئي هئائين.

”هيءُ لڄ رکڻ جي مون وٽ جاءِ ڪانهي. مرڻ کان اڳي ئي شرم وچان مري ويو آهيان. اوهان کي مون تڪليف رسائي. هڪ دشمن پٽ جهڙو مون ڪم ڪيو.“

رتن بابو به غضب جو آدمي آهي. اداس کل کلندي پٽ جي مٿي تي هٿ ڦيريندي پيائين! ”تون منهنجو بهادر پٽ آهين: جيون سنگرام ۾ تو دل نه هاري، پٺ نه ورائي، دم نه پٽيهءِ: لڙندي لڙندي وير گتي پرپات ڪيهءِ، ان ۾شرم ڇا جو پٽ؟“

”شرم؟ شرم ان ڳالهه جو ته هن ٻڍاپي ۾ به اوهان کي زره بخت اختيار ڪرڻي پوندي، هٿيار سنڀالڻا پوندا. مان اوهان کي انهن زحمتن کان بچائي نه سگهيس. اهوئي شرم اچي ٿو. اها منهنجي سڀ کان وڏي هار آهي.“

پٽ جي مٿي هٿ ڦيري اکين ۾ لڙڪ آڻي چپن ۾ هڪ عجيب مشڪ سان هن چيو هو: ”ڪنهن کان هار ٿي؟ جنهن کان توشڪست کاڌي، ان کان رام، ڪرشڻ، ٻڌ کان وٺي پيسم، دروڻ... نيپولين هارائي چڪا آهن. ان جي ڳڻتي نه ڪر.“

ڪنڌ ڌوڻي وپن چيو: ”نه. پنهنجو پاڻ کان منهنجي هار ٿي آهي. ڊاڪٽر چئٽرجي مون کي بار بار چتائيندو رهيو. چوندو رهيو ته تون پنهنجي هاج کان باز اچ. اهو رجوگڻ جو روڳ آهي، راجسي ڍنگ ترڪ ڪري ساتوڪ جيون ڌاراڻ ڪرڻ بنا اهو وڃي نٿو سگهي، ملڪ وڌندو رهندو.“

ان بعد ڪشور ڪمري جي اندر رهي ڪونه سگهيو هو. ٻاهر نڪري آيو هو. ٻئي ڏينهن تي وپن جو پيشاب بند ٿي ويو هو. ان جي اثر هيٺ ساڻو ٿي ٽئين پهر تائين مورڇت پيو رهيو. رات جو يارهين وڳي گذاري ويو.

سڄو ڳوٺ، ڳوٺ ئي ڇو، سمورو علائقو وپن جي مرڻ ڪري مرجهائجي ويو. ههڙي هڪڪرم وير، نام ڪٺيو جسم جو ڀاڳي جوان جماڻ، هن جي مرتيو ڪري ائين ٿيڻ سڀاويڪ ئي هو. صبوح جو جڏهن ارٿيءَ جو وقت آيو. ماڻهن جي ڀيڙ اٿلي پيئي. سڀ اداس سڄي علائقي جي آسمان تي ڄڻڪ ڇايا پئجي ويئي هئي. جيون مهاشيه به اداس اکين سان ٻاهر جي طرف تڪيندو پئي رهيو. ڌرتي ۽ مرتيو جو اٽوٽ سنٻنڌ آهي. اهڙي ڪابه گهڙي ڪانهي، جڏهن لئه نه ٿيندي هجي، موت جي سواري نه نڪرندي هجي. جيون جنم کان موت سان ڇاپي ڇڏڻ ٿو چاهي. پوءِ به ان کي ڄاڻي نٿو سگهجي، ڄاڻڻ جو ڪو اپاو ئي ڪونهي. ان ڪري ئي ان کان هيترو ڊپ ٿئي ٿو. وچ وچ ۾ اهو ڊپ دور ٿي وڃي ٿو، مرتيو جي ڀو کي نه رڳو جيتي وٺن ٿا، پر ان کي گلي لڳائڻ لاءِ ماڻهن جا انبوه ڊوڙن ٿا. تڏهن ته مرتيو امرت ٿي ويندو آهي. وپن جنهن درجي جو ماڻهو هو، جهڙي سکيا پاتي هئائين،ان سان ديش جي صدقي موت کي گلي لڳائڻ هن جي لاءِ عجب جهڙي ڳالهه ڪانه هئي. جيڪڏهن هو ائين ئي ڪري ها، ته به ڇا اهڙي ئي ڇايا پئجي وڃي ها؟ ڪانه پوي ها. اچانڪ مهاشيه کي سمڪ پئي، ڪشور ڪڏهوڪو هليو ويو آهي! هن هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.وري پنهنجي نبض پڪڙي ويهي رهيو.

”جهه پتو پوي ٿو؟ ڪوئي آثار؟ ڪوئي اشارو؟ نه.“

”پنهنجو هٿ ڏسي رهيا آهيو؟“ ونيه آکيو”ها.“

”طبيعت ڪجهه........“

”قدرو آيو آهي. اڄ انجيڪشن جو واروآهي.“

ڪٿي آهي؟“

”جي سرڪار.“ ٻڍو موچي سامهون اچي بيٺو.

ونيه وٽ قدرو ئي سندس پهريون مريض آهي. راڻا جي اچڻ کان اڳي ئي هو اچي پهتو هو. اتيسار جو روڳي. جهوني بيماري. مگر عضبناڪ آدمي! اهڙو خبردار روڳي ورلي ڪو ملندو آهي. بيماري ٺيڪ ٿيڻ واري نه آهي. اڄ تائين ٺيڪ نه ٿي آهي. پر هن کي بستري داخل ڪڏهن نه ڪري سگهي. روڳ جي وڌندي ئي هو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندو. ڊاڪٽر چوندس ته پاءُ کن کاڌو کائج ته هو اڌ پاءُ کان وڌيڪ ڪين کائيندو، کائي ڪين سگهندو.

دوا جو هن کي ڄڻ نشو آهي. ٻارهن مهينا ئي هن کي ڪاٿي نه ڪاٿي دوا گهرجي. ڊاڪٽري، يوناني، ويدڪ، ٽوٽڪائي: جيڪا به هجي. وارو ٻڌل اٿس. ڪجهه ڏينهن انگريزي دوا، ان کان پوءِ آيورويدڪ.

قدرو سندس پراڻو مريضي آهي. مڪاني ماڻهو نه آهي. شايد بلاسپور جو آهي. چمڙي جو ڪاروباري. انهن جي پهرين نيات جڏهن هن علائقي ۾ آئي هئي، قدرو پڻ هن ۾ هو. تڏهن هوجوان هو. ساڻ گهر واري هئس، هڪ ٻار هوس.

ان وقت به مهاشيه سندس ٻالڪ کي نگري مرض کان بچايو هو. ان ڪري هو جڏهن به مهاشيه کي راهه ۾ ڏسندو هو، ادب وچان سامهون بيهي رهندو هو:”بوٽ کي پالش لڳائي وٺان.“

جوتو صاف ڪرائڻ بنا موڪل ڪانه ملي سگهندي هئي. ترسڻو ئي پوندو هو. چاهي جتي به هجي- بازار، هٽ، اسڪول جي سامهون، سڀ رجسٽراري آفيس جي پپڙ جي هيٺان، واري واري سان قدرو هر هنڌ هڪ هڪ ڏينهن ويهندو هو. اتان مهاشيه لنگهندو هو ته جوتو پالش ڪرائڻو پوندو هوس.

ليڪن مهاشي پئسا ڏيندو هو. جيتوڻيڪ هن جي سڪ جي قيمت نٿي چڪائي سگهيو. ون وهاريءَ جي مرتيو کانپوءِ، جن ڏينهن مهاشيه گهر کان ٻاهر ڪونه نڪرندو هو، تن ڏينهن به گهر وڃي هن جي جوتي کي پالش ڪئي هوندائين. ڪنهن ڏينهن ڏوڪڙ مليا، ڪنهن ڏينهن نه به مليا. هيڏانهن ڪيترن سالن کان ٻڍاپي سبب قدرو لاچار ٿي پيو آهي. رجسٽري آفيس جي پپڙ کانسواءِ ٻيو ڪٿي به ڪونه وڃي، وڃي نٿو سگهي. ونيه جو دوڪان به سب رجسٽري آفيس جي ڀرسانئي آهي. سو قدرو ٺيڪ اچي پهتو آهي. جو تو به صاف ڪري ڏنائين. هينئر هن جي بيماري اڳري آهي.

قدرو جي مرڻ جو وقت ٺيڪ سمجهڻ مشڪل آهي. هو بيماريءَ کي گنجايش ئي نٿو ڏي. خبردار آدمي آهي. پر لڳي ٿو ته هن جي بيماري آهستي آهستي اتيسار جي صورت اختيار ڪري رهي آهي. هاڻ ڪنهن ڏيهاڙي هن جي (موت جي) پيرن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ ايندي.

هن دفعي قدروءَ چيو آهي: ”سئي هڻو مهاشيه جي تازي ۽ تيز دوا جي سئي!“

”سئي؟ انجيڪشن؟“ مهاشيه کليو. ”جلدي آرام وٺڻ ٿو چاهين؟“

”ها بابا، مشقت نه ڪري سگهندس ته روٽي ڪير کارائيندو؟“

قدروءَ جا پٽ سياڻا ٿي کيس ڇڏي ٻئي ڪنهن ماڳ هليا ويا آهن. زال مري چڪي آهي. اڪيلو سر آهي. ان ڪري محنت ته ڪرڻي ئي پوندي!

مهاشيه چيو هو: ”بهتر ٿيندو ته تون اسپتال هليو وڃ قدرو. پنهنجي صاحب کي چئي ڇڏ، بس.“

قدروءَ جو صاحب آهي ڪشور. الائي ڪهڙي ڳالهه کان ننڍپڻ کان ئي قدرو ڪشور کي- صاحب چوندو رهيو آهي. هو به هڪ شخص آهي جو قدروءَ کي پيارو آهي، قدرو هن کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي.

فوٽ بال جي مرمت وقت قدرو جي ڪشور سان ڏيٺ ويٺ ٿي هئي، ان وقت هاف پينٽ ۽ جرسي جو ڪپتان هوندو هو، ٿي سگهي ٿو ان ڪري کيس صاحب چوندو هو. بعد ۾ هو کدر پوش ٿي ويو ۽ ڪشور کيس لک منع ڪئي، ڪڏهن ڪڏهن ڌمال به چاڙهي، پر قدرو کيس صاحب چوڻ نه ڇڏيو.

قدرو اسپتال وڃڻ واسطي تيار نه ٿيو: ”نه، مائي باپ، آئون اسپتال وڃي نٿو سگهان. اتي سڀ وڏا ماڻهو آهن، منڊمون دوا ٿيون پيئارين: وري ڏينهن رات کٽ داخل رهڻ ۽ انهن سڀني کان شيوا ٽهل ڪرائڻ مون جهڙي ڄمار کي سونهي ٿو؟“

”اڙي ڀائي، انهيءَ ڪم واسطي ته هو ماڻهو مقرر ٿيل آهن. اسپتال ته سڀني واسطي آهي. روڳي ئي اسپتال جا ديوتا آهن. ان ڪري تون ڪو سنڪوچ نه ڪر.“

”نه بابا، نه.“

”ڇو؟ آئون چوانءِ ٿو، اهو ئي بهتر ٿيندءِ. تون جهڙي طرح نيم سنجم سان ٿو رهين، جهٽ چڱو ڀلو ٿي پوندين. روڳ ٿيڻ جي حالت ۾ ته کٽ تي پوڻ ئي ٺيڪ آهي.“

”سو ته ڪندو آهيان. وڻ جي هيٺان تڏو وجهي پيو هوندو آهيان، ويٺي ويٺي ڪم ڪندو آهيان. ننڊ لڳندي ئي سمهي پوندو آهيان.“

”ته پوءِ اسپتال ۾ ئي سمهه.“

”آئون دوا جو دام ڏيندس سرڪار.“

”پئسن جي لاءِ آئون ڪونه ٿو چوان قدرو. اتي وڃڻ سان سٺو ٿيندءِ.“

”نه سرڪار، اسپتال جيڪو ويندو سو مرندو: آئون چوان ٿو.“

”ڇو؟“

”اسپتال ۾ ديو آهن، ديو. رات جو چڪر هڻندا آهن. قبرستان ۾ اسپتال آهي، قبر مان ڀوت نڪرندا آهن.“

مهاشيه کي ياد اچي ويو. ’اُن ڏينهن شايد پرديوت وٽ به ڀوت گوشت گهريو هو. ڊاڪٽرن مان ڪنهن به گوشت ڪونه کاڌو هو. ٻئي ڏينهن تي دانتو گهوشال اسپتال مان رفوچڪر ٿي ويو هو‘.... مهاشيه ڀرون تاڻيون. هڪ ڳالهه کيس ٻي به هري آئي ليڪن رهڻ ڏي. هن به هڪ ڀيرو ڀوت ڏٺو هو! اهو ڀوت مڇي کائي رهيو هو. رات جو هڪ بجي. هو بيمارن کي ڏسي موٽي رهيو هو. نوگرام ۾ داخل ٿيندي ئي چوواٽي تي، باغيچي واري تلاو جي گهاٽ جي ڀرواري وڻ جي هيٺان کڙيءَ کان چوٽيءَ تائين سفيد ڪپڙو ويڙهيل هڪ مورتي بيٺي هئي، ڪجهه کائي رهي هئي. چانڊوڪيءَ ۾ صاف ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو ته هٿ وات جي ڀرسان آهي.

تنهن وقت ڊپ وچان گاڏيءَ واري جو ساه سڪي ويو هو. مهاشيه کي لوڏو به نه آيو. هو گاڏيءَ مان لهي اڳتي وڌي ويو هو. ڏٺائين، ڀوت ئي آهي، مڇي کائي رهيو آهي. اها تصوير گويا اکين ۾ تري رهي آهي. خود هن ڏٺو آهي ڀوت کي!

سندس چهري تي هن دفعي هڪ عجيب کل جي ريکا نمودار ٿي. ’هن دنيا ۾ سڀ ڪجهه آهي. ڀوت، پريت، برهم، دئيت، سڀ. نه آهي، ڪير ٿو چوي؟ جيڪڏهن سچ پچ اها نظر هجي ته ڏسي سگهجي ٿو.‘

انجيڪشن سان ئي هن علاج شروع ڪيو. قدروءَ کي به سئي هنيئاين. اڄ به سئيءَ جو وارو آهي. هو اچي سهڙيوآهي. مهاشيه پڇيس: ”ڪيئن آهين؟“

”اون هون.“ هن ڪنڌ ڌوڻي چيو. ”ٺيڪ نه آهيان. ٿورو گهڻو تپ اٿم.“

”چڱو، هٿ ڏيکار. اڙي، تون ته ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهين. بيماري وڌي ويئي آهي. دست ته گهڻا ٿا اچئني؟“

”نه سرڪار. دست ته ٿورو ٿو اچي.“

”پوءِ؟ کائيندو ڇا آهين؟“

”ڇا کاوان حضور؟ ٿورو ناريل جو پاڻي. بس. ٻيو ڪي ڪين. ڪجهه به نه“

”پر کائڻو ته پوندءِ. بنا کاڌي ئي ائين ٿيو آهي.“

”ڊپ سان ڪم ڪين هلندو. کائڻو پوندو. بکيو رهي ته تون مري ويندين.“

”مرڻ کان نٿو ڊڄان بابوُ. بيماري جي تڪليف کان ٿو ڊڄان. جيڪڏهن کاڌي پيتي سان وڌي وڃي؟ پيٽ جو سور ڪٿي وڌي وڃي؟ پڇاڙيءَ ۾ ڪهڙو گند مئلي سان ڪنو ٿي مران بابا؟“

مهاشيه اڄ به ورجايس: ”تون اسپتال هليو وڃ. تنهنجو صاحب ته اتي آهي ئي. هو چوندو ته سڀ ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويندو ۽ جنهن قسم جو توکي مرض آهي، اهو به سهنجائي سان ٺيڪ ٿي ويندو.“

قدرو چيو: ”اتي ئي ته هو بابو صاحب چالاڻو ڪري ويو. هيڏو وڏو بابوُ، هيڏي وڏي قسمت! ڪچي ڄمار م ئي هليو ويو. هيتري دوا دوارون ٿي، هيڏا وڏا ڊاڪٽر آيا. ڇا ڪيائون حضور! ڪجهه نه. ٻئي جي ڳالهه ئي سچي نڪتي.“

”ڪهڙي ڳالهه؟“ دردناڪ ۽ عجيب آواز ۾ مهاشيه آيو.

”حضور جواڳڪٿي ڪئي هئي ته بابوُ بچندو ڪونه، اهائي ته سچ نڪتي، ڪلڪتي مان ڊاڪٽر آيو، پر وريو ڪجهه ڪونه.“

مهاشيه جا سمورا عضوا ڪانڊارجي ويا. ’قدرو ڇا پيو چوي!‘ چپ ڪري ويٺو، پاڻ کي روڪي ورتائين.

قدرو چوندو ويو: ”ٻي به ڳالهه آهي بابا. تنهن ڏينهن اوهان کي ٻڌايو هوم، ونيه بابوُ کي به خبر آهي، اسپتال ۾ ڀوت رهندو آهي. اتي ڪير ڪونه بچندو.“

ونيه ٻاهر بيٺو هو، اندر هليو آيو. چي: ”قدرو ڪوڙ ڪونه ڳالهايو آهي. تنهن ڏينهن پرديوت بابوُ وٽ ڊاڪٽرن جي مجلس هئي. گوشت رڌيو ويو هو. دريءَ کان ٻاهر ڀوت گوشت گهريو هو. ڊاڪٽر جي رسويي پنهنجي اکئين ڏٺو آهي. گڻيش ڀٽاچاريه جي ڌيءَ جو اسپتال ۾ ويم ٿيو هو، ڊاڪٽر اهو ڪيس خوب بچايو! پر هوءَ ڇوڪري ڊپ وچان ذري گهٽ مرڻ تي هئي. گڻيش هن کي وٺي اتان ڀڄي آيو.“

مهاشيه کي ڄڻڪ باهه جي چڻنگ ڇهي ويئي- بيچين ٿي پيو. ڀروُن تاڻي تکو ڳالهائيندي چيائين: ”ڀوت؟“

ونيه چيو: ”دانتوءَ ڏٺو آهي. قبرستان مان...“

”دانتو؟“

”هائو. اڄ صبوح جو هن اسپتال ۾ ڏاڍو هل هلاچو ڪيو. ڪونه رهندو. ڪالهه سڄي رات هو ڊپ وچان سمهي ڪين سگهيو.

ان ڳالهه تي مهاشيه جيڪي ڪيو، اهو ونيه جي ڪلپنا کان ٻاهر هو. مهاشيه بگڙي ويو. ”دانتومرندو. اڳڪٿي ۾ مون کان ڀل ڪانه ٿي آهي. پريت؟ دانتوءَ کي وٺي وڃڻ لاءِ ئي ڀوت ڀريت درشن ڏنو آهي. اهو ڀوت دانتوءَ سان ساڻ ساڻ گهمي ٿو. ٻيو ڪير نٿو ڏسي سگهي، پر آئون ڏسان ٿو.“

سڻندي ئي قدرو ۽ ونيه ڏندين آڱريون ڏيڻ لڳا. ونيه کي لڳو، ”مهاشيه جو مغز ته خراب ڪونه ٿي پيو آهي؟“

مهاشيه چيو: ٻيا بيمار هجن، انهن کي سڏائي. هاڻ آئون ويندس. ستاب اڃا تائين ڇو ڪونه آيو آهي؟“

اڄڪجهه شطرنج کڻي ستاب دوڪان ئي تي ايندوآهي. هتي ئي ڄمي ويندا آهن. خاصي محفل لڳي ويندي آهي.

*      *      *

ستاب ڪونه آيو، هن جي پاڙي ۾ نشي ٺڪرائڻ جي ڀائٽي مري ويئي آهي. اهائي پندرهن ورهين جي نينگري، ٻن ٻن ٻارن جي ماءُ، ويم ۾ جنهن جي بدن جو رنگ ٽيسوءَ جي گل جهڙو ٿي ويو هو. جنهن جي ناڙي ڏسي مهاشيه هن جي نشچت موت جي اڳڪٿي ڪئي هئي. آخر ۾ نشيءَ ششيءَ جو علاج ڪرايو هو. ششيءَ پنهنجي نيم طبيبي واري طريقي سان سيگهه ۾ هن کي يم لوڪ پهچائي ڇڏيو- ڀو ساگر پار ڪرائي ڇڏيو.

آخرين ٽي ڏينهن، جڏهن هن جي حالت بنهه نازل ٿي ويئي، نشيءَ ڊاڪٽر هريندر کي گهرايو هو. هن ڪيتريون سيون هنيون. قيمتي دوا ڏني.

هينئر نشي هريندر کي پاراتا ڏيئي رهي هئي. گهر موٽندي مهاشيه ستاب وٽ ويو هو. هڪ اڀو ساهه کڻي موٽي آيو. ڪالهه رات وپن سرڳواسي ٿيو، ارٿيءَ سان گڏ ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جا ٻڍا ٻار، زالون مڙد سڻڪ جي ڪناري ڪناري ڀيڙ ڪري بيٺا هئا. مساڻن تائين جنتا ويئي هئي. سڄو ڏينهن جيون جي جوت تي هڪ ميري ڇايا ڇانئي رهي. ماڻهو ٿڪجي پيا، شوڪ غم ۾ غرق ٿي ويا. هينئر ڪو به ڪونهي. پنهنجي ڀائٽيءَ جي لاش جي ڀرسان نشي او ڇنگارو ڏيئي روئي رهي آهي، ڊاڪٽر کي گاريون ڏيئي  رهي آهي. ٻه ٽي پاڙي واريون ڀرسان ويٺل آهن. ٻاهر ڪشور ۽ ٽي چار ’ڪشور پنٿي‘ جوان بيٺا آهن. لاش جا ڪانڌي اهي ئي ٿيندا.

اڄ بازار به مندي آهي. ڪجهه بتيون ٻري رهيون آهن، ڊاڪٽرن جي ’ڪوآپريٽو اسٽور‘ ۾ ٻه بتيون ٻري رهيون آهن. هڪ اندر ۽ هڪ ٻاهر. اڃا سموريون دوائون پهچي نه سگهيون آهن: ٿورو گهڻو دوڪان چالو ڪيو ويو آهي. چارو بابوُ ٻاهر ويٺو آهي. هريندر به آهي. وپن جو ئي ذڪر هلي رهيو آهي.

مهاشيه سوچي رهيو هو نشي جي ڀائٽيءَ جي ڳالهه. ان ڏينهن جيئن ئي هن کي ڏٺو هئائين، تيئن ئي کيس پنهنجي ناڙي سکيا جو پهريون ڏينهن ياد اچي ويو. کيس به ساڻ وٺي ويو هو. اهڙي ئي هڪ روڳڻي هئي هوبهو. ساڳي عمر، اهڙي ئي ٻن ٻارن جي ماءُ: هڪ ٻار گرڀ ۾، موٽندي وقت پتا کيس رستي ۾ چيو هو: ”اهائي آهي موت جي مرض جي ناڙي! هيءَ نينگري ڪانه بچندي پٽ- ۽ هڪ علامت تو ڏٺي؟ هن جي دل انهن شين سان آهي، جن سان مرض وڌي ٿو. هن جي هٿ ۾ تيل جي وڏي پڪوڙي جو نشان ۽ ان جي بوُ هن جي نگاهه کان بچي ڪانه سگهي هئي. نشي جي ڀائٽيءَ به ان ڏينهن آچار چورائي کاڌو هو. اف، ان ڏينهن کيس ’ٻچي‘ چوڻ سان جا هوءِ کلي هئي‘ ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ کيس پهريون ٻار ڄائو هو. ساڍن تيرهن ورهين جي عمر۾ هوءَ ٻئي ٻار جي ماءُ بڻي هئي ۽ پندرهن ورهين ۾ هن نينگريءَ ٽئين ٻار کي گرڀ ۾ ڌارڻ ڪيو آهي ۽ هوءِ ٻچي آهي!“

هوءَ کلندي هئي ته هن جي ٻنهي ڳلن ۾ کڏو پئجي وينديون هيون. اونداهي رات ۾ ڇايا مورتيءَ ڪير اکين آڏو اچي بيٺي هئي. پٺ گهنڊيدار وارنسان ڀريل. هيءَ به وات ۾ ڪپڙو وجهي کلي ٿي. کلڻ سان ڳلن ۾ کڏون پون ٿيون.

منجري شايد مري ويئي آهي. وچ ۾ ايڪانت جي گهڙين ۾ ٺيڪ ساڳي ريت اچانڪ ياد تري ٿي اچي ۽ اتي ئي وري کوهجي ٿي وڃي.

اسپتال جي احاطي ۾ ڊاڪٽر پرديوت جي ورانڊي ۾ بتي ٻري رهي آهي. اڄ پرديوت چپ ويٺو آهي. شايد سوچي رهيو آهي. سڀ ڊاڪٽر سوچيندا رهندا آهن. سوچيندا آهن، ته ڪٿي ڪائي ڀل چوڪ ٿي آهي يا نه.

جيڪڏهن ڀل ٿي ويندي آهي ته پڇتاءُ ظاهر ڪري چپ ويٺو رهندو آهي. هن جو هردو هاءِ هاءِ ڪندو رهندو. جيڪڏهن ڀل ڪانه ٿي هوندي، ته ائين ئي سڀاويڪ خاموشيءَ سان ويٺو رهندو آهي. من خالي ٿي ويندو آهي. اچانڪ ان خلاءَ ۾ هوا لڳي ٿي. ٿڌو شوڪارو ڀري ڊاڪٽر سوچي ٿو. ”بيوس آهي، انسان ڏاڍو بيوس آهي. ڪنهن جي من ۾ بجلي جي چمڪ جهڙو سوال چمڪي ٿو. ڊيٿ! واٽ اِز ڊيٿ؟“[1] Death! What is death?


[1]  موت! موت ڇا آهي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org