[14]
چار سال تنهن کانپوءِ جيون دت جي جيون جو اُديه
لڳن. نئون جنم يا نئين جنم جي تپسيا ٿي.
وچ وچ ۾ ڊاڪٽر رنگ لعل چرچو ڪندو هو. هڪ ڀيري چيو
هئائين: ”سچ پچ جيون، ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي. من ۾
ايندو آهي، مون شادي ڇو ڪين ڪئي؟“
ان طرح جون ڳالهيون اڪثر رات ۾ ٿينديون هيون.
ورانڊي ۾ ويهي هو مقرر انداز ۾ برانڊي پيئندو ۽
چروٽ جا سوٽا هڻندو؛ پر جيون دت اتي هوندو، ته
ساڻس ويهي رهاڻيون ڪندو يا ڪتاب پڙهندو رهندو.
ڪڏهن ڪڏهن منا کي گهرائي هن سان ڳالهيون ڪندو
رهندو. پاڻ ڪڇ ڪين چوندو، منا قصا ويهي ڪٽيندو هو.
جنن ڀوتن جو قصو؛ ٻڌندو رهندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾
ٽهڪ ڏيئي کلندو هو.
جيون دت کي هن ترجمي جا سمورا دستخط ڏيئي ڇڏيا
هئا. جيون گهر م انهن جو اڀياس ڪندو ۽ پنهنجي
طبابت ڪندو هو. ٻه چار ڏينهن وچ ۾ رکي صبوح جي ڪمن
کان فارغ ٿي ڊاڪتر رنگ لعل وٽان ٿي ايندو هو. جيڪا
ڳاهه سمجهه ۾ نه ايندي هيس، سا هن کان سمجهي ايندو
هو. جيترو پڙهي چڪو هوندو، سو ڊاڪٽر کي ٻڌائي
ايندو. هو ٻڌندو. تفصيل ۾ پڇندو. ڪنهن وٽ ويندو،
ڪنهن وٽ نه ويندو. جنهن وٽ به ويندو ساڻس گڏ جيون
به ويندو. گرو پالڪيءَ ۾ ويندو، جيون پيادو.
سگهارو ۽ جانٺو بدن، اٺٽيهه انچ ويڪري ڇاتي، ٻه مڻ
کان وڌيڪ وزن، مدگر ڦيرايل، ڪسرتي ۽ مضبوط جسم،
جوان هاٿيءَ وانگر ڀاري قدم وڌائيندي جيون دت
ڪهارن سان گڏ هلندو ويندو.
پرٿورن ئي ڏينهن ۾ جيون محسوس ڪيو، ڊاڪٽري سکڻ
سندس وس جي ڳالهه ناهي. هو ڍلو پئجي ويو. گروءَ جي
من ۾ به عاجزي ڀرجي آئي. ڪيترن ڏينهن کان هو جيون
کي ان ڪانچ واري ڪمري ۾ لاش جي چير ڦاڙ ڪرڻ لاءِ
چئي رهيو هو، هڪ ڏينهن جيون لاش جي چير ڦاڙ ڪئي
هئي. نتيجو اهو نڪتو جڏهن رات جو ڀوڄن ڪيائين ته
الٽي ڪري وڌائين. تنهن کانپوءِ ڪي چار پنج ڏينهن
گروءَ جي گهر ڏانهن قدم به ڪين کنيائين. ڇهين
ڏينهن هن سوچيو، هن سڙيل لاش کي ته هاڻ گروءَ ضرور
ڦٽو ڪري ڇڏيو هوندو. ان ڏينهن گروءَ مٿس ڏاڍي
ملامت وڌي هئي ۽ منا کي ٻيو لاش آڻڻ جو حڪم ڏنو
هو.
ٿورن ڪلاڪن کانپوءِ پنجن ورهين جي هڪ ٻالڪيءَ جو
لاوارٽ لاش کڻي آيو. هتان جا هندو به پنج سالن جي
عمر وارن جي لاشن کي ساڙيندا نه، پر پوري ايندا
هئا. جيون دت ٻئي هٿ جوڙي ليلائي گروءَ کي چيو:
”مون کان هيءُ نه ٿيندو. هن ٻالڪا جي شرير ٿي...“
هو روئي پيو هو. چيو هئائين: ”توهان يقين رکو،
منهنجي ڌيءَ به ڏسڻ ۾ ٺيڪ اهڙي ئي، هوُبهوُ اهڙي
ئي هئي، اهڙا ئي وار، اهڙي ئي بناوٽ....!“
ڊاڪٽر رنگ لعل جن اکين سان هن کي گهوريو، سي اکيون
ڪٺورتا سان ڦوٽاريل هيون. پر ڏسندي ڏسندي ڪومل ٿي
ويئون. چيو هئائين: ”چڱو، رهڻ ڏي. تون وڃي بنگلي
تي ويهه... مان هن کي بي- سيڪشن ڏيئي اچان ٿو.
ڀانيان ٿو، ته اوچتو ئي موت ٿيو آهي. بيماريءَ جي
ته ڪائي نشاني ڪانه آهي.“
در اصل اها ٻچي ڏسڻ ۾ گهڻي ڀاڱي جيون دت جي پهرين
ڪنيا سشما جهڙي هئي. عطر کي ان وقت تائين به سنتان
ٿيا هئا. وڏي هئي ڌيءَ، سشما، ان کان پوءِ پٽ، ون
بهاري.“
ان ڪانچ واري ڪمري مان نڪري جيون دت وڌيڪ اوسيڙو
نه ڪري، سڌو گهر راهي ٿيو. ان ڪري سندس گرو عاجز
اچي ويو هو.
ڪيترن ڏينهن پڄاڻا جڏهن جيون دت اتي ويو، ته گروءَ
چيس: ”ويهه. توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.شڪي نوع ۾
جيون ويهي رهيو. ڊاڪٽر چروٽ جي ڪش مٿان ڪش ڇڏيندو
پئي ويو.ذرا ساعت کانپوءِ چروٽ کي ڇڏي چيائين:
”جيون، توکي جهڙو بنائڻ جو مون سوچيو هو، سو نه ٿي
سگهيو. تو۾ اها لائقي ڪانهي. تنهن کانسواءِ
انگريزي چڱي طرح ڄاڻن بنا به هن علم ۾ قابليت حاصل
ڪرڻ ناممڪن آهي. مون ته سوچي ڇڏيو هو، تنهنجي ان
ڪميءَ جي پورتي مان ڪري ڇڏيندس. هاڻ ڏسان ٿو، اهو
به سوکو ڪم نه آهي. مون کي عاجز ٿيڻو ٿو پوي ۽
تنهنجي لاءِ به هن علم جو ڪجهه حصو گهڻي قدر من
پسند ڪونهي. تون ان غير پسنديءَ کي دور نه ڪري
سگهندين، ناممڪن آهي.“
ڊاڪٽر چپ ٿي ويو.
کن رکي چيائين” ”تنهنجو پتا تنهنجي ڌاتو کي تپائي،
ڪٽ يڪٽي بڻائي ويو آهي، ان کي نئي سر ڳارڻ کان
سواءِ ان مان ٻيو ڪجهه بڻائي نٿو سگهجي. تلوار ۽
کڙڳ ٻيئي هٿيار آهن، پر ٻنهي ۾ تفاوت آهي. تلوار
سان سانڍ جي قرباني ممڪن ناهي ۽ کڙڳ سان اڄوڪي يگ
جي لڙائي نٿي لڙي سگهجي.“
ايتري ۾ ڪٿان سڏ ٿيو. علائقي جي هڪ نام ڪٺيي ڪٽنمب
مان ڪوٺ ٿي هئي. ڊاڪٽر رنگ لعل جڏهانڪر پرئڪٽس
شروع ڪئي، تڏهانڪر سندس ان ڪٽنمب سان سروڪار آهي.
بلڪ ان کان به وڌيڪ چئجي! شايد قرب جو به ناتو
آهي، هتي جي عام ماڻهن ۾ ڊاڪٽر رنگ لعل جي من ۾
ڌڪار جو جذبو ڀريل آهي پر ان ڪٽنمب لاءِ ان جي
بنهه ابتڙ سنيهه ڀريل آهي. گهرجي مالڪياڻي بيمار
آهي. عجيب بيماري اٿس. صرف ٻن ڪلاڪن ۾ بيماري اگرو
روپ ڌارڻ ڪري ويئي. بدهاضمي جي شڪايت کيس اڳي ئي
رهندي ائي آهي. اڄ ٻه ڪلاڪ اڳي هوءَ ٺوڪر کائي
اَڱڻ ۾ ڪري پيئي هئي. ايتري دير ۾ ئي حالت ايتري
بگڙجي ويئي. ڌنش وانگر ڏنگي ٿيندي پيئي وڃي. بيحد
تڪليف، ڳالهائي به نٿي سگهي. مهاڙون ٻڌجي ويئون
اٿس.
ڊاڪٽر رنگ لعل وائڙو ٿي پڇيو: ”ڪڏهن ڪري؟“
”اٽڪل ٻه ڪلاڪ ٿيا؟“
”بس ٻه ڪلاڪ ٿيا؟“
”جي ها.“
”مار! ايترو جلدي؟ من اڪهارن کي سڏ.“
جيون به ماٺ ميٺ ۾ گروءَ ساڻ راهي ٿيو.
رنگ لعل بابو کي سمڪ ڪانه پيئي هئي؛ اڌ رستي ۾ هن
کيس ڏٺو. پڇائين: ”تون به هلي رهيو آهين؟“ شايد هن
جي مرضي نه هئي. هن ناتو ٽوڙڻ ڪاڻ ئي ڳالهيون
ڇيڙيون هيون جو وچ ۾ ئي بيمار جو سڏ ٿيس.
”اها تصوير جيون کي اڄ به چٽي ياد اچي رهي اهي.
سکيو آسودو ڪٽنمب؛ راڙ ڊويزن ۾ ڪوٺي وارو گهر،
مٽيءَ جي ٻماڙ عمارت؛ صاف سٿرو، پڪو فرش، ڀتيون چن
سان پوچيل. تيز روشني ٻري رهي هئي؛ ان زماني جو
خوبصورت شيڊ وارو چوويهن بتين وارو شمعدان.
ڪيترا ماڻهو، سڳا سنٻنڌي، مٽ مائٽ، ٿورو پرڀرو
ويٺا هئا.
هڪ طرف بستري تي ڏوري ڇڪيل تير ڪمان جهڙي وريل اها
استري ليٽي پيٽي هئي. ان تي به مٿان کان ڄڻڪ کيس
ڪير ڇڪي رهيو هجي، ڪوئي غيبي شخص ڪرنگهي تي مترڪي
جا ڌڪ هڻي ٻلوان هن سان کيس وڌيڪ زور سان ڇڪي
ٽنڪار ڪڍي رهيو هجي، ٻئي چپ سيٽجي ويا هئس. مهاڙون
ويهي ويئون هيس، اهو ٺيڪ آهي، تڏهن به جيون سمجهي
ويو. وڏي ساهس سان هوءَ ويچاري عورت هيءَ پيڙا
برداشت ڪري رهي هئي. ڊگها ساهه کڻي هوءَ اندر جي
پيڙا جو پريچيه ڏيئي رهي هئي. ساڻ گڏ هڪ عجيب آواز
به نڪري رهيو هو. ان آواز کي هوءَ ويچاري دٻائي
نٿي سگهي.
ڊاڪٽر رنگ لعل به يڪ ٽڪ بيمار کي جاچي رهيو هو.
شايد پنجن منٽن بعد پڇيائين: ”اڄ ئي ڌڪ لڳو ۽ ٻن
منٽن۾ ههڙي حالت بڻجي ويئي؟“
”جي. ٻه ڪلاڪ به پورا نه ٿيا هوندا.“
ڊاڪٽر رنگ لعل به ڀرون تاڻي چيو: ”ڪٿي ٺوڪر لڳي
آهي ۽ رت نڪتو آهي؟“
”ساڄي پير جي آڱوٺي ۾. رت ڪونه نڪتو آهي.“
ڊاڪٽر رنگ لعل آڱوٺي کي باريڪي سان تپاسي ڏٺو. هٿ
لڳائڻ سان سڄو گهر ڄڻڪ ڇرڪي ويو. سخت سور وچان
روڳڻيءَ هڪ روئڻهارڪي، گونگي دانهن ڪئي. جيون ان
وقت تائين هڪ اچرج وچان هن بيمار عورت کي ڏسندو
رهيو هو، ڪهڙو نه لاثاني صبر! نگاهن ۾ ئي هن جي
درد جو اظهار نروار ٿي چڪو هو. مهاڙون بند ٿي
ويئون هئس، نڙيءَ مان دردناڪ دانهن نڪرڻ ٿي چاهيو
۽ ان کي هوءَ جند جان سان ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي
هئي. هيڏيءَ پيڙا کان پوءِ به هوش هوس.
ڪٿي ڦٽ ڪونهي، رت جو نشان ڪونهي.... بيحد سور وچان
ٽيڙي پئجي رهي هئي. ايترو بس نه هو، شرير تي
جهرڪيءَ جو کنڀ ڇهائڻ سان ٿر ٿر ڪنبڻ ٿي لڳي.
نڙيءَ مان درد ناڪ دانهن نڪري رهي هيس.
ڊاڪٽر رنگ لعل ناڙي ڏٺي. روڳڻيءَ درد وچان دلسوز
اکرن ۾ ٻڪاريو. نسون ائين سيٽجي ويئون هيس جو ڇهڻ
سان ئي انهن جي ٽٽڻ جهڙي سور کيس بي صبر ٿي ڪري
وڌو.
رنگ لعل ڀرون تاڻيون. ڳنڀير بڻجي چيائين: ”تون ڏس
ته جيون، ناڙي گيان مان تون ڇا ٿو سمجهين؟“
ڊاڪتر رنگ لعل اتان هٽي پري ٿي بيٺو.
جيون دت سنڀالي ويٺو. شڪ گاڏڙ ڊپ وچان هن جي
هيانءُ ۾ ڌڪ ڌڪ ٿي رهي هئي. رنگ لعل شُڪر آچاريه
جهڙو ڊاڪٽر ۽ هن جي اڳيان پريکشا جي نوبت. ناڙيءَ
جي انڀو جو کيس موقعو به ڪونه مليو، جيڪو مليس،
تنهن مان اهو به ڪين سمجهي سگهيو ته هن ۾ چرپر به
آهي يا نه. ڊاڪٽر رنگ لعل ته ڪرائيءَ کان ٿلهي آڱر
سان دٻائي ڪري نبض جاچي، ڌڪ ڌڪ جو شمار ڳڻيو، اهو
ڏٺائين ته رکي رکي ڪري رفتار سست ٿئي ٿي يا نه،
بس، ان کان وڌيڪ هو ڏسڻ جي ڪوشش به ڪانه ڪندو هو.
روڳڻيءَ جو هٿ بستري تي جهڙو هو، تهڙو ئي پيو
رهيو؛ جيون دت به ڪرائيءَ تي آڱر رکي. اکيون بند
ڪري آسپاس جي شين تي ڄڻڪ پردو وجهي ڇڏيو. لڳ ڀڳ
اگهاڙي پپر جي وڻ جي سنهڙي ٽاريءَ تي ڄڻڪ هڪڙوئي
پن ڪنبي رهيو آهي، هلڪي هوا جي جهونڪي سان نظر کان
اوجهل. انهيءَ ڏڪڻيءَ کي انڀو ڪري ٿو، پر ذري
لاپرواهي ٿي ته اهو پتو به ڇڻي ڪِري پوندو. هو
نهايت سوکيم ڇهاءُ جي احساس کي جاڳائي ويٺو، ڄڻڪ
ڌيان مگن هجي.
سندس پتا جي به چوندو هو: ”شڪتيءَ جو ڌرم ئي آهي
جو هوءَ وهنوار ۾ سوکيم ۽ تيز ٿيندي آهي. انڀو به
وڏي سوکيم شڪتي آهي. ان کي اسٿول ڪريو ته گدا بڻجي
پوي.“
جهيڻي، نهايت ئي جهيڻي چرپر جو هن انڀو ڪيو. ڄڻڪ
رکي رکي گم ٿي ٿي ويئي.
ايتري ۾ ڊاڪٽر رنگ لعل جو آواز ڪنين پيس: ”نبض ملي
ئي؟“
وڏيءَ ساوڌانيءَ سان ڪنڌ ڌوڻيندي جيون دت ٻڌايو:
”ملي رهي آهي.“ اهڙي طرح چيائين جو ڪنڌ لوڏڻ سان
هٿ نه لڏي وڃي. شرير جي ڌوڻ سان من جي ڪنهن سوکيم-
ڏڪندڙ- لهر کي چوٽ نه رسي.
”سمجهه ۾ اچيئه ٿو ڪڇ؟ ڏس، وري چڱي طرح ڏس.“
جيون هينئر ڪوبه اشارو نه ڪيو. پنهنجي من جي
ايڪاگرتا کي هن تهائين وڌيڪ گنڀير ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. گيان۽ ٻڌيءَ جي بتيءَ جي وَٽ کي اڃا به تيز
چمڪائي بيماري جي تهه تائين پهچي ان کي ظاهر ڪرڻو
هو کيس خود به سمڪ نه رهي ته هن ڪيستوڻي ناڙيءَ کي
جاچيو. پر هن کي محسوس ٿيو، هيءَ نبض جهيڻي چاهي
جيتري به هجي، اجهل ڪانهي. مٿاهين هنڌ، اتاهين
چوٽيءَ تان ڪرڻ تي يا ڀڳل هڏي ڳنڍڻ وقت اتيسار،
بدهضمي ۽ وايو روڳ ۾ اها حالت ٿيندي آهي.پر اها
اجهل يا لاعلاج هرو ڀرو نه ٿيندي آهي. هتي هڪ ئي
وقت ٻه ڪارڻ اچي بڻيا آهن. نديءَ جي ٻوڏ ۾ اوچتو
ٻي نديءَ جووهڪرو اچي مليو آهي ۽ ان شرير روپي کيت
کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. بدهضمي جي بيماري ڪري شرير
هيڻو هو، اهڙي حالت ۾ ڪري پوڻ جي سبب ئي ائين ٿيو
آهي. چوٽ صرف بهانو اهي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي
آهي ته بگڙيل وايو جي ڪارڻ حواسن واريون نسون جي
سيٽجڻ لڳيون آهن، تن کي روڪڻ.
”ڇا ڏٺئه؟“ ڊاڪٽر رنگ لعل اتاولائيءَ سان پڇيو.
”جي؟“ جيون نهٺائيءَ سان چيو هو: ”ناڙيءَ مان ته
مون کي ائين نٿو لڳي ته هيءَ بلڪل اجهل آهي.“ هن
پنهنجو انومان ٻڌايو ۽ چيو: ”هيءَ ڌنش ٽنڪار نه
اهي.“
ڪنڌ ڌوڻي ڊاڪتر رنگ لعل به پٺڀرائي ڪئي. چي:
”ٽٽيئنس[1]
ته هرگز نه آهي، ۽ گهڻو ممڪن آهي، تون جيڪي چئي
رهيو آهين، سوئي ٺيڪ آهي. تون چوين ٿو ته اجهل
ڪونهي، پر ضبط ڪئين ٿئي؟ مهاڙون ويهي ويئون اٿس،
دوا اندر وڃي نٿي سگهي. شرير تي ڪٿي به هٿ رکڻ جي
گنجائش ڪانهي. مالش ڪرڻ غير ممڪن آهي. اهڙيءَ حالت
۾ روڪي ڪيئن ٿو سگهجي؟“
ڊاڪٽر رنگ لعل ڪنڌ ڌوڻي ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر
ايڪانت ۾ جيون کيس چيو؛ ”توهان دوا ڏيوس. چمچي يا
ستيءَ ۾ وجهي ڦڙو ڦڙو ڪري پيئاريوس. ٻيو جيڪڏهن
اوهان اجازت ڏيو ته مان ’مُشٽي يوگ‘[2]
آزمايان. ان سان وايوُ جي ان آپدا جو اثر هوريان
هوريان ويندو رهندو. تنتن جي هيءَ سپيٽ به دور ٿي
ويندي ۽ مهاڙون به کلي پونديون.“
”مشٽي يوگ؟“
”اهو مشٽي يوگ منهنجي ڏاڏي کي هڪ سنياسي کان مليو
هو. تاڙ جي وڻ مان نڪتل انهن پنن کي، جن کي اڃا
هوا ۽ اس جو درشن ڪونه مليو آهي، گرم پاڻيءَ ۾
ٽهڪائڻو پوندو ۽ انهيءَ ٽهڪيل پاڻيءَ جي ٽاڪوڙ
ڪرڻي پوندي.“
”تون آزمائي سگهين ٿو. منهنجي لاءِ ته هيءَ مئل جي
برابر آهي.“ بيمار جي مائٽن کي چيو هئائين: ”دوا
ڏيندو وڃان ٿو. جيون هتي رهندو. مون کي ڪائي اميد
نظر نٿي اچي. جيون نا اميد ڪونهي؛ هو ڪوشش ڪري
ڏسي. جيڪڏهن حلات ۾ سڌارو اچي ۽ مهاڙون کلي پون ته
مون کي خبر ڪجو، جيون هڪ ’مشٽي يوگ‘ جو تجربو
ڪندو. ان کي ٺيڪ ڪرڻ ڏيندا. سمجهي ويا؟“
ڊاڪٽر جيون سڄي رات ڀرسان بيٺو ئي رهيو.
گرم پاڻيءَ جي ٻاڦ ڏيڻ جو بندوبست ڪيائين. رات جو
ٻارهين وڳي کانپوءِ هوءَ سهڻ کان ٻاهر پيڙا گهٽجي
ويئي. جيون نبض جاچي. منهن ٽڙي پيس. پڇيائين: ”ذرا
ڏسان ته، ٽاڪوڙ سهي سگهي ٿي يا نه؟“
پاڻي نچوئي گرم پاڻيءَ جي ٽڪري کي جتن ڪري هن خود
بيمار جي هٿ تي رکيو. ”ڏسندا رهوته شرير ڏڪي ٿو يا
نه.“ ڪين ڏڪيو، پڇيائين: ”سهي سگهندا؟ تڪليف ته
ٿيندي، پر برداشت ڪرڻي پوندي.“
غير رواجي مريض! بت بڻجي ڌرتيءَ جيئان سهڻ جي
سگهه. هن’هاڪار‘ ۾ ڪنڌ ڌوڻ ڪئي. جيون جو حوصلو
وڌيو. پاڻ ٽاڪوڙ ڪرڻ ويهي رهيو. ڦڙو ڦڙو ڪري دوا
ڏني پئي ويئي. ڪلاڪ کانپوءِ مريض جي حالت تجويز
ڪري هن چيو: ”هان دوا ذرا وڌيڪ انداز ۾ ڏيئي ڏسو
ته!“ هڪ عورت هن جي وات ۾ دوا وجهي رهي هئي. چپ
چاپ زندگي ۽ موت جي لڙائي هلي رهي هئي.
رات جو ٽيون پهر گذريو. ڊاڪٽر جيون غور ڪيو: ”جيڪو
شرير زبردست طاقت سان ڏوري کينچي تير ڪمان جيئان
جهڪي ويو هو، سو ڌيري ڌيري سڌو ٿي رهيو آهي.
خبرداريءَ سان ڊڄندي ڊڄندي مريض سڌي ٿيڻ جي ڪوشش
ڪري رهي آهي ۽ ڪوئي ڏوريءَ کي ڄڻڪ ڍلو ڪندو پيو
وڃي.“
جيون پاٻوهه وچان پڇيو: ”ذرا ڪوشش ڪري ته ڏسو،
’ها‘ ڪري سگهو ٿا يا نه؟“
هوءَ وات کولي سگهي. تمام ٿورو کولي سگهي، ته به
ڄڀ کي ڦيرائڻ جي جڳهه ملي ويس. دٻيل آواز ۾ چائين:
”ڪري سگهان ٿي.“
جيون کيس دوا جي هڪ پوري خوراڪ پيئاري. ٽاڪوڙ جو
بار سندس پٽن کي سونپي چيئاين: ”ٻاهرئين وراندي ۾
منهنجي آرام جو انتظام ڪري ڇڏيو. مان ٿورو آرام
ڪندس. منهنجو خيال آهي، سج اڀرندي ئي هيءَ چڱي ڀلي
ٿي ويندي. هاڻ ڪوبه خطرو ڪونهي.“
جيون دت پوري ويساهه سان ائين چيو. وايو جو وقت
نبري ويو، هاڻ موافق وقت آيو آهي. طوفان رڪجي ويو
آهي؛ موافق هوا ۾ جيئن ٻيڙي هلندي آهي، زندگي جي
ٻيڙي به هاڻ ڪناري سان لڳندي.“
ٿيو به ائين! ان ڏينهن جي خوشي هن جي حياتيءَ جي
سڀ کا وڏي خوشي هئي! پنهنجي گروءَ رنگ لعل کي هو
تپرس ۾ وجهي سگهيو هو.
اٺ وڄي رهيا هوندا. رنگ لعل مريضن کي ڏسي رهيو هو.
ان وقت هو بيمارن کان في ڪونه وٺندو هو. مريضن کي
ڏسدي ڏسندي ئي هن اتساهي اکين سان جيون ڏانهن
نهاريو.
ڪن تان سٽيٿسڪوپ لاهيندي پڇيائين: ”بچائي سگهئين
هن کي؟“
”جي ها. خطرو ٽري ويو.“
”واه! اڄ هتي ئي رهي پو. آرام ڪر.“
ٻپهرن جو خود روڳڻيءَ کي ڏسي آيو. خوش ٿي چيائين:
”ان جو ٻارهن آنا شرف توکي آهي، جيون. منهنجي دوا
۾ ڪجهه خاص نه هو. جيڪي ڪجهه هو، ان جو اثر چار
آنا مس هو. هاڻ هن جي ڪالڪ جو علاج ڪرڻو آهي. مون
ڪويراجي علاج جي راءِ ڏني آهي. تون ان جو پرٻنڌ
ڪر.“
انهيءَ رات جو برانڊيءَ جي رنگين نشي ۾ هلڪو کلندي
ڊاڪٽر رنگ لعل چيو هو: ”اڄ مونکي افسوس ٿي رهيو
آهي، جيون، مون وهانءُ ڇو ڪين ڪيو.“ وري ٽهڪ ڏيئي
کلڻ لڳو.
کل بند ڪري چيائين: ”ائين ڇو چيم، سمجهين ٿو؟“
جيون سنيهه ۽ شرڌا وچان گد گد ٿي رهيو هو.ان حالت
م ئي پڇيائين: ”جي؟“
”تون منهنجي ڀيٽ دَئتيه گروءَ شوڪر آچاريه سان
ڪندو آهين، اهو مون ٻڌو آهي. مونکي ان تي ڪاوڙ
ڪانه لڳندي آهي. شڪر آچاريه وِراٽ پرش آهي، ڪاڻو
ٿيو ته ڇا ٿيو!“ وري کلڻ لڳو. چيائين: ”پر اڄ
منهنجي خواهش تنهنجي ڀيٽ ڪَچَ سان ڪرڻ تي ٿي رهي
آهي.“ کل ۾ اونڌو ٿي ويو.”وهانءُ ڪريان ها ته ڪائي
ديوياني مليم ها!“
|