جيون مهاشيه کي ڄاڻ هئي ته”ان کان پوءِ کيس زور
سان بخار چڙهندو. سڀاڻي تائين...“
”ڪيستائين ايندو بخار؟“
اکيون ٻوٽي ليٽيو رهيو. سوچي رهيو هو.
ڪافي رات گذر ئي کيس وري ڪٿان سڏ ٿيو هو. ”ڊاڪٽر
بابو! ڊاڪٽر بابو!“
”ڪير!“
”جي، مان پڇم ٽولي جي حاجي صاحب وٽان آيو آهيان.“
”ڇا آهي؟ ڪيئن آهي ڇوڪرو؟“ هو اٿي ويٺو هو. حاجيءَ
جي پٽ جي مدي جي تپ جو پاڻ ئي علاج ڪري رهيو هو.
”هلڻو پوندو. بيماري ڪافي وڌي ويئي ٿي ڏسجي.“
”چڱو هلان ٿو.“
پنڌ ٿورو ئي هو. ڏيڍ ميل. پر هڪ ته اونداهي رات،
وري سارين جي ٻنيءَ مان پيچڙي جو لنگهه. وزني پيرن
سان آواز ڪندو مهاشيه سوچيندو وڃي رهيو هو.
ماڻهوءَ جي هٿ ۾ لالٽين هئي، مٿي تي دوا جو باڪس.
موت ۽ آدمي جي ڪشمڪش، روڳ ۽ دوا جي لڙائي. ياد
اٿس، سڀ ڪجهه وساري هن صرف اهو ئي سوچيو هو:
”اسٽرڪنن. ڊزيٽلس، ايڊرنيلن. هارٽ، ناڙي،
ريسپريش.“ گهري چنتا م ٻڏل مهاشيه، ان رات ڄڻڪ ننڊ
جي نشي ۾ هلندو پئي ويو. رات جي اوندهه، آسپاس کيت
ڄڻ هئائي ڪين. بعضي بعضي نکيترن سان جهرمر ڪندڙ اڀ
تي نگاهه ويئي هئس. ذرا ساعت جي لاءِ.... هن ستت
ئي نظر جهڪائي ڇڏي هئي.
هتي پهتا. روڳيءَ جي بستري ڀرسان ويهي ناڙي
جاچيائين. بتي کڻي ان جي علامتن تي غور ڪيائين.
شڪل تي غور ڪيائين، بانس تي ويچار ڪيائين ۽ گهڻي
سوچ- ويچار کان پوءِ دوا ڏنائين. ٿوري ساعت ترسي
دوا جو اثر ڏٺائين، تڏهن وڃي گهر واپس وريو. هن جو
ڪرائيسس (سنڪٽ) دور ٿي ويندو. شانت، ليڪن منجهيل
من سان آسمان ڏانهن تڪي هن ڀڳوان کي ون وهاريءَ جي
صحت لاءِ منگل ڪامنا ڪئي. ڄاتائين سڀ ٿي، تڏهن به
منگل- ڪامنا ڪئي هئائين.
اڀرندي آڪاس کان زرد، چانڊوڪيءَ سان ڇانيل اوندهه
وڌي رهي هئي، ڏورانهان ڳوٺ ان اوندهه ۾ اوجهل ٿي
رهيا هئا، ٺيڪ ان ريت جيئن روڳيءَ جي جسم ۾ موت جا
اهڃاڻ ظاهر ٿين ٿا، ننهن ڪاراٽجي وڃن ٿا، هٿن پيرن
۽ وات جي زردي (پيلاڻ) آهستي- آهستي سرير ۾ پکڙجڻ
لڳي.
گهر پهچي هڪوار بت بڻجي بيهي رهيو هو.
”نه. تپ ڪونه چڙهيو آهي. بنو ٺيڪ آهي. سڀ ڀاتي
گهري ننڊ ۾ الوٽ آهن.“
پاڻ به سمهي پيو هو. اچانڪ ننڊ ڦٽي پيس. ڀانيائين
ڪو دروازي جي ڀرسان اچي سڏي رهيو اهي: ”بابو جي!“
”بنو!“ ”ڇا ٿيو پٽ؟“ هن جلدي جلدي دروازو کوليو.
سامهون اڱڻ ۾ ٻاٽ اوندهه جو ڏهڪاءُ هو، گهري سڃ ۾
چٻراجهين- جهين ڪري رهيا هئا. ”ڪٿي آهي بنو؟ ڪنهن
آواز ڪيو؟“ شايد سندس من جي اندر وارو بنو پڪاري
رهيو هو.“ هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري بنوءَ جي ڪمري ڀرسان
ويو. دروازي وٽ سڏ ڪيائين: ”عطر!“
”هان!“ آواز ٻڌي جيون مهاشيه ڇرڪي ويو هو. ”جاڳي
آهي. هوءَ اچي رهي آهي.“
”بنو ڪيئن آهي.“
”چوي ٿو ته ٿڌ لڳي رهي آهي. شايد تپ ايندو.“
”اچي ويو ڇا، ايندو! اف، اها غضب جي ڏڪڻي!
* * *
اهائي ڏڪڻي ون وهاريءَ جي آخرين هئي. ان ڏينهن رات
جي پوئين پهر جي آڪاس ڏانهن تڪيندي مهاشيه بيٺو
هو. بيٺو هو آروگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾. اتر اولهه
۾ ڪالي ماتا جو مندر، ڀرسان کوهه، ڪنير گلن جون
ٻئي جهاڙيون گلن سان ڇانيل. سامهون ماڪ سان ڀنل
ڌوڙ واري سڻڪ ٿي ويئي. هو تارا تڪي رهيو هو. ڪٿي،
ڪهڙو تارو؟ ڪٿي آهي سپت رشي منڊل، اروڌنتي ڪٿي
آهي؟ ڌرو؟ ڌرو ڪيڏانهن هليو ويو؟ شڪر تارو؟ پورب
جي پاسي ٻه پل اڳي چنڊ کڙي آيو. وڏي ٻيج جو چنڊ.
سلهه جو مريض چنڊ، پيلو، سنهڙي ليڪ، پنجن مان هڪ
حصو ثابت، ڄڻڪ ٿڪاوٽ جي ڪائي حد ئي ڪانهي. ڦڪي
چانڊوڪي آڪاش ۾ ڇٽڪي پئي هئي، پر چمڪ ڪانهي. نيلاڻ
تي به جهڙي هيڊاڻ جي ڇانو پئي هجي. آڪاش ڏانهن
تڪيندي ششانڪ جياستريءَ جي ڳالهه ياد آئي هئس. نظر
جهڪائي هنان جي گهر واري گهٽيءَ ڏانهن نهاريو.
انوقت پڻ ڌنڌلي بافتي واري ساڙهي پهريل اداس ناري،
مور تي جيئان چانڊوڪي جو هڪ ٽڪرو ڀت سان لڳل هو؛
ليڪن ان وقت کيس ششانڪ جي استريءَ يا منجريءَ جو
دوکو ڪونه کاڌو هو.
ٺيڪ انهيءَ وقت بنوءَ جي چيخ ٻڌڻ ۾ آئي هئي: ”ويو،
هو ويو!- پڪڙيو! پڪڙيو! آه! هاءِ هاءِ، هاءِ! اما!
اما! اما!....“ ماليخوليا، ڀل بڪواس هن جي شروع ٿي
ويئي هئي.
”پٽ! بنو!“ عطر پاٻوه سان پچڪاري رهي هئي.
سڪرات ويل بنوءَ کي هوش آيو هو. هو رنو هو. ”مون
کي ڪونه بچائي سگهيا.“
مهاشيه بت بڻيو بيٺو هو. عطر کيس سڏ ڪيو هو: ”هڪ
ڀيرو پٽ کي ڏسي وڃ. ڪائي دوا ته ڏينس. ماڻهو ته
چون ٿا، تنهنجي دوا سان موت به ٽري وڃي ٿو.“
”موت ڪڏهن نٿو ٽري. ڪنهن جي به دوا سان نٿو ٽري.
مونکي نه سڏ.“
چڪرڌاري آيو هو. بيمار جي سيرانڌيءَ کان اچي ويٺو
هو. ٻه ڀيرا سئي به هنيائين. ليڪن..... موت کي
گهرائڻ کان پوءِ هو ڪابه رڪاوٽ نٿو سهي. ان شڪتيءَ
جي نڪا ايجاد ٿي آهي، نه ڪڏهن ٿيندي. دوا تيسين
آهي، جيسين روڳ آهي. روڳ جو هٿ جهلي وت اچي وارد
ٿئي ته سڀ بيڪار.
کيس بنوءَ جي ڪري صدمو پهتو: ”هو روئي رهيو آهي!“
انهن جي ڳالهه ياد آيس، جيڪي کلندي- کلندي موت کي
چاهه سان چمندا آهن، موت کي مشاهدو ڪري ماڻيندا
آهن. اهڙا روڳي هن ڏٺا هئا. ايڪڙ- ٻيڪڙ نه، ورلي-
موقعي سان نه. ڪافي گهڻا ڏٺا آهن، اڄوڪا ڊاڪٽر نٿا
ڏسي سگهن ۽ نه ڏسي سگهندا. هن ڏٺا آهن، ڪيترائي ۽
نهايت معمولي ماڻهن ۾ اهڙا روڳي ڏٺا آهن.
نوگرام جي راءِ- خاندان جي ڀون راءِ جي يادگيري
اچي رهي آهي.
جيون مهاشيه جي پتا جو زمانو! سندس جواني جي
اوسٿا. ڀون راءِ تنهن وقت هر طرح تباه ٿي چڪو هو.
هن جڳت مهاشيه کي ڪوٺ ڪئي هئي. مهاشيه کي چيائين:
”هڪوار مونکي ڏسي وڃو.“
ڀون راءِ عمر ۾ جڳت مهاشيه کان گهڻو وڏو هو.
ويچارو غريب ٻڍڙو پنهنجي ٽٽل ڦٽل مڪان جي ڏيڍيءَ
وٽ چلم جهلي ويٺو هوندو هو. غريبي ايتريقدر- جو
ڪوئي چلم ڇڪيندو اتان لنگهندو ته کيس سڏيندو، سک-
چڱڀلائيءَ جو حال پڇندو ۽ پڇاڙيءَ ۾ چوندو، ”ذرا
پنهنجي چلم ته ڏي، ڦوڪ ڀريان.“
نوجوان جيون مهاشيه تنهن ڏينهن ڀون راءِ جي ڪوٺ تي
کليوهو، بيشڪ جڳت مهاشيه کي چوڻ جي کيس هٿ ڪانه ٿي
هئي. سوچيو هئائين، ”اوه، انسان کي بچڻ جي ڪهڙي نه
لالسا ٿئي ٿي! هيڏي ڄمار ٿي اٿس، دنيا ۾ ڪٿي ڪائي
پورائي ٿيڻ جي اميد ڪانهي، پوءِ به ڀون راءِ مرڻ
نٿو چاهي!“
جڳت مهاشيه سان گڏ پاڻ به ويو هو. ڦاٽل- ميري هنڌ
تي ليٽندي-ليٽندي ڀون راءِ ٻهي جو سواڳت ڪيو هو:
”اچو مهاشيه، ڀلي ڪري آيا. ويهو.“
”اوهان کي ٿيو ڇا آهي؟“
”اڙي ڀائي، ڏس ته وڃڻو آهي يا اڃا نه؟“
”وڃڻو ته پوندو ئي راءِ بابوُ. عمر جو مطلب ئي ڪال
آهي.“ مهاشيه وراڻيو هو.
هن به کلي ڪري چيو: ”اها ڳالهه ڀون راءِ ڪونه ڀليو
آهي جڳت! اهو ئي ڏس ته منهنجو اهو ڪال پورو ٿيو
آهي يا نه؟ وقت پوري ٿيڻ کان سواءِ اڪال ۾ مري وڃڻ
به پاپ آهي. ڀون راءِ اهڙي اڪال ۾ وڃي نه سگهندو.
ماڻهو چون ٿا، اٿڻ کان ئي موڪل ملي ويندءِ. اڙي
چريا، معياد پوري ٿيڻ کان اڳي ئي جيل مان ڀڄي وڃڻ
سان ڪٿي موڪل ملندي آهي؟ ڀڄي ڪري وڃبو به ڪٿي؟
پڪڙي ڪري وري رکندا اندر. ڏس ته، وقت جيڪڏهن
منهنجو پورو ٿي ويو هجي. ڪي فرض رهيل آهن، تن کي
نباهڻو اٿم“
جن ڏينهن ڀوُرن راءِ وٽ ملڪيت جائداد هئي، هن
پنهنجي دوست کان پنج سو رپيا ورتا هئا. جنهن جي
ڪائي لکپڙهه ڪانه ٿيل هئي. هن جي هيڻي حالت ڏسي
دوست به ڪڏهن تقاضا ڪانه ڪندو هو. پر ڀون راءِ
انکي وساري نٿي سگهيو. ان لاءِ جيڪي ڪجهه ڪرڻ
گهرجي، تنهن لاءِ هن پاڻ گهڻو ئي پتوڙيو هو.
ڪامياب ڪونه ٿي سگهيو هو. پر سمجهه هئس! سوچي ڇڏيو
هئائين، کانئس معافي وٺي ڇڏيندس. پر معافي وٺڻ ڇا
سولو هو؟ سوچيائين، مرڻ کان اڳي- چاهي دوست جو موت
ٿئي يا پاڻ مري وڃي، معافي گهري وٺندو. ان ڪري هو
پنهنجي مرتيو جي ڳالهه نشچت روپ ۾ ڄاڻڻ لاءِ آتو
هو جيئن دوست کي سڏائي هٿ ٻڌي چوي: ”ڀاءُ، مونکي
مڪتي ڏي.“
ٻه ايڪڙ ”معافي زمين“ هن ضرور پاسري ڪري ڇڏي هئي ۽
من ئي من سنڪلپ به ڪري ڇڏيو هئائين ته اها زمين
پنهنجي متر کي ڏيئي ويندو.
وهاڻي هيٺان هڪ رپيو ڪڍي هن مهاشيه کي ڏنو جڳت
مهاشيه هٿ جوڙي چيو: ”مون کي معاف ڪريو راءِ
بابو!“
”ائين نه ئي سگهندو جڳت! وئد کي دکشڻا (ڏکڻا) ڏيڻ
بنا مون کي مڪتي ڪانه ملندي. ”وري کلي چيائين:
”آخر منهنجو شراڌ ته ڪنهن نموني ٿيندو، انهيءَ ۾
تون هڪ رپئي جي بدران ٻه ڏيئي ڇڏ.“
متر کان مڪتي منگي ڀون راءِ جو کلندي کلندي هميشه
لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏڻ جي ڳالهه ماڻهو ايامن تائين
ياد ڪندي من ۾ خاطري ڪندا رهيا آهن. خود به اها
خاطري ڪئي اٿائين.
وري ڀون راءِ ئي ڇو؟ گڻيش بجنيا. اها ويهه ورهيه
اڳي جي ڳالهه آهي. آروگيه- نڪيتن جي ورانڊي سامهون
هڪ کليل گاڏيءَ ۾ ويهي اسي- پنجاسي ورهين جو ٻڍو
گڻيش جو اچڻ اڄ به سندس اکين آڏو نچي رهيو آهي.
لنبي لٺ جي ٽيڪ تي بهي ٻڍي تنهن ڏينهن هل هلاچو
مچائي ڏنو هو. دائمي ٻوڙو، چلائي ڪري ڳالهائڻ جي
عادت کيس منڍ کان ئي هئي: ”ننڍو مهاشيه ڪٿي آهي؟
اول مون کي ڏسي. ٻئي جي گاڏي سوال ڪري وٺي آيو
آهيان. هن کي به نوگرام وڃڻو آهي، لٽڪن جي دڪان
تان سامان سڙو آڻڻو آهي. اول هن ٻڍي کي رخصت
ڪريو.“
هن جو رعب داٻ ڏسي سڀ هڪ ٻڪا ٿي ويا هئا. مهاشيه
به اول کيس سڃاڻي ڪين سگهيو. ”ڪير آهي؟“
”ڏٻڙي- ڊگهي قد وارو ٻڍڙو. آهي ڪير” گڻيش بجنيا ته
ڪونهي؟ چتورا جو گڻيش ها، اهو ئي ته آهي!“ گڻيش
کانئس به وڏو هو. ڏهه – پندرهن سال وڏو هن جي
شاديءَ ۾ هن ڍولڪ وڄائي آهي، ماڻس جي چندن- ڌينو
شراڌ ۽ پڻهس جي سال بسال شراڌ ۾ ڍولڪ وڃائي اٿس.
هن جي اها دعويٰ آهي ته هن دين ٻنڌو مهاشيه يعني
جيون مهاشيه جي ڏاڏي جي شراڌ ۾ به ڍولڪ وڄائي آهي.
اسي- پنجاسي سال ٿيندس. ان ڪري گڻيش کيس ننڍو
مهاشيه چوندو آهي.
جيون مهاشيه پڇيو هو: ”ڇو گڻيش، توکي ڇا ٿيو؟“
”هان!“ ڪن ڏيکاري گڻيش چيو: ”ذرا زور سان...“
هن کان غلطي ٿي ويئي. گڻيش ته جنم کان ٻوڙو آهي،
ٻڍاپي ۾ ڪجهه وڌيڪ ٿي ويو آهي. پاڻمرادو چلائي ٿو
يعني پنهنجي ڳالهه پاڻ ٻڌي نٿو سگهي. مهاشيه بلند
آواز ۾ پڇيو هو: ”ڪهڙو معاملو آهي؟“
”بيمار آهيان. روڳ!“
”نيٺ توکي به بيماري ٿي؟“
”ٿيندي ڪانه؟ مون کي وڃڻو ناهي ڇا؟“
”توکي به وڃڻو آهي؟“
”سوئي ڏسڻ لاءِ ته چئي رهيو آهيان. ڏس. مونکي ته
ائين لڳي رهيو آهي. سمجهيهءِ!“
”بيماري ڪهڙي آهي، اول اهو ٻڌاءِ.“
”پيٽ جي گڙ ٻڙ.“
”پيٽ جي گڙ ٻڙ؟“
”ها.“ پنهنجو هٿ مهاشيه ڏانهن ڊگهيري هو بڪبڪيو
ٻڍو چوندو ويو: ”سمجهييءِ، سال ڇهه مهينا شايد
باقي بچان! ان ڏينهن ڪٿي ڍولڪ وڄائي منهنجو ڀائٽيو
خاصي ٻڪريءَ جي ٽنگ کڻي آيو هو. سو من ۾ آيو، دنيا
۾ آيس پر حياتيءَ ۾ ڪڏهن ماس جو چشڪو ڪونه ورتم.
سڄي زندگي باجو وڄائي پر سادي ماس ته گهڻو ئي
ورتم، پر وات تي ڪڏهن ڪين رکيم. پر ترشنا ته آهي.
ماس کائڻ بنا به ڇوٽڪارو ملڻو ڪونهي. سو ادا، مون
کائي ڇڏيو. مزيدار لڳو. پر ان مان ئي گڙٻڙ ٿي پيئي
آهي. پيٽ جي مرض اچي نهوڙيو آهي. ٻه ڏينهن پيٽ ۾
وٽ پوندا رهيا، ان کان پوءِ هڪ ڏيهاڙي گهاٽ تي
ويس. اهائي شروعات ٿي. اٽڪل ٻه مهينا ٿي ويا آهن،
پيچش (سوري) ٿي پيئي آهي. مونجهه پيو ڀانيان!
ڀرون تاڻي جيون مهاشيه چيو هو: ”اهڙي حالت ۾ تون
هتي آئين ڇو؟ اچڻ ٺيڪ ڪونه هو. مونکي خبر ڪرين
ها.“
وچ ۾ ڪنهن ٻوڪ ڦاڙيو: ”ماڻهو ته چون ٿا، تو وٽ
رپيا آهن! ڏي کڻي ٻه رپيا مهاشيه کي!“
”هان؟ ڇا ٿو چوين؟ ذرا زور سان چو، زور سان.“
”چوان ٿو ته تو وٽ پونجي آهي.“
”رپيا آهن. پنجويهه رپيا مون وٽ آهن. پوري رکيا
اٿم. انهيءَ لاءِ ته مهاشيه وٽ آيو آهيان. ٻڌائي
مهاشيه، ته پوءِ مان جيون جو شادمانو ملهايان؟
اولاد ڪونهي، زال ڪانهي، هيءُ رپيا ڀائٽيو وٺي
ويندو ۽ ڪجهه ڪين ڪندو. زمين آهي، اها انهن ماڻهن
وٽ گروي آهي، زمين هو کڻي ويندا. رپين سان آئون
جلسو ڪندس، ”چنڊي ٿان“ ٺهرائي ويندس. چڱو ڀلا ڏس.
ٻڌاءِ، باقي ڪيترا ڏينهن؟“
”ويهه. ٿورو ساهه پٽي وٺ.“
گڻيش سمجهدار وانگر ڪنڌ ڌوڻ ڪئي. چي: ”ها. سمجهيم،
آئون هن روڳ ٿيندي ڀانپي ويس. تاڙي ويس. هت هيءُ
حضرت اهڙو- جهڙو روڳ ڪونهي. منهنجي من ٺيڪ ٻڌايو.
وري به سوچيم، پر پنهنجو مورک من ٿيو، ڪهڙو پتو؟
هلي ڪري مهاشيه کي ڏيکاري اچان. مهاشيه کان غلطي
ڪانه ٿيندي. ته پوءِ منهنجو ڪاٿو ٺيڪ ئي نڪتو.
ڪالي مندر جو ٿلهو ٺهرائڻ شورع ڪري ڇڏيان، ان کان
پوءِ جلسو. من ري، رام نام ٻول، ٻول- رام نام!“
هن مهاشيه کي پرڻام ڪيو ۽ ٻه روپيه ڀيٽا رکي. ”ڏس،
’نه‘ متان ڪرين. سڀ ڏينهن مفت ۾ ڏٺو اٿو. ٻن رپين
۾ سموري بقايا چڪتو!“
هن جي جيءَ ۾ آيو هو: ”گڻيش ڇا سچ سمجهي ورتو هو؟“
شرت چندر جي ڏاڏيءَ جي ڳالهه ياد آيس. بنو جي مرڻ
کان ڪي اٺ مهينا اڳي جي گهٽنا.
ناڙي ڏسڻ لاءِ کيس گهرايو ويو هو.
هوءَ به سمجهي ويئي هئي. هن سندس پڪار سڻي ورتي
هئي. ٻڍڙيءَ کي کاڌي پيتي جو شوق سدا کان هو. کائڻ
پيئڻ جو بندوبست به هوءَ عمدو ڪري سگهندي هئي. هن
جي هٿ جون بڻيل وڙيون پاپڙ مزيدار ٿيندا هئا. ان
ڪري مهاشيه پڇيو: ”ڇا کائڻ تي طبيعت سرڪي اٿئي؟“
صرف شرت کي ڏسڻ جي اٻلاکا آهي. ناڙي جاچي ٻڌاءِ ته
ڪيترا ڏينهن جيئري رهنديس. شرت جي موٽڻ تائين رهي
گهنديس؟“
شرت بي-اي جو امتحان ڏيئي رهيو هو. هن جي ماءُ کيس
چيو هو؛ ”چئو ته هن کي تار ڪريون؟“
”نه، نه. اڃا پندرهن ڏينهن تائين ته هيءَ رهندي.
شرت هفتي کن ۾ ته اچي ويندو؟“
”ها.“
”پوءِ ٺيڪ آهي. پوٽي سان مکاميلو ٿي ويندس. تڪليف
ڪهڙي آهي؟ هڪ ٻه خوراڪ دوا؟“
”ڪشٽ ته هڪڙو ئي آهي، الاجي ڪيئن پيو لڳي. بس لڳي
ٿو، موڪل ملي ته هلي وڃان. نشچنت ٿيان.“
اهڙن گهڻن مريضن کي مهاشيه ڏنو آهي. ان جو نالو
آهي ’وڃڻ.‘ اهي آهن مرتيو جي آدر جا اڌ ڪاري
مهمان. اڄڪلهه موت کي اهڙا مهمان شايد ڪونه ٿا
ملن.“
هينئر ملندا به ڪونه؟ ٺيڪ انهيءَ وقت عطر اوڇنگار
ڏيئي رني هئي. ”بنو، منهنجا لعل!“
* * *
وپن جي باري ۾ هو چئي نٿو سگهي.
ون وهاريءَ وانگر وپن درد وچان هاءِ گهوڙا ڪانه
مچائي هئي. اهڙي ڪا ڳالهه به ڪانه هئي. هو ڪرم وير
آهي. روئندو ڪونه. پر کلندي خوشيءَ سان، شانت چت
سان پنهنجو پاڻ کي موت جي حوالي به نٿو ڪري سگهي.
هن جي دک – درد جو هاهاڪار ٽٽي پوندو.“
اوندهه ۾ آپگهات وانگر هو راهه وٺندو پئي ويو.
دراصل مڪان، زمان جي کيس ڪائي سمڪ ڪانه رهي هئي.
نوگرام بازار جي روشنيءَ سان هو آپي ۾ آيو.
چوسول جي دوڪانن تي بتيون ٻري رهيون هيون. جهوني
زماني وانگر ڌنڌليون بتيون نه، جڳ – مڳ پيٽرومئڪس،
لالٽين، فانوس- شمعدان ااڍئي سو، پنجويهه، چاليهه
پاور واريون بتيون. ان بتين جي سوجهري ۾ ئي سندس
سجاڳي موٽي آئي. سامهون واري هڪ منڃاري جي دوڪان
جون چلڪندڙ چيزون اکين کي چمڪائي رهيون هيون. پر
ڊاڪٽر هريندر جي دوڪان ۾ هو ڪهڙا ماڻهو آهن؟“
ڊاڪٽر پرديوت جي پتني ۽ سندس آيل متر. هن وقت هي
ٻئي نڪتا آهن؟ ڊاڪٽر جي استري سندر آهي، ويتر هار
سينگار ڪري نڪتي آهي. پاڻ کي موهني بڻايو اٿائين.
مهاشيه جا پير کپي ويا. ٽارچ ٻاري ساڄي پاسي جي
اوندهه کي هٽائيندا هو ٻئي هليا ويا.
چوڌاري هل بکيڙو. خريد وڪرو ٿي رهيو آهي. جتان
جهڪي روشني اچي رهي هئي، اهو طرف چونڊي هن چوسول
پار ڪري موڙ ورتو. وري اونداهي راهه. سامت جو ساهه
کنيائين. ”جيڪڏهن ڪوئي وپن جي ڳالهه پڇي وجهي ها
ته ڇا چوان ها؟“ ڪافي پريان اڳيان – اڳيان ڊاڪٽر
جي استري ۽ هن جو دوست وڃي رهيا هئا.
اونداهي رستي جي ريتي ۽ پٿرين تي مهاشيه جي جُتيءَ
جي چم چم جو آواز ٿي رهيو هو. اها جڳهه سنسان هئي.
اتي آباديءَ جو نانءُ نشان به ڪونه هو. پوئتان
ڪافي پري کان نوگرام جي بازار جي روشني جي شعاع
سنسان کيتر ۾ تري رهيو آهي. بازار جي هلچل، هيتري
ڏورانهين تي آهستي آهستي هيڻ ٿيندي پئي وڃي.
برساتي ڏيڏرن جي ٽرر- ٽرر کيتن مان گونجي رهي آهي.
ڄڻڪ سڀ گڏجي ٻولي رهيا آهن. ۽ هو ڇا؟ دردناڪ آواز!
”او، نانگ ڏيڏر کي جهليو آهي!“ مهاشيه ڇرڪيو، وري
هلڻ لڳو.
وڏي تلاو جي ڀرسان ٻاهرئين رستي تي وراڪو کائيندي
ئي روشني ڏيکائي ڏني. اسپتال جي ڪوارٽرن جي درين
مان ڇڻي ورانڊي ۾ روشني جو پاڇو ڇٽڪي رهيو هو،
اسپتال جي ورانڊي ۾ بتي ٻري رهي آهي. پرديوت جي
بنگلي تي پئٽرومئڪس ٻري رهيو آهي. ڊاڪٽر جي استري
۽ هن جو دوست! پرديوت ويٺو آهي. چارو بابو. ٻيا به
ڪيترا ماڻهو.
”ڪٿان موٽي رهيا آهيو ڊاڪٽر بابو؟“
اسپتال جي احاطي جي ڀت جي ڀرسان ڪوئي نڪتو.
”ڪير؟ ونيه؟“ سڃاڻي هو حيران ٿي ويو. ”بي-ڪي-
ميڊيڪل اسٽورس جو مالڪ ونيه؟“
”تون هتي بيٺو آهين؟ معاملو ڇا آهي؟“
”ڊاڪٽرن جي ميٽنگ ٿي رهي آهي.“
”ميٽنگ؟“
”ها. مون کي بهشڪار ڪرڻ جو ويچار ٿي رهي آهي.“
بهشڪار جو.... توکي؟!“
”جي ها. سڀاڻي آئون توهان وٽ ايندس. ميٽنگ رڳو
منهنجي ڪري ڪانه ٿي رهي آهي، اوهان به نظر ۾ آهيو.
صبوح جو اوهان کي سڀ ڪجهه بتائيندس. آئون پاڻ
ايندس. هتان جا سڀ ڊاڪٽر ڳنڍجي ويا آهن، ڏسو نه.
هڪڙو باقي هريندر اڃا ڪونه پهتو آهي. چارو بابوُ ۽
پرديوت بابوُ وپن بابوُ کي ڏسڻ وڃي رهيا آهن؛ اتان
ئي هريندر کي ساڻ وٺي ايندا ۽ موٽي اچي ميٽنگ
ڪندا. اوهان وپن بابو کي ڏسي آيا؟ ترسيا ڪونه؟ او،
اوهان کي شايد چيو ڪونه اٿائون.“
مهاشيه ڪابه وراڻي نه ڏني. ”نه، هو ڪجهه ڪين
چوندو.“
ونيه چيو: ”اڄ صبوح جو ڪشور دادا اوهان جي ته ڏاڍي
واکاڻ ڪئي. سڄي ڳوٺ ۾ هلچل آهي.“
ان جو به ڪوئي جواب نه ڏنائين. ونيه چوندو ويو:
”ٻڌو اٿم ته ڊاڪٽر پرديوت ان ڪري ڏاڍو بگڙيو آهي.“
هينئر مهاشيه ٻوليو: ”آئون هلان ٿو ونيه.“
ونيه ڇرڪي ويو. ”جي ها. هو شايد اچي رهيا آهن.
آئون به وڃان ٿو. سڀاڻي آئون اوهان وٽ ضرور ايندس“
ڀٽ جي اوندهه ۾ هو وري الوپ ٿي ويو. چاروُ بابو،
پرديوت، پرديوت جو دوست ورانڊي کان ٻاهر اچي رهيا
هئا. |