سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :6

 

[6]

نوگرام مان مڊل پاس ڪري مئٽرڪ پڙهڻ جي لاءِ جيون مهاشيه ڪاندي ويو. اتي راج هاءِ اسڪول ۾ ڀرتي ٿيندو- ڪيتريون ڪلپنائون، ڪهڙيون- ڪهڙيون آشائون هئس من ۾! ڊاڪٽري جيون جون ڪهڙيون- ڪهڙيون تصويرون هردي پٽ تي آندائين! سوچيندو هو، ڊاڪٽر رنگ لعل وانگر تشر جي پتلون ۽ بند گلي جو ڪوٽ پهري ڪري سادي گهوڙي تي سوار ٿي ڪري سڄي تڪ ۾ گهمندو رهندو. سوني زنجير سان اٽڪيل کيسي جي واچ- ٿرماميٽر، اسٽيٿسڪوپ، مريض ڏانهن کڻي وڃڻ واري بئگ. گهر ۾ دولت هئي، پتا به پيار وارو مليو هوس، گهر ۾ لڪشمي هئي، پنهنجي ديهه ۾ سگهه ۽ من ۾ اتساهه- حوصلو هو. تنهنڪري ڪاندي ۾ اتساهه يا موج- مزي جي کوٽ نه هئي. هيڏانهن خوب سئر- سپاٽا ٿيندا هئا هوڏانهن بورڊنگ جي صندل تي سمهندي- سمهندي ڀوشيه جا سپنا لهندو هو- ڊاڪٽر جيون سفيد گهوڙي تي سوار ٿي وڃي رهيو آهي. اچانڪ هڪ ڏينهن سارونقشو ئي بدلجي ويو. نئوجوان جيون دت محبت جي چپيٽ ۾ اچي ويو. هڪ غريب کتري ماستر جي ڌيءَ سان سندس پريم ٿي ويو. سندس عمر ارڙهن ۽ نائڪا جي ٻارهن ورهيه هئي. ان زماني ۾ چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ ڇوڪريون جوان ٿي وينديون هيون. چوٽيءَ ۾ ويڻي لٽڪائي هلندڙ اڄڪلهه جي انهن سترهن ورهين جي جوانڙين کان تن – من ۾ ڪافي مضبوط هونديون هيون. وري هيءَ نينگري ته ڪجهه وڌيڪ ئي آبدار ٿي ويئي هئي. جيڪر ائين چئجي ته بيوقتي ساماڻبي ويئي هئي ته جيون مهاشيه کي ان ۾ اعتراض ٿو ٿئي. بيوقتي ساماڻجڻ ۽ وقتي ساماڻجڻ ۾ فرق ٿيندو آهي. جيڪي بيوقتي ساماڻجن ٿيون، انهن جي بناوٽ ۾ خاميون ٿين ٿيون، جنسي عيب ٿين ٿا. ليڪن جيڪي وقت سر مڪمل طور مضبوط ٿي ساماڻجن ٿيون، تن ۾ خامي نٿي رهي، جن- جن جزن جي ميلاپ سان شباب اڀري ٿو بيهي، چاهي اهو تن جو هجي، چاهي من جو، پنهنجي مٺي خوشبوءِ سان هردي کي ڇڪي ٿو، اها سموري سامگري هن ۾ موجود رهي ٿي. بلڪ ائين چئجي ته مقدار ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي رهي ٿي، نه ته وقت کان اڳي ئي ڪيئن پچي راس ٿئي ها؟ منجري ڪجهه اڳي ئي ٽڙي پيئي هئي.

نالو سندس منجري هو.

صحت هن جي ڏاڍي سٺي هئي. ٻارهن سالن جي هوءَ نينگري، اڄوڪي ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڪشوريءَ يا پوريما کان صحت ۽ سگهه ۾ به پورڻ انگنا هئي. رڳو هن جي وارن کي ڏسي شڪ پوندو هو ته هوءِ ڪشوري ناهي، ڇو ته چڳون چيلهه کي پار ڪري هيٺ تائين ڪونه پهتيون هيون. گهاٽن ڪارن وارن جا جهڳٽا جڏهن چيلهه جي هيٺ تائين جهولڻ لڳندا آهن، تڏهن ڪشوريءَ جي روپ جي تڪميل سمجهي ويندي آهي. ڪيئن، خبر اٿئه؟ ڄڻڪ شرد پورڻيما جي لڪشمي- مورتي کڙي هجي پران جي پٺيان رانگي جي سازن جو گهيرو نه ڏنل هجي! اهو لڳي وڃي ته مورتي سروانگي پورڻ ٿي پوي. بس ايتري ئي ڪمي هئي.

ذرا وڌاءُ ٿي ويو هو، ڊاڪٽر من ئي من ۾ درست ڪري وٺندو هو. مروتي ته لڪشمي جي هئي، پر سانوري ۽ ان ڪري گويا هو پاڻ وڌيڪ دلڪش ڀاسندي هئي. منجريءَ جو روپ ڀونءِ چمپا جي سائي ٿلهي ٽاريءَ جهڙوهئو جنهن تي گلن جو جهڳٽو اڃا ڪونه ڦولاريو هو، ٻُور نڪرڻ جون سڀ تياريون ٿي چڪيون هيون.

جيتري قدر من جو سوال آهي، اوڏانهن به منجري ڪنهن ڪشوريءَ کان گهٽ نه هئي. جسم جي پختائيءَ ۽ صحت جي نعمت دئاران هن کي ڪشوريءَ جو من مليو هو. سورهن آنن جي اڌڪارڻي، بلڪ ارڙهن آنن جي چئوس ۽ چئوس ڇا، جيون دت جي حساب موجب ته ائين ئي هجي ها. سورهين سال ۾ جيڪڏهن ڪشور اوسٿا چئجي ته حقيقي عمر جي لحاظ کان به ٻارهن آنا ته ٿيڻ گهرجن، باقي چار آنن مان ٻه آنه هن جي تندرستي پورتي ڪئي ۽ باقي ٻه آنه هن جي گهرو سکيا. سنسڪارن ۽ ماءُ جي پڙهايل ساهرن وڃڻ جي منتر سان حاصل ڪيا هئا. ان کان سواءِ به ٻي ٻن آننجي پونجي به سندس هئي. اها پونجي کيس ڪٿي پيل ڪانه ملي هئي پڙهڻ لکڻ سان. غريب هوندي به پتا ماستر هوس. هن کيس معمولي هندي پڙهائي هئي ۽ چيو هئائينس، رامايڻ، مهاڀارت پڙهندي ڪر، پر هوءَ رامايڻ- مهاڀارت تائين ئي ٻڌل ڪانه رهي. پداولي- ساهتيه پڙهيائين، پراچين مهاڪاويه پڙهيائين. اهي گرنٿ گهر ۾ ئي هئا؛ پراچين مهاڪاويه پڙهيائين. اهي گرنٿ گهر م ئي هئا؛ وَهين ۾ لکيل بزرگن جي ميراث. ان بعد بنڪم- ساهتيه هٿ آيس. پرتاپ شيوليني، جڳت سنگهه عايشه جي واقفيت ٿيندي ئي سورهن آنه ڦونڊجي ڪري ارڙهن آنه ٿي ويا. بنڪم- ساهتيه هن کي سندس وڏي ڀاءُ ئي ڏنو.

جيون کي هم ڪلاسي مليو منجري جو وڏو ڀاءُ بنڪم- بورڊنگ ۾ جيون جو ذڪر هلندو هو- فضول خرچي ۾ هٿ ڇوٽ هوس. پڻهس جيڪا زمينداري خريدي هئي، جيون اتي ان جا خوب ساراهه جا گيت ڳايا هئا. ان ۾ عمدي تماڪ جي بوءِ ذرا وڌيڪ هئي. انهيءَ بوءِ سان پهچي ويو چترانن. بنڪم جو سڏ جو نالو هو چترانن. ڇوڪرا چوندا هئا، ته بنڪم چئن واتن سان تماڪ پيئندو آهي ۽ چئن واتن سان ڳالهائيندو آهي. تماڪ جي گنڌ تي بنڪم ڇڪجي آيو هو. گهرائپ ٿي ويس. انهيءَ سلسلي ۾ هن اها به ايجاد ڪري ورتي هئي ته جيون هنن سڀني جو رشتي ۾ ڪجهه نه ڪجهه لڳي ٿو. بنڪم جومامون جيون جي پنهنجي ماميءَ جي ڏير جي خاص پنهنجي سنڍوءَ جي پٽ جو ناٺي آهي. سو هڪ ڏينهن کيس ڇڪي ڪري پنهنجي گهر وٺي ويو. پنهنجي پتا سان سڃاڻپ ڪرائيندي چيائين- ”هيءُ پنهنجو رشتيدار ئي آهي.“ بنڪم جي پتا نوڪرشڻ سنگهه ته رشتيداريءَ کي خاص اهميت ڪانه ڏني، پر هن سندس ڏاڍي سڪ سان آدرڀاءُ ڪيو.

”تون دين ٻنڌو مهاشيه جو پوٽو آهين؟ جڳ ٻنڌو دت جو پٽ؟ تون ته مهاشيه پريوار جو آهين! آيورويد توهان وٽ خانداني وديا آهن. مون ٻڌو آهي، تنهنجي پتاجيءَ زمينداري خريدي آهي!“

جيون اهو ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو. لڄ وچان سر جهڪائي بيٺو رهيو: اها ساراهه کيس ڏاڍي وڻي.

نوڪرشڻ چيو- ”اڙي ڀائي، پنهنجو گهر به ته انهي طرف آهي. نوڪري وارو ماڻهو، دسهڙي جي موڪلن ۾ ويندو آهيان. گرمين ۾ ڪونه ويندو آهيان. اتي ڪائي خاص جائداد ڪانه اٿم. پنج ست ايڪڙ زمين آهي. حصيدار ۾ اڻبڻت آهي. وڃي ڪريان به ڇا؟ نه ته آهي ته رڳو پنج ڪوهن جو پنڌ، پنهنجو سنٻنڌ به ڪجهه نه ڪجهه آهي، واقفيت هجي ها. خير. توسان سڃاڻپ ٿي، ڏاڍو سٺو ٿيو. ليڪن....

ذرا ڀرون تاڻي ڪري هن پڇيو- ”پر تون انگريزي ڇو پڙهيو آهين؟“

جيون هن جي سوال جو مطلب نه ڄاڻي سگهيو. جواب ۾ هن سوال جيئان ئي چيو- ”جي؟“

”آيورويد ئي ته توهان ڪل- وديا آهي، بلڪ ڪول ڌرم به چئي سگهجي ٿو. اڙي ڀائي، ان لاءِ ته توکي سنسڪرت پڙهڻ گهربي هئي؟ انگريزي ڇو پڙهڻ آيو آهين؟ ٻيو رڳو وديا جي ئي ڳالهه ڪانهي، يجمان جئيان گهر ٻڌل آهن. انهيءَ جي بدولت توهان جي گهر جي ناموس آهي، مهاشيه و لقب مليو اٿو، زمين- جائداد، زمينداري، تلاءُ سڀ انهيءَ مان ته ٿيا آهن.

”منهنجي اِڇا ڊاڪٽري پڙهڻ جي آهي.“

”ڊاڪٽري! واهه – واهه. ڏاڍو سٺو سوچيو اٿئه، اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.“ نوڪرشڻ مگڌ ٿي ويو هو. تهان پوءِ هن چيو هو- ”وڃ، اندر وڃ. بنڪم ماڻهي وٽ وٺي وڃينس. سڀ ڪجهه دراصل ته هوءَ ئي ٿي. اسان سڀ ته هن جي ئي رشتي ڪري پنهنجا ٿياسون! وڃ.“

منجري تنهن وقت پنهنجي ننڍن ڀائرن- ڀينرن سان ’چيڪلي‘ پائي رهي هئي. چيلهه تي ٻئي هٿ رکي لاٽئون وانگر ’چيڪلي‘ يعني ڦيري پائي رهي هئي. لوڪ گيت به چوندي پئي ويئي:

”چيڪلي چڙو گلابي پڙو

ڀاڀي پٽ پيٽ ۾

ڄائو آهي چيٽ ۾.“

گيت آلاپيندي ۽ چڪر کائيندي هوءَ ساڳي ريت ڦيريون پائيندڙ ٻارن سان ٽڪرجي به رهي هئي. پوءِ انهن ۾ ڀاءُ هجي، چاهي ڀيڻ هجي، ڌڪو کائي زوم مان وڃي ٿي زمين تي ڪريا. پر اهڙي حالت ۾ ڪرندي ڪائي ڪاوڙ نه لڳندي آهي، بلڪ راند جي رنگ ۾ اکيون ٻوٽي زمين تي ڪريل حالت ۾ ئي رهڻو پوندو آهي. کين ائين ڀاسندو، ڌرتي ڦري رهي آهي، آسمان لڏي رهيو آهي، مڪان به لڏي رهيا آهن ۽ ائين پيو لڳندو آهي ته ڪنهن آتال پاتال جي طرف وڃي رهيا آهيون. شرير ۾ هڪ عجيب ڏڪڻي پيدا ٿي ويندي آهي.

بنڪم جڏهن جيون کي وٺي اندر گهڙيو، منجري چڪر کائي ڪنهن سان ٽڪرجڻ پئي چاهيو. ان چڪر جي رفتار ۾ هوءَ ٺيڪ انداز ۾ ڪري سگهي ۽ ڀاءُ جي دوکي ۾ جيون جي ڇٽيءَ ۾ وڃي ٽڪري ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي. جيون ته بدحواس ٿي بيٺو رهيو. هيڏانهن منجريءَ جا ٽهڪ به سناٽي ۾ بدلجي ويا. پنهنجي غطلي کيس معلوم ٿي ويئي. ڀاءُ جي دوکي ۾ هن هڪ اڻڄاڻ آدميءَ سان ٽڪر کاڌو آهي، اهو خيال ايندي ئي وسميءَ ۾ لڄ وچان ٻئي اکيون ڦرڪائي هوءَ ’اَماڙي اَما‘ چوندي اندر ڀڄي ويئي. ڀڄي ڪري هن وري زور سان ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. جيون وياڪل ٿيو بيٺو ئي رهيو.

ان زماني ۾ ايترو ئي ڪافي هو.

گهٽنا اتي ئي ختم نه ٿي ويئي، ان جو اڃا باقي حصو به آهي. ڀڄندڙ منجريءَ کي اشارو ڪندي بنڪم به کلندي چيو هو... ”مُر وڃي اڀاڳڻ!“ تهان پوءِ هن پنهنجي ماءُ سان جيون جي سڃاڻپ ڪرائي. جيون پرڻام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن چيس- ”نه اَبا، رشتي ۾ تون مون کان وڏو ٿين ٿو. منهنجو ڀاءُ تنهنجي ماسيءَ جي ڏير جي سنڍوءَ جي پٽ جو ناٺي آهي. ان حساب سان تون منهنجي ڀاءُ جو سهري وانگر ٿو لڳين. منهنجو به لڳ ڀڳ اهو ئي ٿئين. ويهه – ويهه پرڻام نه آءُ توکي ڪندس، نه تون مونکي ڪجه.“

ان مٽي مائٽي طئي ٿي وڃڻ سان بنڪم کي ڏاڍي سرهائي ٿي. چي، ”تڏهن ته اسان سان ٽين پيڙهيءَ جو سنٻنڌ ٿيو، پوٽي ڏاڏي جو.“

ماءُ جل پان آڻن لاءِ جيئن اٿي ويئي، تيئن بنڪم اندر وڃي منجريءَ کي چيو- ”اڙي اوسڀاڳي، هل ڏاڏي صاحب کي ڏس.“

”ڪير؟“ منجري ڳالهائي ته دٻيل آواز ۾ رهي هئي، تڏهن به جيون کي ٻڌڻ ۾ پئي آيو.

”ڏاڏو ري، ڏاڏو.“

”هل! هيءُ ڏاڏو وري ڪيئن ٿيو! جهنگلي سوئر جهڙي ته شڪل اٿس. بابا ري! ڪارو- ڪوجهو.“

”ڇي! تون ڏينهون ڏينهن وڏي انهيءَ لاءِ ٿيندي ٿي وڃين؟ اڙي چري، پنهنجو وڏو مامو هن جي ماسيءَ جي ڏير جي پٽ جو ناٺي آهي.“

”واه خوب ٻڌائيه! سکيءَ جي ننهن جي ساهيڙيءَ جي ڀاڻيجيءَ جو ناٺي!“

”هل چري. منهنجو دوست آهي. امير گهراڻي جو ڇوڪرو آهي.“

”شاهوڪار گهر جو آهي ته جهنگلي  سوئر جهڙي شڪل ڇو اٿس؟“

”ڇا بڪ شڪ لڳائي ويٺي آهين تون! بهادر جي شڪل اٿس، مدگر ڦيرائيندو آهي!“

”ته پوءِ پڙهڻ جي بدران ڪنهن ناٽڪ- منڊلي تي ۾ ڀيم پهلوان جو پارٽ ڇو نٿو کڻي؟ اسان کي به گدا يڌ ڏسڻ جو وجهه ملندو! تون وڃ، آءٌ ڪالهه هلنديس.“

بنڪم بگڙجي هليو ويو.

جيون به جهنگلي واراهه جهڙو مٿو جهڪائي ويٺو هو، چڱو ڪين لڳس. جوانيءَ ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪنهن کي به خوش نه ڪنديون. هو موٽي وڃڻ لاءِ اتاولو ٿيڻ لڳو چي، ”ته اڄ هاڻ اجازت ڏيوم، ڪم آهي.“

ايتري ۾ ماءُ جل پان جي ٿالهي کڻي اچي پهتي. ٿالهي رکي هن سڏ ڪيو- ”منجي ڪيڏانهن ويئي، منجي! هڪ گلاس پاڻي ته کڻي اچ، منجي!“

ماءُ ذرا ڳري مزاج واري آهي. هن جي ڳالهه آسانيءَ سان ٽاري نٿي سگهجي. هن جي ڳالهه جي وچ ۾ ٽوڪيندي به هو’نه‘ نه ڪري سگهيو. هڪ ئي منٽ ۾ اندران پاڻي ڀريل گلاس نيئي منجري به اچي ويئي.

ماءُ چيس- ”نمستي ڪر. تنهنجي ڀاءُ جو دوست ٿي نه، اسان جو سڳو سنٻنڌي به آهي. تنهنجو ته ڏاڏو لڳندو.“

منجري وات ۾ ڪپڙو رکي کلڻ لڳي.

”اڙي، کلي رهي آهين! نمستي ڪر!“

”هيڏو سارو ڪو ڀلا ڏاڏو ٿين000دو آهي؟“

”ضرور ٿيندو آهي. ماما- چاچا عمر ۾ ننڍا ڪونه ٿيندا آهن؟ تلسي دل کي به ننڍو- وڏو ڏٺو ويندو آهي؟“

منجري هينئر پرڻام ڪيو- تنهن زماني ۾ زمين تائين نئڙي ڪري پرڻام ڪبو هو، اڄ جيئن پير ڇهي ڪري مٿي تي هٿ لڳائبو آهي، تيئن نه. منجري اٿي ڪري وري کلڻ لڳي.

چري ڪري ماڻهس چينڀيس- ”کلين ڇو ٿي؟“

”ڏاڏو لڳي نٿو، ان ڪري کلي رهي آهيان.“

”ڇا نٿو لڳي؟“

”هن جو جامو وانگرکو ڪٿي آهي؟ ڪتاب ۾ لکيل آهي- ’ٻڍو ڏاڏو، پائي انگرکو.‘ ائين چئي کلندي منجري هلي ويئي.

ان بعد ڪشور جيون دت جي ڪهڙي حالت ٿي، چوڻ جي ضرورت ڪانهي.

هو ته مست ٿي پيو، منجري! منجري جي دل کي جيتڻو پوندو. پر اوچتو هن جي راهه ۾ هڪ ٻيو ماڻهو اچي حائل ٿيو.

هيءُ اهو ئي ساڳيو ڇوڪرو آهي، جنهن سان جهڳڙو ڪري حياتيءَ جون سڀ آشائون ترڪ ڪري هو گهر موٽي آيو هو. ڀوپتي ڪمار بسو، اوچ گهراڻي جو هٺيلو جوان. ماڻهو کيس ڀوپي بوس ڪري چوندا هئا. ڀوپي  بوس اتان جو وڏو شيطان هو. جهومي ڪري موالين وانگر هلڻ جو جيڪو فئشن، شهر- بازار ۾ ڪاهي پيو هو، ڪاندي ڳوٺ ۾ اها چلن، هيءُ ڀوپي بوس کڻي آيو هو. هو جڏهن جنهن قدم کي وڌائيندو هو، ان طرف سڄو بدن جهڪائي ڇڏيندو، ڄڻڪ ماڻهن جي اکين ۾ آڱريون کپائي ڏيکاريندو هجي. جيڪي سندس اڳيان- پٺيان هوندا هئا، تن کي ته ڏسڻو ئي پوندو هئو؛ جيڪي بغل کان هلندا هئا ۽ اهو ڏسڻ جو کين وجهه نه رهندو هو، سي هن جي اڍنگي چال کان ڌڪو کائي ڊڄي پري ٿي ويندا هئا.

’ڀوپي وڃي رهيو آهي!‘ هو رنگ جو گورو ۽ ٿلهو- متارو هئو، مٿي ۾ گهنڊيدار وار، زميندار جو لاڏلو ٿيو! ڀوپي به بنڪم جو دوست هئو. هن گهڻي وقت کان منجريءَ ۾ اکيون وجهي ڇڏيون هيون. سو هن سان چٽاڀيٽي ٿي هليس. حيرت پسند وڌاتا واگهه- واراهه تماشي جي رچنا شروع ڪئي. واگهه ٿيو ڀوپي بوس، واراهه جيون دت. اهي نالا منجريءَ رکيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org