سيڪشن؛  ناول 

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :2

[1]

عيسوي سنه اُنيهه سو پنجاهه- بينگالي سنبت تيرهن سو ڇاونجاهه- ساوڻ جو مهينو، هڪ ڏينهن ٽپهڙيءَ جو ٽاڻو. جيون مهاشيه ساڳي ريت آسمان ڏانهن تڪي رهيو هو. رستي تان اچانڪ ڪنهن کيس آواز ڏنو:

ڏنڊوت ڊاڪٽر چاچا!

ڪير؟ موتي! ڪيڏانهن جي تياري آهي؟

ڪوئلي جي ڀور جهڙي ڪاري ٿيل اَٺ هٿن واري ڌوتي پهريل موتي لوهار الائي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. موتي، گهوشٺ لوهار جو پٽ آهي. گهوشٺ کي ڊاڪٽر لاءِ ڏاڍي شرڌا هوندي هئي. ڊاڪٽر به کيس ڀائيندو هو. گهوشٽ کي به ڪيترائي اڪسير دوائن جا نسخا ياد هئا- سنياسي جون ٻڌايل دوائون. سنياسي رگهوير ڀارتي هڪ پهتل يوگي هو. دوائن جا نسخا گهوشٺ کي هن مان ئي معلوم ٿيا هئا. گهوشٺ ڊاڪٽر کي به اهي سڀ نسخا ٻڌائڻ چاهيا ٿئي. پر ڊاڪٽر نابري واري. پر ڪيترن مريضن کي هو گهوشٺ ڏانهن ئي اُماڻيندو هو. خصوصاً اهڙن مريضن کي جن کي ٽيهڙ تپ ايندو هو. ڏاڍو واهيت تپ آهي! واري جو تپ، هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن اچي ٿو ۽ دوا جي سڻي ٿو. پر ڪمبخت ٽيهڙ تپ ته ڪنهنجي به نه ٿو ٻڌي. ان کي قاعدي تي آڻڻ ۾ به ڏينهن لڳيو وڃن. ڪوئنين جي سئيءَ کي به ناڪام ڪيو ڇڏي پر رگهوير ڀارتيءَ جي دوا جي نسخي مان صرف هڪ ڏينهن ۾ ڪافور! اڳي اها دوا گهوشٺ ڏيندو هو، هينئر موتي ڏيندو آهي. جنهن ڏينهن تپ چڙهي، هيڊ سان زرد ڪيل ڪپڙي ٽڪري ۾ ڪنهن پاڻياٺي ٻوٽيءَ جو ست نچوڙي ۽ ان ۾ ٻڌي سنگهڻ لاءِ ڏيندو آهي. ان مان ئي تپ لهي ويدنو آهي، خاطريءَ سان لهي ويندو آهي. دوا جي خاصيت جو عجيب راز! نهايت ئي عجيب!

مريض موڪلڻ جي سلسلي ۾ ئي گهوشٺ جي ڊاڪٽر سان گهرائپ ٿي هئي. هن ديش جي سنياسي سمپردايه ۾ علاج جو انوکو طريقو رائج هو ۽ اهو اسراري اثر ڏيکاريندڙ هو. اهو طريقو سکڻ جي ڊاڪٽر کي به هڪوار چاهنا ٿي هئي، ليڪن.... ليڪن سندس گروءَ جي منع هئي. ”جڏهن ڊاڪٽري سکيو آهين، ته ان رستي تان نه وڃج. وگيانڪ ڍنگ سان جنهنجي گڻ جي ڄاڻ نه هجي، اُن شيءِ جو واهپو نه ڪرڻ گهرجي.“

موتيءَ چيو: اوهان وٽ ئي آيو آهيان ڪاڪا!

مهاشيه کي ڄڻ نئون ساهه مليو! ڪير اچي ڳالهائي، اهڙي ڪنهن سڄڻ لاءِ هو ماندو ٿي رهيو هو. هاڻ صندل تي پلٿي ماري ويٺو. پراڻي وهاڻي کي پاڻ ڏانهن ڇڪي چيائين: اچ ويهه، ڪهڙي خبر آهي؟ ذرا منهنجي گهر هلڻو پوندو.

ڇو؟

اما کي ڏسڻو آهي.

تنهنجي ماءُ کي ڇا ٿيو؟

جي، اٽڪل هڪ مهينو ٿيو، تلاءَ ۾ پير کسڪڻ سان ڪري پيئي هئي. پير ۾ ڏاڍو سور ٿيو هوس. آءٌ اسپتال وٺي ويومانس. ملم پٽي ڪري چيائون- ٻن چئن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندي، ذرا هلڻ چلڻ بند رکوس. پير ٺيڪ به ٿي ويو هو. پر وري ڪيترن ڏينهن کانپوءِ پراڻو درد جاڳيو اٿس- رات ڏينهن سور جي دانهن ٿي ڪري. وري وٺي ويس اسپتال. اتي چيائون ايڪس ري کانسواءِ ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهجي. ايڪس ري ته وڏي خرچ جو ڪم آهي، وڏو جهنجهٽ پڻ آهي. مون سوچيو، هڪوار ڪاڪي کي ئي کڻي ڏيکاريان.

جيون مهاشيه کليو، ويچارو موتي! ٻڍڙي ماءُ گلي ۾ ڪنڊي جيئان اٽڪي اٿس. موتي ته ماءُ کي ڏاڍو چاهيندو آهي. ماءُ لاءِ هيتري ڀڳتي شرڌا هئڻ سبب ماڻهو کيس ٻڍو- ٻالڪ چوندا آهن. کانئس ماءُ جي پيڙا به ڏٺي نٿي ٿئي ۽ ايڪس ري جو جهنجهٽ سهڻ به نٿو پڄيس. لاچار هتي آيو آهي. چي: ٺيڪ آهي. سڀاڻي هلندس.

جي، سڀاڻي نه، اڄ ئي هلو، هاڻي. ٻڍڙي سور واچان رڙيون ۽ واڪا ڪري مون کي گاريون ڏيئي رهي آهي. چوي ٿي، جيڪڏهن پنهنجي ڌيءَ هجيم ها ته بنا دوا دوارونءَ جي ههڙيءَ لاپرواهيءَ سان رکي ها!

چوندي چوندي موتي ٿڌا ساهه کڻڻ لڳو- سڄي حياتيءَ ۾ ڪڏهن مون ماءُ جي ٽهل شيوا ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ اڄ هوءَ مون کي...... ائين چئي هو روئي پيو هو.

ڊاڪٽر پگهرجي چيو: ته چڱو هل، ڏسي اچانس!

ڊاڪٽر اُگهاڙي بدن سان هلڻ لڳو.

پاڻ سنڀالي موتي چيو- ۽ اوهان جي ڇٽي؟

ڇٽيءَ جي ضرورت ڪانهي. ڦڙ ڦڙ هلڪي ٿي رهي آهي، اُن ۾ ڇٽيءَ جي گهرج ڪانه پوندي.

ڊاڪٽر ڳرن قدمن سان هلڪي چال ۾ هلڻ لڳو. موتي گوهي ڏيئي کسڪي نڪري ويو. چي: آئون ذرا پهچي گهر خبر ڪريان چاچا!

وڃ!

اڳ ۾ پهچي موتيءَ کي ذرا گهر- اڱڻ صاف سٿرو ڪرڻو هو، ٻارن کي سنڀالڻو هو. ماڻس به شايد ميرن ڦاٽلن ڪپڙن ۾ ئي ويٺي هجي، ان کي به صاف ڌوتل ڪپڙا پهرائڻا هئا.

دروازي تي پهچي ڊاڪٽر نڙيءَ کي صاف ڪري کنگهڪار ڪئي، سڏيائين: موتي!

موتيءَ وراڻيو: جي آيس: آيس يعني ٿوري دير اڃا صبر ڪري ڊاڪٽر، تياري نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽر بيٺو رهيو. چڱو ئي ٿيو. سامهون پريان صاف ڏيکائي ڏني ڪچي سڻڪ! انهيءَ سڻڪ تان سفيد ڪپڙي جي ڇٽي ڍڪي ستاب مڪرجي اچي رهيو هوندو. هن جي هڪ هٿ ۾ هوندي اها ڇٽي، ٻئي ۾ وساميل لالٽين ۽ شطرنج جي ٿيلهي. ڪٿي اچي رهيو آهي ستاب؟

موتيءَ سڏيو: ڪاڪا، اندر اچو.

ٻڍڙي سور وچان بيحال هئي. موتيءَ سچ چيو هو. گوڏو سڄي پيو اٿس. سوڄ تي ڊاڪٽر هٿ رکيو، ٻڍي ڦٿڪڻ لڳي ۽ ڊاڪٽر ڇرڪي ويو. شايد تپ به اٿس! گوڏي تان هٿ هٽائي چيائين، ذرا نبض ڏسان!

ڊاڪٽر ناڙي جاچيندي پڇيو: اهو تپ ڪڏهن کان آهي؟

موتيءَ چيو: تپ ڪٿي آهي ڪاڪا؟

تپ اٿس. نبض ڏسندي ئي هن وراڻيو.

گهونگهٽ جي اَندران موتيءَ جي ماءُ ڀڻ ڀڻ ڪئي. اُهو ته سور جي آڪڙ وچان تپ ٿو لڳي. سور ڇڏيندو ته اهو به هليو ويندو.

”بيشڪ، ٻرو ويندو ته سور به ڇٽندو ته تپ به هليو ويندو.“

”نه، نه، تپ جي دوا آئون ڪانه کائينديس. تپ پاڻمرادو لهي ويندو. اوهان مون کي سور جي ئي دوا ڏيو. تپ جي علاج جي ڪابه لوڙ ڪانهي. مون کان ڪوئنين کائڻ ڪانه پڄندي، نه وري سئي لڳائڻ جي ٿيندي. بک....“ ٻڍي چپ ٿي ويئي. بنا کاڌي رهي ڪانه سگهنديس، اهو چوڻ ۾ کيس شايد لڄ ٿي آئي.

ڊاڪٽر کلي چيو: ”اپواس ڪڍڻو ڪونهي. اپواس لاءِ چوندس به ڪونه. تون منهنجي ڪا اڄوڪي بيمار ته نه آهين. جڏهن هتي نئين ڪنوار بڻجي آئينءَ، تڏهن کان ڏسي رهيو آهيان. تنهن دفعي جو پراڻو بخار، مون ئي ته ٺيڪ ڪيو هو. گهوشٺ منهنجي سامهون قبول ڪيو هو ته هو توکي آڌي رات جو رنڌڻي مان مڇي ۽ چانور لڪائي آڻي کارائيندو هو. مون کي سڀ معلوم آهي، ان ڪري ئي مون کيس چانورن جي صلاح ڏني هئي.“ ڊاڪٽر کلڻ لڳو.

گهونگهٽ جي اَندران ڄڀ کي چڪ پائي موتيءَ ماءُ پاڻي پاڻي ٿي ويئي، لڄ وچان!

دراصل گهوشٺ هن کي لڪائي ڪونه کارائيندو هو، هوءَ پاڻ چوري ڪري کائيندي هئي. هڪ ڏينهن گهوشٺ اها چوري پڪڙي ورتي. ان جي ٻئي ڏيهاڙي هو ڊاڪٽر کان سندس لاءِ چانورن جي اجازت وٺي آيوهو. ڊاڪٽر پڇيو: کائڻ لاءِ دل ٿي چاهي ته ٻڌاءِ، ڇا ٿي چاهي؟

موتيءَ جي ماءُ چپ رهي، ڀلا ان لاءِ چئي به ڇا سگهي؟ کيس ته ڌرتيءَ ۾ سمائجي وڃڻ جي واٽ گهربل هئي. ڇه! ڇه! ڇه!

شرماءِ نه، چئو! جيڪي کائڻ چاهين، کاءُ! جيڪي جيءَ ۾ اچيئه!

موتيءَ ڏانهن تڪي ڊاڪٽر  آکيو: ماڻهين کي جيڪا به کائڻ جي اڇا هجي، ڏجانس!

”۽ دوا؟“ شڪي ٿي موتيءَ ورجايو.

”دوا ٻوا کي ڇڏ. ماءُ کي چڱيءَ ريت کارائي پياري ڇڏ. ديويءَ جي مندر جي ڀڀوت آڻي لڳائينس، بس!“

موتيءَ جي ماءُ به گهونگهٽ کي ٿورو مٿي ڇڪيندي چيو: ”پر سور وچان ته منهنجو ساه ئي نڪري ويندو.“

”ته باه جي ٽاڪور ڪرينس! شت وئديه سمنگ اَگني ه[1]، ان کان وڌيڪ ڪابه دوا ڪانهي. لوڻ جي ٽاڪور ڪرينس! جيڪي ٿيڻو هوندو. سو ان مان ئي ٿيندو.“

جيڪي ٿيڻو هوندو سو اُنهيءَ مان ٿيندو؟ ”دوا ڪانه ڏيندا؟ جيڪي جيءُ چاهي سو کان؟ ته پوءِ آئون هينئر ڪجهه ڪين ورتائينديس؟“ موتيءَ جي ماءُ گهونگهٽ هٽائي ڇڏيو ۽ مٿيون سوال ڪري ڊاڪٽر ڏانهن ٽڪٽڪي ٻڌي نهارڻ لڳي. عجيب هئي اها درشٽي! جنهن ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو سوال ڀريل هو! جيون جو باقي سوال!

اهڙي درشٽيءَ جي سامهون شايد ڪوبه ٽڪي نه سگهي. ٽڪي سگهندا آهن ٽن قسمن جا ماڻهو. هڪڙو ويچارڪ- جنهن کي موت جي سزا ڏيڻي پوندي آهي. جيڪڏهن ملازم سوال ڪري ته مون کي مرڻو پوندو؟ ته ويچارڪ کي چوڻو پوندو: ها، مرڻو پوندو!

ٻيو جلاد! جيڪو اها سزا پنهنجي هٿن سان ڏيندو آهي. ۽ ٽيون ٽڪي سگهي ٿو ته علاج ڪندڙ ڊاڪٽر يا وئديه!

جيون مهاشيه اڳي ضرور ٻڍي، جهوني مريض کي ئي چوندو هو ته ”هينئر وڌيڪ جيئرو رهي به ڇا ڪندين؟ ڏسي به ڪافي ورتئه، سڻي ٻڌي به ڪافي چڪو آهين، ڀوڳيئه ۽ ڀوڳائيئه به گهڻو. هينئر جيڪي آهي، ان کي رکي ڪري....“ ۽ هو کلڻ لڳندو هو.

سندس ڏاڏو دين بندو مهاشيه آخرين ڏينهن ۾ چوندو هو- اڙي! گووند ڀڄ. هرنام چو. ”پرڀو نام جي ٻيڙي گهاٽ تي ٻڌل آهي.“

جيون مهاشيه کي ڊاڪٽري سيکارڻ وارو گرو رنگلعل ڊاڪٽر به نهايت عجيب انسان هو. مريض جي سامهون رواجي ريت مرڻ جو ذڪر ڪونه ڪندو هو، پر ڪير پڇيس ته چئي ڏيندو: ’ميڊيسن ڪئن ڪيور ڊسيزبٽ ڪئن ناٽ پروينٽ ڊيٿ[2] ۽ ڊگها قدم ڀريندو مرض جي ڪمري مان نڪري ايندو هو.

ڊاڪٽر جيون موتيءَ جي ماءُ ڏانهن نهاريو ۽ کلندي چيو: ”ائين ٿئي ته ڪهڙي تڪليف آهي؟  ڏوهٽا، پوٽا، ننهن- پٽ جي رهندي سانسين سکالي ٿي وڃي سکي بڻج! جيڪڏهن ٿي سگهي ته تيرٿ ياترا لاءِ نڪري وڃ.“

موتيءَ وچ ۾ ئي واڪ ڏنو: ”اوهان به ڇا پيا چئو ڪاڪا! ڀلا ان لاءِ اسان جي هڙ ۾ ڪجهه آهي؟“

”ڇو؟ ڏهن ڪوهن جو ئي ته مفاصلو آهي. ٽرين ۾ وڃو، مسواڙ تي ڪوئي ڪمرو ڀاڙي هليو اچ. ان ۾ ڀلا خرچ ڪيترو ٿيندو؟ ڪٽوئا ۾ ذرا ڀيڙ وڌيڪ ٿيندي. پوربي بينگال جا ماڻهو (نرواسي) اتي گهڻا ئي اچي ويا آهن. اڌارڻ پور وڃڻ ئي بهتر ٿيندو! گام گنگا جو ڪنارو. جيڪڏهن سڌرڻ تي هوندي ته هڪ مهيني اندر گنگا جي هوا لڳڻ سان بيماري به هوا ٿي ويندي! پاڻ ڏسج، امڙ جو جسم ئي نئون ٿي ويندو..... روز سنان ڪندي ۽ نه ته....“ ڳالهه کي اڌورو ڇڏي ڊاڪٽر ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. وراندي ۾ ٻئي هٿ وڌائي چائين: ”موتي ذرا پاڻي ڏي.“

*      *      *

 

[2]

ڊاڪٽر کي ڪجهه اهڙي جهڙي تڪليف نه ٿي. موتيءَ جي ماءُ جي ڪافي عمر هئي، عمر جي نزلي سان صحت گهڻي ڊهي پيئي اٿس. گئس جي تڪيلف پيٽ جي گڙ ٻڙ- هيءَ هوءَ ڪيتريون ئي بيماريون. انهن آفتن جي مٿان آفت اها جو پير جي هڏيءَ ۾ ڌڪ لڳي ويس، ٽٽي پيئي. شايد ٿي سگهي ٿو جو انت ۾ پڪي به ٿي وڃي. سڪيلڌو پڻ اٿس، ننهن آهي، ڪيترائي پوٽا- ڏوهٽا اٿس. هاڻ موڪلاڻي ڇو نه ڪري پوڙهي! ان نموني موڪلائڻ ته پاڻ سک جو ڪارڻ آهي. مگر ٻڍڙيءَ کي مرڻ جي اڇا ڪانهي، ان کي ڊاڪٽر هڪ ئي نظر ۾ پرکي ورتو هئو، موت جي ڳالهه ٻڌي ڇرڪي نه وڃن، اهڙا ماڻهو سنسار ۾ ڪي ورلي ئي ٿيندا آهن، وري به ڊاڪٽر چوي انڪري ٿو جو ماڻهن جي اڳتي وڃڻ جي ڪائي حد ته ڪانهي.

ويچاري موتيءَ جي ماءُ ته اوندهه ۾ آهي، پٺتي پيئي آهي. هن کي ڏوهه نٿو ڏيئي سگهجي. پٽ، ننهن، پوٽو، پوٽي، گهر- گرهستي- سڀني ۾ اَڙجي ويئي آهي ٻڍڙي- جيئن ڪوڙڪي ۾.

”آهه نيهني ڀوُتاني گڇنتي بم مندرم،

شيشاه اِسٿرتو مڇنتي ڪماشچريمتہ پرم.“

ٺيڪ اڄ ٻڍڙي به ساڳيو سناتن اچرج ٿي پيئي آهي. ليڪن هن کي وڃڻو ئي پوندو، ۽ وڃڻ ۾ ئي سندس ڪلياڻ آهي. ها ڪلياڻ آهي. نه ته درگتيءَ جي ڪائي حد نه رهندي.

ڊاڪٽر جو سرير وزني آهي. جسم جي بار سببان ٻئي پير زمين تي ٽپڪ ٽپڪ ڪندا هلندا آهن. جڏهن هو رستي تان لنگهندو آهي، آسپاس جي گهرن وارا ماڻهو سمجهي ويندا آهن ته ڊاڪٽر صاحب اچي رهيو آهي. سانوڻ جي تک ڦڙي بارش سان نرم ٿيل مٽي ۽ ترڪڻ واري رستي تان سنڀال ڪري هلڻ گهرجي، نگاهون هيٺانهين ڏانهن چوڪس رهڻ گهرجن. ڊاڪٽر لاءِ ٻئي ڳالهيون پريشانيءَ جو باعث آهن. مگر ٻيو چاڙهو به ته ڪونهي. ڪٿي پير کسڪيو يا ترڪيو ته هڏي- پاسرءَ جو خير ڪونهي. ڌرتيءَ کي ماڻهو ماتا چوندا آهن. سائي سبز گاهه ۽ ڪکن پنن سان ڍڪيل ڇانيل ڌرتيءَ کي چون ٿا. ڪومل انگنا- نازڪ بدن، مگر هڪوار ڪير ڪري پوي ته غلطي معلوم ٿي ويندي آهي. ڊاڪٽر پنهنجو پاڻ کلڻ لڳو.

- ”اڙي – ڙي – ڙي!“ – ترسي ڪري ڊاڪٽر زور سان آواز ڪيو، رستي جي ڪناري هڪ کڏ ۾ هن سخت بارش جو ٿورو پاڻي ڄمي ويو هو. ٻه نينگر ڏاڍي چوڄ مان ان پاڻيءَ سان کيچل ڪري رهيا هئا. بيٺل پاڻيءَ سان رستي جي ان وٿيءَ کي به هنن گپ چڪ سان ڀري ڇڏيو هئو.

نينگر رڪجي ويا. جيون مهاشيه کي هن پاسي سڀ عزت ڏيندا آهن.

- مڇي آهي- هيڏي ساري وڏي هڪ مڇي!

- ”تون مدن گهوش جو پٽ آهين نه؟“

- ”جي، آئونمدنا جو پٽ بدنا آهيان.“

ڊاڪٽر کي کل اچي ويئي- ”صرف مدنا جو پٽ بدنا ڇو، تون گڏهه آهين، پاجي آهين، اُلو آهين.“

- ”ڇو، مون اهڙي ڪهڙي ڀل ڪئي؟“

- ”ڇا ڪيئيه؟“ ڊاڪٽر جو آواز هينئر ڪجهه نرم پئجي ويو- ”پتا جو، پنهنجو نالو ڪو ان ريت ٻڌائبو آهي؟ ڇي، ڇي. چوڻ گهرجي- جي ها، شري مدن لعل گهوش جو پٽ آهيان. منهنجو نالو آهي شري بدن لعل گوش. سمجهي وئين؟“

بدن پنهنجي گردن جهڪائي مٿي کي ڪلهي تي رکي ڇڏيو. ڏاڍو خوش ٿي ويو. ڊاڪٽر پڇيو- ”۽ هيءُ ڪير آهي؟“

ڏسڻ ۾ هو نينگر سهڻو هئو. ڏاڍي ٺاهوڪي موچاري شڪل، لڳو نٿي ڪو ان ڳوٺ جو آهي. هن ڊاڪٽر جي سوال جو جواب نه ڏنو. بدن ٻڌايو- ”هيءُ هتي سرڪار وٽان آيو آهي- پنهنجي مامي وٽ.“

- او، اَهيندر سرڪار جي ڌيءَ اَتسيءَ جو ڪڪو آهي؟

ٻالڪ ٻه ڀيرا پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي چيو- ها، ها.

ڊاڪٽر چيو- پاڻيءَ ۾ پسڻ نه گهرجي، گهر وڃو. زڪام ٿيندو، تپ اڃي ويندو، مٿي ۾ سور ٿيندو.

بدن ورجايو- اوهان ڀلا ڇو پسندا آهيو؟

ڊاڪٽر ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. چي- اڙي لچ، مان ڊاڪٽر آهيان! بخار مون کان ڊڄندو آهي. وڃو، گهر وڃو. هلو، مون سان ئي گڏجي هلو.

ٻنهي ٻالڪن کي ڊاڪٽر ساڻ وٺي موٽيو. جيڪڏهن ستاب مڪرجي نه آيو هوندو، ته هنن سان ئي پاڻ وندرائبو. رستي ۾ هلندي چيائين- خبر اٿو، گدامڙي- آمڙي کائڻ سان هاضمو بگڙندو آهي ۽ ان مان بخار ٿي پوندو آهي؟ مگر ڊاڪٽر پاڻ آمڙي کائيندا آهن. اسان ماڻهن کي چوندا آهيون ته اسين آمڙي کائيندا آهيون، ليڪن ماڻهن کي منع ڪندا آهيون ته کٽاڻ نه کائو.“

’آروگيه – نڪيتن‘ جي ورانڊي تي ستاب مڪرجي اڳي ئي اچي ويٺو هئو. ڊاڪٽر تي نظر پوندي ئي چائين- ڪيڏانهن ويو هئين؟ مان اچي سوچڻ لڳس: نيٺ به ويو ڪيڏانهن؟ هتي نه ته نندو آهي، نه اِندر، ٻنهي مان هڪ به ڪونهي.“

ڊاڪٽر اُنهن ٻارن کي چيو- ”هاڻ پنهنجي گهر وڃو.“ وري ستاب کي چيائين- ذرا موتي لوهار جي گهر ويو هوس. هن جي ماءُ جو پروانو پهچي ويو آهي. تون ويهه، مان اندر چانهه لاءِ چئي وٺان. چلم جي ڦل کي به ڦوڪي وٺان، اِندي ٻاهر ويو آهي.“

ستون- اٺون چلم ۾ تماڪ ڀريل آهي- ازانسواءِ به ڦل تماڪ الڳ رکيو آهي. نندو ڀري ڪري رکي ويو آهي؛ ضرورت پوڻ تي وري رکيو رهي ٿو ته اِندو ڀري ڏيندو اٿن يا خود ڊاڪٽر يا ستاب ٽانڊو رکي وٺندا آهن. ٻئي ڄڻا شطرنج جي بازي تي ويهي ويندا آهن. ڪير ڄاڻي ڪيستوڻي هلندي اها بازي؟ اندر رسوئي ڍڪي پيئي هوندي آهي. سو نه اڳي جهڙي ته شڪتي رهي آهي، نه اُتساهه.

چانهه جي فرمائش بعد چلم ڀري ڦل دکائي ٻئي کيڏڻ ويهي رهيا. راند اچانڪ ڄڻڪ ڄمي ويئي. ڊاڪٽر ٺپ سان ستاب جي فرضيءَ جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. هيڏانهن آسمان ۾ به خاصو جهڙ ڇانئجي ويو، بارش به چڱي شروع ٿي ويئي. جهپ- جهپ پاڻي وسڻ لڳو، ڀاسيو بارش اڃا وڌيڪ پوندي. راند چپ چاپ هلي رهي هئي. ستاب چيو- ڊاڪٽر، اندر هلون. سردي محسوس ٿي رهي آهي.

- سردي محسوس ٿي رهي آهي؟ ائين ڇو؟ مون کي ته آرام اچي رهيو آهي.

- تنهنجي ڳالهه تي نرالي آهي. ايتري چرٻي اَٿي، سردي ڇو لڳندي ڀلا؟ منهنجي طبيعت به ٺيڪ ڪانهي.

- تپ ته ڪونه اٿي؟ نبض ڏسان؟

- معاف ڪر، نبض ڏسڻ جي ضرورت ڪانهي. مرض ٿي پيو آهي توکي. نبض ڏسڻ مون کي به ايندي آهي. ڏسي چڪو آهيان، نبض چنچل آهي ٿوري. ڪائي ڳالهه ڪانهي. هل، اندر هل. – ستاب هٿ سميٽي ورتو.

مگر ڊاڪٽر موڪل نه ڏني. هڪ طرح زوريءَ هن ستاب جو هٿ ڇڪي ورتو. ٺيڪ آهي، نبض ۾ ڪافي جوش آهي. ليڪن ناڙيءَ جي رفتار جي انڀو جو موقعو نه مليو. ستاب ڪرائيءَ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.

- ڪرائي ڇڏي ڏي جيون، ڇڏي ڏي.

- چريائي نه ڪر، نبض ڏسڻ ڏي.

- نه. – ستاب مڪرجي چلائي اُٿيو.

- اڙي ٿي ڇا ويو آهي توکي؟ اڙي؟ - جيون مهاشيه دنگ رهجي ويو.

- نه، نه، نه. ڇڏي ڏي منهنجي ڪرائي. ڇڏي ڏي. – جهٽڪي سان پنهنجو هٿ ڇڏائي ستاب اُٿي کڙو ٿيو. هن جي لالٽين هڪ پاسي پيئي هئي. هن ان کي ٻاريو به ڪونه. هٿ ۾ کڻي وراندي کان هيٺ لهي پيو.

- ستاب، هيءُ وٺ تنهنجي ڇٽي.

ستاب واپس وريو. پنهنجي لالٽين جلائي چيائين- پنهنجي نبض جاچ. مان چوانءِ ٿو، هينئر تون ويندين. ٻين جي نبض جاچي اڳڪٿي ڪندو وتين. پنهنجي به سوچ.

برسات ۾ ئي ستاب هليو ويو.

ڊاڪٽر چپ ويٺو رهيو. وچ – وچ ۾ ستاب بي سبب بگڙي پوندو آهي. بي سبب چوڻ به ٺيڪ ناهي، جڏهن چال – ڀلجي ٿو وڃي ته من ئي من پنهنجو پاڻ تي خفي ٿيندو آهي ۽ ڪوئي بهانو مليو ناهي ته جهڳڙو ٺهه پهه. اُٿي ڪري پڇ پائي ڀڄندو. واپس اچڻ مشڪل آهي. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر ئي هن وٽ ويندو آهي. ڊاڪٽر کي ڏسنديئي ستاب به امالڪ چئي ڏيندو- اچ، اچ، ويهه. بس آئون تو ڏانهن اچي ئي رهيو هوس ته تون اچي وئين.

ڊاڪٽر ذرا کليو ۽ اندر وڃڻ لاءِ وريو. دواخاني جو دروازو بند ڪرڻ ويو ته ڇرڪي بيهي رهيو. ستاب جو اڄوڪو غصو گپت وڪار ته ڪونهي؟ جوش وچان تپ وڌيڪ ته محسوس ڪين ٿيو- پر ستاب نبض ته جاچڻ ئي نه ڏني! ڀرون تاڻي ذرا دير لاءِ هو اسٿر بيٺو رهيو- سوچڻ لڳو- هينئر ئي هن وٽ وڃان؟

نه، ڪوئي لاڀ ڪونهي. جيڪڏهن ائين هجي به کڻي، ته به ستاب نبض هرگز ڏسڻ نه ويندو، اٽلو وڌيڪ بگڙي ويندو.

وري ههڙي مينهن ۾ ڀڄڻ! وڃڻ ڏينس، ٿيڻو هئو سو ٿيو. موت مرض جو هڪ اِتفاق ٿيندو آهي بهانو، نهايت ئي وچتر، نهايت ئي عجيب وغريب، حيرت انگيز!

ٻئي ڏيهاڙي.

عام طرح ڊاڪٽر دير سان اُٿندا آهن. اڄ ذرا ڀنڀرڪي ويل ئي اٿي ويٺو. سڄي رات کيس ننڊ به چڱي نه آئي. ستاب جي چنتا هن کي بيحال ڪري وڌو هئو. انتظاري به ڪهڙي عجيب! بيمارين جا جيترا به اهڃاڻ ۽ عجيب نشانيون هن کي ڌيان ۾ هيون، يا هن پنهنجي اکئين پسيون هيون، انهن مڙني نشانين، علامتن کي هو ستاب جي عمل سان ملائي ڪري ڏسندو، سوچيندو رهيو. جيترو سوچيائين، سڀ ٺيڪ ملندو پئي ويو. کيس افسوس ٿيو ته مون آخر ستاب کي جڪڙي ڪري ڪمري ۾ بند ڪري ڇو ڪين رکيو؟ مينهن ۾ هن کي وڃڻ ڇو ڏنم؟ هڪ ته گپت و ڪار وارو بار ئي تمام برو ٿيندو آهي، وري ڪٿي پاڻيءَ ۾ ڀڄي ٿڌ لڳي ويس، ته لاعلاج سمجهو.

هونئن به ستاب جي عمر چڙهي چڪي آهي ۽ ڪوئي ٻنڌن به جيون ۾ ڪونه اٿس. چوڻ لاءِ هڪ ٻنڌن اٿس- هن جي استري. ليڪن هوءَ اهڙي سمرٿ ۽ ڏندين ڏاند آهي، جو ستاب جي نه هوئڻ جو خال کيس نه کٽڪندو. ستاب جي وڇوڙي کي هن خود محسوس ڪيو. هن کانسواءِ ڊاڪٽر جا ڏينهن نٿا ڪٽجن. ڪيئن رهندو؟

سج اڀريو ته ڊاڪٽر ستاب جي گهر وڃڻ جي تياري ڪئي. ڊاڪٽر جي پتني اسر ويل ئي جاڳي پوندي آهي ۽ هن جي وچتر سڀاءَ جو سڀ کان عجيب انگ جيڪو آهي، سو صبوح جو ئي ظاهر ٿيندو آهي. هن جو نالو آهي درگا. درگا- پرهرارڻي جي سمان صبوح جو ئي يڌ لاءِ تيار ٿي جاڳندي آهي. مزاج ستين آسمان تي ۽ ساڳئي جوش ۾ بڪ جهڪ سان سڄي گهر کي ٿر ٿر ڪنبائي ٿوريءَ ساعت ۾ حيرت انگيز ڍنگ سان هڪدم ڳنڀير ۽ بردبار ٿي ويندي آهي. ڊاڪٽر جي دير سان جاڳڻ جي ڪارڻن ۾ هوءَ مکيه ڪارڻ آهي. جڏهن درگا شانت ٿي ويندي آهي، تڏهن هو نسچنت ٿي بسترو ڇڏيندو آهي.

درگا اڳ ئي سجاڳ ٿي هئي ۽ ريتي- رک سان باسڻ ملڻ سبب نوڪرياڻيءَ تي غصو ڇنڊي رهي هئي. ههڙيءَ حالت ۾ باسڻ ڪيترا ڏينهن ٽڪندا؟ دنيا ۾ جيڪي پهتل مهاتما آهن، موت جن جي پنهنجي هٿن ۾ آهي، انهن جي مٿي تي ڏنڊو هڻو ته انهن کي به مرڻو پوندو، ۽ هيءُ ته جڙ ڌاتوءَ جو گلاس ٿيو. مائيءَ کي ور- ور ڏيئي اهو به محسوس ڪرائي رهي هئي ته اڄڪلهه ڪنجهي جا باسڻ ڪيترو نه مهانگا ٿي ويا آهن. ڊاڪٽر نڙيءَ مان کنگهڪار ڪري سوچنا ڏني. پوءِ هيٺ لٿو. گنڀير ٿي چيائين- مان ذرا ٻاهر وڃي رهيو آهيان. صبوح صبوح پهرين ڳالهه ۾ کيس ڪوڙ چوڻو پيو، نه ٿو ڳالهائي ته پتنيءَ جي نگاهه شو شنڪر جهڙي ڀينڪر ۽ تيز ٿي اٿندي.

پنهنجي ڇٽي کڻي نڪتو. سڌو بازار واري دڙي تي وڃي پهتو. صدر سڻڪ ڇڏي پيچرو پڪڙيائين ۽ ستاب جي دروازي تي وڃي رڪيو.

- ستاب!

ستاب پڻ سجاڳ ٿي چڪو هو. چوڪي تي ويهي ناريل پي رهيو هو. ڊاڪٽر کي ڏسي کلندي چيائين- اچي وئين؟

ڊاڪٽر هن جي بغل ۾ ويهي رهيو. چيائين- خير! تپ ته ڪونه آهي؟ چهري مان ته ڪونه ٿو لڳي. ستاب به ڪرائي وڌائي چيس- ڏس.

- ڏس! ڊاڪٽر کليو.

- ڏس اڳڪٿي ڪري وجهه. هاڻ نٿو رهيو ٿئي. زندگيءَ کان نفرت ٿي ويئي آهي.

کلندي ڊاڪٽر چيو- اهو ته مان ڪالهه ئي تاڻي ويو هوس، جو بگڙي پئين ڪالهه تون مون تي!

مگر ستاب ان ڏانهن ڪن به ڪونه ڏنو. چي- ڪالهه ٻڍي جيتري قدر آپي کان ٻاهر ٿي مون تي، سو ڇا ٻڌايان توکي. مٺ جيترا مرمليا (سنڱر) به کائڻ لاءِ نه ڏنائين. مون رڳو چيو: زڪام آهي. تپ وانگر ڪجهه لڳي پيو. جيون ٿورا سنڱر ۽ ٿورو کير کائڻ لاءِ چيو آهي. جيڪڏهن گيهه، اٽو هجي، ته ٻه چار گرما گرم پوريون ته پاڻ وڌيڪ چڱو ٿئي. خبر اٿئي، اٽو، گيهه گهر ۾ موجود هئو. ان ڪري مون ڄاڻي ٻچجهي ائين چيو. بازار ۾ اٽو ندارد آهي. پنهنجي کيت ۾ ڪي ٻه مڻ ڪڻڪ ٿي هئي. ان جو مون اٽو پيهائي رکيو آهي. ٻيو ڪجهه نه ته، گهر ۾ ڏيڍ سير کير ته ٿي ئي ويندو آهي. ان جي سموري مکڻ جو هوءَ گيهه ٺاهي ڇڏيندي آهي. مکڻ جو منهن ته ڏسڻ به نصيب نه ٿيندو آهي ڪڏهن. ڪالهه ئي هن مکڻ جو گيهه بڻايو آهي. مگر پنهنجي ڀاڳ ۾ نه ڀوت (ماضي)، نه ڀوشيه (مستقبل)، ٻيو ته ٺهيو، جيڪو به منهن ۾ آيس، توکي به سڻائيندي ويئي. جاڳيو آهيان ۽ صبوح لاڪر ئي بک جي ماري ۽ پيٽ ۾ چڪ پئجي رهيا آهن. باه ٻري رهي آهي، ڄڻڪ کانڊو بن جي آگ هجي. پر به نيٺ ڪريان ڇا، ويٺي ويٺي حقي مان دم ڇڪي رهيو آهيان. هن کان ته مري وڃڻ ئي بهتر آهي. جي ڪري ڇا ڪرڻو آهي؟

ڊاڪٽر ستاب جي ڪرائي ڇڪي ورتي. ڇهنديئي تاڻي ويو، تپ لهي رهيو آهي. رات جوڻس کاڌي لاءِ نه ڏنو، سو چڱو ئي ڪيائين! ذرا ساعت نبض ڏسندو رهيو. وري چيائين- اڄ ذرا سبزيءَ جو شوروو ۽ چانور کائج. هينئر نه هجي ته چانهه سان گڏ کائج ڪجهه. هاڻ تپ اچڻ جا آثار ڪونه آهن.

- ڪجهه کاءُ!- ستاب رکائيءَ سان چيو- ڪجهه کاءُ! ۽ ٺاڪر جي پوڄا؟ اهو ڪير ڪندو؟

- ڪنهن ٻئي کي چئي ڇڏ، ڪري ڇڏيندو پوڄا.

- ڪري ڇڏيندو؟ اڄڪلهه ڪنهن ڪمبخت کي ان جو عقل به آهي يا ڪرڻ جي شرڌا آهي ڪنهن ۾؟ بس هو گابيءَ جو چاچو هڪ اهو ئي لنگڙو رهجي ويو آهي، چئٽرجيءَ جو نينگر. پر هن وٽ وڃي ڪير؟ ڪٿي هن کي سمڪ پئجي وڃي ته مون کاڌو کائي ڇڏيوآهي، ته هڪ ئي ويلي لاءِ پورا اٺ آنا طلب ڪري وهندو.

طلب ڪري ته کڻي ڏجانس. اول شرير يا اول ڏوڪڙ! بک وچان پيٽ ۾ باهه لڳي ويئي اٿئه، مان خوب ٿو سمجهان. تون کائي وٺ. نه ٿي سگهي ته مان ئي بندوبست ڪري ٿو وٺان. محلي مان مصر يا ٻئي ڪنهن کي موڪلي ڏيندس. چڱو؟ تون کاءُ، پيٽ ڀري کاءُ. چانهه ۾ مرملا وجهي کائجه.

ستاب ڌيمي سئر ۾ چيو: تون به ذرا چوندو وڃينس نه، ٿورو سيرو ئي ٺاهي ڏي. اٽي کي ڇاڻي ميدو ڪڍي وٺي، کنڊ ڪانهي. نه آهي ته نه، سهين، ڳڙ پيو آهي؛ کجور جو ڳڙ به وٽس آهي. مزو ته ڏس، پاڻ روز رات جو کير چانور کائيندي آهي ۽ کجور مان ڳڙ ڪڍندي آهي. هن جي ليکي مان ننڊ ۾ آهيان. پر مان ڌت ماري سمهيو پيو هوندو آهيان. مگر مون کي بوءِ ملندي آهي. ذرا چئي ته ڏسينس. ڊاڪٽر کلي پيو. ستاب هميشه کان پيٽوڙي رهيو آهي. کاڌي پيتي جو شوقين آهي، ان ڪري سندس زال نالو رکيو آهي. ’ٻالڪ داسي.‘ ’چي، هيءُ آهي نه، کاڌي جو ڏاڍو لالچي آهي! رام چو، اهڙي ڄڀ کي ته ڪپي ڦٽو ڪجي. کاڌي بنا ماڻهو جيئرو نٿو رهي. ٺيڪ آهي-  بک لڳي ته اکئين آڏو اوندهه نظر ايندي، ان ڪري کائڻو پوي ٿو. پر، هيءُ کان- هو کان، اها ڪهڙي حرڪت! رام رام!!

پر سچ پچ کاڌي جي هٻڇ زال مڙس ٻنهي کي آهي. ٻڍاپي سان گڏ اهو شوق تهائين وڌيڪ ٿيو اٿن. ان ڳالهه ڪري پتي پتني چپ پيا پوندا آهن، ڊاڪٽر کي ئي وچ ۾ دخل ڏيئي ٺاهه ڪرائڻو پوندو آهي. ان ڪري ستاب جي ڳالهه تي ڊاڪٽر کان کل نڪري ويئي.

ستاب ڀرون تاڻي چيو: کلين ڇا ٿو؟ ڊاڪٽر چيو: آخرين علامت جي ڳالهه ڪئي هئم نه؟ هڪ کن ۾ ستاب جي منهن جو پنو لهي ويو. ڊاڪٽر تاڻي ورتو ۽ دوست جي پٺي ٺپريندي آٿت واري نوع ۾ چيائين: نه نه، ڊڄ نه، منهنجو هروڀرو اهو مطلب ڪونه هو. اڃا تون ڪافي ڏينهن هن دنيا جو درشن ڪندين. وڃڻ ۾ اوير آهي. اڃا ذائقو به ساڳيو قائم آهي. پر سيرو اڄ نه کائج. تپ کي هڪ ڀيرو ڀڄڻ ڏي. بلڪ هڪ شام اڄ شوروو ۽ چانور کاءُ، شام ٽاڻي جيڪڏهن  تپ نه چڙهي- ذرا نبض ته ڏسان- بدن ڇهڻ سان لڳس، ٽپ لهي رهيو آهي؛ تنهنڪري ناڙي نه ڏٺائين- چڱو ڏسان وري، ته تپ چڙهندو يا نه. ڊاڪٽر ناڙي جاچي. کلي چيائين: نه، هاڻي تپ چڙهڻ جو اهڃان ڪونهي. سيرو مان توکي سڀاڻي کارائيندس. رڳو اڄوڪو ڏينهن رهڻ ڏي. پر اوچتو سيري تي دل ڪيئن سرڪيهءِ؟“

”چانهه مرملا ٻڌڻ سان ئي دل ڪچي ٿين لڳي. ٻڌءِ ڪونه، بد ذائقو ڪيئن نه ٿي پيو آهي؟ خير، هڪ ڪم ڪر- چوندو وڃينس، دڪان تان ٻه اچر بسڪوٽ ئي گهرائي ڏئيم. چانهه ۾ ٻوڙي بسڪوٽ کائڻ ۾ مزيدار ٿيندو. ڊاڪٽر خود بسڪوٽ موڪلڻ جو وچن ڏيئي اُٿي بيٺو. ستاب جي گهر واريءَ سان گفتگو ڪڍندي ئي هوءَ بحث ڇيڙي وهندي.“ بيمار لاءِ وڌيڪ ڪارائتا مرملا آهن يا بسڪوٽ؟ ۽ اهڙو بحث ڪري وهندي ڄڻڪ پاڻ ڊاڪتر هجي. اُمالڪ سوال پڇندي: ”ديس ۾ جڏهن بسڪوٽ ڪونه هئا، تڏهن بيمار نيٺ ڇا کائيندا هئا؟ ۽ ڇاڪاڻ ته هو بسڪوٽ نه کائيندا هئا ته انڪري هو نڪي اِنسان هئا يا سندن بيماري به ڪانه لهندي هئي؟“

ستاب جي استري ناريءَ جي بدران پرش هجي ها ته سٺو وڪيل بڻجي سگهي ها. ڪروڌ ۽ چيخ پڪار نه مچائي ها، بلڪ پنهنجي جڳهه تي اٽل رهي آڏي پڇا ڪري ها، ڇا مجال جو ڪوئي هڪ قدم به هن کي پوئتي هٽائي سگهي. اڄوڪي يگ ۾ جنم وٺي ها، ته به جيون سڦل ٿئي ها. ڇو ته اڄ عورتون به وڪيل، جج، مئجسٽريٽ ٿيڻ لڳيون آهن.

اهي ڳالهيون ڊاڪٽر جي من ئي من ۾ اٿڻ لڳيون. هن ستاب کي چيو- ديوي جيءَ کي چوڻ بيڪار ٿيندو. سو موٽندي ڪنهن نه ڪنهن جي هٿان مان ئي موڪلي ڏيندس. پر تون ٻاهر ئي رهج، سمجهي وئين؟

پنهنجي ناشتي جي باري ۾ خاطري ڪري ستاب ڊاڪٽر جو هٿ سڪ وچان دٻايو. چي- ويهه، ويهه، چانهه پي ڪري وڃج.

کلي ڊاڪٽر وراڻيو- چانهه ئي پيئڻ لڳندس ته تنهنجو بسڪوٽ ڪير موڪليندو؟ وري ڪرم ڦل جو ڀوڳ، اهو ڪير ڪندو؟ ٻه چار ڄڻا نبض ڏيکارن اچن ٿا، سي انتظار ۾ ويٺا هوندا. نه! مان هلان ٿو.

۽ ڊاڪٽر اُٿي کڙو ٿيو.

ستاب لاءِ هن کي جيڪا انتظاري هئي، سا ته ويندي رهي. ”پرمانند ماڌو، پرمانند ماڌو!“ نالو جپيندي هو هوريان هوريان هلندو ٿيو.

هن کليل ڇٽيءَ کي مٿي جي اڳيان ٿورو آندو. جن جي گهرن ۾ بيمار آهن، اهڙن جي نظر پئجي ويئي، ته وڃڻ ئي ڪين ڏيندا.- ڊاڪٽر بابوُ، ذرا ترسو. ٻار جي نبض ته ڏسي وڃو. ذرا. يا، ذرا منهنجي گهر هلڻ جي ڪرپا ڪندا. بابا ڏهن ڏينهن کان کٽ داخل آهي، نبض ته ڏسي وٺو.

پوءِ ساراهه جا پل. خوشامد چئوس. ببا پئسي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻو آهي آخر! مگر ان ۾ ڊاڪٽر کي ڪائي خاص تڪليف ڪانهي، اعتراض ڪونهي. ڇو ته پتا جي وقت کان ئي پنهنجي سڄي ڄمار غريبن ۽ وچولي درجي وارن وٽ بنا فيءَ جي ئي بيمار ڏسندو پئي رهيو آهي. پر هن عمر ۾ ته هاڻ پورت نٿي پوي. وري...... جهڙالي ههڙن ڏينهن ۾ سردي هوندي به، هن جا ڪن جهن جهن ڪري وڄندا هئا. ماڻهو کيس پسند نٿا ڪن. ها، نٿا ڪن پسند. چون ٿا- هڪ ته اُن يگ جو ڊاڪٽر، وري ڊاڪٽري پاس به ته ڪونهي. دراصل ٽوٽڪائي- علاج وارو آهي. اڄ طبي- علاج جي ڪيتري نه ترقي ٿي ويئي آهي، اهو سڀ ڪجهه به هو ڪين ڄاڻي.

ڪوئي- ڪوئي گئو- وئديه چوندو هوس.

ڊاڪٽر جا قدم تيز ٿي ويا.

رستي جي ڪناري تي ئي اسپتال اچي ٿي، نئون تندرستي- مرڪز، تيار ٿي رهيو آهي. ان ڏانهن نهارڻ بنا نه رهيو ٿيو هن کان. ويندي وقت به انتي هڪ نگاهه وجهندو ويو هئو. ان وقت سناٽو هئو، هينئر ته سڀ جاڳي اٿيا هئا. استپال جي وراندي تي ٻه- چار روڳي اچي ويٺا آهن. ٻهاري صفائي- وارا ٻئي زال- مڙس چڪر هڻي رهيا آهن. نرسن جي ڪوارٽرن کان نڪري ٻه نرسون اسپتال ڏانهن اچي رهيون آهن. خيراتي دواخانه جي دروازي تي ڪيترائي بيمار ڳاهٽ اچي ٿيا آهن. ايندا به وڃن ٿا. هوڏانهن، هن طرف ”سواسٿ- ڪيندر“ جون نيون جڳهيون جڙي رهيون آهن. نهايت وڏو مڪان. وڏيون- وڏيون تياريون.ڪيترائي بسترا، ڪيترائي وڀاڳ، ٻال، ڪلياڻ، ماتر منگل (ويم گهر)، پکڙجندڙ بيمارين جا وڀاڳه، رواجي وڀاڳ، سرجري جو به تمام وڏو وڀاڳ جدا کلندو، رت کان وٺي جن، جن شين جي جاچ ٿي سگهي ٿي، سڀني جو بندوبست ٿيندو. خير، چڱو ئي ٿي رهيو آهي. ديش ۾ بيمارين جي جيڪا ٻوڏ ڪاهي پيئي آهي، ان ۾ اهڙو وراٽ پر ٻنڌ نه هجي، ته روڳ جي پاڙ پٽجڻ وٽان ئي نه آهي. ڊاڪٽر کي ياد آيو، سڀ کان اڳي اهو خيراتي دواخانو هتي ئي کليو هئو. سنه اُڻويهه سو ٻن يا ٽن جي لڳ ڀڳ.

۽ ان اڳي ...............

- پرڻام ڊاڪٽر صاحب. ڪٿي مريض ڏسڻ ويا هئا؟

ڇرڪي ڊاڪٽر پوئتان اکيون ڦيريون. ڏٺائين، اسپتال جو ڪمپائونڊر هريهر پال پنهنجي سائيڪل جهلي سندس پٺيان بيٺو آهي. استپال وڃي رهيو هئو شايد، رستي ۾ ڊاڪٽر کي ڏسي ڪري گهنٽي نه وڄائي، پنهنجي رٿ تان لهي پيدل هلڻ لڳو هئو هن جي عزت افزائي وچان. سرهائيءَ وچان ڊاڪٽر ٻوليو- خوش ته آهين هريهر؟

- جي.

- ٻي ڪهڙي خبرچار آهي؟ ڪهڙو حال آهي تنهنجو؟

- جي، مڙيوئي پيو هجي.

ڊاڪٽر تاڻي ويو، هريهر جي اڄڪلهه چاندي ئي چاندي آهي. هن منهن ورائي ڇڏيو. چي- پينسلن ته خوب هلائي رهيو هوندين، ڪيئن؟ اڄڪلهه ته ان جو زمانو آهي.

- جي سو ته آهي. جيڪي هجي، سڀ ۾ پينسلين ۽ ڪم به سٺو ٿي ڏي- چوندي چوندي هن سامهون جي طرف يعني جتي ڊاڪٽر بيٺو هو، ان جي پٺئين طرف نهاريو. ڪجهه اتاولو ٿي چيائين.

- اسان جو ڊاڪٽر صاحب اچي رهيو آهي. اوهان جي ئي ڳوٺ جي طرفان ايندو پيو ڏسجي. ها، شايد موتي جي ماءُ کي ڏسي پيو موٽي اچي. رات هو سڏائي ويو هوس.

مهاشيه جي من ۾ بجلي جي هڪ لهر ڊوڙي ويئي. سو موتي مون تي ڀروسو ڪين ڪري سگهيو، ڊاڪٽر کي سڏائي ويو ۽ انهيءَ وقت هو منهن ورائي کڙو ٿي بيٺو. اسپتال جو ڊاڪٽر تيزيءَ سان سائيڪل تي سوار ٿي اچي رهيو هو. جيون مهاشيه نمسڪار ڪيو- نمسڪار!

اسپتال جو ڊاڪٽر سائيڪل تان لهي پيو. جوان آدمي- پوشاڪ ۾ پئنٽ۽ بشرٽ تي برساتي، مٿي ۾ آئل سڪرين سان ڍڪيل هيٽ. اکين تي عينڪ. ڪلڪتي جو رهاڪو آهي- نالواٿس پرديوت بوس. هن جواب ۾ مهاشيه کي نمسڪار ڪيو ۽ کيڪاري چيائين- ڪيئن خوش ته آهيو اوهان؟

- بلڪل خوش! ڪا تڪيلف ته ڪانه آهي. دنيا ۾ ان جو نالو ئي خوش رهڻ آهي. موتيءَ جي ماءُ کي ڏسي آيا؟

- جي ها، ڏسي آيس. رات موتي آيو هو. انهيءَ وقت وٺي وڃڻ لاءِ اتاولو هئو. هن جي ماءُ سور، وچان بيحال ٿي رهي هئي. مڃي ئي نه پيو! ڪيس ته منهنجو اڳي ئي ڄاتل هئو. جڏهن هن ڌڪو کاڌو هئو، ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ رهي هئي. سور ته سندس گهڻي حد تائين وڃي به چڪو هو. وري ڪو سور وڌي ويو اٿس. منهنجو خيال آهي، انهيءَ حالت ۾ هلندي- ڦرندي ۽ ڪم- هاج ڪندي رهي آهي. ڪٿي ڪو وري ڌڪ ٻڪ لڳي ويو اٿس. ڪالهه اوهان به ته ڏسي آيا آهيو، ڄاڻندا ئي هوندا سڀ ڪجهه.

- ڏٺو اٿم، تڏهن ته پڇي هيو آهيان، ڇا خيال آهي اوهان جو؟

- ذرا پيچيدو ڪيس ٿي ويو آهي. ايڪسري بنا ٺيڪ علاج ٿيڻ مشڪل آهي. اندر هڏيءَ ۾ سخت ڌڪ لڳو اٿس، ڀڄي به پيئي هجيس شايد- جيڪڏهن فريڪچر ٿي ڪٿي هڏي ٽڪري- ٽڪري ٿي ويئي هجيس، ته نشتر هڻڻو پوندو! اپاءُ ٿي سگهي ته چڱي ڀلي ٿي پوندي- اهڙو ته ڪجهه نه آهي. ڊاڪٽر پنهنجي ٻنهي چپن تي بيپرواهي جي ريکا ڊوڙائي.

مهاشيه ڪجهه سوچيو، وري چيائين- هڏي ٽڪري ٽڪري نه ٿي آهي، ۽ نڪوئي فريڪچر آهي. سوُر ڦر رهيو آهي، سوڄ به. وڍ- ڪٽ ۾ پنهنجو دخل ڪونهي. سمجهان- ٻجهان نٿو، مان نبض سڃاڻي سگهان ٿو. جهڙوڪ منهنجو خيال آهي، اهو صرف اهڃاڻ آهي.

- اهڃاڻ يعني بهانو- سچ پچ ته.... ۽ کلي اشاري سان ئي هن پنهنجي اڌوري ڳالهه کي پورو ڪري ڇڏيو.

پرديوت بابو هن جي منهن واري ڳالهه ڇني ڪري ذرا رکائيءَ سان چيو- اوهان ته گيان- گنگا ڪرائڻ جي صلاح ڏني آهي.- هو کليو ۽ مذاق ۾ چيائين- مون ته وڃي ڏٺو، ٻڍيءَ کي ايتري قدر ڌڙڪڻ هئي جو گيان- گنگا جي نوبت ئي اچڻ واري ڪانهي. اسٽيشن تائين وڃڻ لاءِ ڍڳا- گاڏيءَ ۾ چڙهندي- چڙهندي ئي دل بيهي وينديس.

پرديوت ڊاڪٽر وري کليو. چي- نه نه بچي ويندي ٻڍڙي ٿورڙو خرچ ڪرڻ لاءِ ته موتي به تيار آهي، باقي خرچ جو انتظام اسپتال مان ڪرائي مان هن کي سنڀالي وٺندس- مرڻ ڪونه ڏيندس.

پرديوست جي انهن آخرين لفظن ۾ حقارت ڀري ٽوڪ تيزيءَ سان وڄڻ لڳي. ڀاسيو، هن تير ڇوڙيو هجي ۽ اهو تير مهاشيه جي سر جي ننڍن- ننڍن- وارن کي ڇهندو نڪري ويو هجي. تارونءُ يا ڳل ۾ ان جي چڀڻ سان جيڪا تڪليف- پيڙا ٿئي ها، هيءَ جلن تنهن کان سو ڀيرا وڌيڪ دل گهائيندڙ هئي.

ڪنڌ ڌوڻي مهاشيه چيو- ڊاڪٽر بابو، مرڻو مون کي نه آهي، هوءَ پاڻيهي مري ويندي، پاڻيهي،. ٽي مهينا ٿين يا ڇهه مهينا. انهيءَ عرصي ۾ ئي ٻڍڙي راهه رباني وٺندي. ڪيتريونئي جزائون پالي رکيون اٿائين. ان چوٽ جي هلندي اهي سڀ......

ڇرڪي پرديوت بابوُ ڪنڌ کنيو ۽ روڪ وجهي چيائين- پينسلين، شٽريپٽو- مائيسن- ايڪسري جي هن يگ ۾ ائين چوڻ ڪجهه سونهين ته نٿو. ٺيڪ به ڪونهي. اسان جڙي- ٻوٽي، ڪف- وات- پت جي هن يگ کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهيون. ٻيو ته اهي ڳالهيون ان- هيومن آهن- غير انساني.

مهاشيه کي وڌيڪ ڪجهه چوڻ جو موقعو نه ڏيئي پرديوت بابوءَ چيو- چڱو، نمسڪار. اسپتال کي دير ٿي رهي آهي. مان هلان ٿو. هو پنهنجي سائيڪل تي سوار ٿي ويو ۽ اسپتال جي احاطي ڏانهن رمندو رهيو. ڪنهن کي سخت سخن سڻائي اک جي شرم کي بچائڻ لاءِ ماڻهو اهڙي ئي ناٽڪي ڍنگ سان منهن ورائي هليا ويندا آهن.

ڪجهه پرڀرو وڃي هو وري لٿو. چي- ڪڏهن هيڏانهن اچجو، اسان جو بندوبست ڏسي ڪري ئي سمجهي ويندا. ميڊيڪل-جنرل مان نوان- نوان علاج ۽ انهن جو عجيب غريب اتهاس پڙهي ٻڌائيندس اوهان کي. جن ڏينهن ۾ جيڪي ڪيو سو ڪيو. ليڪن اڄ، جڏهن وگيانڪ طريقا ايجاد ٿي چڪا آهن، ماڻهن کي اهي ميسر به هجن، ته اهڙو ڪهنو علاج هڪ تمام وڏو گناه آهي، ٻيو ڪوئي ملڪ هجي ها ته اوهان کي جيڪر سزا ملي ها.

جوان ڊاڪٽر جو چهرو لعل ٿي ويو.

جيون مهاشيه چڪرائجي ويو: مان گناهگار آهيان! ٻيو ڪوئي ملڪ ها. ته مون کي سزا ملي ها؟

هيءُ ڇوڪرو ڊاڪٽر هيڏي وڏي ڳالهه چئي ويو؟ هو حيران- پريشان بيٺو رهيو. اسپتال وڃڻ وارا ڪيترائي مريض کيس ڏسي ڇرڪي بيهي ويا، اچرجه وچان کيس تڪيندا رهيا. جيون مهاشيه کي ته ان جو ڌيان به نه رهيو. هو ڳيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جيتوڻيڪ هن جي لاءِ ڪا اها نئي ڳالهه ته ڪانه هئي. هن لنبي زندگيءَ ۾ هتي ڊاڪٽري پاس ڪيل ڊاڪٽر الائي ڪيترا آيا ۽ ويا. ضلعي جا وڏا ڊاڪٽر آيا. ڪلڪتي کان به آيا. متڀيد ٿيندو رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن کين انحرافي به سهڻي پوندي آهي، پر آخر ۾ اهو ئي ثابت ٿيو ته جيون مهاشيه جو رايو ئي تز ۽ وزنائتو آهي. هو ڪنهن وهم ۾ مبتلا ڪونهي! نه، جيون مهاشيه نه، هو نه، بلڪ نبض شناس ئي بي وهم ۽ ٺيڪ آهي.

سڀ ڳالهيون، گهٽنائون ياد اچڻ لڳيون.

هيءُ گيان- يوگ سندس ڏاڏي دين ٻنڌو دت کي وئديه- ڪل تلڪ ڪرشڻ داس سين وٽان ئي مليو هئو.

هو ڌيري ڌيري اڳتي وڌڻ لڳو.


[1] سو وئدن يا طبيبن جي برابر باهه.

[2]  دوا بيماريءَ کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿي، پر موت کي نٿي ٽاري سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org