[29]
”هاڻ نه“، چئي ڪري هن هڪ ڀيرو اڳي به علاج ڪرڻ ڇڏي
ڏنو هو. ون وهاريءَ جي مرڻ پڄاڻا، ان وقت سوچيو
هئائين: ”هينئر وري آهوتي ته ٿي ويئي! ”ڪير سڏڻ
ايندو هوس ته چوندو: ”سمجهو کڻي ته مهاشيه مري
ويو.“ ان ۾ شوڪ دک ڪيڏو آهي. سو هو اڄ تائين ڪين
بتائي سگهيو. ويڄ ٿيو، مهاشيه ونش جي سکيا ۽ ڀاونا
منجهس آهي: هو ڄاڻي ٿو ته مرتيو اڻ ٽر آهي، اهو به
ڄاڻي ٿو ته شوڪ دائمي نٿو رهي. جيون جي چوطرف ڇهن
رسن جي اپٽار؛ هوا، آڪاش ڌرتي تي ڇهن مندن جي ليلا
هلندي آهي؛ مٽيءَ جي ذري ذري ۾ پاڻي ۽ ٻاڦ جهڙي
پياس (اسٽاپ) جلڳندي رهي ٿي، جيو پراڻين جي جيون ۾
به ساڳي ريت سرير جي هڪ هڪ ڪوش ۾ رنگ ۽ رس جي
ڪامنا رهي ٿي. ان کانسواءِ زندگي قائم نٿي رهي
سگهي. انسان جي من ۾ رهي ٿي آنند جي بک! شوڪ ٽڪي
ڪيئن سگهندو، ڪٿي ٽڪي سگهندو آهي؟ هن شوڪ کان نه،
افسوس ۽ ارمان کان نه، ڪنهن ٻئي ڪارڻ کان ئي علاج
ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. پهريون ڪارڻ اهو هو ته سندس
زندگيءَ جون سموروين ڪلپنائون چڪنا چور ٿي ويئون
هيون.
ون وهاريءَ جي مرڻ کانپوءِ ستت ئي هن جي استري
(مهاشيه جي ننهن) پنهنجي سڪيلڏي بار کي کڻي پيڪي
هلي ويئي. ٿورن ڏينهن جي اندر ئي واپس اچڻ جو چئي
ويئي هئي، هوءَ به ماءُ پيءَ جي سيلڌي ڌيءَ هئي،
هنن جي جائداد جي اڪيلي وارث! ماتا پتا کيس عزت
سان وٺي ويا. وٺي ويا جيئن سندس ڏهاڳ جو ڏک گهٽجي
وڃي. پر ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ لکي موڪليائون:
”مانوُ ۽ ڪڪو هاڻ هتي ئي رهندا. اسان جو به ٻيو
ڪير ڪونهي، اهي ئي سهارو آهن. اوهان جو به نياڻيون
آهن، ڏوهٽا ڏوهٽيون آهن. اسان جو ڪير آهي؟ ڪو
موقعو مليو، ته اينداسون. ڏسڻ جي ڪڏهن سڪ ٿئي، ته
اوهان کين ڏسي ويندا ڪجو. مانوُ کي هتي وڃڻ ۾ ڏاڍو
ڊپ ٿو ٿئي. کيس ڊپ ويڙهي ويو آهي- اتي ڪڪو به بچي
ڪين سگهندو. اوهان ٻيو ڪجهه نه سوچيو، جتي روڳ ٿيڻ
تي صحتياب ٿيڻ جي ڳڻتي ڇڏي موت جون گهڙيون ڳڻيون
وڃن ٿيون، اتي عمر رهندي به آدمي مري ويندو آهي.“
ان کانسواءِ عطر تي به الزام مڙهيا ويا. ”هن جون
تکيون ڇڙٻون ڪنهن جي به سهڻ کان ٻاهر آهن وغيره“
”تنهنڪري هينئر رپيا، پئسا، عزت ڪمائڻ جي ضرورت
ڪهڙي؟ نيٺ ڪنن جي لاءِ؟
ٻيو، هن پنهنجي هردي کي ڪل ڌرم جي ويديءَ تي،
پرمانند ماڌو (پرماتما) جي چرڻن ۾ سونپي ڇڏڻ چاهيو
هو. پر اهو به کانئس نه ٿي سگهيو. ان جي بدلي ۾ هو
پنهنجي جيون ۽ مرڻ جي سوچيندو هو. پرلوڪ جو رهسيه
(ڳجهه)، علاج جون ڳالهيون: سڀ ڪنهن سان هو ان وڏي
تتو کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو، جيڪو ظاهر نه ٿي
سگهيو آهي. ڪهڙيون ڪهڙيون وچتر ڳالهيون سندس من ۾
اينديون رهيون! آروگيه نڪيتن جي بغل واري ڪمري ۾
ويٺو رهندو هو. اندر، عطر زارون زار روئندي رهندي
هئي. ڪافي رات ويامڻ تي هوءَ اٿي بنوءَ جي ڪمري جا
چڪر هڻندي هئي. بعضي بت بڻجي بيهي رهندي هئي. کيس
ائين ڀاسندو هو، ڄڻڪ بنو زبردست پياس رکي جيئڻ جي
به اهڙي لالسا ڌاري ’بچايو بچايو‘ جي رٽ لڳائي مئو
آهي، ڇا هوُ رات جي سناٽي ۾ ’ڀوت‘ بڻجي سڀ ڪجهه
ڇهڻ ۽ پائڻ لاءِ ڪونه ايندو؟ ڪڏهن ڪڏهن منجهيل ۽
تتل دماغ سان پاڻ به سوچيندو: ”جيڪر بنو ڏيکائي
ڏئيم ته کانئس پڇان ته مرتيو ڇا آهي؟ ڪهڙي طرع آهي
مرتيو؟ ان جو روپ ڪهڙو آهي؟ ڪهڙو ڇهاءُ؟ ڪهڙو
سواد؟ بنو رنو. پر ڀون راءِ ڌرج سان زندگيءَ جو
ليکو چوکو چڪايو. گڻيش ڀڄنيڪ خوشيءَ سان جيون
مهواتسو ملهايو! هن وچتر سانگ رچندڙ ۽ ٻهروپيءَ جي
اصلي سڃاڻپ آخر ڪهڙي آهي؟“
پنجن سالن جي لنبي عرصي تائين هن جي جيون ۾ ڪوئي
نه رهيو، ڪجهه به نه رهيو، پنهنجي نبض ڏسندو هو،
پر ڪوبه ڪپر- ڪنارو ڏسڻ ۾ نٿي آيس. اڪثر ٻهراڙين
مان ڪنهن سڪرات ۾ پيل روڳيءَ وٽان ماڻهو سڏڻ ايندا
هئس: ”هڪوار هلي ڏسو.“
اتي جنهن کي چنتن (فڪر) ۾ پڪڙي نه سگهيو، ممڪن نه
ٿي سگهيو، جنهن جي ڪڏهن آهٽ سڻي نه سگهيو، نبض
جهلي هن ان جي هستيءَ جو انڀئه ڪيو آهي. اهڙي حالت
۾ کيس لڳندو آهي: ”ان کي ڄاڻڻ جو اهو ئي رستو
آهي.“
وري هڪ ڏيهاڙي تيرٿن تي نڪتو. موت جو ڏس پتو نه
ميلس ته پرمانند ماڌو (ڀڳوان) جي ڳولها ۾ نڪتو.
گيا ۾ بنوءَ (ون وهاري) کي هن پنهنجي هٿن سان پنڊ
ڏنو ۽ اتان سڌو بندرابن هليو ويو. بندرابن ۾ بنوءَ
جي آتما جي شانتيءَ جي ڪامنا ڪري مندر جي آڳنڌ ۾
سنگمرمر جو هڪ پٿر لڳارايائين. اهو خيال کيس هڪ
ٻيو پٿر ڏسي سجهيو هو. ڪيترن پٿرن جي وچ ۾ اهو
ڏيکائي ڏنس. اول ته هو ڇرڪي ويو.
”ڪاندي نواسي ڀوپيندر سنگهه
جي
آتما جي شانتيءَ جي لاءِ:
هي گوبند، ديا ڪري چرڻن ۾ جڳهه ڏي.“
منجري داسي.
تيرٿ ڀيٽي نوگرام اسٽيشن تي اچانڪ ڪشور سان ملاقات
ٿيس. تڏهن هو تجيسوي للاٽ وارو جوان هو. انهن پنجن
ورهين جي عرصي ۾ مهاشيه هن کي ڏٺو ئي ڪونه هو.
پنهنجو پاڻ کي هن گهر ۾ قيد رکيو هو ۽ ڪشور کي
باندي بڻايو هو سرڪار!
ڪشور اچرج وچان پڇيو هو: ”مهاشيه!“
هن به اچرج وچان وراڻيو هو: ”ڪشور!“
”هينئر لٿا آهيو؟“
”پر توکي جيل مان ڪڏهن ڇوٽڪارو مليو؟ اوه، تون
ڪيترو نه وڏو ٿي ويو آهين!“
هن وراڻيو: ”جي ها، سو ته ٿي ويو آهيان. هينئر مکڻ
مائي چوري ڪري ڪونه کائيندو آهيان.“
”اهو آئون سمجهان ٿو.“ مهاشيه کلي چيو هو: ”موقعو
ئي ڪٿي آهي؟ وري خواهش ئي ڪيئن رهي؟ هينئر ڀڳوان
ڪنساري (ڪرشڻ) سان گڏ ڌنر يگيه جي نينڊ ۾ وڃڻ جي
تياري جو ڪري رهيو آهيان!“
اهڙي وڏي سڃاڻپ جي وياکا سان ڪشور ٿورو لڄي ٿيو
هو. ان لڄ جي اثر کي کن ساعت ۾ ئي پري هٽائي
سڀاويڪ نوع ۾چيو هئائين: ”گذريل ڏينهن کان آئون
توهان کي ڏاڍو ياد ڪندوهوس. اوهان اچي ويا ”هاڻ،
منهنجي پيٽ ۾ ساهه پيو.“
آخر ڇو ادا؟ توکي موت جي اهڙي ڪهڙي ڊپ اچي دٻايو
هو؟ مرڻ جو ڊپ توکي ته نه هوئڻ گهرجي!“
”ڪالرا پکڙجي رهي آهي! پنهنجي موت جي ته ڪائي
پرواهه ڪانهيم، ٻين جي موت، ٻين جي ڀو کي ڏسي پاڻ
کي به ڀو ٿي رهيو آهي. اوهان کي ته سڌ آهي ڪالرا
جي مريضن کي ڏسڻ لاءِ ڊاڪٽر وڃڻ نٿا چاهين: وڃن ٿا
ته في ٻيڻي طلبين ٿا. چاروُ بابو جي في آهي ڇهه
روپيه: اٺ روپيه. چڪرڌاريءَ جي چار روپيه. آئون
ٿوري گهڻي هوميوپيٿي دوا ڏيندو آهيان، پر ڄاڻ ته
ايتري ڪانهيم. اوهان اچي ويا، جان بچي. جڏهن آئون
ننڍو هوس ۽ ڪالرا پکڙي هئي، تڏهن اوهان ئي غريب
غربن کي سهارو ڏنو هو. اڄ به اوهان ڌاران ڪو چاڙهو
ڪونهي.“
ترت مهاشيه کان ڪو جواب ڪين اڪليو هو. ٿوري ساعت
آسمان ڏانهن ئي تڪيندو رهيو هو. ماضيءَ جي اوڻويهه
سو پنج عيسوي جي ڪالرا جي يادگيري اچي ويئي هئس:
”اهائي ساڳي انڌي، ٻوڙي، ناسي وارن واري ٻئي هٿ
وڌائي وڃي رهي هئي! مهال ڪال جي ڊمرو تي ٽانڊو جي
ڌن وڄي رهي آهي! ان جي ئي تال تي مست ناچ ۾ پنهنجو
پاڻ کي ڀلجي هو ڊوڙندي سهڪندي وڃي رهي آهي ۽ مرتيو
کان خوفزده انسان جهنگل جي وچرندڙ باهه کان پسن
پکين جيئان هيانءُ ڏاريندڙ ڪيڪون ڪندا ڀڄي رهيا
آهن! ڀڄي رهيا آهن ۽ پٺيان پوندڙ باهه جون ڄڀيون
جهڪي وچڙي انهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رهيون آهن:
آسمان ۾ جهرڪين جا ولر اڏامندا ڀڄي رهيا آهن، باهه
جا اَلا پنهنجي ڀڙڪندڙ جوالا جي پرواز سان انهن کي
کينچي رهيا آهن، جهرڪين جا پنک بيڪار ٿي رهيا آهن
۽ هو بيوس بڻجي باهه ۾ ڪري رهيون آهن. ساڳي
يادگيري، اڃا تائين ان مهاماريءَ جي قائم آهي!“
ڪشور چيو هو: ”مهاشيه!“
”ڪشور!“
”اوهان هلو، هلو.“
”مون کان ٿيندو؟ مون ۾ هينئر اها شڪتي، اهو اتساهه
رهيو آهي ڪشور؟“
ڪشور چيو هو: ”هيءُ اوهان آکي رهيا آهيو؟ اوهان
مهاشيه ونش جا به مهاشيه آهيو!“
ڪشور جي ورجهائڻ تي کيس پنهنجي پتا جي ياد اچي
ويئي هئي. گرو رنگلال جي به ياد تري آئي هئي. ٻيءَ
کن ۾ ئي هن چيو هو: ”چڱو، مان هلندس. توچيو آهي:
تنهنجي ڳالهه برچشم.“
ان ڀيري ڪالرا ۾ هن انٽروينس سيلائين ڏٺي هئي.
ٿورن ڏينهن جي اندر ڪلڪتي مان ميڊيڪل والنٽئر اچي
سهڙيا هئا. چنڊ جهڙن نينگرن جي هڪ ٽولي. لوڪلبورڊ
جا ماڻهو (ملازم) به پهتا ها. سئنيٽري انسپيڪٽر.
ٻيا ڪجهه ماڻهو به آيا، الائي ڪهڙا نالا هئا. هنن
جا؟ ڪوڏر برگيڊ! ڪلهي تي ڪوڏر کڻي پڙهيل ڳڙهيل
جوان پهتا هئا. سڪي تلاو مان کوهه کوٽي هنن پاڻي
ڪڍيو. اَڇا! اهو ته ڪنهن کي به خيال ۾ ڪونه هو! هر
هڪ تلاو ۾ بليچنگ پائوڊر ڇڻڪائي سئنيٽري انسپيڪٽر
پاڻيءَ کي صاف ڪرايو. ”انٽي ڪالرا وئڪسين“ جي سئي
ڏني وئي. ڪالرا جا ٽڪا هنيا ويا.
سڀ کان وڌيڪ اچرج ٿيو هو مهاشيه کي، سيلائين
انجيڪشن ڏسي ڪري!
اوناش بانوري جي گهرواري چڱي سهڻي ۽ ڏَٽي مُٽي
زال. هن ڏٺو، عاملن جي گهرن ۾ برتڻ چونئڪو ٻهاري
صفائي، سمورو ڪم هاج صبوح ڌاري ڪري ويئي. ٻپهرن
ٽاڻي خبر ملي، کيس ڪالرا ٿي ويئي. ٽئين پهر ڏسڻ
ويس. ڏٺائين، هن تندرست سندر استريءَ جي سڀني انگن
۾ ڄڻڪ ڪنهن ڪارنهن گهمائي ڇڏي آهي؛ هڏين جو پڃرو
ئي رهجي ويئي آهي! الائي ڪنهن سندن شرير جو سمورو
رس نچوئي ورتو آهي. مهاشيه ڏسي سراپجي ويو! انگ
انگ تي موت جي ڇايا ترڪي رهي آهي. ناڙي ندارد، هٿن
۽ پيرن جون تريون هيڊ ٿي ويئون آهن، گوڏن ۽ ٺونٺين
تائين هٿ پير ٿڌا جهڙا برف!
انهن ماڻهن سان گڏ تيسين ٻه جوان ڊاڪٽر اچي جنبي
ويا هئا. جن جي اکين ۾ هئا سپنا، ڪليجي ۾ وشواس:
ٺيڪ ڪشور جي ذات نيات جا هئا. هنن چيو: ”هن کي
سيلائن ڏينداسون.“ سيلائن جو باڪس هنن ڪڍيو.
مهاشيه ڄاتو ٿئي ته هيءَ مريض بچڻ جي ناهي. پر هنن
جي ڪم ۾ اٽڪ ڪانه وڌائين. بيٺو رهيو، غور
ڪندورهيو. هوشيار هٿن سان ڏاڍي خبرداريءَ سان ڪم
ڪندا ويا. نس ڪٽي ڇڏيائون. ان جي هڪ سري کي ٻڌي
ڇڏيائون. ٻئي ۾ سيلائن جي نليءَ کي وجهي ڇڏيائون.
هڪ ڄڻو ڪانچ جي نليءَ جي طرف غور ڪندو رهيو. ڦوڪڻن
مان هوا نه وڃي. خبرداريءَ سان ڏسندورهيو.
ڦوڪڻن مان هوا ويئي نه آهي ته موت! پري کان اچرج ۾
پيل ماڻهن جو ميڙاڪو بيهي ڏسي رهيو آهي. جيون
مهاشيه جي نگاهن ۾ اچرج! آنند! ”غضب آهي! غضب!“ هن
عورت جي ديهه تان موت جو پاڇو کسڪڻ لڳو. ڪارنهن
اُگهجي گورو رنگ چمڪڻ لڳو. چوسيل سڪل شرير ۾ ٻيهر
رس جو واس ٿيڻ سان وري مضبوط ۽ ڪومل ٿي ظهار ٿيڻ
لڳو. جيون جي بهار موٽڻ لڳي. غضب آهي! سچ پچ غضب
آهي! يگانتر! سمي جو ڦيرو! موت واپس ويو؟
مگر سچ پچ موت جو وڃڻ ڪٺن آهي. وڃڻ جو ناهي.
مهاشيه کليو. ڪائي ڳالهه ياد اچي ويس!
انجيڪشن جو دور ختم ٿيو. هوءَ استري کلندي منهن
ڍڪي پاسوورائي سمهي پئي. ڊاڪٽرن پنهنجا اوزار
سميٽي ورتا. بليچنگ پائوڊر مليل پاڻيءَ سان جيئن
پنهنجا هٿ ڌوئي رهيا هئا ته ايتري ۾ دلي ڀڄڻ جهڙو
آواز ٿيندو آهي، تيئن ئي کن ڀر ۾ پاڻي وهي نڪتو-
ميلو بڻجي نڪري پيو ۽ ڏسندي ڏسندي اها عورت وري
موت جي ڪاري ڇايا سان ڍڪجي ويئي، ڪاراٽجي ويئي،
هڏن جي پڃري جيئان سڪي ويئي- اوناش بانوري جي بيوي
نيٺ راهه رباني وٺي ويئي. پر ان ڏيهاڙي مهاشيه
جيون، موت سان گڏوگڏ انهن ماڻهن کي به هٿ جوڙيا
هئا. مرتيو کي ته جيتي نٿو سگهجي، پر اڪال مرتيو
کي منش ضرور جيتي وٺندو. ضرور جيتيندو! ڌنيه آهن
کوجمنائون ايجادون! هن يورپ جي مهاپنڊتن
(سائنسدانن) کي به نمسڪار ڪئي هئي... ”ٺيڪ آهي،
ويد جا ڄاڻو اڄ اوهان يورپ واسي آهيو:“ اهو ئي هن
چيو هو.
اڄ پينسلن جي عمل ۽ رد عمل ۽ پرديوت جي اتساهه کي
ڏسي هو ساڳي ڳالهه چئي رهيو آهي. ’توهان ماڻهو
ڌنيه آهيو.‘
ان ڏينهن هن جي زندگيءَ جي ٻئي باب ۾ علاج شروع
ٿيو هو. جيتريقدر ياد آهي، هن جو سنڪلپ هو ته
ڪالرا جي آفت ٽرندي ئي هو وري گهر وڃي ويهندو. پر
ائين نه ٿي سگهيو. عجيب طريقي سان هو وري گهلجي
ويو، علاج جي چڪر ۾. ڊاڪٽرن سان گڏ ڪالرا ۾ ورتل
پارن جا چڪر هڻي ڪشور وٽ ويهي هٿ منهن ڌوئندو هو.
بليچنگ پائوڊر تي رڳڙي پهنجي جتي صاف ڪندو هو.
ايتري ۾ ٻه چار مريض ڪٺا ٿي ويندا. بخار اتيسار
پراڻي بدهاضمي جا روڳي.
”ذرا نبض جاچيو.“
پهرين پهرين مهاشيه جيون چوندو: ”هنن ڊاڪٽرن کي
ڏيکاريو.“
”نه، اوهان ڏسو.“
هو ٻئي ڊاڪٽر ڀلا ماڻهو هوندا هئا. هو چوندا هئا:
”ڏسو ڊاڪٽر صاحب، هي ماڻهو اوهان کي ئي ڏيکارڻ
چاهين ٿا.“
ڏسندو هو. چئي ڏيندو هو: ”ڏسو؛ نوَن يا يارهن
ڏينهن ۾ اوهان جو بخار لهي ويندو.“ دوا ڪانه ڏيندو
هئو.
وري ايشان پور جي پراڻي ڪهار کيس هڪ ڏيهاڙي ميدان
۾ لاٿو. ”دنيا م ڪهڙيون نه عجيب و غريب گهٽنائون
ٿين ٿيون!“
اها به هڪ ڀيانڪ طوفاني ٻپهري هئي. ايشان پور ۾
وبا پکڙي. اها سڻس پوندي ئي هو ڪشور ۽ انهن ٻن
جوان والنٽيئر ڊاڪٽرن سان اوڏانهن ڀڳو هو. ڳوٺ ۾
قدم رکندي ئي طوفان اٿيو. وڄ ڪڙڪي. پاڻي پيو. آخر
۾ برساتي ڳڙا. ڳوٺ جي ڪنڌي تي پهرئين مڪان ۾ ئي
هنن پناهه ورتي هئي.
هڪئي ڪمرو. اڏاوت پاسي هڪ ورانڊو يعني ننڍڙو ٽڪرو
جڳهه جو بڻايل. بغل ۾ ٽن چئن هٿن جو بانس جي لڪڙن
جو بڻايل گهر. ورانڊي ۾ به ٿانءُ ڪانهي. ان کي
گهيري ويم گهر بڻايو ويو هو. اندران ڪنهن نٻل آواز
۾ چيو هو: ”ڪٿي ٿا بيهو ڀائو؟ ورانڊي م منهنجي
گهرواريءَ ويم ڪيو آهي. اندر آئون پيو آهيان،
بيمار! ٽي چار سوئر آهن.... پنج ڇهه بدڪون. سو
ڪناري ڀيرو ٿي ڪٿي بيهي وڃو.“
ان ريت ئي هو بيهي ويا هئا. ڪارن ڪڪرن جا ڳڙا
وسڪارا ڪري رهيا هئا.... بي روڪ ٽوڪ! نظارو عضبناڪ
هو!
سڃي آڪاس ۾ سمائجي پٿرن جهڙا ڳڙا جهر جهر ڪري
پرلئه مچائي رهيا هئا. اهڙي ڳڙن جي برسات مدت کان
ڪانه وسي هئي. سبز زمين تي سفيد هنڌ وڇائجي رهيو
هو. مهاشيه سوچي رهيو هو، کيتن ۾ الائي ڪيترا
ماڻهو، ڪيترا جيو- جنت گهايل ٿيا هوندا. مرندا.
پرٿوي وري جيئاپو پاتو، شانت ٿي ۽ سيتل ٿي.
عام جو شيوڪ هوندي به ڪشور ڪوي آهي. ٻالڪپڻ کان
شعر لکندو آيو اُهي. هن ’جواني‘ نالي ڪوتا لکي
هئي. ان جو هڪ بند اڄ به ياد اٿس:
”هن پاڳل تي خفت سوار ٿيو آهي:
کن ۾ ناچ نچڻ شروع ڪري ڇڏيائين.“
ايتري ۾ دروازي جي چير مان ڏاڍي ڪمزور، ٿڪل ۽ اچرج
ڀرئي آواز ۾ ڪنهن سوال ڪيو هو: ”مهاشيه جي،
اوهان؟“
دروازو کليو پيو. ڪنهن ريت ريڙهيون پائيندو هو
هيڏانهن پڃري وارو شخص نڪري آيو هو. جوان آهي ڪي
پوڙهو، ڪجهه به سمجهه ۾ ڪونه آيس. وار هن جا ڪارا
هئا، رڳو ان مان ئي انومان لڳائي سگهيو هو ته ٻڍو
ڪونهي، بيماريءَ هيڻو حال ڪري ڇڏيو اٿس.
”ڪير آهي؟“
هو شخص هيانءُ ڦاڙي روئي ويٺو هو: ”مون ۾ هلڻ جي
سگهه ڪانهي سائين. اوهان مون کي سڃاڻو نٿا؟“
”ڪير؟ ٺيڪ طرح ته سڃاڻي نٿو سگهان. ڇا ٿيو آهي؟“
”آئون آهيان پَراني ڪهار. هٽڪوڙيءَ جو پٽ. اوهان
جي رعيت بابوُ جي!
”هٽڪوڙي جو پٽ پراني!“
سندن ئي ڳوٺ جو آهي. رعيت آهي. ٺيڪ ئي آهي.
جوانمرد آهي. ڳچ سال اڳي محبت ۾ ڦاسي ماءُ پيءُ،
مٽن مائٽن، سڀني کي ڇڏي هڪ ٻي جاتيءَ جي پنهنجي
پريتما سان گڏ هن ڳوٺ کي ڇڏي ويو هو.
انهيءَ پرانيءَ جي اهڙي شڪل ڏسي مهاشيه وسميءَ ۾
پئجي ويو هو.
”تنهنجي ههڙي شڪل ٿي ويئي پراڻي؟ بيماري ڪهڙي آهي؟
”وات مان رت ٿو اچي سرڪار. رت جي الٽي ٿي اچي.“
”رت ٿو اچي. ٽي-بي!“ نوان ڊاڪٽر ڇرڪ ڀري اٿيا.
”جي، نوگرام جي اسپتال جي ڊاڪٽر ٻڌايو: ”هيءُ راج
روڳ آهي، سلهه، هن ته جواب ڏيئي ڇڏيو. ايترو چئي
هو وري سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. مهاشيه ڏانهن مهڙ ڪري
چيائين: ”پر هاڻ آئون بچي ويندس. ايشور اوهان کي
منهنجي گهر اماڻيو آهي. منهنجو سوڀاڳيه! اوهان
مونکي بچائي وٺو. ويچاري ڦوريءَ جو ڪوئي ڪونهي.“
ڦوري سندس محبوبه هئي، جنهن ڪاتر هن سڀ ڪجهه ڇڏي
ڏنو هو. پراني به هن کي ڇڏي ويو، ته هن جو ڪوئي
ڪونه رهندو: پرانيءَ جو اهو ئي خيال هو. پر ڦوري
وري لائون لهندي. هوءَ به ساڳئي ڳوٺ جي نينگري
آهي. مهاشيه ان جي به خبر رکي ٿو. هوءَ چنچل ۽
ڇيڳري آهي. هن جي عشق ۾ گهڻائي ماڻهو اڙجي چڪا
هئا، پر پرانيءَ جيئان ڦاهو ڪنهن ڪونه کاڌو هو.
سندس چپن تي رحم گاڏڙ مرڪ نمودار ٿي. مگر کن ۾ اها
مرڪ غائب ٿي ويئي.
ويم گهر جي دروازي تي ڦوري اچي سهڙي هئي: ”مهاشيه
جي! منهنجا بابا! منهنجو ٻيو ڪير به ڪونهي، بابا“
هن کي ڏسي مهاشيه خاموش رهجي ويو هو. ”اهائي آهي
اُها ڦوري؟ هن ۾ پاڻ هڙتڙي هوئڻ جو ڪوبه اهڃان ڪين
رهيو هو. اڃا تازو کيس ٻار ڄائو هو، ان ڪري ڪجهه
سنهڙي ۽ هيڻي هئي، زرد هيڊي؛ پر روپ ۾ ڪمي ڪانه
هئي. ساڳي ڪشش ۽ حسن هو، تندرستي هئي، منهن ۾ پاڻي
هوس. اکين جي بناوٽ ۽ نطر ۾ هڪ مڌرتا هئي، اهو
ميٺاج اڄ به موجود هو. هڪ ئي چيز جي کوٽ هئي، سا
هئي هن جي ڇيڳرائي، جنهنڪري ڦوُري سڃاڻپ کان ئي
ٻاهر هئي. چپن جي مٿان ڳل ۾ هوُ ڇا اٿس؟ تر؟ اهو
ته مهاشيه ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو! البت ڦوريءَ کيس واٽ
ويندي هتي انيڪ ڀيرا ڏٺو هو. ليڪن پري کان ئي؛ هن
جهڙي ماڻهوءَ جي سامهون ڦوري جهڙي عورت ورلي ڪا
ايندي هئي! هن تي نظر پوندي ئي ادب وچان پاسيرو ٿي
بيهندي هئي. هن جو تر، ون وهاريءَ جي استريءَ
(مهاشيه جي ننهن) جي چپن جي ڀرسان ڳل واري تر جهڙو
هوبهو هو.
اُف! ون وهاري جي استريءَ جا، هن جي ننهن جا ماتا
پتا آسودا آهن. هن عورت جو سچ ڪوئي ڪونهي. ماءُ
پيءُ گذاري ويا آهن. ۽ هن جي اندر ۾ جيڪا چنچلتا ۽
واسنا هئي، جيڪا هڪ پريتم کي ڇڏي ٻئي کي گلي لڳائي
سگهندي هئي، اها به مري چڪي آهي. پراني مري ويندو،
ته هن جو ڪوئي ڪونه رهندو، ان ڳالهه ۾ کيس تر
جيترو به شڪ نه رهيو هو.
هو ورانڊي ۾ وڃي پرانيءَ جي نبض ڏسڻ لڳو هو.
ان ريت نئين سر وري سندس نبض ڏسڻ جي شروعات ٿي. هن
پرانيءَ کي بچائي ورتو هو.
هن کي سلهه ڪانه ٿي هئي. پراڻي مليريا ۽ رت پت جي
ميل جوڙ سان اها گت بڻي هئس. چارو بابو ۽ چڪر ڌاري
رت جي الٽيءَ۽ بخار مان ٺهرايل بيماريءَ کي تي
’گيلو پنگ ٽي- بي‘ سمجهي ورتو هو. ان ۾ شڪ ناهي هت
تن ڏينهن ٽي-بي ڪافي ڦهلجي رهي هئي، پر رت اچڻ ۽
تپ جو رهڻ تنهن کي ئي ڊاڪٽر سلهه ٺهرائيندا هئا.
ماهر ڪو ملندو ئي ڪونه هو ۽ شهر وڃي ڏيکارڻ
پرانيءَ جي اوقات کان ٻاهر هو. مهاشيه سندس علاج
جو ذمو کنيو هو. پاڻ ڏسڻ ويندو هوس. پنهنجي هٿن
سان دوا بڻائي ڏيندو هوس. پراني نوبنو ٿي پيو ۽
مهاشيه ڌنونتري (حڪيم حاذق) بڻجي پيو. هن جي جيون
۾ نئين سري سان سوڀاڳيه جو سورج چمڪي اٿيو. ڪجهه
مهينن پڄاڻان جڏهن هو ڪلهي تي ڪوڏر رکي مزوري ڪرڻ
نڪتو ته ڏسڻ وارا دنگ رهجي ويا!
ان کان پوءِ ئي هڪ ڏيهاڙي پرانيءَ جي ڳوٺ، رامپور
جي سيد صاحب جو کٽولو آروگيه نڪيتن سان اچي لڳو.
ٻڍڙو سيد ابو طهار صاحب- جهوني زماني جي ڪشميري
قصيدي سان ڀريل ٽوپي ۽ شال، سفيد پئجامو شيرواني
پهري ڪهارن جي ڪلهن جو سهاور وٺي ڪرسيءَ تي اچي
ويٺو هو، جنهن تي اڄ راڻا ويٺو هو. چي: ”اوهان جي
خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان مهاشيه!“ اوهان پراني ڪهار
جي ههڙي منحوس مرض کي ٺيڪ ڪري وڌو. مهرباني فرمائي
هاڻ مون کي راحت ڏياريو. مون اوهان کي سڏايو ڪونه،
خود اچي حاضر ٿيو آهيان. آيس ته اوهان سان عرض
ڪريان. مون کي بيماريءَ کان نجات ڏياريو.“ هن کاٻي
هٿ سان مهاشيه جي هٿ کي دٻايو هو. هن جي ڳالهائڻ
مان ئي مهاشيه تاڻي ويو هو ته ميان کي ڪهڙي بيماري
آهي. هن جي ڳالهه جڪڙبي پئي ويئي. لقوي جي شڪايت
شروع ٿي رهي هئي. ساڄي اک جي پلڪ جهڪي ويئي هئي،
ساڄو چپ به ٽيڏو ٿي پيو هو، ساڄو هٿ سندس هنج تي
ٽڪيل هو. ساڄي پير جي به ساڳي حالت.
ڦڪي مرڪ مرڪندي مهاشيه چيو هو: ”هن عمر ۾ هن روڳ
جو مالڪ پرماتما آهي سيد صاحب! ائين سمجهو ته هوءَ
اک، هو هٿ، هو عضوو هن جي ئي خذمت ۾ آهن. پاڻ وٽ
ان جو علاج ڪونهي. اهڙي قسمت به ڪانهي.“
ذرا ساعت چپ رهي سيد چيو: ”اوهان درست فرمايو آهي!
گهر جي ماڻهوءَ جهڙي ڳالهه ڪئي اٿو. پر ڳالهه هيءَ
آهي، هن آخرين وقت ۾ موذي مرض پاڻيهي ڳڌو اٿم،
مقدمي بازي ۾ پئجي ويو آهيان. ساڄو انگ ان جي خذمت
۾ لڳائي به آئون آرام ڪٿي ماڻي رهيو آهيان! ڪائي
ترڪيب نٿا ڪڍي سگهو؟“
اچرج وچان مهاشيه آکيو: ”اوهان تي ڪنهن مقدمو
ڪيو؟“
رامپور جا مسلمان ان علائقي جي مسلم سماج جا” ڌرم
گرو“ آهن. هنن جي جائداد تي ڍل يا محصول به ڪونه
لڳندو آهي. ٻيو به ڪوئي ٽنٽو بکيڙو نه ٿيندو آهي.
پنهنجي لنبي جيون ۾ مهاشيه ڪڏهن به رامپور جي ڪنهن
به سي دکي عدالت ۾ وڃڻ جي ڳالهه ڪانه ٻڌي هئي. هو
پاڻ ڪنهن کي ڍل نه ڏيندا آهن، پر ٻين مان گهڻو ئي
حاصل ڪندا آهن. ليڪن هنن جو خانداني رواج آهي، نڪي
ڍل تي وياج وٺندا آهن، نه ڪڏهن انهن تي دعويٰ ڪندا
آهن. ان رواج کي سندن رعيت به سدائين مڃيندي آئي
آهي. ”اهڙي حالت ۾ هن تي مقدمون ڪنهن ڪيو؟“
سيد صاحب وراڻيو: ”ٻيو ڪير ڪندو مهاشيه، ڪيو آهي
پنهنجي پٽ- ناٺيءَ. پنهنجي گهر م ڏيڏر به واگهو
بڻجي پيو! ان ڪري ته اوهان وٽ آيو آهيان. ساڄو انگ
ئي نه رهندو ته آئون لڙندس ڪيئن؟“
”پر ڪم اوهان سٺو ڪونه ڪيوسيد صاحب، اوهان جي لاءِ
اهو واجب نه هو:“ مهاشيه ادب سان چيو. اٽڪل پنج
سال اڳي سيد صاحب شادي ڪئي هئي. ٽي ٽي ساماڻل
نينگر، نينگريون، ناٺي، پوٽا پوٽيون، ڏوهٽا
ڏوهٽيون، ٻه ٻٺڙيون پتنيون: سڀني کي اورانگهي
اچانڪ هڪ جوان نينگريءَ سان لائون لڌائين. وري اها
جوانڙي به سندن خاندان جي لائق ڪانه هئي. زالن-
پٽن کي جدا ڪري، جائداد جي ورهاست ڪري پنهنجي الڳ
هرسگي جوڙي هئائين. ان مان هڪ اولاد به ٿيس. پٽن
يڪمشت ٿي مقدمون دائر ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ هيڏانهن
سيد جو هڪ عضوو بيڪار بڻجي پيو آهي.
سيد هڪ اڀو ساهه کڻندي چيو هو: ”اڄ ائين ڪرڻ بيشڪ
روا نه آهي ۽ قابل شڪايت آهي، پر اڳئين زماني جا
ماڻهو اوهان به آهيو، آئون به.اسان ماڻهن جي زماني
جي آدميءَ جي لاءِ پنجاهه – سٺ جي عمر به ڪائي عمر
ٿيندي آهي؟“
ذرا ساعت چپ رهي هن وري ٻوليو هو: ”اها ڳالهه چوان
به ڪنهن کي؟ هڪجيڏن يارن دوستن کانسواءِ ٻئي ڪنهن
کي چئي به ڪٿي ٿي سگهجي؟ جڏهن نهايت ڪچي عمر هئي
پنهنجي، رڳو سورهن سترهن جي: تڏهن، ان ڪچي نگاهه ۾
هڪ هاريءَ جي نينگريءَ سان پريت جو پيچ پئجي ويو
هو. هن جي ڪاڻ منهنجي دل ديواني بڻجي پئي هئي. طئي
ڪري ورتو هوم شادي انهيءَ سان ئي ڪندس. والد-
مرهوم ته ٻڏي باهه ٿي ويو هو. اوهان کي ته ڄاڻ
آهي، اسان جي خاندان ۾ سريت يا ٻانهي رکڻ جي منع
ٿيل آهي؛ نه ته سريت طور ئي هن کي رکي ڇڏيان ها.
آئون به ضد تي سوار هوس. آخر تنگ اچي والد صاحب ان
ڇوڪريءَ جي شادي ڪرائي کيس رخصت به ڪرائي ڇڏي. ٻه
ضلعا پار کيس اماڻي ڇڏيو هو. ايترن ڏيهن پڄاڻان
تنهن ڏينهن يڪايڪ هڪ نينگريءَ تي نطر پئجي ويئي.
هوبهو اهائي شڪل، گويا نئي جواني وٺي هوءَ موٽي
آئي آهي. بيشڪ ماڻهو اهو نٿا ڏسن ۽ ڏسن به ڀلا
ڪيئن؟ منهنجي اکين سان ته هو ڏسن نٿا! سو ادا، ان
نينگريءَ سان نگاه ملائڻ ڌاران مون کان رهيو نه
ٿيو.
مهاشيه ذرا کليو هو.
سيد چيو هو: ”اوهان به کلي رهيا آهيو مهاشيه؟ ته
پوءِ اوهان کي ٻڌايان ته آئون هن شاديءَ مان سکي
ٿيو آهيان. جي ها. ائين لڳو ته دنيا ۾ جيڪي ملڻ
گهرجي سوملي ويم. جي. افسوس صرف ان ڳالهه جو آهي
ته عمر ختم ٿيڻ تي اچي رهي آهي، هڪ عضوو مفلوج ٿي
ويو آهي، ان ڪري دنيا جي حملن کان هن ويچاري اٻلا
کي آئون بچائي نٿو سگهان.“
هن جي چهري تي، اکين ۾ جيڪا چمڪ کيلي ويئي، ان کي
ڏسي مهاشيه دنگ رهجي ويو. هن ٻڍڙي جون ٻئي اکيون
جلي رهيون هيون. ائين پئي لڳو ته هن جو سمورو اندر
اکين جي انهن ٻن درين تي اچي بيٺو آهي: چئي رهيو
آهي؛ ”سچ آهي يا ڪوڙ، سو ڏسو!“
سيد چيو: ”منهنجو عرض آهي مهاشيه، اوهان منهنجو
علاج ڪريو، ان کانسواءِ کٽي منهنجو نصيب! سمجهي
ويا؟“
ڏڪندڙ ساڄي هٿ کي کڻڻ ۾ هو جڏهن ناڪام ٿيو، تڏهن
کاٻي هٿ جي آڱر کي ڳل سان ڇهائيندي چيو هئائين.
”هوئڻهاريءَ ٽارڻ جي طاقت ڪنهن ۾ به ڪانهي. ٿيڻو
آهي سوٿيندو. ان لاءِ اوهان ناحق سوچي رهيا آهيو.
جيڪو سلهه ۾ مرندڙ روڳيءَ کي جيئاري سگهيو، ان کان
جيڪڏهن هڪ خسيس بيماري ٺيڪ نه ٿي سگهي ته ان لاءِ
ڏوهه لوڪ اوهان کي نه، پر منهنجي للاٽ جي لکاوٽ کي
ڏيندا.“
سڻي ڪري به مهاشيه اها ڳالهه سمجهڻ ۾ اسمرٿ رهيو.
هو ماضيءَ جي مهراڻ ۾ غرق ٿي چڪو هو.اندر ۾ لڪل
ڪنهن آگ جي سيڪ کي هن محسوس ڪيو هو. هلڪي دونهين
جهڙي ڌپ لڳي رهي هئي، اکين ۾ ڄڻ جلن ئي جلن پئي
ٿيس. سچ پچ سندس اکين ۾ نير ڀرجي آيو هو. منجري
ياد اچي ويئي هئس.
ميان جي نظر کان هو پاڻ بچائي ڪين سگهيو. هن چيو:
”ان ڪري ته ماڻهو اوهان جي خاندان کي مهاشيه
خاندان ڪوٺين ٿا: ”ان ڪري ئي ماڻهو اوهان کي ايترو
چاهين ٿا. بيماريءَ جي ڏک سور ۾ جنهن حڪيم جي اک
آلي ٿئي ٿي، حقيقت ۾ اهو ئي حاذق آهي، ڌنونتري
آهي.“
ساڳيءَ کن ۾ مهاشيه سچيت ٿي ويو. اکيون اگهي هن من
تي من ۾ اِشٽ ديوتا کي ياد ڪيو هو. ديوتا کي سمرڻ
ڪري هن سيد صاحب جي علاج جو بار کنيو هو. چيو
هئائين: ”خير، اهو ئي سهي. علاج آئون ڪندس، پوءِ
کٽي اوهان جو ڀاڳ ۽ ڀڳوان جي ديا ٿيندي. امڪان ئي
ڪندس. خير. هٿ ته ڏيو.“
هن خود ئي سيد جو هٿ جهلي ورتو هو.
سو ان ريت وري به علاج جو سلسلو شورع ٿي ويو هو.
ماڻهن به چوڻ شروع ڪيو هو: ”پنج سال خاموش رهي
مهاشيه جي هٿ ۾ شفا اچي ويئي آهي. جنهن جي ناڙي
جهلي هو چئي ڏي ٿو ته بچي پوندس، موت ان جي
سيرانڌيءَ کان بيٺو هجي، ته به موٽي ويندو آهي. ۽
وري جنهن کي هو چوندو آهي، ته بچندين ڪونه، ان جي
لاءِ موت گهران سيڙجي اچي ٿو ۽ سر تي سوار ٿي بيهي
ٿو.“
ٻڍي ميان جي نبض جهليندي ئي کانئس ڇرڪ نڪري ويو
هو. موت جو صاف صاف اهڃاڻ بکي رهيو هو، هن محسوس
پئي ڪيو. ڌيان مگن ٿي هن محسوس ڪيو ۽ ڊگهو شوڪارو
ڀري چيائين: ”اوهان چئي رهيا آهيو ته مقدمي ۾
الجهي ويا آهيو. ان جو اوهان نبيرو ڪري وٺو سيد
صاحب. مقدمون لڙڻ جو سمو به اوهان کي ڪين جڙندو.
هڪ سو اسي ڏينهن، ڇهه مهينا“
ڇهه مهينا؟ ڪيس جو نبيرو ڪري وٺان؟“
”مون کي ته ائين ئي لڳي ٿو.“
پنجين مهيني جي آخرين ڏينهن تي سيد چولو ڇڏيو هو.
مهاشيه کي خود ان تي تعجب ٿيو هو. ايترو صاف حساب،
هيترو ٺيڪ انومان اڳي ڪڏهن ڪونه نڪتو هو. جنهن
ڀوُرن وارن واريءَ جو گهر ويٺي ذڪر و فڪر ڪرڻ سان
کيس احساس به ڪونه ٿي سگهيو هو، ان جو هن آيورويدڪ
شاستر جي ساڌنا (حڪمت) وسيلي وچتر ڍنگ سان انڀو
ڪيو. ناڙي جي ڌڙڪڻ ۾، روڳيءَ جي شرير جي بانس ۾،
ان جي اهڃاڻ ۾، رنگ ۾، ايتريقدر جو آڱر جي ڇهاءُ
سان ملندڙ علامت دئاران ان ناسي وارن واري (مرتيو)
جي وجود جو هو انڀو ڪري رهيو آهي. وچ ۾ وچ ۾ ان
کان به عجيب انڀوتي کيس ٿيندي آهي ۽ ٿي چڪي آهي.
اڄ ئي اتسيءَ جي ٻالڪ جي ڀرسان ويهي هن ائين محسوس
ڪيو آهي ته هن جو غير جسمي وجود دروازي جي ڀرسان
وکه وک کڻي وڌي آيو آهي. هن جو پٺتي موٽڻ به هن
صاف محسوس ڪيو. جيئن ته هو معصوم ۽ نشڪلنڪ ٻار هو،
ان ڪري اها دوا مڃي ڪري موٽي ويو. ”جيڪي هجي،
پرديوت بهادر آهي. وير وانگر هن مقابلو ڪيو. هونئن
به هن جا هٿيار وڌيڪ طاقتور آهن. انوکا!“ ڊاڪٽر
جيون سوچيو.
کيس اهو ارمان رهجي ويو ته ڊاڪٽر پڙهي ڪين سگهيو.
جيڪڏهن پڙهي ها هت هن عمر ۾ به ان هٿيار سان
جهدوجهد ڪري ها. هڪ، صرف هڪ ڪهني واٽ وٺندي سندس
اها مراد برثواب نه ٿي.
مهاشيه اڀو ساهه کڻندي پاڻمرادو چوڻ لڳو: ”ڇڏ انهن
ڳالهين کي.“ |