[27]
سڄي رات جيون
مهاشيه کي ننڊ ڪانه آئي. پل پل ۾ هڪ طوفان من ۾
اٿي رهيو هوس. ششانڪ ۽ هن جي استري؛ ون وهاري ۽ هن
جي استري؛ عطر، رتن بابو، گويا سندس کٽ کي گهيري
بيٺا هئا. رتن بابو، وپن وپن جي ڌرمپتني، کانئس
پڇي رهيا هجن ”اسان کي ٻڌايو.“ ششانڪ، ون وهاري،
هنن جون استريون، عطر ڀرون تاڻي اشارا ڪنديون هجن:
”نه، نه، نه.“
خود پاڻ کي به هن ڀيري ڀيري سان تشريح ڪري ڏٺو. من
جو ڇيد ڪيو. ياد آيس، سندس پتا چيو هو، نرنيه يا
اڳڪٿي سڻائيندي يعني موت جي پڌرائي ڪرڻ وقت سڀ کان
اڳي ڀڳوان ’پرمانند ماڌو‘ جو سمرڻ ڪرڻ گهرجي. هن
جي ڪرپا سان جنم ۽مرتيو جيون ۽ مرڻ ڏينهن ۽رات
وانگر اوندهه ۽ روشني وج کيل بڻجي ٿا پون؛
”پرمانند مئه – ليلا“ بڻجي ٿا پون. تڏهن دل وٽان
توکي ناڙيءَ جي پوري ريت پروڙ پئجي سگهندي ۽ بنا
ڳڻ ڳوت ”جي پنهنجو نرنيه ٻڌائي سگهندين. بنا پڇڻ
جي ڪنهن کي به اڳڪٿي ٻڌائڻ جو نيم ڪونهي. پر ڪو
خاص موقعو ٿيندو آهي، ان موقعي تي بنا پڇڻ جي ئي
پنهنجي من جي ڳالهه چوڻ گهرجي، پرمارٿ جي کوج ڪرڻ
واري ٻڍي کي ٻڌائڻ گهرجي، ”وشواس پٽاندر مڪتي جي
لاءِ يا پنهنجي ويراڳ کي پورڻ ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن
ڪنهن تيرٿ ڏانهن وڃڻ جي اِڇا هجيو ته وڃو. ڪائي
ڳجهي ڳالهه لڪل پريشاني وانگر من ۾ قيد ٿيل هجي،
ته ان کي ظاهر ڪري هيانءُ هلڪو ڪريو. ڀوڳ جي ڪائي
واسنا يا ممتا ڀري واسنا من ۾ جيڪڏهن اساٽ بڻجي
يادگيري جي بهاني ننڊ ۾ گمراهه ڪري، ته ان کي به
پورن ڪري ترپت ٿي وٺو- ۽ هڪ ٻيءَ حالت م پنهنجي من
سان روڳيءَ کي، سڳن مائٽن ۽مترن کي ٻڌائڻ گهرجي.
اهڙي موقعي تي چاهي روئي ٻڍو نه هجي، پرمارٿ جي
اڇا رکڻ واور به ڀلي نه هجي، تڏهن به ٻڌائڻ گهرجي.
جيڪو روڳي ڪرمي هجي، سمپتي وارو هجي: جنهن گهر ۾،
سماج ۾ ڪيترن ڪمن سان هن جو لڳاو هجي، جنهن تي
ڪيترائي دارومدار رکندا هجن: اهڙن جي واسطي توکي
ضرور ٻڌائڻ گهرجي. هنن جي مٽن مائٽن کي ٻڌائڻ
گهرجي، ڇو تهان آدمي جي مرڻ سان پوءِ ڪيترن ڪمن،
ڪيترن ماڻهن جي ايتري هاڃي نه ٿيندي. اهڙي حالت ۾
جيڪڏهن ماڻهن کي اڳي ئي پتو پئجي ويندو، ته جيترو
ممڪن هوندو، حالتن جي بگڙڻ کان روڪي وٺندا.
هڪ ٻيءَ حالت ۾ به ٻڌائڻ گهرجي. روڳي جيڪڏهن عادتن
کي پنهنجو دشمن بڻائي، موت کي نوٽو ڏيئي ويجهو آڻي
ٿو، ته هن کي چتائڻ جي لاءِ ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي. چوڻ
گهرجي ته ”ادا، پنهنجي عادتن کي سنڀال.“
”هر حالت ۾ ڀڳوان پرمانند ماڌوپ جو انڀو ڪرڻ
جڳائي.“ ان پرمانند ماڌو کي هو پنهنجي جيون ۾ پائي
ڪين سگهيو. ”وپن کي هو ڪيئن ٻڌائي؟“: ”نه،“ نٿو
چئي سگهي. ممتا جي هن دنيا م ڀروسو ئي هڪڙو سهاور
آهي،اميد ئي بي سهاري انسان جي واحد سک جي ننڊ
آهي. گيان جي جاڳرتي جي ڪائي ضرورت ناهي.
”سڀاڻي ئي هريندر کي وڃي چئي ايندس ته مون کان اهو
نه ٿي سگهندو. هو رتن بابو کي وڃي چئي اچي ته
مهاشيه جو عقل موڪلائي ويو آهي، هو هاڻ ڪجهه نٿو
سمجهي سگهي. هن کان وڏي غلطي ٿي وڃي ٿي. ڪالهوڪي
ڏٺل نبض جي چال به کيس ياد نٿي رهي. ڪافي ڳڻ ڳوٺ
ڳوت بعد ئي هن اهو نياپو ڏنو آهي،”هو ڪونه وڃي
سگهندو.“ اسر جو ئي بسترو ڇڏي اٿي ويٺو. سوچيائين،
”نه، هينئر نه. وپن چڱو ڀلو ٿي وڃي. موتيءَ جي
ماءُ تندرست ٿي موٽي اچي. دانتو بچي پوي. سندس
سموري ڄاڻ؛ حاصلات فلسفو سڀ هڪ ڀرم- وهم بڻجي
پوي.“
هيٺ لهي ضروري هاجت کان فارغ ٿي ورانڊي ۾ اچي
ويٺو. آجيوڪا جو مسئلو درپيش ٿيو. ”آجيوڪا پئي
ٿيندي.“
کيس اپت ڪافي هئي. لک وڌيڪ ڪمائي، سڀ خرچي
ڇڏيائين. اٽڪل ٽيهه چاليهه هزار دوائن جي بلن جي
بقايا رهجي ويس، جيڪي وصول نه ڪري سگهيو. ڌيئن جي
وهانءَ ۾ قرض کنيو هئائين. جتان قرض کنيو هئائين،
اتي عالج ڪيائين، اتان ڪابه في نه ورتائين. اميد
هئس ته انهيءَ مان وياج چڪتو ٿي ويندو. پر قرضين
ڪوبه لحاظ ڪونه ڪيو. وياج مور سميت دعويٰ ڪيائون،
ڊڪري ڪرائي جائداد نيلام ڪرائي ڇڏيائونس. ان جو
کيس ڪوبه افسوس ڪونهي. پر ها، زندگيءَ ۾ جيتري
ڪجهه ضرورت آهي، اوترو رهي ها، ته چڱو ٿئي ها.
اوترو رکڻ واجب به هو. پر هن لاءِ بچت ڪرڻ ناممڪن
هو. هو دنيادار نه بڻجي سگهيو. ماڻهو چون ٿا، جڳت
ٻنڌو مهاشيه جي سکي سنسار ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ٻنهي
هٿن سان رپيا ڪمايائين. نبض پڪڙيائين، ته ناڻو
آيس. حساب ڪٿان سکي؟ حساب ڪري به ڇو؟ سوچيائين،
سدائين ائين ئي رهبو.“ ٻن هٿن سان ڪمائي، چئن هٿن
سان اڏائي ڇڏيائين.
ڪجهه ته اهو به سچ آهي. پر سو نوان پئسا سچ نه
آهي، نه نه. عطر چوندي آهي: ”گرهستيءَ ۾ مهاشيه
جيون جو من ڪڏهن ڪونه لڳو. سڀ ڏينهن ڪوڙي زهر
جيئان ڪسارا لڳس. آئون، پاڻ جا ڪوڙي- ڪساري زهر
جهڙي آهيان! هوءَ هجيس ها، ته سڀ ڪجهه امرت لڳيس
ها. هوءِ يعني منجري!“ ائين چوندي عطر کل ۾ ڇٽڪندي
هئي، اهڙي کل جو ڪير نه سمجهي سگهي، مڙس کي ڇڏي
هوءَ ٻئي ڪنهن کي اڳيان اهڙو کلندي به ڪانه هئي.
”اهو به ٿورو گهڻو سچ آهي.“ اڀو ساهه ڀري مهاشيه
به کلي ڏيندو آهي، من ئي من ۾ چوندو آهي: ”ان ۾
ڪوبه شڪ ڪونهي، ته گرهسٿيءَ کي توهان سڀني ڪوڙي ۽
زهريلي بڻائي ڇڏيو. تو، ون وهاريءَ، ڌيئن، ناٺين-
سڀني. سڀني ملي ڪري. پر تنهنجي جڳهه تي منجري هجي
ها، ته به گرهسٿي امرت مئه ڪانه هجي ها. ان حالت ۾
به گرهستي لاءِ مونکي موهه نه جاڳي ها. هرگز نه،
پٽيءَ نه.“
”هن جي من جي هڪ ڪنڊ کي توهان ماڻهو ڪڏهن به ڏسي
ڪونه سگهيا.“ ان ڪنڊ ۾ سندس جيون جي شمشان- ساڌنا
جي تياري آهي. هتي هن زندگي ڀر پان کي اماس جي
ڪاري اوندهه ۾ ڍڪي رکيو آهي. اتي سدائين آڌي رات
جو پهر آهي. موت ۽ موت. سڄي حياتي ان نالي جو جاپ
ڪندو رهيو. سندس پتا چيو هو: ”مرتيو امرت مئي ٿي
ڏيکاري ڏيندو آهي.“ جنهن جي ساڌنا به انهيءَ روپ
کي ڏسڻ ڪاڻ ٿيندي رهي، سو حساب ڪتاب، ليکو چوکو،
اهڙين ڳالهين جي پرگهور ڪٿان لهي؟ ”نه ته زندگيءَ
۾ هن جيڪي ڪمايو، تنهن سان هو توکي پالڪيءَ ۾
ويهاري خود گهوڙيسوار ٿي ڪانديءَ مان نه گهمائي
اچي ها؟ سفيد گهوڙو ته ميسر ٿي سگهيو هو. ڳهه ڳٺا
به ڪي توکي گهٽ ڪين پڙپيا هئا! باقي پالڪي ڪهار ۾
گهڻو لڳي ها؟ تون ته نٿي ڄاڻين ته بيمار جي موت جي
بستري جي ڀرسان اٿي اچڻ وقت روڳيءَ جا مائٽ جڏهن
کيس سڏين ٿا: ”ذرا ترسومهاشيه جي، اوهان جي في.“
هٿ ڊگهيري في وٺي ٿو؛ سوچيندي سوچيندي هليو اچڻ،
”ان عجيب شڪل واري کي“ اڄ به ان ريت سوچيندو اچي
ٿو: ’هيءُ نتجيو، اڻ ٽر نتيجو گنڀير- بي آواز بار
بار پاڻ کان پڇيو اٿائين: ”ڇا آهي؟ ڪيئن آهي؟ شڪل،
بوءَ، ڇهاءُ، سواد مڙني حواسن ۾ هو (مرتيو) ڪئين
ٿو ڀاسي؟ ڪهڙو آهي هن جو آواز؟ پتا جي ٻڌايل
ڪهاڻيءَ جو روپ به من کي مطمئن نه ڪري سگهيو.
اچانڪ ڌوم ڪيتو (پڇڙ تاري) جيئان ششي اچي سهڙيو.
هن اسوءَ جي مهيني م ئي هن پنهنجو ڦاٽل اوور ڪوٽ
کڻي بدن تي وڌو هو. هٿ ۾ حقو. اڃا ساجهر ئي آهي ۽
اکيون ڳاڙهيون! نشو آهي، پر شراب جي بانس نٿي اچي،
گانجي جي به نه، شايد ”ڪئنوسنڊڪا“ پيتل اٿس. بنا
ڪنهن مهاڳ جي ٺهه پهه چوڻ لڳو: ”ڪمبخت رام هري اڄ
وصيعت نامي جي رجسٽري ڪرائڻ اچي رهيو آهي. اوهان
کي شاهد بڻائيندو. هن جي نئين زال کي ڪجهه نه ڪجهه
اوهان کي ڏيارڻو پوندو. منهنجي فيءَ جا اڃا ڪافي
رپيا بقايا ۾ آهن. خير، ٻيا سڀ وڃن جهنم ۾، پر
ويهه رپيا گهٽ ۾ گهٽ ڏياريوم.“
ششي کپ کوڙي ويهي رهيو.
مهاشيه سوچي رهيو هو ته ”ششيءَ کي ڪهڙو جواب ڏي.“
اچانڪ سائيڪل جي گهنٽي تي نظر ڇڪجي اوڏانهن ويس.
سائيڪل اڄ ڪلهه عام سواري ٿي پئي آهي. پسگردائي جي
ڳوٺن جي هارين جي نينگرن به سائيڪلون ڳڌيون آهن.
سائيڪل جي گهنٽيءَ ۾ هڪ عجيب ڪشش آهي. هن ڳوٺ ۾ سڀ
کان اول بنوءَ ئي سائيڪل ڳڌي هئي. ٻه سائيڪلون
هيون. پرديوت ۽ هنجو دوست، ٻئي وڃي رهيا هئا.
”هيترو ساجهر ڪيڏانهن وڃي رهيا هوندا ڀلا؟“
پرديوت سائيڪل تان لهي پيو. سندس دوست ڪجهه اڳڀرو
وڌي لٿو. شايد ائين ئي لهي پيا.
”نمسڪار!“
مهاشيه اهڙي اميد ڪانه ڪئي هئي. ذرا ڇرڪي هن نمستي
وراڻي ”نمسڪار!“
”اهيندر سرڪار جو مڪان ڪهڙو آهي؟ مون کي چئي آيو
هو ته اوهان جي گهر جي ڀرسان ئي آهي.“
”اهيندر جو مڪان؟ اجهو هو اَٿو، هن گهٽيءَ ۾ وڃو.
هن وٽ ويندا؟“
”جي ها.“ پرديوت ٿورو مرڪيو: هن جو ناٺي منهنجو هم
ڪلاسي آهي. ٻئي گڏ آءِ-ايس-سي پڙهيا هئاسون. هن جي
ٻالڪ جي طبيعت خراب آهي.“
”اهيندڙ جي ناٺيءَ جو پٽ؟ هن جو ڏوهٽو؟ يعني
اتسيءَ جو ڪڪو؟ ان ڏيهاڙي جڏهن موتيءَ جي ماءُ کي
گنگا ڪناري وڃڻ جي صلاح ڏيئي جيئن موٽي رهيو هو،
تيئن مدن جونينگر بدن سان پاڻيءَ ۾ ٿڦڪيون هڻي
رهيو هو. ننڍڙو ٻالڪ، اکيون موهيندڙ نند لعل ڪرشڻ
جهڙي سلوڻي صورت. اهوئي نينگر؟ هن جي طبيت خراب
آهي؟ دروازي جي ڀرسان ئي مان آهيان، مونکي ڪونه
گهرايو ويو، ڏيکاريو ويو؟ ڇا ٿيو آهي هن کي؟“
ايتري ۾ پرديوت ۽سندس متر گهٽيءَ ۾ هليا ويا.
”اڄڪلهه ماڻهن کي پئسا گهڻا ٿي پيا آهن، گهڻا. ڀلا
هو اسان کي توهان کي ڇو ڏيکارڻ لڳا؟ پر اهيندر
سرڪار جي ابن ڏاڏن جي قوت کان وٺي اوهان ئي سندن
گهر جو مفت علاج ڪري رهيا آهيو. ششيءَ ٻوليو.
مهاشيه اوچتو ورانڊي جي رستي کان لهي پيو. انهي
گهٽيءَ جي طرف هلندو ٿيو، اهيندر جي گهر ڏانهن.
ششي سناٽي ۾ اچي ويو. هڪ کن چپ رهي چيائين ”عقل
وڪڻي کائڻ ان کي چئبو آهي. پرديوت ڊاڪٽر ڳچيءَ کان
جهلي ٻاهر هڪالي ڪندس.“
چئن سالن جو ٻالڪ. بخار کان بيهوش پيو آهي. هڪ ڪن
جي پاڙ کان ٻي ڪن جي پاڙ تائين سوڄ اٿس. سنڌور
جهڙو ڳاڙهو ٿي پيو آهي.
پرديوت تپاسي رهيو آهي. هن جو دوست به جاچي رهيو
آهي. هن جي ماءُ سيرانڌيءَ کان ويٺي آهي، اهيندر ۽
هڪخوبصورت جوان پاسي کان بيٺل آهن. مهاشيه ڪمري م
گهڙيو. چپ چاپ پٺيان بيهي رهيو. روڳيءَ جي بدن ۾
سخت سور آهي، سندس حواس ڪمزور ٿيندا پيا وڃن.
سجاڳي ته ختم ئي سمجهڻ گهرجي.
تيز نگاهن سان مهاشيه ڏسي رهيو هو. ڪائي ڇايا پئجي
رهي آهي؟ سمجهه کان ٻاهر هو. سندس نظر جي سگهه به
ته جهڪي ٿي ويئي آهي.
جاڇي پرديوت کڙو ٿي بيٺو. منهن گنڀير. ملول- سندس
نظر مهاشيه تي پئي.
”اوهان!“
”آئون ذرا ڏسندس.“ هو بيمار جي بستري ڏانهن وڌيو.
ويهي رهيو.
اهيندر سرڪار سراپجي ويو. اتسي پڻ. ششي ڪوڙ ڪونه
چيو هو. ٽن پيڙهين کان مهاشين سان نينهنن ناتي سبب
وٽس علاج بابت ڪوبه خرچ ڪونه ٿيو آهي ۽ اڄ کيس
پڇيو به ڪونه ويو.
اهيندر چيو: ”ڏسو نه، ڇا مان ڇاٿو ٿي وڃي. مهمان
ڪالهه آيا. ٻالڪ کي گود ورتائون. چيائون، هڪ ننڍڙي
ڦرڙي ٿي اٿس، ذرو چنو لڳائي ڇڏيوس. شام جو نينگر
روئڻ لڳو، ڏاڍو سور ٿي رهيو هوس. اها ڦرڙي بنا
منهن واري ڦٽ جهڙي آهي، ڏٺم، ذرا وڏي ٿي ويئي آهي.
ان کان پوءِ سڄي رات ڦٿڪندو رهيو، تپ چڙهي آيس.
صبوح جو ڏٺم، ته منهن سڄي ويو اٿس. تپ وچان هوش به
نه اٿس. آئون اوهان کي ئي سڏڻ وڃي رهيو هوس.
ناٺيءَ چيم، هيءُ ته ڦٽ جي آڪڙ وچان تپ آهي، الائي
نشتر لڳائڻو پوي، ٽڪو لڳي ڇا ٿئي، ان حالت ۾ هن کي
گهرائي ڇا ٿيندو؟ ٺيڪ به چيائين. وري اسپتال جو
ڊاڪٽر بابو سندس همڪلاسي به آهي. مون چيو، تنهنجو
ٻچو آهي، توکي جنهن کي وڻي تنهن کي ڏيکار آئون ان
۾ ارهو ڇو ٿيان؟“
ٻالڪ کي تپاسي مهاشيه اٿي کڙو ٿيو. پرديوت ايتري ۾
روانو ٿي چڪو هو. سائيڪل تي دوا کڻڻ ويو هو. سئي
هڻندو. پينسلن.
ٻالڪ جي ماءُ، اتسيءَ وياڪل ٿي پڇيو: ”دادا! ڪيئن
ٿا سمجهو؟ ڪيئن آهي ڪڪو؟ ڇا ٿيو اٿس؟“
کلي چيائين: ”ڳل ۽ نڙي سڄي پيا اٿس. تپ اٿس. ڳڻتي
ڪهڙي آهي؟ اڄڪلهه نيون نيون دوائون نڪتيون آهن،
ڊاڪٽر بابو آهي: ٺيڪ ٿي ويندو.
جهڙي طرح ويو هو، تهڙي طرح هو موٽي به آيو. اهيندر
سندس پٺيان پٺيان ويو. رستي وچ ۾ پڪاريائين: چاچا
جي!“
”اهيندر!“
”اوهان ڇا ڏٺو”“
”ناڙي ڏسي به ڪيترو سمجهان! تڏهن ائين لڳم ته تپ
وڌي ٿو.“
”هينئر به ته....“
هن جي چوڻ کان اڳي ئي مهاشيه ٻوليو: ”ٻن جي لڳ ڀڳ
چڙهندو، ڪجهه وڌيڪ ئي چڙهي.“
”ها، هڪ سو ٻه پائنٽ ٻه ته آهي. اڃا به تپ وڌندو؟“
”لڳي ته ائين ٿو.“
”نڙي ۽ ڳل سڄي ويا اٿس، ههڙوڳاڙهو ٿي ويو آهي!
معمولي ته ڦٽ آهي!“
”هو ڊاڪٽر رت جي تپاس ته ڪري رهيا آهن! ڏس، نبض
ڏسي ٻڌائڻ سان بيوقوف بنجڻو پوندو آهي.“
هو وڌيڪ نه ترسيو. موٽي آيو. ان وقت دروازي تي ٻه
گاڏيون بيٺيون هيون. هڪ هئي پراني ميان جي، ٻي رام
هري جي. رام هري وصيعت تي صحي ڪرائڻ آيو هو.
رام هري کي ڏسندي ئي ششي رفوچڪر ٿي ويو!
* * *
پراني جي پتني گرڀڻي آهي. پراني خوش آهي، ذرا لڄي
به. مهاشيه کي اهو سٺو لڳو. من خوش هجيس ها ته ذرا
چرچو به ڪري ها. گهٽ ۾ گهٽ مسجد- درگاهه ۾ سکا
باسڻ لاءِ چويس ها، چويس ها؛ ”ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ
محفل جو ته انتظام ڪري. هن ڀيري توکي اولاد بچندو.
سمجهي وئين؟ ۽ زال جي بيماري به دائمي ويندي
رهندي.“ پر من اداس آهي. هوش ۽ بيهوش جي وچ ۾ پيل
اتي جي ٻالڪ جي چنتا هن جي من کي وياڪل بڻائي وڌو
آهي! هتي ته اوگڻ سندو ويري به ڪونهي، عادت علت يا
من جي لاڙي جو به ڪو دوش ڪونهي، عزت، مان، شان، ڌن
دولت، لوڀ لالسا، ڪنهنجي به خاص ڪشش سان جيئڻ جي
لالسا ڪانهي. نئين زندگي وڌڻ جي لاءِ، مڪمل ٿيڻ جي
لاءِ، پرڪرتيءَ جي پريرنا سان بچڻ چاهي ٿي. ڪهڙي
نه ڪشمڪش! پنهنجي حقن ڪاڻ لڙي رهي آهي. جوش و خروش
سان! ويساکي طوفان جيئان هيءَ ڪٺور بيماري آئي
آهي. جنهن جو جهاڳ هڪ بادل جي ٽڪري سان ٿيندو آهي،
جو ڪجهه ئي پلڪن ۾ پکڙجي سڀ ڇاپي ڇڏيندو، ڇاپڻ
شروع ڪري ڇڏيو اٿائين. البت اڃا ’تانڊو‘ (پرلئه)
شروع نه ٿيو آهي. پر ان ۾ به خاص دير ڪانهي، دير
ڪانهي. نبض پڪڙي هن هوا جي ’سانءِ- سانءِ‘ جو انڀو
ڪيو آهي. ڏورانهين خوفناڪ آواز جو، جيئن مٽيءَ ۾
انڀو ڪيو ويندو آهي، گهر جي دري- دروازي ۾ هٿ رکي
ڇهڻ سان جيئن انڀو ڪيو ويندو آهي. ٺيڪ ساڳي ريت هن
انڀو ڪيو آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه مثال نٿو ٿي
سگهي. زهر جي نفيسياتي جهڙي هڪ نفيستائي سڄي جسم ۾
پکڙجي رهي آهي. ان جو اثر هوريان هوريان وڌندو
ويندو، طوفان سان گڏ بادل وانگر. بخار سان گڏ
زهريلو اثر به وڌندو.“
گاڏي آروگيه نڪيتن جي سامهون اچي رڪي. هو ڪير ويٺو
آهي؟ ششي؟ ۽ هو؟ بي-ڪي- اسٽورس جو مالڪ ونيه. هن
سڀاڻي هلڻ لاءِ چيو هو.
هن کي ڏسندي ئي ششيءَ جو اڀو ساهه نڪتو. چي ”اڄ
مان ڇڏڻ وارو نه آهيان؛ پيرن جي پڻي کڻندس. جئه
گرديو! ’اکنڊ منڊلا ڪارنگ وياپتنگ يبن چراچرنگه تت
پدنگ درشتنگ يبن تسميهءِ شري گروُوي نمہ‘.“
وصعيت ۾ مهاشيه، رامهريءَ کي سندس زال کي ڏهه ايڪڙ
زمين ڏيارڻ لاءِ رضامند ڪري ورتو آهي. ششيءَ کي به
هن پندرنهن رپيا موڪلي ڏنا آهن. مهاشيه هن کي
بچائي ورتو آهي. پورب جنم جو رام هريءَ جو پتا
آهي: هن جي ڳالهه ڀلا هو ٽاري سگهي ٿو؟ رام هري
وغيره عجيب ماڻهو آهن. هيءُ سڄي عمر پاپ ڪندا وڃن
ٿا؛ ڪوبه ڌرم، ڪابه نيتي مريادا هو ليکين ئي ڪين،
پر جن هڪ ٻن نيمن کي مڃين ٿا، تن جو ڪڏهن به
النگهن نٿا ڪن.
تهان پوءِ؟ ”ڇا خبر آهي ونيه؟“ ونيه ڪڇي جهڙي ڀت.
بڪبڪيو آهي. زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جي اڇل سان
سدائين ترندو رهيو آهي، چنچل هوا وانگر. چنچل آهي
ليڪن مست طوفان وانگر ونيه ڪونهي ڪامياب،
ڪاروباري، برساتي پاڻيءَ ڀريل ڪڪر جهڙو سجل ۽
سيتل. مٺو ڳالهائيندڙ.
ونيه آکيو: ”مونکي گهڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن.
سنسار ۾ ماڻهو ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. هڪ
ٿورڳالهائو، ٻيا گهڻ ڳالهائو. مان هڪڙو ته گهڻ
ڳالهائو آهيان، مٿان وري ڳالهيون به گهڻيون ڪرڻيون
آهن. پهريائين ڊاڪٽر ششي ڳالهائي پورو ڪري ته پوءِ
مان به ٿو ڳالهايان.“
”ڳالهيون گهڻيون هجن ته سڀاڻي اچج ونيه، اڄ منهنجو
من ٺيڪ ڪونهي.“
”ڇو، ڇا ٿيو؟“
”ويهه، اجهو آيس.“
مهاشيه هتان هليو آيو. ”اتسيءَ جو ٻالڪ ڪيئن آهي؟“
اکين ۾ هن جي اها سلوڻي صورت تري رهي آهي. هن جي
اڄوڪي اها بيماريءَ وچان پيڙيل، اڌ کلي، وياڪل
درشٽي ياد اچي رهي آهي. کاڏيءَ کان وٺي ڪنن جي
پاپڙين تائين سوڄ: ”ويساکي طوفان جو بادل ڪيترو
دور ڦهلجي ويو: ڪيترو پري طوفان وڌي ويو؟“
اتان نڪري به مهاشيه اچانڪ بيهي رهيو. ”وڃان؟ واجب
ٿيندو؟ هو ڪير هتان نڪري رهيو آهي؟ ڊاڪٽر پرديوت
جو اهو دوست ته ڪونهي؟ ها، اهوئي نه آهي!“
اڄ مهاشيه ئي نمسڪار ڪئي. ”نمسڪار. وري هوڏانهن
ويا هئا؟“
”نمسڪار. جي ها، ويو هوس. هن جو رت ورتو اٿم. جاچ
ڪندس.“
”پر جاچ ته شهر کڻي وڃي ڪندا، گهٽ ۾ گهٽ سڀاڻي کان
اڳ ته معلوم نه ٿي سگهندو؟“
”ها. پر ان کانسواءِ ٻيو چاڙهو ئي ڪهڙو آهي؟
پينسلن جي سئي لڳي آهي. ڀانئجي ٿو، ته اِسٽريپٽو
ڪاڪس انفيڪشن ٿيو اٿس. اهو ئي هوندو. وري به
جاچيندس.“
”اِسٽريپٽو ڪاڪس اِنفيڪشن؟“
”جي. اوهان جنهن کي سر سام چوندا آهيو. مٽر جهڙا
ننڍڙا ننڍڙا داڻا گلي جي اندر نڪرندس.“
”ڊاڪٽري ٿوري گهر ۾ پڙهي هئم. اِسٽريپٽو ڪاڪس مون
ٻڌو آهي. گلي جو گهاو ڏٺو اٿم. بيشڪ رواجي طور
ماڻهو ان کي سرسام چوندا آهن. پر اصل ۾ سرسام ڪجهه
ٻيو ئي ٿيندو آهي. ڏاڍو سخت ٿيندو آهي. پر....“
”پر اوهان جي راءِ موجب ڇا آهي؟“
”تپ هينئر اوهان کي ڪيترو باقي نظر آيو؟“
”هڪ سو ٽي، پر ٿورو گهٽ. پينسلين جي سئي لڳي رهي
آهي. ان مان به بخار ٿورو وڌندو.“
”نه. هيءُ بخار هن جو روز ئي وڌي رهيو آهي ڊاڪٽر
بابو! ڊاڪٽر بابو، مان ڊگري يافته ڊاڪٽر ڪونه
آهيان، ليڪن علاج جو ڪافي آزمودو اٿم. ان جي معياد
چوويهه ڪلاڪن کان ڇٽيهه ڪلاڪ آهي. رت ۾ نهايت ئي
خوفناڪ زهر پکڙيل آهي. سوڄ ڪيتري وڌيس؟“
ٻڍي جي ڳالهه جي گهرائيءَ جو ڊاڪٽر اروڻ قائل ٿي
ويو هو. هن کي گيان ۽ انڀو جو احساس ٿيو هو. من ۾
ڪجهه سوچيندي هن وراڻيو: ”سوڄ ڏاڍي وڌي ويئي اٿس.
اڃا وڌي رهي آهي. اسان جو خيال آهي، اِسٽريپٽو
ڪاڪس انفيڪشن گهڻو وڌيل آهي. سنجها تائين نڙيءَ ۾
گهاو ٿي ويندس. اوهان چئي رهيا آهيو.“
”مان چوان ٿو، اسان جي زماني جي علاج پٽاندر، هن
روڳ جو حملو اهڙو پرٻل آهي، جو چڱو ٿيڻ وٽان نه
آهي. مان ته ٺيڪ نٿو ڪري سگهان. اوهان ڀڳوارا
آهيو، اڄ انوکي دوائن جي سهائتا اوهان ماڻهن کي
ملي آهي. سو جيڪي ڪريو، جلدي ڪريو. روڳ طوفان
جيئان وڌڻ وارو آهي. روڪي سگهندا ته سٺو، نه
ته.... منهنجو چوڻ مڃو.“
”مون کي يقين آهي مهاشيه جي. مان يقين ڪريان ٿو.
پرديوت بيشڪ ذرا اگرو آهي. مان ان کي پاڻ وڃي چوان
ٿو.“
سائيڪل تي سوار ٿي هو هليو ويو.
”ڇا ٿيو گرديو؟ پرديوت سان وري ڇا ٿيو؟“
مهاشيه جون گهاٽوين سفيد ڀرون تاڻجي ويئون. ”ششي
تون اڃا تائين ويٺو آهين؟ وڃ، اڄ گهر وڃ.“
”وڃان ٿو. ونيه سان گڏجي ويندس.“
”ونيه بعد ۾ ويندو. تون وڃ، تنهنجو ڪم ته ٿي ويو.“
ونيه کلندي چيو: ”ششي ويندو؟ بنا ڪنهن جي ساڻ هئڻ
جي وڃي نٿو سگهي. اڪيلو ويندو ئي مس ته سندس ماءُ
جو ڀوت سندس پٺيان ڦرندو وتندو.“
”ڪير؟“
”هن جي ماءُ. مرڻ کان پوءِ به ويچاري پٽ جي مايا
کي وساري نه سگهي آهي. الائي ڪٿي ڪهڙي کڏ کوپي ۾
ڪري پوي، الائي ڪنهن وڻ جي هيٺان ئي سمهي پوي؛
انڪري ساڻ- ساڻ گهمندي وتي ٿي. پڇوس نه ششي کان!“
ششي شايد چوندو آهي، هن جي ماءُ سندس آسپاس پيئي
ڦرندي آهي. پهرو ڏيندي آهي. البت ڪو ساڻ هوندو
آهي، ته ڪانه ايندي آهي. پر جيئن ئي هو اڪيلو
ويندو آهي، ته هو تاڻي ويندو آهي ته هن جي ماءُ
ساڻس هلي رهي آهي. هن جي ٻولي به هو ٻڌندو آهي.
رستو ڀلجي ويندو آهي يا سامهون کڏ کوٻو ڪو هوندو
آهي، ته هوءَ کيس خبردار ڪندي آهي: ”ڏسج، ڪرين نه
پوين.“
ونيه کليو. پر جيون مهاشيه ڪونه کليو.
ششي جي ماءُ کي هي ماڻهو ڪونه سڃاڻندا هئا، پر
مهاشيه سڃاڻي ٿو. اهڙي ماءُ ورلي ڪا ملندي آهي.
اولاد کي ڪهڙي ماءُ پيار نه ڪندي آهي؟ پر ششي جي
ماءُ جهڙو پيار هو نه سنڀري.
ششيءَ کي رڳو ششي چوڻ سان ئي هن جو من ڪونه ڀريو
هو: ”هن کي چوندي هئي: ”ششي چنڊ. منهنجا پڳلا!
ٿوري شراب جي علت پئجي ويئي اٿس، پئجي ويئي اٿس،
سو ڪري ڇا؟“
جوانيءَ ۾ ششي خطرناڪ شرابي ٿي پيو هو. علائقي ۾
پکڙي مليريا. هو چئريٽيبل ڊسپينسري ۽ مئگ سلف
ڊسپينسري مان ئي نيو ايندو هو. ڪافي هلندي هئس.
تنهن وقت هو علاج به خاصو ڪندو هو. دواخاني جو ڪم
پورو ڪري هو پنهنجي پرئڪٽس ڪرڻ نڪرندو هو. سڀ کان
اول ته ٻه آئونس لڳ ڀڳ شراب پيئندو هو. ان کان
اڳي شسپينسري ۾ به هڪ به آونس چڪڙي چاڙهي چڪو
هوندو. پي ڪري بوتل ۾ پاڻي ملائي ڇڏيندو هو. روڳي
ڏسي موٽڻ وقت هو گتي ۾ گهڙندو هو، پوءِ يا ته اتي
ئي سمهي پوندو هو يا سمهي پوندو هو ڪنهن درخت جي
سايئي هيٺ ششي جي ماءُ گهٽيءَ جي منهن تي منتظر
بيٺي رهندي. وري آهستي آهستي اچي گتي ۾ سهڙندي.
ششي لاءِ جيڪو سنيهه هوس، ان جي سامهون سندس لڄ
هار کائي ويندي هئي. اچي سڏ ڪندي:
”سٺ!“
”ڪير؟ ماتا جي. اجهو هيءُ رهيو ششي بابو! هتي.“
”سڏ ڪري ذرا هوش ۾ ته آڻينس، ادا.“
ماءُ جي سڏ تي هو ٿڙندو اٿي ايندو. سندس حقو، چلم،
اسٽيٿسڪوپ ماڻس نيو ويندي. ششي پاڻ چوندو هوس:
”هيءُ سڀ کڻي هل.“
ويساک جي نٽهڻ اس ۾ مٿي تي انگوڇو رکي ششي جي
ڳولها ۾ سندس ٻاهر وڃڻ جي هڪ يادگيري اڃا کيس دل
تي اڪريل آهي. ڍڳي گاڏي ۾ مهاشيه ڪنهن روڳيءَ کي
ڏسي موٽي رهيو هو. زمين جنسي ٻري رهي هئي. رستي ۾
نه ڪو ماڻهو نه ڪو ڇيڻو، نه آدم زاد جي بوءَ. پکين
جهرڪين جي چينچين به ڪانه هئي، ڄڻڪ پکي پرند يا
ساهواري جو نالو نشان نه هجي، اهڙي ئي ٽاڻي ۾ ششي
جي گوري گوري ٿلهي ماءُ وڃي رهي هئي، ڪڏهن ڪڏهن
ترسي ٿي بيٺي، هيڏي هوڏي نهاريندي پئي رهي. ان
ڏينهن شراب جي گتي ۾ کيس پٽ جو ڏس ڪونه مليو.
گيتوال ٻڌايس، ”اڄ هو ڪنهن ٻئي هنڌان پي آيو هو،
دڪان تي ڪونه ترسيو. ان رستي کان ويو آهي.“ ماءُ
ڳولها ڪندي پئي ويئي: ’ڪٿي نه ڪٿي راهه ۾ ضرور پيو
هوندو.‘
سچ پچ هو پيو هو. رستي جي هڪ ڪناري وڻ جي ڇانو ۾
الٽي ڪري ڪپڙا ۽ منهن ڀري پيو هو. هڪ ڪتو سندس
چهري تان الٽي ڪيل نشيدار گاڏڙ کاڌي کي چٽي موج
اڏائي رهيو هو. ماڻس کيس سوين سڏ ڪيا پر هن کي
جاڳائي نه سگهي. گاڏي واري کان کڻائي مهاشيه جيون
کيس گهر پهچايو هو.
نشي ۾ چور ششي اٿيو. جيون مهاشيه کي ڏسي نمسڪار
ڪري چيو هئائين جو اڄ به جيون مهاشيه کي ياد آهي،
چيو هئائين: ”مهاشيه بابوُ، گرديو! اوهان هاڻ
وڃو.ماءُ ڇهي ورتو ۽ مان ٺيڪ ٿي ويس. منهنجي ماءُ
جي اک جو هڪ لڙڪ زمين کي ٻوڙي سگهي ٿو. الينگزينڊر
دي گريٽ جي ڳالهه سر! اينٽي پوڊس ڊز ناٽ نو، اينٽي
پوڊس نٿو ڄاڻي- منهنجي ماءُ جي اک جو هڪ لڙڪ
پاڻي...!“ مهاشيه ڌمال ڪڍندي چيس ”وڃ، وڃ: گهر
وڃ.“
”ويندس، ضرور ويندس. پاڻيهي ويندس. ڪنهن جي ڌمال
ٻڌڻ جو عادي ڪونه آهيان.“
شرمندگي وچان ماڻس بار بار رڳو هڪڙي ڳالهه چئي
هئي: ”گهر هل! ششي! گهر هل.“
”اهري ماءُ مرڻ کان پوءِ به ششي جي چنتا نه ڇڏي
سگهي ته ان ۾.... ۽ جيڪڏهن پرلوڪ به هڪ مٿيائي
هجي، ته ششي، ششي پنهنجي ماءُ کي نه وساري سگهڻ جي
ڪارڻ بگڙيل دماغ مان جيڪڏهن اهڙي سکڻي ڪلپنا ڪئي
به هجي. نهوڙيل نظر سان جيڪڏهن مايا کي ڪايا گرهڻ
ڪندي ڏٺو هجائين ته تعجب ڪهڙو آهي؟“ ڊاڪٽر سوچيو.
نڄاڻ ڪيترين راتين جو هن خود عطر کي ڏٺو آهي- ڏٺو
اٿائين ته هوءَ ون وهاريءَ جي ڪمري ۾ ليئو پائي
رهي آهي. خود پاڻ؟... ها، پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن وڃي
ڏٺو اٿائين.
”هن اتسيءَ جو ٻار جيڪڏهن...!“
مهاشيه چيو: ”سڀاڻي، سڀاڻي اچج ونيه. سڀاڻي.
سڀاڻي. ڇٽيهن مان ارڙهن ڪلاڪ نبري ويا. ۽ ارڙهن
ڪلاڪ. ٺيڪ وچ ۾.....“
”ڪير اچي رهيو آهي؟ اهيندر؟“
”تپ وڌندو پيو وڃي چاچا! ڊاڪٽر وٽ وڃي رهيو آهيان.
سوڄ به وڌندي پيئي وڃي. منهن اهڙو سڄي ويو اٿس...“
اهيندر جو گلو ڀرجي آيو. ”اوهان هڪوار...“
”نه. تون ڊاڪٽر وٽ وڃ. جيڪڏهن بچائي سگهندو ته هو
ئي بچائي سگهي ٿو. اسان ماڻهن جي زماني ۾ ائين نه
هو.“ |