سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :3

سيد منظور نقوي

نعت

محمد جي قدمن ۾ شاهيون اميريون،

اهو در اسان لئه، رڳيون دستگيريون.

جتيءَ جوڙ ڪنهن کي نٿو جڳ ۾ ڀانيان،

چمي پير، پرين جا اکڙين سان لايان،

پڻيءَ ۾ لڪل جن جي روشن ضميريون.

چمي ماڻڪيءَ کي ڳچيءَ پاند پايان،

پڄي وس ته پهچي عبا ۾ لڪايان،

مڙئي ڪم نگاهيون هڙئي بي بصيريون.

اطاعت ۾ الفت جا ڳل پائي ڳانا،

سڀن امتن ۾ سڏياسين ديوانا،

قبوليون سين عشق نبيءَ ۾ اسيريون.

ثنا خواني سونهين ٿي سيد جي گهر جي،

غلامي اي ”منظور“ ڪر اهڙي در جي،

اميرين کان وڌ جنهن جي درجون فقيريون.

انور هالائي

نعت

خوشا قسمت! گستان جهان ۾ نئون بهار آيو،

مبارڪ اڄ چمن ۾ آهه دور خوشگوار آيو.

 

جمال ماهتاب آيو، نگاه قربدار آيو،

سڪون وصلح جو ساٿي، امين عالمي وقار آيو.

امن اسلام جو حامي وفا جو شاهڪار آيو،

حجر اسود جو قانوني امانت دار يار آيو.

 

حيات نؤ جو عالم ۾ نياپو بار بار آيو،

ڪلام الله رسائيندڙ محمد مشڪبار آيو.

 

يتيمن يار ۽ هيڻن جو حامي پاسدار آيو،

جهان لاءِ باعث رحمت سراپا غم گسار آيو.

 

ستارن سر جهڪائي ٿي قدم چميا عقيدت سان،

قمر سينو وڍايو هن جي دل کي ڄڻ قرار آيو.

 

فلڪ تي گيت ڳايا ويا ۽ حورن گل ڪيا صدقي،

زمين تي شاد مانا ٿيا نبي آخر بهار آيو.

 

سبق انسانيت جو جنهن اچي سيکاريو هر سو

اهو ڪامل مڪمل قوم لئه صد افتخار آيو.

 

جهالت ۽ برائي جو رسو ٽوڙي شفقت سان،

ادب اخلاق جو ناتو ڪرڻ اڄ استوار آيو.

 

حقيقي شهنشاهه آيو به عادات گدا بڻجي،

هتي ناصح هتي شافع قربدار آيو.

 

محمد مصطفيٰ آيو رسول الله نبي بڻجي،

سڄي عالم جي رحمت بنجي مرسل آشڪار آيو.

 

محمد مصطفيٰ منهنجا! هي ”انور“ غمزده اڪثر،

اوهان جي در جڏهن آيو، تڏهن ٿي اشڪبار آيو.

الحاج رحيم بخش ”قمر“

نعت

محبوب مٺي جي صورت جو، سينگار جو عالم ڇا چئجي!

سرهاڻ اچي ٿي زلفن مان هٻڪار جو عالم ڇا چئجي!

 

ڪعبي جو خليل الله رکي بنياد عجب تعمير ڪئي،

تعمير جو عالم ڇا چئجي، معمار جو عالم ڇا چئجي!

 

اصنام شڪن آڙاهه ۾ پيو، الله جو هي ارشاد ٿيو،

يا نار جو عالم ڇا چئجي، گلزار جو عالم ڇا چئجي!

 

محبوب خدا جو مان ٿيو ۽ خلق سندس قرآن ٿيو!

ان پاڪ نبيءَ جي سيرت جو اطوار جو عالم ڇا چئجي!

 

اي شاه عرب سلطان عجم فردوس کان تنهنجو روضو اتم

محراب و منبر، مسجد جي مينار جو عالم ڇا چئجي!

 

جنهن غار ۾ گڏجي گهاريو ٿي بوبڪر محمد مٺڙي سان،

ان غار جو عالم ڇا چئجي، غمخوار جو عالم ڇا چئجي!

 

نوڪر کي نئي ٿو ڪرهي تي فاروق لهي ٿو پنڌ ڪري،

ان عدل جو عالم ڇا چئجي، رفتار جو عالم ڇا چئجي!

 

الله سان ان واپار ڪيو، هن مسڪينن کي خوب ڏنو،

عثمان غنيءَ جي جود وسخا واپار جو عالم ڇا چئجي!

 

هڪ رات چيو هو شاه اُمم اڄ سيج تي ڪر آرام علي،

آرام جو عالم ڇا چئجي، ايثار جو عالم ڇا چئجي!

 

تحرير لکي جا شير خدا ارشاد ٿيو هي ميٽي ڇڏ،

ارشاد جو عالم ڇا چئجي، انڪار جو عالم ڇا چئجي!

 

جنهن مرد خدا کي لقب ڏنو آ سيد عالم سيف الله

ان سيف جي آب و جوهر ۽ هر وار جو عالم ڇا چئجي!

 

شه ڪرب وبلا ۾ سر ڏيئي، سر سبز ڪيو اسلام ائين،

مقتول جو عالم ڇا چئجي، تلوار جو عالم ڇا چئجي!

 

سينگار جي سمجهن سوريءَ کي، سر ساهه جو سانگو ڪين رکن،

منصور جو عالم ڇا چئجي، پڻ دار جو عالم ڇا چئجي!

 

هي تنهنجا ٻڌي اشعار ”قمر“ هر ڪو ٿو چئي سبحان الله،

اشعار جو عالم ڇا چئجي، افڪار جو عالم ڇا چئجي!

ميووخان ”موج“ لغاري

نعت

محمد مصطفيٰ منهندار عالم جو،

آجهو ۽ آسرو آڌار عالم جو.

محمد خلقت الا فلاڪ جو ڪارڻ،

محمد جي ڪري گلزار عالم جو.

محمد باعث تخليق دو عالم،

محمد جي سبب جنسار عالم جو.

محمد رحمت للعالمين بنجي،

ٿي آيو رهنما نروار عالم جو.

محمد نور حق نور خداوندي،

تڏهن آچهچٽو چمڪار عالم جو.

محمد مصطفيٰ ختم الرسل آهي،

بنايو جنهن کي رب سردار عالم جو.

محمد انبيائن جو نبي آهي،

اهو آهي بحق اقرار عالم جو.

محمد جو ڪو نه مٽ ثاني زماني ۾،

هي محبوب خدا دلدار عالم جو.

محمد جد آ حسن وحسينڻ جو،

ڪه جن سان پيار ان سرڪار عالم جو.

نه جو اڄ ”موج“ موزون نعت خواني ڪئي،

ڪه آهي هڪ بندو بدڪار عالم جو.

بلاول پرديسي

نعت

توکي ڪون ومڪان ۾ ملي برتري،

ڪنهن کي طاقت جو توسان ڪري همسري.

هر طرف روشني، هر طرف زندگي،

تنهنجي آمد سان شمع صداقت ٻري.

جسم انسان ۾ ٿيو نور حق جلوه گر،

بزم دنيا ۾ جلون جي جلوه گري

وقت جي گود ۾ ظلمتن دم ڏنو،

صبح روشن جي ساعت سدوري سري.

سينه دهر تان نقش باطل مٽيو،

ڪوڙ جي ڪاڪ محلات پيئي ڏري.

آه قلب ونظر کي ملي روشني،

آه حسرن ڀري دل جي قسمت وري.

هر بشر جي مٿان شفقتون شفقتون،

هر بشر واسطي دلبري، دلبري.

ٿيو حياتيءَ کي حاصل شعور حيات،

منزلن جي ملي روح کي رهبري.

زندگانيءَ ٿي سڏڪا ڀريا روز شب،

سرڪشي نيٺ بي موت ويئي مري.

جن جي مشڪل ۾ مشڪل ڪشائي تو ڪئي،

هر مصيبت جي دريا منجهان ويا تري.

سي اگها پڻ ڌڻيءَ در سگها ٿي ويا،

جن تي هيڪر ڪرم جي نظر تو ڌري.

توئي انسان کي انسان جي عظمت ڏني،

توئي لاٿي دلين تان غمن جي ڀري.

شان تنهنجو بيان ڇا ”بلاول“ ڪري،

توکي نبين ۾ آهي ملي برتري.

سوز هالائي

نعت

اڄ ستارا ڀي لڳن ٿا چنڊ جيان،

۽ لڳي ٿو چنڊ سورج وانگيان.

ڏينهن بيشڪ آ اجالن جو ڌڻي،

پر اڄوڪي رات روشن ڏينهن کان.

ٿي خدا جي ذات ويئي مهربان،

واه! عجب احمد جي آهي آجيان

سوجهرو سرور جي آئي سان ٿئو،

جوت سان جرڪي ويو سارو جهان.

فرش تي شبنم جڙي موتي ڇڏيا،

عرش تي تارن سجائي ڪهڪشان.

ڀيڄ ڀنڙيءَ آ مبارڪ موڪلي،

پرهه گهرون گهوريون مرسل مٿان.

آهه هيرن منجهه هيڪاندو هڳاءُ،

واسجي ويئي فضا سرهاڻ سان.

رات ساري نور جي پالوٽ ٿي،

ٿيا سڪار ۽ ويا ڏڪارئا ڏيهه مان.

ساعتون سرچي ۽ پل پرچي پئا،

ٻهڪيا ٻيهر وري هيسيل هيان.

جن چپن ڪا مرڪ سنڀري ڪا نه هئي،

اڄ اهي مرڪي پيا مکڙين جيان.

هن ڀلاري ۽ مبارڪ مهل تي،

ڇا لکي مان لکان ڇا ڇا لکان.

حق ادائي نعت جي جنهن کي ٿئي،

سا زبان پرسوز مان آڻيان ڪٿان؟

نفيس احمد ناشاد

نعت

اسان جو رهنما رهبر محمد مصطفيٰ آهي،

حقيقت ۽ سچائيءَ جو حقيقي پيشوا آهي.

مدينو مرڪز اميد آهي، آرزو آهي،

سموري عالم اسلام لئه جو رهنما آهي.

عجب هلچل ڪشش دل کي ڇڪي ٿي جانب يثرب،

معطر عنبرين بيشڪ مديني جي فضا آهي.

غلامان محمد جي غلامن جو غلام آهيان،

سندم آقا ۽ مالڪ مير مدني مجتبيٰ آهي.

هتي يا هت محمد جو ئي نالو دائما رهندو،

فنا ساري فنا آهي، بقا ليڪن بقا آهي.

محمد کان سوا دنيا ۾ ڪائي چيز ڪانهي ڪا،

سندم ورد زبان نالو، سندس هردم ثنا آهي.

محمد سان وفا جو واعدو هردم نباهيندس،

وفادار محمد تي سدا راضي خدا آهي.

نفيس پرمسرت کي زيارت ٿئي محمد جي،

اها ”ناشاد“ دل جي آرزو ۽ التجا آهي.

آغا سعيد

نعت

سارو سر سبحان ٿي آيو،

الفت جو اهڃاڻ ٿي آيو.

سوئي سانگ ڍڪي صورت جو،

جيڏيون سرتيون سهرا ڳايو،

ظلم ۽ ڏاڍ جي ڌريءَ تي هو،

نفرت ڪندڙ بن دلين جي لئه،

”آغا“ عشق وارن جي لئه،

سوئي پنهنجو پاڻ ٿي آيو.

نور سڄو سرواڻ ٿي آيو.

محبت جو مهراڻ ٿي آيو

چاهت جي چانڊاڻ ٿي آيو.

خوشبو ۽ سرهاڻ ٿي آيو.

اياز گل

نعت

هڪڙو نالو، جو محبت جي علامت آهي،

هڪڙو نالو، جو اچارڻ ئي تلاوت آهي.

هڪڙو نالو جو ايئن اڀريو جيئن،

رات جي ڪک مان ٿو سج اڀري.

هڪڙو نالو جو ڪوڙ، اوندهه لئه،

ايئن آ، جيئن ڪپهه ۾ تيلي.

هڪڙو نالو جو سڳنڌ آهي، سچائي آهي،

هڪڙو نالو جو سراپاي سهائي آهي.

هڪڙو نالو جنهن انڌيري کي جلا بخشي آ،

هڪڙو نالوجنهن جفائن کي وفا بخشي آ،

هڪڙو نالو جنهن جهانن کي دعا بخشي آ،

هڪڙو نالو جنهن زماني جي خطا بخشي آ.

ها، اهو نانءُ مٺو، نانءُ سندءِ آ، سائين!

ها، اهو نانءُ مٺو، نانءُ سندءِ آ سائين!

انيس ميمڻ

نعت

هر ذره حجاز ۾ ارض وسما جو شان،

ڏس جلوه مدينه عه ۾ نور، خدا جو شان.

لفظن ۾ مشڪل آه چوڻ مصطفيٰ جو شان،

ڪيئن ٿئي ادا زبان سان رسول خدا جو شان.

شاهد جهان ۾ آه محمد جي حسن جو،

رنگ حنا جو شان ۽ زلف، دوتا جو شان.

ڀانيان وڃي حرم جي گلن کي چميون ڏيان،

يا رب تون ڪر عطا مون کي باد صبا جو شان.

اي ڪاش! منهنجون هي ٻه اکيون فرش راه ٿين،

ڪنهن جي گذر سان من ملي اهل ادا جو شان.

پلڪن سان هن جي راه کي ٻهاريان وڃي ”انيس“،

گر ٿئي نصيب چشم عقيدت کي پا جو شان.

ادل سومرو

نعت

ذلتن ۾ هئي وڪوڙيل زندگي

ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي وايو منڊل ۾،

هر طرف هو پاپ جي پاڇن جو راڄ

۽ خدا جي گهر هيو وحشت جو ناچ،

جنهن ۾ رکيل پٿرن جون مورتيون

انسان جي سجدن سندو مرڪز هيون

گونگي ڌرتيءَجي سيني ۾

معصوم زنده نينگريون ٿيون دفن

نفرتن ۽ دشمنين جي باهه کي

رت جي برسات سان ٺاريو ٿٻي ويو

ترارن جي ٻوليءَ ۾

آدمي هو آدميءَ سان هم ڪلام

۽ ڀرم جو ڪنهن به ڏس ۾

ڪين هو ڪوئي نشان

خاتم المرسلين جي آمد کان اڳ،

عرب جي صحرا ۾ هو اهڙو سمو

انسان جي ابتر اها حالت ڏسي،

نيٺ قدرت رحمتون نازل ڪيون

وحشتن ۽ ظلمتن جي گُهگهه ۾

سچ جي ويئي پکڙجي روشني،

پٿرن جا سڀ خدا ڀور ٿيا

پيٽ سان پاهڻ ٻڌل

پير ڀي لڦون ٿيل

پوءِ به مدنيءَ جي مبارڪ مُک تي

ڪين اُڀريو دُک جو آثار ڪو

دشمنن واتن مٿي ڪنڊا رکيا،

پوءِ به تن لهءِ مصطفيٰ

گهاٽي بڙ جي ڇانو ٿيا

پٿرن جي ديس جي رهواسين

محبتن ۽ شفقتن جي موٽ ۾،

نفرتن جا پاهڻ هنيا،

پوءِ به مٺڙي مجتبيٰ

ڪئي دعا

صاف صادق ۽ امين

رحمت للعالمين

مڪان کان لامڪان تائين جنهن جو قدم،

جو غريبن بيوسن جو واهرو

جنهن پکيڙيو سچ جي پيغام کي،

۽ دشمننن سان پيار جو ورتاءُ ڪيو

پيار ٿو انسان کي عظمت ڏئي،

پيار ئي پاهڻ کي ٿو پاڻي ڪري

پيار سان ئي ذهن ٿو تبديل ٿئي

مٺڙي محمد مصطفيٰ

پيار جو اهڙو عمل جاري رکيو،

گمراهه ٿيل انسان جي اندر مٿان

نفرتن جا داغ سڀ ڊهندا ويا

۽ پوءِ هڪ ڏينهن،

عرب جي صحرا ۾ ٿي سرهاڻ وئي

ذلتن جي زندگي، شان ۾ تبديل ٿي،

آدميت جو مان ٿيو.

مختيار ملڪ

نعت

جهالت واري دنيا کان، اسان کي آجپو ڏياريو،

ٻڏي ٻيڙي پئي جيڪا، انهيءَ کي جنهن اچي تاريو.

هيو انسان نالي ۾، هو جئندو جانور وانگي،

اسان کي پاڻ سمجهڻ جو، طريقو هن آ سيکاريو

انهيءَ کان ئي ٿيو حاصل، اسان کي حوصلو آهي،

جڏهن آهي ڪا مشڪل ٿي، جڏهن هنئڙو اسان هاريو.

بچايو ڪوڙ ڪيني کان، بديءَ کان ۽ برائيءَ کان،

اسان جي زندگيءَ کي هڪ، نئون رستو آ ڏيکاريو.

جهالت وارو جيوت هو، انهيءَ کان اڳ زماني ۾،

عقل ۽ فهم سان جڳ کي اچي جنهن آهه سينگار

عابد مظهر - نعت

هڪڙي نانءُ جا روپ انيڪ

وسي ته مهر ڀريو بادل

صحر اسڃ ٿئي جل ٿل

ڦُل ٽڙن مهڪي جنگل

خوشبوءِ خوشبوءِ هرڪو پل

سچ پچ هن جا سهسين روپ

هڪڙي نانءُ جا روپ انيڪ

چوي ته ٿي پئي اڻ ٿيڻي

پرزا ٿين ڏک، ٽٽي ڇڻي

گهلي ته روشن رات ٿئي

جهل ڪفر جي مات ٿئي

سچ پچ هن جا سهسين روپ

هڪڙي نانءُ جا روپ انيڪ

هلي ته هرسو ڇانءَ ٿي

جهرمر ٿي پئي نيل گگن

گهري ته شاعر ڏس هن کان

جهول ڀريندئين موتين سان

سچ پچ هن جا سهسين روپ

هڪڙي نانءَ جا روپ انيڪ

(بيشڪريه: ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد سنڌ.)

شاعري جو ڀاڱو

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

غزل

عوام الناس جي ذهنن ۾ اڄ آشفتگي آهي،

فقط آشفتگي ناهي، مگر افسردگي آهي.

بحمدلله ارادن وٽ وڏي ئي پختگي آهي،

اڃا تائين اسان جي همتن ۾ زندگي آهي.

هوخوشين جا زمانا ڪٿ،مسرت آهه ناپيدا،

ڪٿي وارستگي، ليڪن هتي وارفتگي آهي.

وڌي مهنگائي وئي بيحد ٻڌڻ وارو به ڪو ڪونهي،

مل اونر توڙي واپارن ۾ هردم رهزني آهي.

شب تاريڪ رهه باريڪ منزل دور من تنها

پري کان ٿو ڏسان اميد جي ڪجهه روشني آهي.

فضا ساڪت ٿيڻ، طوفان جا آثار ئي آهن،

زبان عام تي اڄ خوف جهڙي خامشي آهي.

هلي ٿو هرڪو هڪ ٻئي سان ملائي دوش اي يارو،

اسان جي هر ڪنهين صف ۾ وڏي سائستگي آهي.

تڪڙ ڪم آهه شيطاني، تڪڙ ڪم آهه شيطاني،

عوامي عسڪري فردن اندر آهستگي آهي.

نه ٿڪباسون ڪڏهن يارو وڃي منزل تي پڄنداسون،

اسان جي حوصلن عزمن ۾ هڪ برجستگي آهي.

حقوق الناس آهن ضبط، هر ڪو آهه اڄ بيدل،

اڄوڪي دور ۾ هر جا اهائي گندگي آهي.

ڏسون ٿا جنهن به آمر کي هڻي ٿو دم خدائي جو،

اڃا پڻ ڪنهن ضرورت جي انهن ۾ تشنگي آهي.

اهو ڪم ڪهڙو چئبو جو نه ٿيندو ”طالب الموليٰ“

اگر انسان ۾ هر مهل تي مردانگي آهي.

غزل

پوري ٿي منهنجي دل جي تمنا زه نصيب،

ٿئو منهنجو شان آهه دوبالا زه نصيب.

 

دلبر ٻڌايو وعدم فردا زم نصيب،

قلبي زبان سان مون چيو فبها زه نصيب.

 

افطار وقت ڳيت ئي هڪڙي سان پي ويس،

ساقي کنيو جو نرگس شهلا زه نصيب.

 

پير مغان پري کان جو مون ڏي نگهه ڪئي،

ٿي ويئي منهنجي حل معما زه نصيب.

 

مفتي چيو ته دانا جي لئه مي حرام ناهي.

هن عالي مرتبت ڏني فتويٰ زه نصيب،

 

مون وٽ چراغان اڄ شب يلدا ۾ ٿي ويو،

آيو صحن تي رشڪ ثريا زه نصيب.

 

مون تي هماي بخت جو سايو وري پيو،

تنهنجا هزار شڪر خدايا زه نصيب.

 

نوري نگاهه ساڻ نوازياءِ اڄ وري

خوش باش خوب طالب مولا زه نصيب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com