سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :5

بر دوسنڌي

گيت

سڏي ديد مٺيءَ جو خير ته ڏي،

نٿو پيار پڄئي، ڇڏي وير ته ڏي.

منهنجا حال هجر ۾ هيڻا ٿيا،

وڌي ويڻن جا ڦٽ ٻيڻا ٿيا،

جي تو وٽ تن جي آهه دوا،

پوءِ ڇاجي دير! سوير ته ڏي.

هت سانوڻ ڳوڙها هاري ويو،

۽ ڪانگو سار اٿاري ويو،

آ مند ملڻ جي، اچ موٽي،

اچي يار پلنگ تي پير ته ڏي.

مان آيس هٿ ڪشڪول کڻي،

ٿڪو آهيان تو در، سئن هڻي،

جي پنج ڪڻي، ٿو پاڻ نه ڏين،

ڀلا، تنهنجي دران ٻيو ڪير ته ڏي.

دڳ پنڌ ڪڏهن جي قسمت سان،

اچي يار لنگهين منهنجي وانڍ وٽان،

ڪري لائق لک منهنجي لانڍ لڙي،

ڪو ڀيرو وير اوير ته ڏي.

جو ڏيندين ساهه ۾ سانڍيندس،

چمي ”بردا“ نيڻين لائيندس،

جي ڪين ٿو ڏين، اخلاص نه ڏي،

ڪڍي من جو غير ۽ مير ته ڏي.

شيخ عبدالحليم ”جوش“

غزل

وري وري ٿو چوان دوستن جي ڳالهه ڪريو،

رکي رکي ٿا اوهين دشمنن جي ڳالهه ڪريو

ڏکن جي پويان ٻڌون ٿا سکن جو دور ايندو،

سکن جي آس رکي ڪا ڏکن جي ڳالهه ڪريو

بتن جي ڳالهه ٻڌان ٿو خدا ٿو ياد پوي،

خدا جي واسطي مون سان بتن جي ڳالهه ڪريو.

اڳي ته سيج هئي سوري مشاهدو هو مرڻ،

ڊڄي ٿا هاڻ ڇو دارو رسن جي ڳالهه ڪريو.

جتي ڏيئي به جلائڻ تي آهي پابندي،

ڪري سگهو ته انهي انجمن جي ڳالهه ڪريو.

اوهان کي رنگ ۽ خوشبو جو قدر ئي ڪونهي،

چڀن جي خار ته پوءِ ٿا گلن جي ڳالهه ڪريو.

وطن ۾ جيڪي وطن لاءِ پيا سڪن يارو،

ڪڏهن ڪڏهن ته انهن غمزدن جي ڳالهه ڪريو.

بهار ۾ ته گلستان وڃڻ به ٿيندو آهه،

خزان جي دور ۾ مون سان چمن جي ڳالهه ڪريو.

اياز، ساز ۽ مجروح، راز ۽ تنوير،*

ڪڏهن ته ”جوش“ سان ارباب فن جي ڳالهه ڪريو.

نواز علي ”شوق“

گيت

آءُ هلي او ساجن سائين،

آءُ هلي او ساجن سائين.

راحت ۽ رنگيني هر سو،

مٺڙي مٺڙي خوشبو خوشبو،

مکڙيون ٿيون سڀ مهڪن سائين.

پياري پياري آ چانڊوڪي،

روشن روشن ٿي وئي ڌرتي،

تارا خوش ٿي ٽمڪن سائين.

ٿڌڙيون مٺڙيون خوب هوائون،

من کي موهن مست فضائون،

آشائون ٿيون سهڪن سائين.

محمد علي ”جوهر“

·        

محبت ۾ نه هوندو ڪو ٻيو مجبور مان جهڙو،

ڏئي دلدار کي دلڙي نه سهندو سور مان جهڙو.

اشاري يار جي تي مون لڳائي جان جي بازي،

زماني کي ڪٿي ملندو ٻيو منصور مان جهڙو.

ملي آ عشق ۾ پاکر، ڪيم حاصل ڪمال اهڙو.

هوندو مجنون ويچارو وڌ ۾ وڌ مشهور مان جهڙو.

وڃائي هوش ۽ هستي، مٽائي موج ۽ مستي،

ره الفت ۾ کائي ٺوڪرون مغرور مان جهڙو.

حوادث جي تسلسل کان شڪسته پر ٻيو ڪونهي،

شڪسته دل، شڪسته جسم چڪناچور مان جهڙو.

نصيبن جو کٽُل، قسمت ڦٽل شايد هجي ڪوئي،

ڦٽيل دل جو، ڏڌل ڏک کان، سراپا سور مان جهڙو.

وفا جو مون وڌو ”جوهر“ ڏکيو ڏاڍو رواج آهي،

نباهي عشق جو سگهندو نه ڪو دستور مان جهڙو.

احمد خان آصف مصراڻي

رات هڪڙي جي رهين مون وٽ، رهاڻيون ٿي وڃن،

ڪجهه رسڻ، پرچڻ ۽ قربن جون ڪهاڻيون ٿي وڃن.

درد دوريءَ جي ۽ مهجوري جي ماري مات ڪيو،

پر اچين: سورن ۽ پورن جون پچاڻيون ٿي وڃن.

اي لکي! لائق ڪري جيڪر ڌرين دست ڪرم،

جن ڇنو ناهي ڇپر، سي گهر ڌياڻيون ٿي وڃن.

مرڪ سان مهميز سان ۽ خلق سان جن سان کلين،

وانڍيون، وڻوانديون، راڄن جون راڻيون ٿي وڃن.

هٺ ڀريون ڪيئي حسينائون نه تو وٽ پيون قبول،

تنهنجي در مقبول ناقص ۽ نماڻيون ٿي وڃن.

در حقيقت دل ڏئي ”آصف“ جي ديوانيون ٿيون،

عشق ۾ اڳتي هلي آخر سياڻيون ٿي وڃن.

”وفا“ ناٿن شاهي

تنهنجو نسخو به اجايو ٿي ويو،

سور اڳي کان به سوايو ٿي ويو.

سنگدل سج ڇڏي ها ساڙي،

تنهنجي احساس جو سايو ٿي ويو.

مون کي دنيا سان ملڻ کان ٿو جهلين،

جيڪڏهن تنهنجو به رايو ٿي ويو.

مستقل طور تي پنهنجو ٿي ويو،

عمر جو صبر سجايو ٿي ويو.

ساري دنيا سان ٺهڻ مشڪل هو،

ڪوئي پنهنجو، ڪو پرايو ٿي ويو.

آءٌ ڀي رند بلا نوش آهيان،

ڪنهن سوائيءَ سان سوايو ٿي ويو.

سچ جا ٻول ٻڌائيندي ”وفا“،

دؤر حاضر جو وتايو ٿي ويو.

”آثم“ ناٿن شاهي

غزل

فقيه شهر کي شب روز ڇو سلام ڪيون؟

اچو ته عقل کي پنهنجو اسان امام ڪيون.

ٻڌون ته حق ٻڌون ۽ چئون ته حق چئون،

پيام حضرت منصور اڄ به عام ڪيون.

جهڪون نه مرده ضميرن اڳيان ڪڏهن هرگز،

ڪيون ته زنده ضميرن جو احترام ڪيون.

خيال ڪرسي ومسند کي دل منجهان لوڌي،

دلين ۾ پاڻ لئه پيدا ڪوئي مقام ڪيون.

رهي نه ڪوئي بکيو ۽ اڃو زماني ۾،

حصول رزق جو اهڙو ڪو انتظام ڪيون.

کسيو آچين ۽ آرام جن آبوجهن کان،

قسم کڻو ته سندن ننڊ ڀي حرام ڪيون

چپن تي چن ۽ لڳي آ زبان تارونءَ سان،

هلو ته قطره باران جو اهتمام ڪيون.

بصد خلوص و عقيدت اٿي ته اي ”آثم“

حضور حسن هلي سجده وقيام ڪيون.

نور ”شاهين“

ماهيا

ڇو ياد وري آئي،

هر طرف سڄڻ آهي ڇو غم جي گهٽا ڇائي،

ڇو ياد وري آئي.

سڀ ساري ملاقاتيون،

گهاريون مون رڙي راتيون آرام نه ٿم پائي.

ڇو ياد وري آئي.

تو عمر سندم کاري،

پر ڪين زبان پاري ويئن ڪوڙا قسم کائي،

ڇو ياد وري آئي.

”شاهين“ نه ڄاپان ها،

دک درد نه کان ها روئي ها مون کي دائي،

ڇو ياد وري آئي.

عبدالقوم ”صائب“

رباعيون

(1)

هي دؤر مفادن جو ڪو دؤر آهي،

جيڪو به لڳو ان کي سو ڄؤر آهي،

رت چوسڻ جي سڀڪو ڪوشش ٿو ڪري

يارن جو هتي يار عجب طور آهي.

(2)

مخلص به ٿيڻ آهي بيڪار جتي،

اخلاص کان هر ڪو هو بيزار جتي،

ان مجلس کان منهن موڙڻ بهتر هو

هڪڙو نه ٻئي جو هو آڌار جتي.

(3)

ڪاڻي کي ڪاڻو منهن تي چئجي،

راڻي کي راڻو منهن تي چئجي،

ڏاهو جو اياڻپ ئي اياڻپ آهي

تنهن کي ته اياڻو منهن تي چئجي.

 

(4)

ڪوڙن جو ڪوڙو آهي ناماچار،

۽ ڪوڙ ڪپت سارو آهن لاچار،

ڪوڙن تي هو مڙس ٿيو ٿا بيهن

ان جو ئي کٽيو کايو ڪن ٿا واپار.

(5)

تاريخ به ڪوڙي هو ٺاهي ٿا وٺن.

ڪم ڪو به هنن لاءِ رهيو ناهه ڪٺن،

پنهنجي ئي سٺي تي جي سڀڪجهه ڪن ٿا

تن کي موڙيو آهي پنهنجي ئي سٺن.

”محبوب“ سروري

اسان کي دلپسند دلبر مليو موليٰ جا شڪرانا،

مليو! بهتر کان پڻ بهتر مليو موليٰ جا شڪرانا!

ڀرم جو ڀر فقط برسر مليو، موليٰ جا شڪرانا،

چڱو ٿيو! جو نه سيم و زر مليو، موليٰ جا شڪرانا.

اسان ڪنهن ٻئي جي آڏو ڪين هرگز هٿ پکيڙيو آ،

سوالين کڱي سخي سرور مليو، موليٰ جا شڪرانا.

اگهن عاجز اٻوجهن وٽ ڪرم پنهنجا ڪري آيو،

۽ هيڻن کي حج اڪبر مليو، موليٰ جا شڪرانا.

اسين ڪنهن خان خانان جي نه هرگز ڪاڻ ڪڍنداسين،

آڙين آڌر، ولهين واهر مليو، موليٰ جا شڪرانا.

انهيءَ تي آس اڙين جي، انهيءَ تي ننگ نماڻن جو،

ڏکوين ڏڍ، پرين پرور مليو، موليٰ جا شڪرانا.

اسان جو عشق غيرتمند، در در ڪينڪي ڀٽڪيو،

فقط هڪ دلربا جو در مليو، موليٰ جا شڪرانا.

اسان منت ڪش باغ عدن هرگز نه رهنداسين،

جو ريگستان مان رهبر مليو، موليٰ جا شڪرانا.

خدا جي خلق ساريءَ ۾ نه آهي جوڙ جانيءَ جو،

ڀلن کان پڻ ڀلو برتر مليو، موليٰ جا شڪرانا.

اسان جي جان، اسان جي مال، اسان جي ساهه جو سائين،

اسان جي سر جو سوداگر مليو، موليٰ جا شڪرانا.

ديار يار ۾ جي گهر ملي ها، خوب ٿئي ها، پر،

سڳوري سنڌ ۾ ئي گهر مليو موليٰ جا شڪرانا.

چکائي ”سروري“ سرڪي ڪيو محبوب متوالو،

هٿن سهڻن سان اڄ ساغر مليو، موليٰ جا شڪرانا.

نشتر ناٿن شاهي

غزل

ساز محفل اندر خوب وڄندارهيا.

مست مڙندا رهيا، نانگا نچندا رهيا.

ڪي صراحي کئون ۽ ڪي نظرن کئون،

هي به پيئندا رهيا، هو به پيئندا رهيا.

ساقي مرڪي ڏنو، لال ڪرندا رهيا،

خير ملندا رهيا، نيڻ و‎ٺندا رهيا.

گل پيو آ ٽڙي، خوشبو پکڙي پئي،

ڀونئر مڙندا رهيا، واس وٺندا رهيا.

جام آڻي ڏنئين، منهن تي پردو ڌري،

چپ پيئندا رهيا، نيڻ سڪندا رهيا.

زهر قاتل کڻي آڻي ساقي ڏنو،

ڪي نٽائي ڀڳا ۽ ڪي پيئندا رهيا.

جام نظرن کئون ساقي جيئن جو ڏنو،

ڪي سنڀالي اٿيا ۽ ڪي ٿڙندا رهيا.

منهن تان پردو کڄيو، جام ڀرجڻ لڳو،

ساقي ڏيندو رهيو، رند پيئندا رهيا.

دل جي ڌرتي مٿان ڀرجي بادل آيا،

اشڪ گڏبا رهيا، نيڻ وسندا رهيا.

اک، اک سان ملي‏، دل جي ڌڙڪن وڌي،

سور نشتر وڌيا، لطف ڏيندا رهيا.

سليم سرهندي

غزل

توکي سينگاري وهاريان دل ۾ ۽ سجدا ڪريان،

شل انهن سجدن ۾ ئي پورا پسهه پنهنجا ڪريان.

گهور سان گهائي هليو وئين هاڻي ويٺو رات ڏينهن،

دل جا ٽڪرا جوڙيان، جوڙيو وري ٽڪرا ڪريان.

ڏوهه ڇا دل کي ڏيان توتي رکان ڪهڙي ميار،

عشق آبڇڙي بلا، تون ڇا ڪرين آئون ڇا ڪريان؟

ناز سان مرڪي نشيلا نيڻ راڻا کڻ ته آءٌ،

ناچ دنيا کي نچايان غرق ميخانا ڪريان.

داور محشر اڳيان آڻي بيهاريان توکي پوءِ،

حشر جي ميدان ۾ هڪ حشر ٻيو برپا ڪريان.

ڇانو ۾ زلفن جي ڳائي گيت تنهنجي حسن جا،

جر جلو ملڪن ۾ ۽ حورن ۾ هنگاما ڪريان.

مست نيڻن کي مچائي ايترو ڇلڪائيان،

غرق ٿيان ۽ پاڻ سان گڏ غرق هي دنيا ڪريان.

داغ جا مهڪائي گل ۽ ٻاري لڙڪن جا ڏيئا،

دل کي ڏئي دوکا سندءِ هر رات اوسيئڙا ڪريان.

انڊ لٺ اڀ مان پٽي، مکڙيون بهارن مان لٽي،

آپرين وک وک تي تنهنجي دل سان گڏ ورکا ڪريان.

توکي پوڄي يا حسينن جي ڪري ٻانهپ سليم؟

هڪ جڏي جيءَ سان بلا ڇا ڇا خداوندا ڪريان؟

محمد خان مجيدي

نظم

ملوڪن جو ميڙو

 (1)

هن شهر ۾ هو پاپ جو دستور پراڻو،

سيوهڻ ۾ هتي ماس ٿي ماڻهن جو وڪاڻو،

هو ڪونه جياپي جو هتي ساٿ سٽاڻو،

هو راڄ جي راڻن جو هتي ارٿ اڏاڻو،

هت موت جو مهمان هو باغين جو گهراڻو،

جي لال هجي ها نه هتي تنهنجو ٺڪاڻو،

هت ڪير رهي ها ۽ هتي ڪير اچي ها،

ميڙوهي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

(2)

توحيد جو پرچار هتي ڪير ڪري ها،

شهباز جو ڪردار هتي ڪير ڪري ها،

پاڻي مان ڏڌو ڌار هتي ڪير ڪري ها،

شيطان کي فروار هتي ڪير ڪري ها،

مستن سان پڪو پيار هتي ڪير ڪري ها،

سيوهڻ کي سگهادار هتي ڪير ڪري ها،

جي تون نه هجين ها ته نڪو رنگ رچي ها،

ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها،

(3)

جي تون نه هجين ها ته هتي ڪنگ رڙن ها،

سانگين جا سٺا سانگ سمر سنگ سڙن ها،

ڳڀرن جا ڳڀي ڪاڻ ڳٽا ڳاٽ ڳڙن ها،

لٽ مار ڏسي لاک رتا لڙڪ لڙن ها،

 ويرين جي هٿان وير مرن، وير پڙن ها،

هر چونڪ مٿي ساڌ سوين چوت چڙهن ها،

هي پاپ ڏسي توکان سوا ڪير پڇي ها،

ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

(4)

جي تون نه هجين ها ته رڳو روه هجي ها،

پارس نه هجي ها ته رڳو لوه هجي ها،

هت قوم سموري سان وڏو ڊوه هجي ها،

ڏٻرن جي مٿان ڏاڍ ڏمر ڏوه هجي ها،

پاڇي ۾ گهڻو پاپ ۽ پٽ کوه هجي ها،

ميخوار نه مستان نڪو موه هجي ها،

نانگا نه جن ها ۽ نڪو نينهن نچي ها،

ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

(5)

هن شهر جي لٽجڻ جا بنيا هاءِ بهانا،

دارا ۽ سڪندر به لٽي ٿي ويا روانا،

ارغون ۽ ترخان جا گذري ويا زمانا،

ڪنهن من ۾ رهيا ياد نه مغلن جا فسانا،

سڀ خان کڻي پاڻ سان ويا مال خزانا،

رهندا ته فقط لال جا هت ناد نشانا،

جي لال هجين ها نه هتي ڪجهه نه بچي ها،

ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

(6)

راجا به ستو ننڊ ۾، هئي ننڊ ۾ راڻي،

هو ماٺ صفا ماٺ ۾ مهراڻ جو پاڻي،

پاڻي جي حوالي ٿي نذر نيڪ نياڻي،

ٿي دين جي نالي ۾ هتي پاپ پڄاڻي،

ٿي ماءُ رني ڪين پني آس اجهاڻي،

چرٻت جي اڃا آهه چٽي لوڪ ڪهاڻي،

جي تون نه هجين ها هت هچاري نه هچي ها،

ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

(7)

جي تون نه هجين ها ته نڪي ڀيد ڀرن ها،

جي تون نه هجين ها ته نڪي چنگ چرن ها،

جي تون نه هجين ها ته نڪي ساز سرن ها،

جي تون نه هجين ها ته نڪي ٻول ٻرن ها،

جي تون نه هجين ها ته نڪي هوت هرن ها،

جي تون نه هجين ها ته نڪي جهنڊ جهرن ها،

جي تون نه هجين ها ته رڳو ڪاچ ڪچي ها،

ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

(8)

ڏاڍن کي هو مسڪين جي ڦرمار جو ٺيڪو،

لوڪن هو لنگهيو دين ديا لڄ جو ليڪو،

هو ڪو نه رهيو هوش حيا سوچ سليقو،

هو ڪو نه ڪو ڪنهن ريت هتي ڌڻ ڌڻيڪو،

 شهزور جو ڪمزور تي هو شور ۽ شيڪو،

تو لال اچڻ ساڻ ڏنو طور طريقو،

نه ته خون هتي باه جي ٽانڊن تي ٽچي ها،

ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

(9)

جي تون نه هجين ها ته هي ميلو نه جي ها،

ٻيڙي نه هجي ها ۽ بتيلو نه هجي ها،

هي مال مٺو انب ۽ ڪيلو  نه هجي ها،

گر پير مهامير ۽ چيلو نه هجي ها،

پوڙهي سان ڪٺو پٽ پٽيلو نه هجي ها،

رنگين فضا روح جو ريلو نه هجي ها،

سوچن ۾ صداقت ۽ سچائي نه سچي ها،

ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها،

(10)

هن پنڌ خطرناڪ ۾ پانڌي نه پهيو هو،

چورن ٿي لٽيا ڳوٺ ڪو ڪتو نه بهيو هو،

ڏاهو به چريو هو ته هتي ڏڏ ڏهيو هو،

باهن جي بلي ڪاٺ ڪلو ڪانهن ڪهيو هو،

هت ڇا نه ٺهيو ڇا نه ڊهيو ڇا نه رهيو هو،

بگهڙن کي ڏسي خوف وچان وڳ ٽهيو هو،

جي تون نه هجين ها ته نڪو گرگ گچي ها،

ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

(11)

اڳ ۾ جي اسان شهر جي عظمت تي لکون ها،

هن شهر جي ماڻهن جي شرافت تي لکون ها.

راڻن ۽ رهاڪن جي رفاقت تي لکون ها،

مخدوم بلاول جي شهادت تي لکون ها،

هر دور جي تڪليف ۽ آفت تي لکون ها،

تاريخ تمدن ۽ ثقافت تي لکون ها،

اڄ ڪين منجهون ها نه وجهون ڏيهه ڏچي ها،

ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

احمد خان ”مدهوش“

هن ملڪ جي مٽي

هن ملڪ جي مٽي جي سلامي ٿا ڀريون، جو،

هن ملڪ جي مٽي ۾ ستل آهه قلندر.

هن ملڪ جي مٽي کي اسان اوچو ٿا سمجهون،

جو اوچو علم تنهنجو کتل آهه قلندر.

هن ملڪ جي مٽي جو وظيفو به مقدس،

جو، قلب به مٽي سان ڳتل آهه قلندر.

هن ملڪ جي مٽي لئه مرون ٿا ۽ جيئون ٿا،

جو روح به مٽي سان رنل آهه قلندر.

هن ملڪ جي مٽي ۾ اٿل وارو آهي گڻ،

جو، هن جي ندي ۾ به اٿل آهه قلندر.

هن ملڪ جي مٽي کي گران قدر ٿا سمجهون،

جو هن جي توازن ۾ اٽل آهه قلندر.

هن ملڪ جي مٽي کي جيڪو نيچ ٿو سمجهي،

سو عقل جو انسان گٿل آهه قلندر.

هن ملڪ جو هر شخص سر صبح سر شام،

مٽي جي محبت ۾ رڌل آهه قلندر.

هن ملڪ جي سوچن جو آ پرواز مٿاهون.

جو هن جي سهي سوچ، ڇٽل آهه قلندر.

هن ملڪ جي مٽي جون لڄون رهنديون سلامت،

جو هن ۾ حيا وارو ٻڪل آهه قلندر.

هن ملڪ جي مٽي نه جهڪي آهه نه جهڪندي،

جو هن جي غودي ٺوٺ سڪل آهه قلندر.

هن ملڪ جي مٽي تي اچي رقص ڪري ٿو،

جو قرب ۾ ”مدهوش“ ڪٺل آهه قلندر.

ميووخان موج لغاري

غزل

سنسار ۾ آهي به ڇا؟

اچ مٺا، محبوب مل، انڪار ۾ آهي به ڇا!

دل جا دلبر دلربا ديدار ۾ آهي به ڇا!

هونئن ته هن ديدار جو مل آهه ساري ڪائنات،

هن جي قيمت، جڳ جي ڪاروبار ۾ آهي به ڇا!

دل جا دلبر ديد تنهنجي منهنجو من مستان ڪيو،

تون ئي دلبر تو سوا سنسار ۾ آهي به ڇا!

تنهنجي ناوڪ نينهن جي ناچيز کي نيشان ڪيو،

ڪم ته ابروئي ڪيو، تلوار ۾ آهي به ڇا!

ٿي چڪو تنهنجو فدائي تنهجي فرقت ۾ فنا،

ڏس اچي حالت، نٻل نادار ۾ آهي به ڇا!

آءُ عاشق جي عيادت لئي ڀريڪي چار پير،

ڏس بدن ۾ ساهه، ٻيو بيمار ۾ آهي به ڇا!

منهنجي مسڪيني ٿي نظري عيب توکي اي عجيب،

منهنجي الفت ۾ وفا، زردار ۾ آهي به ڇا!

بي بقا آهي برابر لوڀ لالچ جو لحاظ،

قرب ڏيئي قرب وٺ، ڪلدار ۾ آهي به ڇا!

بيوفا ۾ ڪٿ وفاداري جو ڪوئي اير ڀير،

هن فسادي فتنتي فنڪار ۾ آهي به ڇا!

راڳ سان جي روح اٿيئي تار ڳنڍ ڪلتار سان،

سور تند ستار جي يڪتار ۾ آهي به ڇا!

منهنجو اوڻايون نه ڏس ۽ منهنجي عيبن کي نه جاچ،

ڪچ ڪچايون منهنجون ڪل، اپٽار ۾ آهي به ڇا!

ڪجهه ته منهنجو آه وزاريون ۽ الهون ڪر قبول،

هن تجاهل عارفانه، عار ۾ آهي به ڇا!

مه لقا موقع ملڻ جو آهه موليٰ ڪيو نصيب،

ويهه ويهي وره ونڊ! ٻڏتار ۾ آهي به ڇا!

ڳالهه جي ڳڻ ڳوپ ڇڏ، ڳالهين ۾ ڳهيل کي نه ڳار،

پير جي چوڏهين، جمع، سومار ۾ آهي به ڇا!

تون رقيب روسيه جي سينڌ سرمي کي نه ڏس،

”سونهن سيرت جي کپي، سينگار ۾ آهي به ڇا!

هل ته باغن ۾ بهارين منجهه ٻئي گڏجي گهمون،

”موج“ آ گلزار ۾، ٻئي پار ۾ آهي به ڇا!

ميرزا عباس علي بيگ

غزل

اثر اهڙو هو بلبل جي زبان ۾،

ويو هر رنگ چِٽجي گلستان ۾.

چُڀن ٿا اڄ نگاهِ باغبان ۾،

ٻه ٽي ڪک پن ڏسي هن آشيان ۾.

عبث هي عمر ٿي عشقِ بتان ۾،

نه آهي پنهنجو ڪو محرم جهان ۾.

ڏسڻ گل جو وڃي بلبل کي وسري،

اچي گُلرو جي منهنجو، بوستان ۾.

ڏهاڙي نزع جو عالم هو مون تي،

گذاري عمر مون ائين امتحان ۾.

مزي سان درد جو دل ۾ اٿيو هو،

اُهو ظاهر ٿيو منهنجي فغان ۾.

رُخ پُرنور تي جاڙا هي ابرو،

ڪشيل ڄڻ تير آهن سي ڪمان ۾.

لڳن ٿا آه منهنجي جا اُلا هي،

نه تارا جَڙيل آهن آسمان ۾.

هو سمجهي پارسا مون کي ٿو يارو،

شمار آهي سندم اهلِ جنان ۾.

غزل ”عباس“ جو ٻڌندي چيائين،

رواني خوب ٿي تيغ زبان ۾.

”معمور“ يوسفاڻي

غزل

حاصل ڪرڻ گهران ٿو مان اهڙي حساب کي،

ڏسندو رهان سدائين رخ ماهتاب کي.

شڪوا، شڪايتون ۽ ميارون مري ويون،

پوروڪيو مون جڏهن وفا جي حساب کي.

پروانه مون کي آهه زماني جي ڏاڍ جي،

آيس ڇڏي مان پوئتي سک ۽ عذاب کي.

خطرو گرهه لڳڻ جو رهي جنهن کي ٿو سدا،

سوچنڊ ڪيئن ٿو پهچي سڄڻ جي شباب کي.

دنيا سڄي جهڪي ٿي سڄڻ يار جي اڳيان،

چئلينج ڪيئن ڪري ڪو سندم انتخاب کي.

”معمور“ هٿ ٻڌي ۽ جهڪي احترام سان،

منهنجا سلام چئج تون عالي جناب کي.


*  ڊاڪٽر اياز قادري، محمد حسن ساز، علي محمد مجروح، مرحوم عبدالرزاق راز ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com