20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي نامو

باب: --

صفحو :10

(2) پير مراد شيرازي

نالو محمد حسين، عرف پير مراده سندس تولد 831هه ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو سيد احمد هو، جيڪو 757هه ۾ شيراز منجهه ڄائو، ۽ پنهنجي والد سيد محمد المعرف به  ميران محمد سان گڏ 787هه ۾ شيراز علي سنڌ ۾ پهتو (تحفته الڪرام ۾ آمد جو سال 786هه) ڏنو ويو آهي. جيڪو،بسم الله الرحمان الرحيم، مان نڪري ٿو) سيد صاحب جو شجرو”معارف الانوار“ (تصنيف محمد صالح ولد ملا ذڪريا ٺٽوي 1140هه) ۾ هن طرح ڏنل آهي:

سيد محمد حسين (تولد 831هه) بن سيد احمد  (تولد شيراز 757هه، وفات 845هه) بن سيد محمد الحسيني شيرازي ثم سنڌي(وفات 10 محرم 800هه) بن سيد محمود(1) (وفات 752هه مدفن شيراز عمر 45) بن سيد محمد (وفات 714هه، مدفن شيراز- عمر 40) بن شاهه محمود(وفات 694هه مدفن شيراز-عمر 56) بن سيد ابراهيم (وفات 0645هه- مدفن شيراز – عمر 55) بن سيد قاسم (وفات 620هه-مدفن شيراز-36) بن سيد زيد (2) وفات 609هه) مدفن مڪه-عمر 34) بن سيد جعفر (وفات 595هه مدفن مڪه عمر 61) بن شاهه حمزه وفات 549هه – مدفن ڪربلا-عمر 42) بن شاهه هارون (وفات 522هه- مدفن ڪربلا عمر 42) بن سيد عقيل ثاني (وفات 512هه – مدفن ڪربلا – عمر 40) بن سيد جعفر برهان الله (وفات 4962هه – مدفن سامره عمر60) بن سيد اسماعيل (وفات 439- مدفن سامره-عمر 79)

پير محمد حسين شيرازيءَ جو ڏاڏو سيد محمد، سلطان ميارزالدين(3) بن مظفرالدين جي زماني (713- 759هه) ۾ (؟) شيراز کان سنڌ طرف روانو ٿيو. سيد صاحب سان گڌ حضرت حافظ شيرازي به گڏجي قنڌار تائين آيو، ليڪن،  اتان سيد صاحب کيس واپس واري ڇڏيو، سيد صاحب قنڌار کان سيوهڻ آيو، حضرت قلندر شهباز جي زيارت ڪري، سيد پور(مراد اوٺي پرڳڻي منڇر) ۾ آيو. ڄام صلاح الدين بن ڄام تماچي بن ڄام انڙ، انهيءَ زماني ۾ سنڌ جو بادشاهه هو، شيخ ريحان جهنگليءَ جي پٽ شيخ محمد، سيد صاحب جي زيارت ڪئي. 

سيدپور مان ساموئيءَ ۾ آيو، ان وقت شيخ عيسيٰ برهانپوريءَ جو مدرسو متل هو، قاضي نعمت الله ٺٽوي پنهنجي فرزند سميت اتي موجود هو، جن سان سيد صاحب رهاڻيون ڪيون، قاضي نعمت الله پنهنجي نياڻي بي بي فاطمه جو سنڱ (790هه) سيد صاحب جي پٽ سيد احمد(4) کي ڏنو.

سيد صاحب ساموئيءَ  مان موٽي، سيدپور ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي 70 سالن جي جھمار ۾ 10 محرم 800هه  جو انتقال ڪيائين(5) سيد صاحب جي عمر سنڌ ۾ اچڻ وقت 59 سال هئي ۽ سندس پٽ سيد احمد جي  ڄمار 30 ورهيه هئي.

والد جي وفات بعد سيد احمد هڪ مهينو سيدپور ۾ رهي، ٺٽي هليو آيو، جتي مستقل بود و باش اختيار ڪيائين. ”فمن ڪان  ير جوا القاءَ ربه“ مان پنهنجي والد جو سال وفات ڪڍيائين، قاضي نعمت الله جي نياڻيءَ  بي بي فاطمه مان، سيد احمد کي هيٺيون اولاد ٿيو:

(1) سيد علي اول: تولد 795هه عمر 82 ورهيه وفات 30 صفر، روز جمع 877هه پهرين ربيع الاول جو کيس سندس والد جي پيرانديءَ کان اولاهين پاسي دفن ڪيو ويو. ”جنت و حرير“ سندس تاريخ آهي، پنهنجي ڀاءُ سيد پير مراد جو مريد ۽ پهريون خليفو ٿيو، کيس  ٻه پٽ ٿيا، پهريون سيد جلال (تولد837هه) ۽ ٻيو سيد جمال، سيد جمال پيءَ جي زندگيءَ ۾ وفات ڪئي، سيد جلال پنهنجي والد جي وفات بعد، پنهنجي چاچي پير مراد جو پيءُ جي جاءِ تي-ٻيو نمبرخليفو ٿيو، اها خلافت کيس چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ (877هه) ملي، تفسير حديث فقه ۽ ٻين سڀني علمن ۾ برک هو، سڄي ڄمار مذهبي درس ڏيندي بسر ڪيائين. 66 ورهين جي عمر ۾ 903هه ۾ فوت ٿيو. ”وجعلنا المتقين اماما“ سندس تاريخ آهي. والد جي پيرانديءَ کان، سيد محمد جعفر جي اولهه ۾، ساڻس متصل دفن ٿيو.

سيد صاحب کي هڪ پٽ ڄائو (889هه)، جنهن جو نالو سيدعلي ثاني (6) رکيو ويو، جيڪو پنهنجي دؤر جو ڪامل بزرگ ۽ صاحب علم و  فن ٿيو.  آداب المريدين، سندس تصنيف آهي. 93 ورهين جي ڄمار ۾ 981هه جو وفات ڪيائين. سيد عليءَ جو فرزند سيد جلال ثاني علم ۽ بزرگيءَ ۾، پيءُ کان به سرس ٿيو. مير معصوم جو قول آهي ته:

”سيد جلال الدين محمد، نيزبه زيور ورع و کمال آراسته، و قدم برجاده پدر بزرگوار نهاده،  و در جميع علوم، يگانه زمان و وخيد عصر و آوانبودند، بمتانت و لطافت ذهن بينظير، و در کمال مردمي و مروت-باوجود قلت ادراري کہ داشتند-زياده از پدر، مردم بهره مند مي شدند. تشرع سيد جلال زياده از پدرا ست.“

ص (216)

مرزا جانيءَ، مرزا صالح بن مرزا عيسيٰ ترخان جي نياڻيءَ جو سڱ سيد جلال کي ڏنو (7) مرزا جانيءَ جي دؤر ۾ 994هه جو اڪبر جي هڪ جرنيل صادق محمد خان، سيوهڻ تي حملو ڪيو، ان وقت مرزا جانيءَ انهن حالتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ هڪ وفد بادشاهه جي درٻار ۾ موڪليو، جنهن جو ليڊر سيد جلال کي ڪيو ويو، سندس هٿ بادشاهه ڏانهن تحفا تحائف موڪليا ويا ۽ سيد صاحب جي ذريعي صورتحال سمجهڻ بعد، بادشاهه سنڌ جي حالتن جي اصلاح ڪئي.(ترخان نامه

(2) سيد شريف: سيد احمد جو ٻيو پٽ، عمر 87 سال، تولد 800هه، وفات 887هه، ”انه کان مخلص“ وفات جي تاريخ، مرقد سيد علي اول سان متصل اولهه کان، والد جي پيرانديءَ ۾. تاج محمد ۽ سيد لطف الله سندس ٻه پٽ هئا.

(3) سيد جعفر: سيد احمد جو ٽيون فرزند، گجرات جي شهر نهر واله (انهلواڙيءَ) ۾ وڃي مقيم ٿيو(تحفته الڪرام ج 1، ص، 31 پنهنجي ڀاءُ پير مراد شيرازيءَ جي  انتقال کان چند سالن بعد، خانقاه جو ڪاروبار پنهنجي پٽ سيد احمد ثاني جي حوالي ڪري، ٺٽي روانو ٿيو، ٺٽي پهچي ڪو نه سگهيو، واٽ تي رڻ ۾ فوت ٿيو، جتان سندس لاش آڻي پير مراد جي مرزا سان لڳو لڳ، اولهه کان زير زانو دفن ڪيو ويو. سندس رحلت جو سال 899هه ”الوصال الله يو تيه من يشاءَ“ مان نڪري ٿو، هن بزرگ پاڻ ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد گجرات ۾ دين جي وڏي خدمت ئي. تحفت الڪرام جو مصنف، سندس فرزند سيد احمد لاءِ لکي ٿو ته: سيد احمد در گجرات بفراوان رشد زيته، در گاهش مرجع اهل الله واقع، از اولادش بسيار بزرگوار صاحب حالت و کرامت، آنجا بر خواستند

(30-2) مراته احمدي جي عبارت هن ريت آهي:

”سيد احمد بن سيد جعفر کہ، مرقد متبرکہ ايشان اندرون حصار شهر پناه، نزديک بدر وازه اسلوربه واقع است، سادات صحيح النسب شيراقزي اند.، جد بزرگوار ايشان سيد محمود، از شيراز انتقال فرموده بسند اقامت گرفتند، نبيره ايشان سيد جعفر، ازسند (تته) تشريف آورده مدتي چند اقامت داشته، فرزند دلبند خود، سيد احمد را کہ  دوازده سال عمر ايشان بود، جانشين خود ساخته به سند مراجعت نمودند. سيد مذکور باوجود علم ديگر، علم قرات بکمال رسانيده بودند.

سيد احمد جعفر راخوارق اعادات بسيار است و از اکابر نعمت  ها يافته ترک و تجريد و رزيده، و رياضت شاقه کشيده، هرشب در دو رکعت نماز يانزده جز  قرآن مجيد تلاوت مي نر مودند، و بنا بر زيادتي مشقت، از راهِ خشکي متوجهه حرمين شريفين زاد هم الله شرفا و تعظيما شده و در آنجا بعضي اوقات کہ طعام را دسترس نبود، بطريق خفيه بر برگ درختان اطفاع نابره جوع فرموده قناعت مينموده. و لباس فاخزه مي پو شيدند وا گر حکام وقت وظيفه مقرر مينمودند قبول نمي کر دند، هنگاميکہ همايون بادشاهه بگجرات مسلط گشت (942هه) اکثر علما و مشايخ العصر از احمد آباد بجاي ديگر انتقال فرمودند، مگر ايشان  با متوسلان خويش استقامت ورزيد، هر فردي رادو آثار غله از غيب مير سانيدند، و چهل سال خلوت اختيار فرموده، بجهت حج و عيدين، بيرون مي خراميدند، و صلواته مفروضه و موقوته راب جماعت در پيش حجره ادا ميکردند، واين در حالت صحو بود و در سکر و غلبه و شوق الٰهي، هيچکس بر احوال ايشان مطلع نمي شد، و دريک دفع تا دوازده سال برائي نماز جمعه و عيدين هم بر نيامدند، و آن واقعه بود کہ رانا سانگا حاکم چتور، احمد نگر را تاخته، چندي از بنات سادات ارا باسيري برده، به تعليم سرود و رقص سپرده بود، و ازين معني سيد احمد خلوت گزيدند، و نيت جزم نمودند کہ تا سلطان گجرات، ازو انتقام نکشد پا از خلوت بيرون نه نهند، چون سلطان بهادر چتو را فتح کرد، ايشان هم دران ساعت از خلوت بيرون آمدند، و يک دفعه سلطان محمود بيگره را در غير موسم حسب خواهش بموجب اظهار خادم خود، انبه بسيار عنايت کرده بودند، چنانچه بحضار دوانيه رسيد رحلت سيد درشانزدهم صفر سال نه صد و چهل و چهار روئي نمود (16 صفر 944 هه). (مرات احمدي ج 3 صه. 4  41 وترجمه ازابو ظفر ندوي ص 81- 82).

 

ساڳو مئولف لکي ٿو ته: گجرات جي بوهره قوم ۾ سني ۽ شيعه ٻه فرقه هوندا هوا، جيڪي هڪ ٻئي ۾ سڱابندي ڪندا هئا. ليڪن سيد جعفرشيرازيءَ اهو سلسلو منجهان بند ڪري ڇڏيو.

سيد احمد جو اولاد اڃا تائين بهروج ۾ رهي ٿو. هن وقت قاضي سيد محمد نورالدين حسين موجود آهي جنهن سان راقم المحروف جي خط و ڪتابت آهي. هن صاحب، سيد جعفر کان پوءِ جو سلسلو نسب پاڻ تاءِ هن ريت موڪليو آهي.

(26) سيد جعفر (27) سيد احمد جعفر (در روضه کلان احمد آباد مدفون) (28) سيد جلال محمد (مدفون در روضه کلان احمد آباد) (29) سيد رفيع الدين (30) سيد جلال محمد ثاني (31) سيد محمد شيرازي (32) سيد محمود شيرازي (33) سيد زين العابدين (وفات در سورت) (34) قاضي سيد احمد حسين عرف سيد ميان (هي بزرگ انهيءَ خاندان مان پهريون قاضي مقرر ٿيو ۽  نواب صاحب بهروچ جي خاندان مان شادي ٿيس). (35) قاضي سيد زين العابدين (36) قاضي سيد مرتضيٰ (37) سيد محمد صدر امين(38) قاضي سيد احمد حسين (39) قاضي سيد محمد نورالدين حسين(40) قاضي سيد احمد حسين. (41) قاضي سيد محمد نورالدين حسين عرف محمد احسن، (هي نسب نامه انهيءَ صاحب 29- 5-1962) جو موڪليو) انهيءَ آخري بزرگ وٽ تقريبن 600 سو قلمي ڪتاب خانداني وراثت ۾ آيل آهن، جن مان ڪيترا نسخه، خود انهيءَ خاندان مان ڪن جو هٿ اکرين لکيل ۽ تصنيف ٿيل آهن. مثلاً:

(1) منيته العارفين: مصنف سيد احمد بن رفيع الدين بن سيد جلال محمد بن سيد احمد جعفر شيرازي مکتوبه 1020هه.

(2) فتوحات احمد: تاليف سيد احمد رفيعي در مقامات  احمدي 25 اوراق).

(3) شجره مبارڪ: و منشور خلافت: مکتوبه سيد جلال بن سيد رفيع الدين بن سيد جلال محمد بن سيد احمد جعفر شيرازي (هي اصلي نسخو آهي).

(4) رساله عربي: تاليف سيد احمد بن رفيع بن سيد جلال محمد بن سيد احمد جعفر شيرازي.

(5) هالات خاندان: در فارسي(بخاري خاندان وٽان نقل ورتل)

(6) اوراق چند: (در وجهه تسميه لفظ انجوي) بخط سيد قاسم عرف بڙا ميان مرتبه سنه 1140هه).

(اهي چند ورق معارف الانوار تاليف مولوي محمد صالح ابن ملا ذکريا تتوي تان نقل ڪيل آهن.)

(7) مايته عامل(؟) بخط سيد جلال شيرازي.

(8) تذکره المراد: منقول 1244هه.

(9) نظم سراجي: بخط قاضي محمد نورالدين حسين معه ترجمه فارسي.

(10) شجره کامل: از اول قاضي سيد محمد نورالدين حسين.

(4-5) سيد احمد کي ٻه نياڻيون پڻ هيون، جن مان هڪ سنه 803هه ۾ ڄائي ۽ ٻيءَ جو تولد سنه 807هه ۾ ٿيو.

(6) سيد محمد حسين المعروف به پير مراد شيرازي: سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ننڍو هو. 831هه ۾ ڄائو، ”قره عينا“  مان اهو سال ڪڍيو ويو. اهو زمانو، ڄام فتح خان، بن ڄام اسڪندر جو هو(؟) سندس والده بي بي فاطمه جو انتقال 17 رمضان 836هه جو ٿيو ۽ سندس والد سيد احمد (1) محرم، 845هه  جو هي جهان ڇڏيو. ٻنهيءَ کي قاضين جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.(*)(+)

سيد محمد حسين، سنڌ جو ڪامل بزرگ ۽ ولي الله ٿيو. ”تحفته الڪرام“ جي مصنف لکيو آهي ته شيخ صدرالدين، حضرت ذڪريا ملتانيءَ جو ڏهٽو جڏهن ٺٽي آيو ۽ اچي ساڻس مليو، تڏهن کيس چيائين ته”مراد مشائخاني واز تو مراد ها حاصل شوند“ انهيءَ کان پوءِ سندس لقب پير مراد پئجي ويو.

سيد مراد، 25 سالن جي ڄمار  756هه جو عباسي قاضين، يعني پنهنجي ناناڻن مان شادي ڪئي ۽ کيس 49 ورهين جي عمر کان پوءِ هيٺيون اولاد ٿيو:

(1) سيد منصور: تولد 880هه، وفات 12 رجب جمع ڏينهن 968هه، ”عند عليک مقتدر“ مان تاريخ وفات برامد ٿئي ٿي، مرقد والد جي مزار سان گڏ اولهه طرف کان.

(2) سيد نعمت الله: تولد 883هه، وفات 902هه، عمر 23 سال، والد جي ڀر ۾ اولهائين پاسي کان دفن ٿيو.

(3) سيد حماد: تولد 884هه، وفات 916هه، عمر 32 ورهه، مدفن متصل مزار سيد نعمت الله، اولهه طرف،(*)

 

(4) نياڻي، بي بي فاطمہ: تولد  885هه.

سيد مراد 62ورهين جي ڄمار ۾ 893هه جو وصال ڪيو.  روايت آهي ته کيس مٿي جو سور ۽ تپ ٿيو، تاريخ وفات ۾ اختلاف آهي-1، ربيع الاول 2، ربيع الاول ۽ 8، ربيع الاول وفات جون تاريخون چيون وڃن ٿيون. صاحب ”معارف الانوار“ لکي ٿو ته صحيح روايت هيءَ آهي، ته: سندس انتقال 12 ربيع الاول 893هه جو، سومر ڏينهن ٽپهريءَ وقت ٿيو. ”ساجدا او خالصالله“ سندس تاريخ آهي. ڄام نظام الدين جنازي جي نماز پڙهه جائي. اها به روايت آهي ته سندس پٽ سيد منصورکي اهو شرف حاصل ٿيو. سيد صاحب کي پنهنجي والد سيد احمد جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو.(+)(o)

سيد صاحب جا مشهور خليفا هي هئا:

(1)          سيد علي اول، سيد صاحب جو وڏو ڀاءُ.

(2)         سيد جلال بن سيد علي اول.

(3)         شيخ البو: عمر 23 ورهيه، وفات 30 ذوالحج 858هه، تاريخ ”کان الله خالصا“ پير البي جو نالو مبارک هو ۽ ڄام نظام الدين جو ڄاٽو هو، جڏهن سيد صاحب هندن جي ٺڪاڻي تي مسجد صفه ٿي ٺهرائي، ان وقت صورتحال  جاچڻ آيو ۽ اتي ئي مريد ٿيو، سيد صاحب کيس اهو نالو ڏنو، جنهن جي معنيٰ آهي ”بي طمع“ .(معارف الانوار ص 157)

(4)         شيخ حاجي محمد حسين ”صفائي“: شيخ جي والده سيد صاحب جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي. شاهه حسن ارغون ٻه دفعا شيخ جي زيارت ڪرڻ جي خواهش ڪئي، ليڪن کيس اجازت ڪانه ڏنائين، پنهنجي پير جي سوانح ۾ ”تذڪره المراد“ (عربي) تاليف ڪيائين. 931هه ۾ فوت ٿيو.”خيرا، و ”ابقا“  سندس تاريخ آهي، پير مراد جي پيرانديءَ کان دفن ٿيو.

(5)          شيخ احمد ناهيو: مرشد جي زندگيءَ ۾ فوت ٿيو. سندس مزار شيخ البي سان گڏ اوڀر طرف کان آهي.

(6)    شيخ مالهو: اصل ڄام نندي جو ملازم هو.


(*)  آچر ڏينهن سج اڀري کان اڳ 12 ربيع الاول_ قطب الاقطاب سندس لقب هيو.

(+)  (و احمد خالص لله) مان سال نڪري ٿو.

(*)  اهي ٽئي بزرگ خدا جا پهتل ٻانها هوا، معارف الانوار ۾ سندن ذڪر موجود آهي.

(+)   863 عدد ٿين ٿا، جيڪڏهن تشديد کي نظر ۾ رکندي هڪ لام جو اضافو ڪبو ته 893هه سال نڪرندو.

(o)  سيد منصورجي عمر ان وقت  13 ورهيه هئي، تنهنڪري اها روايت غلط هجڻ کپي.

 سيد صاحب جو مريد ٿيو ۽ باقي ڄمار مرشد جي خدمت ۾ بسر ڪيائين، شيخ البي جي مزار سان گڏ اولهه کان دفن ٿيو.

(7)  شيخ نٿر: اصل هندو هو، مسجد صفه ٺاهڻ وقت مسلمان ٿي، مريد ٿيو، جنهن بعد سموري زندگي مرشد جي قدمن ۾ بسر ڪيائين، شيخ مالهي سان گڏ، اولهه کان دفن ٿيو.

(8)                       شيخ عيسيٰ لنگوٽي: پير مراد جي ڄمڻ واري ڏينهن سندس مريد ٿي ٽن ڏينهن بعد وفات 831هه) ڪيائين.

مڪليءَ تي ڄام نندي کان سراتر ميل پنڌ تي، پير مراد جو وسيع قبرستان آهي. سيد عليءَ جو مقبرو ساڳيءَ ايراضيءَ ۾ جدا، اوڀر طرف کان آهي، شيخ عيسيٰ لنگوٽي، سيد عليءَ جي قبي کان اتر ۾ مدفون آهي.

”حديقته الاوليا“ جي مصنف هيٺيون قصيدو سيد مراد جي شان ۾ لکيو آهي.

ملڪ سيرت آن پير سيد مراد

خجسته لقا و مبارڪ نهاد

فروزان چراغي ز  آل رسول

گلِ گلشنِ مرتضيٰ  و بتول

سرا پرده اي قرب حق منزلش

محل فيوضات غيبي دلش

سر حلقه عه جمع قدوسيان

شناساي اسرار روحانيان

انيس سراپرده وجد و حال

جليس، درِ بارگاهِ وصال

زخمخانه شوق سرمست بود

زخود نيست، باحق همه هست بود

غريق فرو رفته درياي عشق

حريق سرارِ تجلاي عشق

حقائق شناسِ مقامات بود

خداوند کشف و کرامات بود

بسي طالبان راز فيض نظر

شده، جانبِ وصلِ حق، راهبر

زهي آستانئش مسرت فزاي

زمرات دل، زنگِ غفلت زداي

فضاي سرايش فرح بخش روح

صفاي درشه، مايه عه صد فتوح

غبارِ مزارش چو کحلِ بصر

فزائندعه روشني، در نظر

ز ارباب حاجت هزاران هزار

رسد در مزارش به بليل ونهار

کشد هر کسي درخور اعتقاد

رآغوش وصلت عروس مراد

درِ آستائنش کہ بس دلکشا است

کليدِ کشائنده کارهاست

کسي گر بپاي درش سرنهد

گلِ کام دل رابسر برنهد

خدايا! براين خاک پاکِ مزار

سحابي زبارانِ رحمت، ببار

برين مستمند دل آواره اي

ز فيض عميمش رسان بهره اي

(ماخذ: معارف الانوار في بيان فضائل سيد الابرار وائمه اطهارو احوال قطب المختار از محمد صالح بن ملا ذڪريا، تصنيف 1140هه(ڪتاب ۾ جملي 12 باب آهن، جن مان 2 کان 12 تائين ۾ سيد صاحب جو حال آهي.)(2) تحفته الڪرام. (3) تهفته الطاهرين.(4) حديقته الاوليا. (5) تذڪرته المراد.(6) مقالات الشعرا.(7) آداب المريدين.(8) معيار سالکان طريقت. (9) تاريخ معصومي(10) ترخان  نامه)


(1)          هڪ سو ست ڪتاب تصنيف ڪيائين، جن کي شيراز  ”کتب محمودي“ سڏيو ويندو هو.

(2)          سيد زيد، مڪي معظمه جي شرفا مان شادي ڪئي، بيبيءَ جو رنگ سياهي مائل هو، جڏهن سيد صاحب کي شاهه قاسم ڄائو، تڏهن کيس خيال ٿيو ته متان ڇوڪري جو رنگ والده تي هجي، سو دائيءَ کان پڇيائين، جنهن جيو ته ”پسرائنجي“ يعني در مرواريد آهي. انهيءَ سبب ڪري سيد قاسم جو لقب ”انجوا“ پئجي ويو. سيد قاسم مڪي مان لڏي 641ه ۾ شيراز آيو، جنهن محلي ۾ رهيو، ان جو نالو ئي ”محلهُ سادات انجو“ پئجي ويو، ۽ اولاد به  ”اِنجوي“ سادات جي نسبت سان مشهور ٿي وئي.”انجي“ لفظ الف جي زير ساڻ ترڪي آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سفيد موتي، (معارف اانوار ص 110) مير جمال الدين حسين انجو، صاحب فرهنگ جهانگيري جو احوال لکندي، ڊاڪٽر نذير احمد صاحب لفظ ”انجو“ جي سلسلي ۾ فارس نامه ناصريءَ (گفتار 2-41-42) جي هيٺين عبارت ڏئي ٿو:

”.. وانجوَ لغت مغولي و بمعنيٰ  املاک خالصه است و جد اول سادات انجو زيد اسود از اولاد زادي هائ  حضرت حسن مجتبيٰ  عليه اسلام بوده و بسال سنه 352هه کہ عضد الد و له از مکہ مراجعت مينموده بر حسب خوابيکہ سيد ديده و برايش نقل نموده، وبا خوابيکہ چندي پيش در شيراز خواهرش ديده، وبرائي او درهمان هنگام نقل کرده بود، سيد راز مدينه طيبه بشيراز آورد و خواهر خود رابوي داد، پس چندي چون خواهرش بمرد، دختر خود رليز بسيد تزويج نمود، واملاک زيادي را وقف کرد، و توليت ان رابا اولاد ذکور اين سيد جليل، کہ دختر زادگان او بودند برگزار نمود، درفتنه مغول اين موقوقات، خالصه دولت يا بزبان مغولي”انجو“ گرديد، متولي وقف، سعي نمود واپس از سالها، ليمي از آنبهارا گرفت، وچون نام انجو برآن املاک گذارده بودند، ازان پس اين سادات را ”انجوي“  گفتند...“

ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته اهي سادات اڃان تائين شيراز ۾ موجود آهن ۽ ان جو جي نسبت سان سڏيا وڃن ٿا (بحواله فهرست کتاب خاه مجلس ج 2 ص 212)

ڊاڪٽر صاب بلاخمن جو قول نقل ڪندي لکيو آهي ته: ان جو لفظ عام طرح ان جو (بالفتح) ٻڌو ويو آهي. پر منهنجي راءِ (بلاخمن) ۾ صحيح لفظ  زير سان بالکسر) آهي. ڇاڪاڻ ته اهو لفظ ”اينجو“ تان ورتل آهي، جنهن جي تشريح”تاريخ مغل“ (ص 130) ۾ ڪئي آهي، (جرنل ايشاٽڪ سوسائٽي ج 37 ص 29)

تاريخ وصاف جي هڪ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته شيراز جو هڪ حصو”اِنجو“ سڏيو وڃي ٿو (مجله علوم اسلاميه علي ڳڙهه ج 1 نمبر 1).

ذيل جامعه تواريخ رشيديءَ ۾(143-147-151-154) اينجو آيل آهي، مکاتب رشيدي (لاهور 168) ۾ آهي.”انجو بمعنيٰ خالصه جات ديواني ست و عامل خالص جات را نيز انجو گوبند“

مٿين عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو: ان جو سفيد موتيءَ جي معنيٰ ۾ نه بلڪه ”خالصه واري املاڪ“ جي معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آهي، مغولي لفظ آهي، فرهنگ جهانگيريءَ جو مئولف جمال الدين حسين انجو، ساڳي ڏاڏي سيد زيد اسود جي اولاد مان هو، سيد زيد، مڪي مان به ممڪن آهي، شادي ڪئي هجي، ليڪن ان جوءَ جي نسبت جو تعلق، انهيءَ واقعه سان نه  آهي جيڪو عربياڻي بي بيءَ جي سلسلي ۾ صاحب معارف الانوار بيان ڪيو آهي. سيد زيد جو فرزند سيد قاسم سنه 641هه ۾ مڪي مان لڏي شيراز ۾ ڪو نه آيو، بلڪه سيد زيد اسود کي سنه 352هه ۾ عضدالدوله پاڻ سان گڏي، شيراز وٺي آيو ۽ پنهنجي ڀيڻ جو کيس اچي سنڱ ڏنائين. صاحب معارف الانوار جي عبارت جو سنڌي اختصار ابتدا ۾ ڏئي آيا آهيون، ساڳي سلسلي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:

”... اين لفظ تر کين و سيد زيد بر او، سيد قاسم نام نهاد، و اکثر سادات شريف کہ ساکن شيراز اند، ازين جهته ايشانرا سادات انجوي مي گوبند، سيد قاسم چون به جواني رسيد سيد زيد رحلت نمود، عمر شريفش چهل و سه سال بود.... اورادر جنت المعليٰ مد فون کردند.

”... سيد قاسم بعد از رحلت پدر بزگوار دو سال درمکہ معظمه سکونت نموده، پسر خود سيد ابراهيم رابهمراه خود کرده، از مکہ معظمه در سنه 611 عبور کرده به بلده شيراز رسيده در آنجا سکونت اختيار نمودند. آن مهله آلان محله ساداتان ان جوي بازار دائود خاني ميباشد، و درسنه 630هه سيد قاسم مکي سفر آخرت اختيار نمود... (معارف الانوار 110).

ٻئي هنڌ ساڳو مصنف لکي ٿو:

در”تذکره، شيراز“(؟) مذکور است کہ: سادات عاليدرجات ان جويه دراصل موسوي اند، واز اعيان سادات شيرازي اند. و در قدم نسبي، از ديگران ممتاز. واز اکابر متاخرين ايشانند کہ، بيمن امداد صدارت پناه مغفور مير شمس الدين اسدالله شوستري، منظور نظر کيميا اثر بادشاهه مغفور شدند...“ (معارف الانوار124)

مٿين عبارت جو مطلب ”فارس نامه ناصريءَ جي عبارت کان بلڪل مختلف آهي. سيد زيد مڪه ۾ فوت ٿيو ۽ جنت المعليٰ ۾ دفن ٿيو. سيد قاسم پيءُ جي وفات کان پوءِ پنهنجي پٽ ابراهيم سميت سنه 611هه ۾ شيراز لڏي آيو. جنهن بادشاهه جي سامهون منظور نظر ٿيڻ جو اشارو آهي، ان مان مراد ڪهڙو بادشاهه آهي، سو چئي نٿو سگهجي. بهرحال انهيءَ بادشاهه مان مراد عضدالدوله نه آهي.!

(3)            هي پهريون سلطان آهي، جنهن 713هه ۾ آزاد بادشاهت جو اعلان ڪيو، آل مظفر جي حڪومت جو يزد ۽ ڪرمان ۾ بنياد وڌو. شيراز ٻيا صوبا به هٿ ڪري هڪ وسيع سلطنت قائم ڪيائين، پرهيزگار ۽ مذهبي معاملن ۾ نهايت سخت گير هو، شيراز وارن سندس نالو ئي محتسب رکيو. چنانچه خواجا حافظ هيٺين شعرن ۾ ڏاهنس اشارو ڪيو آهي:

 

اگرچه باده فرح بخش و باد گل بيز است

ببانگ چنگ مخورمي، کہ مهتسب تيز است

داني کہ چنگ و عود چہ تقرير ميکنند

پنهان خوريد باده، کہ تعزير ميکنند

مي خور کہ شيخ و حافظ و مفتي و محتسب

چون نيک بنگري همه تز وير ميکنند

15 رمضان 759هه جو، سندس اولاد کيس انڌو ڪري قيد ڪيو، ۽ ٿوري عرصي بعد شيراز جو صوبو کيس ڏنائون، هن گرم سير (فارس) جي قلعي بم ۾، ربيع الاول 765 جو انتقال ڪيو.

*            *              *

صاحب معارف الانوار سنڌ ۾، سيد محمد جي اچڻ جو  سال هڪ هنڌ 786هه ۽ ٻئي جاءِ تي 787 بيان ڪيو:

(1) ... از آئجا کو چيده بجانب سند روانه شدند سنه 787هه..(115)

(2)..... در تاريخ آمدن ايشان  در ساموئي، و نسبت کردن بعاجزه قاضي نعمت الله عباسي بسم الله الرحمان الرحيم،

سنه 786..(116)

تحفته الڪرام جي مئولف سيد صاحب جي وارد ٿيڻ جو سال 786هه لکيو آهي.

”... بسال هفت صد و هشتاد و شس مطابق اعداد کريم بسم الله الرحمان الرحيم  در عهد... وارد سند گرديده در پرگنه ...“(ص 186)

ان مان ظاهر آهي ته، مبار زالدين جي زماني ۾ سيد محمد شيراز ڪونه ڇڏيو، مبارزالدين 21 سال اڳ انتقال ڪري چڪو هو.

مبارزالدين جي معزوليءَ بعد سندس پٽ شاهه شجاع تخت تي ويٺو، جنهن جي سلسلي ۾ حافظ جا ڪيترا شعر آهن.مثلاً.

سحر ز هانفِ عيبم، مرده، بگوش

کہ: دور شاهه شجاع ست، من دلير بنوش!

رندي حافط نه گناهست صعب

با کرمِ بادشيه عيب پوش

داورِ دين شاهه شجاع، آنکہ کرد

روح قدس، حلقه امرش بگوش

اي ملک العرش! مرادش بده

وز خطرِ چشمِ بدش، دار گوش

شاهه شجاع جو زمانو 759 کان 786 تائين آهي. پويون سندس وفات (22 شبان) جو جو سال آهي، کانئس پوءِ سندس پٽ زين العابدين (786-789هه) تخت نشين ٿيو.(*)

 

زين العابدين جي تخت نشينيءَ شرط، خاندان جو پاڻ ۾ تڪرار شروع ٿيو، ۽ نيٺ سال 95هه (تاريخ 22 جمادي الاخر ۾ تيمور هٿان، آل مظفر جو خاتمو آيو.(+)

 

امڪان ٿي سگهي ٿو ته سيد محمد، شاه شجاع جي وفات واري سال (786هه) حالتن جي خراب ٿيڻ جا قوي آثار ڏسي، امن ۽ امان ختم ٿيڻ جي انديشي کان پاسو ڪري. شيراز مان نڪتو هجي. شاه شجاع بعد، جيڪي حالتون فارس ۾ پيدا ٿيون انهن جي صورتحال هن ريت هئي:

”.... شاه شجاع در سال 786هه در گذشته، و پس از مرگ او با آنکہ در زمان زندگي، قلمرو خود رآميان باز ماند گان تقسيم کرده، بود جنگ و کشمکش شديدي، ميان آنها در گرفت، و  آشوب و اغتشاش فوق العاده، در فارس و يزد و کرمان وا صفهان پديد امد کہ بيان جزئيان اين آشوب و اغشاش از حوصله اين نامه بيرون است.

”... درين زمان تيمور خونخوار، درشمال ايران بقتل و غارت  جنگ و ستيز و کشتن مردم شهري، و خواب کردن شهر ها پرداخته، او با صفهان تاخت و پس از فتح آند بار، در اصفهان قتل عام نمود، و هفتاد هزار از مردم بکشت و از کله ها منارها ساخت، و از آنجا روبفارس نمود، جز اين واقعه مردم شيراز را بوحشت انداخت... (*)

 

اهڙن انديشن پيدا ٿيڻ ڪري ناممڪن نه آهي ته سيد محمد 86ه ۾ ترڪ وطن ڪري سنڌ ڏانهن رخ رکيو هجي،  سنڌ انهيءَ وقت آزاد هئي ۽ نهايت سڪون فراغت ۽ امن امان جو منجهس سمو هو.

حافظ شيرازيءَ کي ساڻ وٺي اچڻ ۽ قنڌار مان ان کي موٽائي شيراز موڪلڻ جو واقعو، غور طلب آهي، اها روايت فقط صاحب معارف الانوار بيان ڪئي آهي.

هندستان مان حافظ کي ٻه دعوتون مليون، پهرين دعوت سلطان محمود  بهنميءَ (80-799هه) ڏاهنس موڪلي، صاحب فارس نامه ناصري لکي ٿو ته:

”.. در هفتصد و هشتاد و دو(782هه) سلطان محمود شاهه بهمني،... از خواجه حافظ خواهش مسافرت به هندستان فرمود، نقد و جنس فراوان برائ خواجه فرستاده خواجا قروض خود را ادا کرده، تدارڪ سفر را ديده، روانه مقصد گرديد.“(ص 145).

جڏهن حافظ هر موز بندر تان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هليو، ان وقت اتفاقا هوا گهلڻ سبب پاڻيءَ ۾ ڇوليون اُٿيون. حافظ ٻيڙيءَ تان بهانو ڪري لهي پيو ۽ سڌو وڃي شيراز پهتو.(*)

 

حسين پزمان، حافظ جي سوانح ۾ لکي ٿو ته: اها دعوت محمود شاهه بهمنيءَ، هڪ واپاري ميرزا فضل الله اينجوءَ جي توسط سان، ڏاهنس موڪلي هئي، حافظ هيٺيون غزل لکي ساڳي واپاريءَ هٿ، سلطان ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

دمي باغم بر بردن، جهان يکسر ارزد.

بمي بفروش دلقِ ما، کزين بهتر نمي ارزد

بس، آسان  مينمود اول،  غمِ دريا بوي سود

غلط گفتم کہ يک موجس، بصد گوهر نمي ارزد

شکوهِ تاج سلطاني، کہ بيم،ِ جان درو، درج ست

کلاهي دلکش است، اما!  بدردِ سرنمي ارزد(*)

 

اها دعوت 882هه ۾ آئي.ان کان پوءِ سلطان غياث الدين(92-799هه) والي بنگال تخت تي ويهڻ کان ڪجهه سال اڳ، حافظ ڏانهن دعوت موڪلي، پاڻيءَ جي ڇولين جا  اُڀا ڪر، حافظُ هڪ دفعو ڏسي چڪو هو، تنهنڪري معذرت ۾ ڏاهنس به هڪ غزل ڏياري موڪليائين. جنهن جا هي شعر مشهور آهن:

ساقي حديثِ  سرو و گل و لاله ميرود

وين بحث باثلاثه، غثلاه ميرود شکر شکن شوند همه، طوطيان هند

زين قند پارسي، کہ به بنگاله ميرود

حافظ زشوقِ مجلسِ سلطان غياث الدين.

غافل مشو، کہ کارِ تو، از ناله ميرود.(+)

 

صاحب فارس نامه ناصري جو قول آهي ته: حافظ شيراز کان فقط ٻه دفعه پير ٻاهر ڪڍيو، هڪ دفعو هرمز ويو ۽ ٻيو دفعو يزد جو سفر ڪيائين، جنهن ۾، يزد هٿان کيس سخت تڪليفون سهڻيون پيون. انهيءَ صعوبت کي ياد ڪري حافظ اهل يزد کي هن طرح خطاب ڪيو(o)

 

اي صبا! باسا کنانِ شهر يزد، ازما، بگو:

کاي سرِ ناشناسان، گوئي ميدانِ شما

خراسان طرف سفر ڪرڻ متعلق به احتمال بيان ڪيا وڃن ٿا، مثلاً حسين پرڙمان لکي ٿو ته:

”... احتمالات بسيار، بخر اسان وطوس از راه شاهرود و بسطان سفر کرده است... شواهد ديگري هم از تاريخ بدست مي آيد کہ، سفر حافظ را  بخر اسان مقرون بحقيقت ميسازد. آزان جمله سابقه ارادت، حافظ بشيخ زين الدين تابيادي کہ در تابياد و بلهجه کنولي طيبات نزديڪ خواف خراسان ساکن بود، و سابقه ارادت سيد زين العابدين گنابادي کہ نسبت بهردو شخص مزبور، حبيب السير مينو يسد، بناءَ سابقه دوستي و ارادت با حافظ کمک کردندت، وطبيعي  است کہ اين چنين سابقه پيدا نميشود، مگر در صورتيکہ حافظ سفر خراسان رفته، و با شخصيت هائي بزرگ نامبرد، ملاقات و دوستي حاصل کرده باشد(*)

 

اهڙيءَ ريت اهو به امڪان ٿي سگهي ٿو ته: بزرگن سان عقيدت هجڻ سبب سيد محمد سان پڻ حافظ قندار تائين آيو ۽ وري سيد صاحب جي اصرار تي، موٽي شيراز هليو ويو، صاحب معارف الانوار جي عبارت هن ريت آهي:

”..... بهمراه چند کس از سادات وغيره و مريدان، همگي بست و پنح نفر، از  آنجا کوچيده بجانب سندهه روانه شدند،

سنه 787 هه- واز جمله همراهان، بکي شيخ شمس الدين خواجهء حافظ شيرازي قدس الله سره بود، کہ اورا از قندهار رخصت فرمودند و گفتند کہ تاريخ تو خاکِ مصليٰ  کذا حافظ گريه ميکرد و ميرفت و خود از آنجا بسو جو ستان رسيدند...الخ“(+)(*)

 

بهرحال اهو هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ضروري آهي.

(4)          قاضي نعمت الله: جي سلسلي ۾ مير قانح لکي ٿو ته: جڏهن سيد احمد، شيخ عيسيٰ وٽ آيو، ان وقت شيخ ته آدر ڀاءُ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو، ليڪن قاضي نعمت الله عباسي ويٺو رهيو، ذرو جاءِ تان نه چريو، مجلس ڪري جڏهن سيد موٽي ويو، ان وقت قاضيءَ، ايتريءَ تعظيم جو شيخ کان سبب پڇيو، شيخ چيو ته: سندس پٺ ۾ قطب زمان ڏسان ٿو، جيڪڏهن جيئري ڄميو ته: آئون ضرور سندس مريد ٿيندس. قاضيءَ کي ڳالهه نه وڻي، گهر پهچڻ شرط سندس بصارت ختم ٿي وئي، رات جو قاضي موصوف جي نياڻيءَ بي بي فامه، خواب ڏٺو ته سندس شادي سيد احمد سان ٿيندي ۽ کيس چار پٽ ٿيندا، جن مان، هڪ ته آفاقي مرد هوندو. انهن واقعن بعد قاضي متاثر ٿيو ۽ شيخ عيسيٰ جي ذريعي ڌيءَ جو نڪاح سيد سان ڪري کيس پنهنجي گهر ۾ جاءِ ڏئي ٺٽي ۾ اچي مقيم ڪيائين.(تحفته الڪرام)

معارف  الانوار جي مصنف جي عبارت هن ريت آهي:

”... درسنه 790هه عاجزه خود را، با سيد احمد نسبت

کرد، و نعم من قال در تاريخ آمدن ايشان در ساموئي و نسبت کردن بعاجزه قاضي نعمت الله عباسي- بسم الله الرحمان الرحيم سنه 786هه.(کذا)

القصه مير سيد محمد و سيد احمد بعد از ند روز از شادي، بجانب موضع سيد پور روانه شدند، و مير سيد محمد چند روز در آن موضع حيات بود... سيد محمد بتاريخ دهم شهر محرم  الحرام سنه 800ع سفر آخرة اختار نمود...“

”.. در تاريخ 795هه فرزند ارجمند مير سيد علي تولد شد در آن ايام عمر والده ايشان هفده سال بود...“(*)

مٿينءَ عبارت مان ظاهر آهي ته: سيد احمد سان بي بيءَ و منڱڻون 786هه ۾ ۽ شادي 790هه ۾ ٿي. 795هه ۾ پهريون پٽ ڄميو، جنهن وقت بي بيءَ جي عمر 17 ورهه هئي، انهيءَ حساب سان:

778هه ۾ بي بيءَ جو تولد ٿيو.

786هه- ۾ جڏهن سندس منڱڻون ٿيو، ان وقت 9 ورهين جي هئي.

790هه  ۾ شادي وقت سندس عمر 12 ورهه هئي.

790هه ۾ جڏهن پهريون اولاد ٿيو، يعني مير سيد علي ڄائو، ان وقت بي بي 17 ورهين جي هئي.

795هه ۾ شاديءَ وقت سندس عمر 12 ورهه هئي.

795هه ۾ جڏهن پهريون اولاد ٿيو، يعني مير سيد علي ڄائو، ان وقت بي بي 17 ورهين جي هئي.

836هه ۾ بي بيءَ جڏهن انتقال ڪيو ته سندس ڄمار 58 ورهه هئي.

انهيءَ حساب مطابق خواب وارو واقعو، نون ورهين جي ڄمار ۾ ٿيو.

ظاهر آهي ته بي بي صاحبه ان وقت بالغ ۽ معصوم هئي، تنهن ڪري

اهو تسليم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ته نون ورهين جي ٻار، شاديءَ ۽ اولاد متعلق نه فقط خواب لڌو، بلڪه صبح تي اٿي جاب لاهي، پيءُ کي پڻ ان کان بتفصيل آگاهه ڪيو.

(5)          تحفته الڪرام ۾ آهي ته: سيد محمد پهريون مراد اوٺي ۾ دفن ٿيو، جڏهن پٽس سيد احمد فوت (8405هه) ٿيو ۽ مڪليءَ تي عباسي قاضين جي قبرستان ۾ دفن ڪي ويو ۽ سيد علي ثانيءَ ان تي مقبرو ٺهرايو، تڏهن، مقبرو زيارت گاهه بڻجي نه سگهيو، جيستائين سيد محمد جولاش، مراد اوٺي مان منتقل ڪري اتي اچي دفن نه ڪيو ويو:

”..... هرگز روحي و صفائي نيافتہ و زيارتگاهه اهل الله نشد، تا بحسب رويا نعش آن بزرگ، از موضع مراد اوتهه به آنجا نقل نکرد“ (خطي 162)“

اهو قبرستان در اصل عباسي قاضين (نعمت الله) جو هو، بعد ۾ جڏهن سيدن جو دفن گاهه ٿيو ته انجوي شيرازن جو قبرستان مشهور ٿي ويو معارف الانوار جي  روايت آهي ته: سيد علي ثانيءَ 51 ورهين جي  ڄمار ۾ روضو ۽ ان تي گنبذ ٺهرايو، جنهن جي تارخ (940هه) “بحر کرم بحر کرم“ مان نڪري ٿي.، انهيءَ زماني ۾ ڪنهن خبر آندي ته: پنو(پنا) واهه ۾ پاڻيءَ  جو چاڙهه ٿيو آهي ۽ امڪان آهي ته سيدپور (مراد اوٺي) کي ٻوڙين، سيد علي يڪدم سڀني عزيزن کي وٺي اوڏانهن ويو ۽ سيد محمد عليه الرحمت جي لاش جي صندوق ڪڍي مڪليءَ ڏانهن کڻي اچي گنبذ ۾ اولهه کان، محراب جي ڀر ۾، دفن ڪرايائين، محرم جي 10-11 تاريخ لاش دفن ٿيو.

(6)          سيد علي ثاني: جيد عالم، اديب ۽ وڏو اهل دل بزرگ هو، ارغون ۽ ترخاني دؤر ۾ نه فقط عوام سندس معتقد هو، بلڪه  حڪمران طبقو به ساڻس اخلاص ۽ محبت رکندو هو. مرزا شاهه حسن ارغون جو 962هه ۾ انتقال ٿيو؛  ڪجهه وقت لاءِ سندس لاش ٺٽي ۾ امانت طور رکي، پوءِ سيد صاحب، شاهه حسن جي زال، ماه بيگم سان گڏجي مڪي معظمه کڻي ويو، جتي شاهه بيگ واري مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.

مرزا باقي بي انتها ظالم ۽ مغلوب الغضب حاڪم هو؛ پاڻ کي ۽ پنهنجي شخصي حڪومت کي قائم رکڻ لاءِ هن انتهائي مظالم ڪيا؛ پنهنجي گهراڻي جي گهڻو ڪري سڀني فردن کي ڪهائي ڇڏيائين. ڪن سان ابتدا ۾ مڪاري ڪري هن صلح ڪيو ۽ آخر ۾ انهن کي ڌوڪو ڏيئي، شهيد ڪرائي ڇڏيون. مثلا عيسيٰ اول جي پٽ يعني پنهنجي ڀاءُ، جان بابا ۽ ٻئي هڪ امير يادگار مسڪين مرزا سان ابتدا ۾ سيد عليءَ جي ذريعي مصحف شريف وچ ۾ وجهي صلح ڪيائين، جڏهن هنن اچڻ وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن  اوچتو هڪ ڏينهن پاڻ وٽ گهرائي، کين پنهنجي ٻن جلادن، هوٿي ۽ وٿي، هٿان قتل ڪرائي ڇڏيائين.

اهڙيءَ طرح سيد علي ثانيءَ کي ان دؤر ۾ درويشيءَ ۽ بزرگيءَ سبب وڏي اهميت حاصل هئي. ملڪي خواه مذهبي معاملن ۾هميشه ڏاهنس رجوع ڪيو ويندو هو. عمر ڪوٽ ۾ جڏهن اڪبر ڄائو ان وقت سيد صاحب جي پهراڻ مان ٽڪر ڦاڙي چولو سبي بطور تبرڪ جي کيس پهرايو ويو (ترخان نامو). مرزا جانيءَ پنهنجي چاچيءَ (بنت مرزا صالح بن مرزا عيسيٰ) جو سنگ، سندس سپٽ سيد جلال الدين محمد کي ڏيئي، انهيءَ گهراڻي سان رشتو قائم ڪيو. اڪبر ڏانهن مرزا جاني بيگ، امير صادق محمد خان جي خلاف جيڪو شڪايت نامو موڪليو، اهو سيد جلال کڻي ويو هو.

سيد علي فارسي، عربي ۽ سنڌي زبان جو عالم ۽ وڏو اديب هو. سنڌيءَ ۾ شعر پڻ چوندو هيو. درس علاو الدين ۽ سندس وچ ۾ سنڌي بيتن جي ذريعي ڪيترا سوال جواب ٿيا جيڪي انهيءَ دؤر اندر ماڻهن کي ياد هوا (تحفته الڪرام). سندس سنڌي ڪلام محفوظ رهجي نه سگهيو، فقط هڪ ڏوهيڙومعارف الانوار جي مصنف پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي:


(*)  مادهء تاريخ _ حيف از شاهه شجاع

(+)  حافظ ج اول صه 437 و مابعد_ از د کتر غني

(*) حافظيکتائي صه 115

(*)  فارس نامه ناصري صه 145

(*)  ديوان حافظ حسين پزمان ص 73 و فارس نامه ص 145

(+)  ديوان حافظ پزمان صه 86

(o)  حافظ حسين پزمان صه 30_31

(*)  حافظ پزمان صه 66 صه 67

(*)  _ چو در خاکِ مصليٰ يافت منزل

        بجو تاريخ از _ خاکِ مصليٰ 791هه

(+)  معارف الانوار صه 110.

(*)  معارف الانوار صه 16-117

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org