سَرتن سانگُ سُکن جو، منکي رويو رهائين؛
آءُ ٿي هلان هوت ڏي، هو ٿيون واريو وِهارين؛
وريتيون وَرَ سين، ويٺيون گهر گهارين؛
کہندا ٿيون کارين، ڪا نه هلندي هوت ڏي.
مٿئين ڏوهيڙي کي سنڌي ادب جي تايرخ ۾ وڏي اهميت
آهي. اهو ڏوهيڙو قاضي قاضن جي ئي دؤر جو آهي.
”معارف الانوار“ جو صاحب لکي ٿو ته: جڏهن سيد علي
ثاني ڄائو، تڏهن پير مراد کيس ڏسي سنڌي زبان ۾ چيو
ته: ”او ڀاءُ، رب ڏيئي وڏي ڄمار!“ هن وقت تائين،
ارغوني دور ۾، اسان کي فقط قاضي قاضن جا ست
ڏويهڙا مليا هئا، ليڪن مٿئين شعر ۽ نثر جي ٽڪري
مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ دور ۾، قاضي صاحب
مرحوم کان سواءِ ٻيا به سنڌيءَ جا شاعر هئا، ۽ اهل
علم خواه اهل الله عام طرح گفتگو سنڌي زبان ۾ ڪندا
هئا.
سيد صاحب سماع جو بيحد شوقين هو. ”معصوميءَ“ جي
مصنف جو قول آهي ته: ”قاضين، مولوين ۽ شريعت جي
دعويدارن جي منع هوندي به سيد صاحب سماع کان ڪو نه
مڙندو هو. بلڪه هڪ وڏي جماعت وٺي مڪليءَ جي مزارن
تي سماع جون محفلون منعقد ڪندو هو. حاجي رضا
ٺٽوي، پنهنجي مثنوي ”زيبا نگار“ ۾ لکي ٿو ته:
سنڌ ۾ مشهور ٿيو ته: سَسُئيءَ جي مزار تي جيڪو
مسافر رات وڃي رهي ٿو، ان کي مائي پاڻ مزار مان
نڪري اچي، رات جي ماني ڏئي ٿي. جڏهن اها روايت
سيد عليءَ تائين پهتي، تڏهن هو بزرگ پنهنجي سر
درويشن جي هڪ جماعت ساڻ ڪري مزار تي ويو، رات جو
دستور مطابق سَسُئي قبر مان نڪري آئي ۽ سيد صاحب ۽
سندس جماعت کي پڪل طعام اچي پيش ڪيائين.
کہ آن طغراي منشورِ سيادت
فروغِ ديده نورِ سعادت
شهه معني جهانگير ولايت
جوان مرد جهان پير هدايت
حقيقت چون مجازش جلوه گر بود
عجب صاحب دل و صاحب نظر بود
شراب عشق مي نوشيد هر دم
دلش چون باده مي جوشيد هر دم
دلِ پرجوش او، پيمانهء عشق
نگاهش عشق، چشمش خانهء عشق
بسي عالي ست نزدِ حق، مفامش
بود سيد علي در خلق نامش
مقامش تته و مشهور آفاق
چو خور، در طاق گردون شهر تش طاق
* * *
همان سيد علي مردِ ولي بود
مر اورا فتح بابش روي بنمود
زهي فتحي کہ شق شد قبر ناگاه
ز شق بنمود زيبا روي چون ماه
قدِ خود، تاميان بالا کشيده
ز خاکي، سرو رعناي دميد.
برگن گل، تبسم کرد و بشگفت
بهمانان ثنا و مرحبا گفت
طعامي را کشيد از مرقدِ خويش
کہ از وي سير شد هر مرد درويش
مير قانع لکيو آهي ته: اسمٰعيل ملتانيءَ به انهن
ٻنهي عاشقن کي ڏٺو. (تحفته الڪرام سنڌي 66)
قصو غلط هجي يا صحيح، اسان جو واسطو فقط هن سان
آهي، ته مٿين بيتن مان سيد صاحب جي شخصيت جو
اندازو ٿئي ٿو ۽ عوام کي جيڪا ساڻس عقيدت هئي، ان
تي روشني پوي ٿي. ”حديقته الاوليا“ جو مصنف سيد
عبدالقادر ٺٽوي، سيد صاحب جو ننڍو معاصر هو؛ سيد
صاحب جي وفات کان ڪجهه عرصو پوءِ، هن پنهنجو تذڪرو
مرتب ڪيو، جنهن ۾ هن سيد صاحب جي تعريف ۾ هيٺيون
طولاني قصيدو لکيو آهي. صاحب معارف الانوار پڻ ان
کي نقل ڪيو آهي:-
آن والي کشور ولايت
بهان ممالک هدايت
صاحب دل، عارف محقق
بيدار دلي ولي مطلق
سيد علي آن بفضل ممتاز
سر دفترِ سيدان شيراز
گلدسته بوستان طه
فرخ ثمري ز نخل زهرا
مرآت جمال اسم اعظم
بيناي رموز هر دور عالم
کشاف دقائق معاني
داناي حقائقِ معاني
از آئينهء دلش، هويدا
اسرار جلال حق تعاليٰ
دريا دلِ قلزمِ سماحت
عيسيٰ دم يوسفي ملاحت
دست کرمش چو ابرنيسان مي بود هميشه گوهر
افشان
در راه خدا ببذل و ايثار ميداشت دلي چو
بحر زخار
گرخود همه گنجِ شايگان بود در حاصل جمله
بحرو کان بود
مي داد همه بتازگي روي هرگز نه فگنده
چين برابروي
بودش بنظر هزار گوهر با قيمت بک شيشه
برابر
صد گونه سماط نزل چيدي خوانهاي
نعم بران کشيدي
بنشته ببزم ميزباني ميدان صلاي ميهماني
اخوان صفا زهر دياري فلانِ وفا زهر کناري
هر روز برسم ميهمانان از شوق بخذمتش
شتابان
هر يک ز اقاضه نعيمش و ز بحر کف يدِ کريش
بر چيده جواهر مطالب بر گشته از ان حريم
صايب
دائم پي ابتغاي مرضات کوشيده انقضاي حاجات
هشتادويکي سنين نهصد (981)
بگذشته ز هجرتِ محمد
گو، رخت از بن سراي فاني بربست، بملکِ
جاوداني
آسوده. بخوشترين مزاري مانند بهشت مرغزاري
خورشيد ز روي صدق و اخلاص
در گنبدِ او، چو ذره رقاص
خوش گنبدِ فيض بخش و پرنور رخشان ز فضا
چو جرگه ۽ حور
از باغ گلي طرب شگفته کزشبنم فيض روح شسته
نزهتگه چشم اهل بينش پيرايهء باغ آفرينش
مٿئين قصيدي ۾ سيد صاحب جي سخا ۽ مهمان نوازيءَ
جي تعريف ڪئي وئي آهي. مير معصوم پڻ پنهنجي تاريخ
۾ انهيءَ وصف جو ذڪر ڪندي سندس ساراه ڪئي آهي.
هونءَ ته هميشه ۽ هر وقت سندس دسترخوان تي ميلو
هوندو هو، ليڪن هر سال ربيع الاول جي پهرئين ٻارهي
تي روزاني رونق، ڏسڻ وٽان ٿيندي هئي. هزارين
ماڻهو، اوري پري جا، ساندهه ٻارهن ڏينهن وٽس ماني
کائيندا هئا؛ ۽ سيد صاحب انهن دعوتن ۾ مهمانن جي
اهڙيءَ طرح خاطرمدارات ڪندوهو، ۽ ايتريءَ ڪشاده
دليءَ سان کين کاڌو کارائيندو هو، جو ماڻهو حيران
ٿي ويندا هئا. (معصومي ص 216)
”تحفتہ الڪرام“ (188/3) ۾ سيد صاحب جي انتقال جو
سال 971هه لکيل آهي؛ معصوميءَ جي مطبوء نسخي ۾
انگن ۾ به ساڳيو 971هه موجود آهي؛ ليڪن معصوميءَ
جي صاحب، تاريخ جو فقرو ”فات الحاتم بجوده“ ڏنو
آهي. جنهن مان سال 981 برآمد ٿئي ٿو ۽ اهوئي صحيح
آهي؛ مٿي ڏنل قصيدي ۾ پڻ سيد عبدالقادر اهوئي سال
ڏنو آهي.
صاحب ”معارف الانوار“ جو قول آهي ته: انتقال
(981هه) جي وقت سيد صاحب جي عمر 92 ورهيه هئي.
انهيءَ حساب سان سندس تولد 889هه ۾ ٿيڻ گهرجي،
ليڪن ٻئي هنڌ پاڻ ئي سندس تولد جو سال 891هه
ڄاڻائي ٿو، جنهن مطابق سيد صاحب جي عمر 92 نه بلڪه
90 ورهيه ٿيڻ گهرجي. ڪتاب ”آداب المريدين“ سيد
صاحب 64 ورهين جي ڄمار ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 954هه ۾
پورو ڪيائين. ”تحفته الڪرام“ جي روايت مطابق سيد
صاحب درويش اجر (آچر) ۽ مخدوم نوح جو فيض يافته هو
(187-3). سيد ۽ پٽس سيد جلال، مخدوم فيض الله
ٺٽويءَ جا شاگرد هئا. (سنڌي 549)
”معيار سالڪان طريقت“ ۾ آهي ته سيد جلال ثانيءَ کي
محمد صالح ترخان جي نياڻيءَ مان سيد مير محمد نالي
(مئولف ترخان نامه) فرزند ٿيو؛ کيس ٻئي گهر مان
ٻيو به پٽ هو، جنهن جو نالو سيد فضل الله هو.
ضررالبشر، جو مصنف مير زين العابدين عرف مير لطف
الله ،قانع، (متوفي. 1130 هه) سندس اولاد مان هو.
انهيءَ خاندان جو حال ، تحفته الڪرام، (188_ 3) ۾
پڙهڻ گهرجي. ترخانه نامه جي صاحب لکيو آهي ته؛
درربيع الاول سنه 994هه (اربع و تسعين و تسعين
مائه) حضرت......... اڪبر بادشاهه صادق محمد خان
را، الاول به بکہر تعين نمود (بقول مير معصوم
شنبه 12 ربيع الاول به بکہر رسيد) و خذمت تسخير
تته فرمود........ و ميرزا جاني بيگ ترخان پيشکش
لائق کارخانه بادشاهي، بدست معتمدان خود، بدرگاهه
خلائق پناهه فرستاد. و جناب سيادت ماب مير جلال
الدين بن سيد علي شيرازي_ کہ شيخ الا سلام ولايت
تته و بجميع فضائل و ڪمالات صوري و معنوي آراسته
بود_ تبرکاً تيماً همراه پيشکش نمود. و صبيہ
ميرزا محمد صالح بن عيسيٰ ترخان کہ عمہ ميرزا
جاني ميشد، درجالہء، نکاح سيد جلال الدين مذڪور در
آورد. (ص 66)
ليڪن تحفتہ الڪرام ۾ آهي ته؛ ميرزا صالح اهو رشتو
پاڻ پنهنجي جئري ڪيو هو؛
ميرزا صالح برادر ميرزا باقي نسبت صبيہ خويش به آن
جناب کرده؛ به آن پيوند ميرزا محمد باقي ويرا،
بحضور اکبر بادشاهه فرستاده بود. (مطبوعه فارسي
188)
ميرزا صالح سنه 970 جو ماريو ويو. ميرزا صالح پاڻ
پنهنجي نياڻي ڏني، ميرزا باقيءَ ڏني يا ميرزا
جانيءَ اهو سڱ ڪيو، ان جو فيصلو ڪرڻ مٿي بيان ڪيل
روايتن جي بناءَ تي ڏاڍو ڏکيو آهي. البته مير
معصوم لکي ٿو ته؛ محمد صادق سان سيوهڻ ۾ معرڪي (
ذيحجه سنه 994هه) ڪرڻ بعد ميرزا جانيءَ، تحفن سميت
اڪبر ڏانهن پنهنجا سفير موڪليا (معصومي صه 249) ان
کان اڳ سنه 993 ۾ ميرزا باقيءَ هڪ اهڙو وفد اڪبر
ڏانهن پنهنجي نياڻيءَ سميت موڪليو هو. ليڪن ان جو
ليڊر شيخ عبدالغفور بن شيخ عبدالوهاب هو. (معصومي
214) قرين قياس اهو آهي ته سيد جلال سان محمد صالح
جي نياڻيءَ جو نڪاح ميرزا جانيءَ ڪرايو هوندو.
ڇاڪاڻ ته، ميرزا باقيءَ جي خودڪشيءَ ڪرڻ بعد، جڏهن
ظلم ۽ استبداد بند ٿيو ۽ ترخان قبيلن يا ٺٽي وارن
آرام جو ساهه پٽيو. تڏهن ميرزا جانيءَ پنهنجي
منتشر خاندان کي گڏ ڪري، سنڱان بنديون ڪيون. ٿي
سگهي ٿو ته، ميرزا صالح جي نياڻي کي به ان وقت
اٿاريو ويو هجي.
(3) سيد محمد جلال (ثاني) بن سيد اول،
سيد علي ثانيءَ جو والد
تفسير حديث ۾ فقه جو جيد عالم ۽
حافظ، 66 ورهين جي ڄمار ۽ 903 هه جو فوت ٿيو ”وجعلنا
للمتقين اماما“
مان اهو سال برآمد ٿئي ٿو. سندس مدفن سيد علي جي
مقبري کان ٻاهر ڇٽيءَ ۾ سيد محمد جعفر سان لڳولڳ ۽
انهيءَ مزار جي اولهه پاسي کان آهي. سندس وڌيڪ
احوال سيد مراد جي مٿي ڏنل تذڪري ۾ ڏسڻ گهرجي.
(4)
شيخ عيسيٰ
لنگوٽي بند، اصل برهانپور (سي_ بي _ هند) جو هو.
سمن جي آخري زماني (ڄام نندي جو دؤر) ۾، ساموئيءَِ
سان متصل مڪليءَ جي ٽڪري تي اچي مقيم ٿيو. جتي هن
وقت سندس مزار آهي، اهوئي سندس حجرو هو. زندگيءَ ۾
به ان ۾ رهيو ۽ وفات بعد به، اتي ئي دفن ٿيو. ساڳي
حجري ۾ درس به ڏيندو هو، جتي ڪيئي طالب علم
روزانوکائنس علمي ۽ روحاني فيض پرائڻ ايندا هئا.
علامه نعمت الله عباسي انهيءَ مدرسي جو فيض يافته
هيو. انهيءَ مدرسي ۾ پير مراد شيرازيءَ جو جد
بزرگوار سيد محمد، شيخ عيسيٰ ۽ قاضي نعمت الله سان
پهرين ملاقات ڪئي.
سيد محمد حسين پير مراد شيرازي 831 هه ۾ پيدا ٿيو،
ان وقت شيخ عيسيٰ سندس زيارت ڪري، سندس مريد ٿيو ۽
چيائين ته؛ مان زنده فقط پنهنجي هن مرشد جي زيارت
لاءِ هئس_ چناچه ٽن ڏينهن بعد بزرگ برقعو مٽيو.
مير علي شير ”مقالات الشعرا“ ۾ هيٺيون شعر سندس
نالي منسوب ڪيو آهي:
قيد باشد حڪيم !ره دوست
دو گزک بوريا و پوستکي
گر تو آزاده اي بس است ترا
دلکي
پرز درد دوستکي
شيخ حماد جماليءَ سان شيخ جون رهاڻيون هيون. شيخ
جو قبو، سيد عليءَ جو مقبري جي اترا اوڀر ڪنڊ تي،
جبل جي لاهي وٽ آهي. هن وقت مقبرو زبون ٿي چڪو
آهي.
(ڏسو تحفة الڪرام_ مقالات الشعرا_
تحفة الطاهرين_ معيار سالڪان طريقت_ ۽ حديقة
الاوليا.)
(5) ساموئي:
محمد طور جي برباد ٿيڻ بعد سومرن سلطانن، ڪلان ڪوٽ
کي گاديءَ جو عارضي هنڌ بڻايو. جڏهن سمن جي حڪومت
آئي، تڏهن مڪليءَ جي اتر ۾ جيڪو هن وقت نشيبي
علائقو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اتي هنن پنهنجي درالسلطنت
ٺاهي، ان تي ”ساموئي“ نالو رکيو ويو.
تحفته الڪرام ۾ آهي ته:
”ڄام بانبهنيه....... شهر ساموئي را....... بنا
تهاده، قيل بنائي پانيه بن انر است، و ابن بران
افزوده. (32 خطي)
يعني، ڄام بابيني اهو شهر آباد ڪيو ۽ ڪن جو قول
آهي ته بانيه (بمڀي) بن انڙ جو ٻڌايل هيو، ليڪن ان
کي هن فقط وڌائي وڏو ڪيو_انهيءَ قول مطابق ساموئي
فيروز تغلق جي دؤر (51_، 790هه) ۾ آباد ٿي:
طاهريءَ جي مصنف جو قول آهي ته: جڏهن 749هه ۾ سمن
سنڌ تي قبضو ڪيو، ان وقت مڪليءَ تي قلعو ۽ شهر
آباد ڪري ان تي ساموئي نالو رکيائون (طبقئو دوم).
ساموئي جي نالي جي نسبت يا معنيٰ ڪانه ڄاڻائي وئي
آهي. ڀائنجي ٿو ته سمن جي نسبت پٺيان ان جو
نالوساموئي پيو، ۽ گمان غالب آهي ته ان جو مطلب
هوندو_ سمن جو شهر،
اها سر زمين هن وقت ويران پئي آهي، شيخ جنهڊي
پاتڻيءَ جي مزار انهيءَ اراضيءَ ۾ آهي، جا شاهه
مراد جي قبرستان کان ڏسڻ ۾ پئي اچي. ملا لٽر (ملا
عبدالرحمان) جي قبر پڻ انهيءَ ئي نشيبي سر زمين ۾
آهي. انهيءَ شهر ۾ ست ستيون ڀينرون رهنديون هيون،
جن جي زيارتگاهه اڃا تائين اتي موجود آهي.
تحفة الڪرام جي روايت آهي ته، اهي ست ڀينرون
سومريون هيون. جڏهن سومرن مٿان سمن فتح حاصل ڪئي ۽
دهليءَ جي سلطان سومرن سان جنگ ڪئي (؟) انوقت اهي
ست ڀينر پنهنجن کان ڇڄي ڌار ٿيون ۽ جڏهن شاهي لشڪر
(؟) پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺائون ان وقت:
”.... ازغايت حرمان، برائي نجات آن دختران عفيفه
بدرگاهه احديت ناليده، رجوع بکوهي کہ بران متواري
شده بودند، آوردند، قضا را کوه در حاله از هم
منفجر گرديده، آن مستورات راکہ_ سابق هرگز روئي نا
محرمي نديده بودند_ ازدست لشڪر رهانده، درون خود
جا داد.“ (خطي ص 31)
اها جاءِ اڃا تائين موجود ۽ زيارت گاهه خاص و عام
آهي.
(1)
شيخ حماد جمالي:
بن شيخ رشيد الدين، شيخ جمال اوچيءَ جي نياڻيءَ جو
ڏهٽو هو. ساموئيءَ ۾ پنهنجي خانقاه اندر سمورو وقت
حجري ۾ منهن ڍڪيو ويٺو هوندو هو، حجري جي ٻاهران
شاگرد اچي وهندا هئا ۽ شيخ اندران ويٺي کين درس
ڏيندو هو.
مير قانع جو قول آهي ته: ڄام جوڻي جي زماني ۾، ڄام
تماچي بن ڄام انڙ اول ۽ ڄام صلاح الدين بن ڄام
تماچي سان شيخ جي محبت هوندي هئي ۽ ٻنهي شهزادن کي
به ساڻس بي انتها عقيدت هئي. ڄام جوڻي- انهيءَ خوف
کان ته متان شيخ کين حڪومت ماڻڻ جي دعا ڪري. ٻنهي
شهزادن کي ڪنهن بهاني سان دهليءَ قيد ڪري موڪلي
ڇڏيو؟ ڄام تماچيءَ جي والده، روزانو شيخ جي خانقاه
تي حاضر ٿي، شهزادن جي واپسيءَ لاءِ دعائون گهرندي
هئي. هڪ ڏينهن شيخ جذبي ۾ اچي ڪي سنڌي بت پڙهيا،
جن
۾ نه فقط سندن موٽڻ جي دعا هئي، بلڪه حڪومت ماڻڻ
جي پڻ بشارت هئي، چنانچه جلد ئي شهزادا واپس آيا ۽
کين حڪومت پڻ ملي.(2)
ڄام تماچيءَ تخت تي وهندي شرط شيخ جي خدمت ۾ وڏي
رقم خانقاه جوڙائڻ لاءِ پيش ڪئي.(3)
جنهن مان شيخ مڪليءَ تي هڪ عظيم الشان جامع مسجد
ٺهرائي، جنهن جي چوديوار ڄام نظام الدين جي مقبري
جي سامهون هن وقت خسته حالت ۾ موجود آهي.
شيخ مسجد ٺهڻ بعد سمن کي حڪم ڪيو ته آئيندي هو
پنهنجا مقبرا، مسجد جي آسپاس ٺهرائين، ان کان
پهريون سندن قبرستان پير ار (پير پٺي) تي هوندو
هو، مڪليءَ جي پهاڙ تي مسجد جي آس پاس مقبرا ٺهڻ
لڳا، مقالات الشعرا(ص 78)
”.... وضع شيخ سروپا برهنه پاره اي نمد سترپوش و
بورباي فرش بود.“
حسب هال هيٺيون شعر ڏاهنس منسوب آهي:
دو گزک بوريا و پوستکي دلکي پر زدرد دوسکتي اينقدر
بس بود جمالي را اينقدر عاشقي رند لا ابالي را
”حديقته الاوليا“ جي مصنف، بزرگ جو احوال هنن
القابن سان شروع ڪيو آهي:
”... آن صاحب کشف م کرامت، و آن جليل القدر عالي
مرتبت، سر خليل مبارزان طريقت، سر دفتر عارفان
حقيقت، خداوند خصائل مرضيه، جامع کمالات علميه و
عمليه، محرم خلوت خانه قدس، بار يافته مجلس انس،
سرمست جام وحدت، غريق در درياي معرفت، محبوب
ذوالجلالي، شيخ حماد بن شيخ رشيد الدين جمالي.“
بزرگ جي مرتبي ۽ ولايت، سلوڪ ۽ ڪرامت جو ذڪر.
ڪندي، ساڳيو مصنف لکي ٿو؛
”.... خورشيد فيضان الاهي، و مکاشفه غير متناهي،
به نوعي بکاشاندء وي پر تو انداخت کہ، جميع اسرار
عالم ملک و ملکوت بروي مکشوف ساخت، تاآنکہ هر روز
صد تلا ميذ دانش اندوز، از مجلس آن شمع دل افروز،
اقتباس انوار مسائل علوم مي نمودند، و بذريعه آن
تشبث اذيال مطالب و مقاصد دين و دنيا حاصل
کردندي.“
شيخ حماد جو مقبرو مسجد مڪليءَ جي اتر اولهه ۾
مسجد جي ڀرسان نهايت زبون حالت ۾ موجود
آهي.”مقالات الشعرا“ جو صاحب لکي ٿو:
”.... مزار متبرکہ اش در کوه مکلي پهلوي جام ننده
و جامع مکلي مطاف اهل الله است.“
(2)
جامع مسجد مڪلي:
”تحفة الڪرام“ جي قول مطابق اها مسجد شيخ حماد
جماليءَ (92-793هه)
۾
ٺهرائي، جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ مسجد ٺهڻ
بعد سمن سلطانن مڪليءَ تي پنهنجا مقابر ٺهرائڻ
شروع ڪيا. هن وقت مسجد جون ديواريون ۽ ڇت جون
ونگون سلامت آهن، باقي سڀ ڪجهه زبون ٿي چڪيون آهن،
ديوارن جي اوچائيءَ ۽ ونگن جي ساخت مان، مسجد جي
عطمت ۽ جوڙ جي فنڪاريءَ جو اندازو ٿئي ٿو: پاڪستان
جي محڪمهء آثار قديمه، مسجد جي باقي بچيل آثارن جي
مرمت ڪرائي آهي. انهيءَ مسجد جي اتر اولهه ۾ شيخ
جماليءَ جو مقبرو چيو وڃي ٿو. مسجد جي ٻاهران
محراب سان لڳ مسجد جي ديوار ۾ پيوست”مائي مڪليءَ
(؟)“ جي قبر آهي. قاضي عبدالله جي مزار به اتر
اولهه جي ڪنڊ ۾ آهي.
(7)
قاضي عبدالله
بن تاجيه (تاجو) اصل سيوهڻ جي قاضين مان هو. سندس
بزرگ، عباسي خليفن طرفان سنڌ ۾ آيل گماشتن جو
اولاد هئا، قاضي صاحب، بقول صاحب”تحفة الڪرام“ ”در
علم و اتقا مرجع کامل و مقصد اکمل بوده“.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄام نظام الدين المتوفي 914هه) جي
زماني ۾ سندس لاش مڪليءَ ۾ ظاهر ٿيو. يعني اهل
مڪاشفه ۽ اهل دل بزرگن، خواب ۾ سندس مدفن جو نشان
پتو ڏٺو. انهن مان ئي ڪنهن نيڪ مرد کي خواب ۾
اشارو ٿيو ته: جنازي جي نماز اهو پڙهائي جنهن،
شعور جي عمر ۾ پهچڻ کان پوءِ بي وضو آسمان ڏانهن
نه نهاريو هجي، ۽ نه سڄي عمر پنهنجي اوگهڙ ڏٺي
هجي، آسپاس ڳولا ڪئي وئي، ليڪن انهيءَ مرتبي جو ڪو
ماڻهو هٿ ڪونه آيو. آخر ڄام نظام الدين پاڻ جنازي
جي نماز پڙهائي، ڇاڪاڻ ته اهو بادشاهه انهن ٻنهي
وصفن جو حامل هو.
قاضيءَ جو مقبرو، تحفة الڪرام جي روايت مطاق، شيخ
حماد جي مقبري جي پٺ ۾ آهي.”مڪلي نامه“ ۾ مير علي
شير لکي ٿو ته: جامع مڪلي جي هڪ طرف ڄام نظام
الدين جي رانڪ آهي ۽ ٻئي طرف کان قاضي عبدالله جو
مقبرو آهي. ٻنهي روايتن کي سامهون رکي ڀانئجي ٿو
ته مسجد جي اتر الهه ۾ جيڪي زبون قبرون آهن، انهن
مان هڪ شيخ حماد جي آهي، 7۽ انهيءَ جي قريب قاضي
عبدالله جي مزار هجڻ گهرجي، قديم زماني ۾ دستور
هو، ته طالب العلم روزانو، خاص طرح خميس جي ڏينهن
انهيءَ بزرگ جي مقبري تي حاضر ٿي، ڪسب ڪمال ۽
انشراح قلب و ذهن لاءِ دعائون گهرندا هئا.
(8)
ڄام نظام الدين سمو:
سنڌ جا باشندا قرب ۽ محبت منجهان کيس ڄام نندو
سڏيندا هئا ۽ اڃان تائين به سندس نالي جي اها
تخفيف بدستور مروج ۽ مشهور آهي.
ڄام نظام الدين، سمن جي خانوادي جو آخري ۽ آزاد
سنڌ جو پويون تاجدار هو، جنهن 25 ربيع الاول 866هه کان
914هه تائين نه ڇڙو ملڪ مٿان فرمانروائي ڪئي، بلڪه
ماڻهن جي دلين تي به بادشاهت ڪئي.
کانئس پوءِ پٽس ڄام فيروز ۽ خاندان جي ٻئي هڪ
شهزادي ڄام صلاح الدين جي وچ ۾، تخت ۽ تاج لاءِ
خانه جنگي شروع ٿي. سنه 914هه کان وٺي سنه 927هه
تائين سنڌ تي، ڪڏهن صلاح الدين گجرات کان ڪٽڪ
ڪهرائي پهتو ۽ ڪڏهن سبيءَ ۽ قنڌار کان، ارغونن کي
وٺي، فيروز اچي ڪڙڪيو، نيٺ انهيءَ ڪشمڪش ۾ ارغونن
نه فقط پهريون صلاح الدين کي فيروز جي مقابلي ۾
ختم ڪيو (927هه)، بلڪه سال اڌ اندر فيروز جي به
پڄاڻي آڻي، انهيءَ گهراڻي جي شاهيءَ جو ڏيو هميشه
لاءِ اُجهائي ڇڏيو.
انهن ٻن شهزادن جي ويڙهه جو نتيجو ڏاڍو اگرو ۽
اندو. هناڪ نڪتو، برابر اڍائن سون ورهين
(927-1152هه) تائين ماڻهو ۽ ملڪ، ڌارين جي
غلاميءََ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪو نه سگهيا،
سواءِ ڪنهن ڏوهه ۽ گناهه جي. هتان جو هر متنفس
صدين تائين اذيت ۽ عذاب ۾ مبتلا رهيو ۽ بنان ڪنهن
ڪئي ۽ قصور جي مسلسل لوڙ لوڙيندو رهيو. سنڌ جي
انهيءَ سانحه ۽ فيروز، جنهن کي سنڌ جي مئورخن
”فيروز ناپيروز“ لکيو آهي. جي انهيءَ حرڪت جو ذڪر
ڪندي، ”ظفر الواله“ جي مصنف، عربيءَ جو هڪ شعر
مثال طور آندو آهي، جنهنجو مطلب آهي ته:”جيڪو
ماڻهو مصيبت جي وقت عمرو جي پناهه ڳولي ٿو، سو
انهيءَ انسان وانگر آهي، جيڪو نٽهڻ اُس کان بچڻ
خاطر، باهه ۾ ٽپي پوي ٿو.“
المستجير بعمرو عند کربتہ
کالمستجير من الرمضاءِ بالنار
افسوس ڪندي مصنف لکي ٿو ته: فيروز جو حشر به ساڳو
ئي ٿيو، جڏهن مغل سنڌ ۾ پهتا، تڏهن هر کجي پيا.
(طمعوا في الملک) کين طمع وٺي وئي ۽ هنن چال
بازيءَ سان وزير درياءَ خان کي قتل ڪري ڇڏيو،
اهڙيءَ طرح بيوفائيءَ ڪندي کين ذري ماتر پرواهه ڪا
نه ٿي.
ساڳو مؤرخ اڳتي هلي، سنڌ ۽ سنڌين جي بختيءَ ۽
بدقسمتيءَ تي، واويلا ڪندي چوي ٿو- سنڌين سنين
هٿان نڪري وئي، هو مغلن جي رعيت بڻجي، شاهه
مير(شاهه بيگ) جي دؤر کان وٺي جاني بيگ جي عهد
تائين، زماني جي پيڙا ۾ مبتلا رهيا، درحقيقت زماني
جي چڪيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي، جاني بيگ جي دؤر تائين
(10000هه) نه، بلڪه ان کان پوءِ به ڏيڍ صدي تائين
برابر پيڙبا ۽ پيسندا رهيا، مورخ سنڌ جي الميه جي
اهو عبرتناڪ داستان هن فقري تي ختم ڪري ٿو:
”وکل ماينيسله الدهرلہ امد و ينقضيٰ والله سبحانہ
الدائم ملکہ.“
زمانو جيڪي ڪجهه ڪري ٿو، ان لاءِ ضرور سبب ٿيندو
آهي ۽ اُهو سبب اهو ٿيو جو، گهراڻي جا ٻه فرد ذاتي
اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ تنگ دل ٿي، هڪ ٻئي سان وڙهي
پيا، ڪشمڪش هلي، فساد ٿيا، سبب هي آيو، ڌارين کي
موقعو ملي ويو ۽ زماني دستور مطابق نه فقط انهن ٻن
کي، بلڪه سڄي ملڪ کي سزا ڏئي ڇڏي. اهڙي ئي موقعي
لاءِ شيخ سعديءَ فرمايو آهي ته:
چو از قومي، يکي بيدانشي کرد
نه کہ را منزلت ماند، نه مہ را
ڄام نندو
نهايت ئي نيڪ، ڪردار ۽ گفتار جو سچو، منتظم، جري ۽
خوش اطوار سلطان هو، جاه و جلال، شان و شوڪت، تدبر
خواه فهم و فراست ۾ سندس شاني ۽ ثاني ٻيو ڪو نه
ٿيو، سندس اڌ صديءَ جي حڪمراني سنڌ لاءِ سچي پچي
رحمت ثابت ٿي، ملڪ ۾ امن امان هو، خير ۽ برڪت جو
جواب ڪونه هو، سنڌ جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيا، سڄو
ملڪ ريان کيان هو، دينداري ۽ دنياداري ملڪ ۾ ٻئي
گڏوگڏ هيون، ديني ۽ دنيوي علومن جي اشاعت سنڌ جي
چئين ڪنڊين انتهائي عروج تي هئي، مدرسا ۽ خانقاهون
آباد، راڄ ۽ رعيت امير خواه سپاهي، سڀ آرام ۽
آسائش ۾ هئا، جيسين پاڻ زنده هو، تيسين ڪنهن به
ڌارئين کي همت ڪا نه ٿي، جو سنڌ ڏانهن مندي اک کڻي
نهاري.
ڄام نندي جي پاڪبازيءَ، زهد ۽ تقويٰ جون ڪيئي
ڪهاڻيون مشهور آهن. تاريخ ۾ اُن جا ڪيترا مثال
محفوظ آهن، قاضي عبدالله جي جنازي نماز ڄام نندي
هن ڪري پڙهائي، جو پاڻ سموري زندگي باوضو رهيو هو
۽ ڪڏهن پنهنجي اوگهڙ ڪا نه ڏٺي هئائين، ٺٽي ۾
ڪيترا پير، فقير، صوفي ۽ بزرگ موجود هئا، ليڪن اهي
وصفون فقط سنڌ جي سلطان ۾ موجود هيون. انهيءَ
تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ سبب ئي هڪ روايت مطابق، پير
مراد شيرازيءَ جي جنازي نماز به ڄام ئي پڙهائي.
مشهور آهي ته جڏهن هو گهوڙن جي ڪڙهه ۾ ويندو هو،
ته جانورن جي پٺيءَ تي هٿ گهمائي چوندو هو:
خدا اهو ڏينهن نه آڻي جو سواءِ غزا جي، آئون اوهان
تي سواري ڪريان! دعا آهي ته: ڪنهن به مسلمان جو
خون منهنجي هٿان اوهان تي سواريءَ ڪندي نه وهي!
آئون انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي خدا اڳيان قيامت ڏينهن
شل شرمندو نه ٿيان!،
سندس هيٺينءَ رباعيءَ مان پڻ سندس سيرت ۽ ڪ ڪردار
تي روشني پوي ٿي:
اي آنک ترا نظام الدين مي خوانند
تو مفتخري کہ، مرا نين مي خوانند!
گر در رهِ دين از تو، خطائي رفته
شک نيست کہ ترا کافر لعين مي خوانند
سڀني مؤرخن، سنڌ جي انهيءَ نيڪنام سلطان جي تعريف
ڪئي آهي ۽ سندس دؤر کي امن ۽ سڪون، ايمان ۽ اخلاق،
نيڪيءَ ۽ ديني بلنديءَ جو دؤر ليکيو ۽ لکيو آهي.
معصوميءَ جو مصنف لکي ٿو:
”.... در اوائل حال، طلب علم مي نمود، و در مدارس
و خوانق ميگزرانيده و بغايت متواضع و خليق بود،
بصفات پسنديده و اخلاق حميده متصف، و زهد و عبادت
بدرجہ کمال داشته.“
آخر ۾ لکي ٿو:
”... و فضيلت و حالت او زياده ازان بود کہ شمہ
ازان تحرير توان نمود.“
مائر رحيميءَ جو مصنف لکي ٿو ته: سنڌ ڇا؟ بلڪه
سموري هندستان ۾ جهڙس ديندار متقي ۽ صاحب فضيلت
بادشاهه ڪو نه ٿيو، مغل دؤر جي انهيءَ مئورخ جو
اهو قول وزندار ۽ وڏي ۾ وڏو اعتراف آهي:
”درميان سلاطين سنده چہ؟ کہ درميان سلاطين هندستان
بفضيلت و حالت او نبوده.“
ساڳيو مصنف لکي ٿو ته سندس دؤر ۾، عالم صالح بزرگ
۽ فقير سڀ خوش و خرم ۽ رعيت خواه سپاهي فارغ البال
۽ آسوده حال هئا.
”... در زمانِ دولت او، علما و صلحا و فقرا، در
نهايت فراغت، اوقات مي گذرانيدند، و سپاهي و رعيت
آسوده حال و مرفع الحال بودند
مذهبي شوق ۽ شغف جي سلسلي ۾ مير معصوم جو قول آهي
ته:
”... در زمان دولت او، احياء سنن بنوعي شيوع يافته
بود کہ مافوق آن، تصور نتوان کرد، و در مساجد
اقامت جماعت به نهجي ميبود کہ صغير و کبير محله،
در مسجد حاضر آمده، بگذاردن نماز، تنها راضي
نبودند-“
ساڳي سلسلي ۾ ماثر رحيميءَ جو مصنف لکي ٿو:
”... احياء سُنن و رواج مدارس بنوعي در سند مقرر
بوده کہ، زبان، قلم از تحرير آن عاجز است.
مڪلي نامه جو مصنف، تحفة الڪرام ۾ رقم طراز آهي:
”.... درزمائش علما و سادات و صلحا و عموم خلق
الله برفاهيت کلي، احدي بدون صوم و صلواته نبودي.“
تحفة الڪرام، مقالات الشعرا، حديقته الاوليا، تحفة
الطاهرين يا ٻين تذڪرن ۽ تاريخن ۾ اسان کي اڪيچار
سنڌي عالمن، بزرگن، مشائخن، محدثن ۽ شاعرن جا نالا
ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن انهيءَ سلطان جي دؤر ۾ سنڌ اندر،
اطمينان ۽ دلجعيءَ سان ديني ۽ دنيوي علمن کي فروغ
ڏيڻ ۾ اڻ وسرندڙ ڪوششون ۽ خدمتون ڪيون.
اهڙيءَ ريت امن، فراغت ۽ خوشحاليءَ جون خبرون جڏهن
ڏورانهن ڏيهن تائين پهتيون، تڏهن سنڌ کان ٻاهر جي
مشاهيرن به قطار درقطار هن طرف رخ رکيو. سلطان
نظام الدين جي آخري دؤر ۾ ته خاص طرح ايران خراسان
خواه ماوراءِ النهر مان ڪيئي گهراڻان، سنڌ ۾ ايڏي
ڪثرت سان اچي پهتا، جو انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ حضرت
ننگر ٺٽي ۾، علاحدا محلا مخصوص ڪرڻا پيا. وسط
ايشيا ۾ اهو زمانو سخت بدامني ۽ طوائف الملوڪيءَ
جو هو.
انهيءَ ڀاڄڙ ۾ گهڻا ته خس و خوشاڪ جي مئل هوا،
ليڪن ڪي اهڙا عالم ۽ دانشمند به اچي پهتا، جن جو
اچڻ، سچ پچ ته سنڌ لاءِ هڪ نعمت هيو. مثلاً:
مولانا عبدالعزيزابهري ۽
سندس پٽ مولانا اثيرالدين پنهنجي سموريءَ خاندان
سميت هتي پهتا. علم جي اشاعت لاءِ مدرسو جاري ڪري،
هنن سون علم جي طالبن جي آس ۽ پياس پوري ڪئي.
علامه جلال الدين دواني
(المتوفي سنه 908هه) سنڌ ۾ اچڻ لاءِ تيار ٿيو، راه
خرچ به ڏانهس موڪليو ويو، ليڪن افسوس جو خرچ پهچڻ
کان اڳ مولانا لاڏاڻو ڪري ويو:
؛..... تا رسيدن خرچ راءِ و رسولان، مولانا سفر
تته را بسفر آخرت تبديل نموده بملڪ بقا رفته بود.
هن جا ٻه جيد شاگرد، مير شمس ۽ مير معين ٺٽي ۾ آيا
جن هتي رهي، ديني ۽ دنيوي علم جي اشاعت ۾ ڀلئون ڀل
بهرو ورتو.
اهڙيءَ ريت سنڌ جي انهيءَ نيڪ نهاد سلطان جي سمي ۾
ڪيترن بيروني عالمن هتي پناهه گزين ٿي، شاهي
سرپرستيءَ هيٺ سنڌ کي علمي فائدو رسايو.
ڄام نظام الدين جو اهو سلوڪ، ڇڙو پنهنجي هم مذهب
رعيت سان نه هو، بلڪه سنڌ جي غير مسلم رعايا به
انتهائي امن ۽ آرام ۾ هئي. تاريخ ۾ ڪيترن هندو
اميرن جا نالا اسان کي ملن ٿا، جيڪي سندس دؤر ۾
حڪومت جي نهايت اهم عهدن تي فائز هئا. عام هندن پڻ
مسلمان رعيت وانگر، خوشحاليءَ ۽ فارغ الباليءَ سان
پنهنجو وقت خير خوبيءَ سان گذاريو ٿي. نه مذهبي
دوئي هئي ۽ نه ديني دنگا هئا، بلڪه انهيءَ قسم جو
تصور به سندس زماني ۾ موجود ڪونه هو.
سلطان پنهنجي چئوڌاري، مجلس خواه مصلحت، ملڪي
ڪاروبار خواه حڪومت جي نظام هلائڻ لاءِ چيدا چيدا
ماڻهو رکيا هئا. وڏو مردم شناس بادشاهه هو، تاريخ
۾ اسان کي سندس متعلقين مان ڪوبه هڪ ماڻهو، غلط
قسم جو ڪونه ٿو ملي.
دريا خان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪر هو، بادشاه منجهس
ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏنا، پاڻ وٽ آڻي سندس پرورش
ڪيائين ۽ اعلي! پيماني تي ترتيب ڏئي، معمولي ملازم
جي درجي تا مٿي چاڙهندي کيس، وزير اعظم جي عهدي
تائين وڃي رسايو. سنڌ جي فوجن جي سپه سالاري به
سندس سپرد هئي، ”مبارڪ خان“ ۽ ”خان اعظم“ جا خاصا
خطاب ڏئي، سندس مرتبو بلند ڪندي آخر ۾ کيس پنهنجي
فرزنديءَ سان سرفراز ڪري، عروج ۽ اقبال منديءَ جي
آخري منزل تائين پهچايائين. (1) مردم شناس سلطان
جي انهيءَ منتخب ڪيل ماڻهوءَ، پنهنجي ڪارڪردگيءَ
سبب، بادشاه جي زندگيءَ ۾ ته نمڪ حلالي ۽ جفاڪشي
ڪندي سموريءَ سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو، بلڪه سلطان
جي وفات کان پوءِ به، اهوئي اڪيلو امير هو، جنهن
سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پورا ٻارهن سال مسلسل جدوجهد
جاري رکيو، پنهنجي جئري مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ ڪو
نه ڏنائين ۽ دره بولان وٽ پهچي کين شرمناڪ شڪستون
ڏئي پٺتي ڌڪيائين، آخر ۾ ٺٽي جي چائٺ وٽ لڙندي
وڙهندي، تير ۽ تلوارون هڻندي ۽ کائيندي، جڏهن
پنهنجو سر صدقو ڪيائين، ان کان پوءِ ئي”خرابيءَ
سند“ (2) جو باب کلي پيو، جنهن هڪ ٺٽي جو ڇا؟ بلڪه
غيرن جي غلاميءَ لاءِ پوريءَ سنڌ جو رستو هموار ۽
صاف ڪري ڇڏيو. انهيءَ قسم جي مردم شناسيءَ جا
ڪيئي مثال سلطان نظام الدين جي تاريخ ۾ اسان کي
ملن ٿا. مثلاً سندس پهريون وزير دلشاد خان به
شجاعت ۽ انسانيت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، بکر جي صوبي
۾ هن جيڪي اصلاحون آنديون سي تاريخ ۾ سندس
ڪارڪردگيءَ جو روشن مثال آهن. اهڙيءَ طرح ڪيئي
امير ۽ مشاهير، سلطان جي بزم جا روشن چراغ هئا.
اهوئي سبب هو جو، سندس سلطنت مستحڪم، ملڪي نظام
محڪم ۽ سموري سنڌ- جيسين جيئرو هو، تيسين، ريان
کيان ۽ باغ و بهار رهي.
سلطان نظام جو دؤر (866-914هه) ٻئي هڪ لحاظ سان به
تاريخ ۾ يگانو هو، جنهن وقت سلطان جي سنڌ تي حڪومت
هئي، ان وقت پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ حسن اتفاق سان،
سڀيئي بادشاهه جهڙس ئي جليل القدر ۽ ناميارا هئا.
تاريخ غير معمولي بادشاهن جي اهڙي يڪجائي، ڏاڍو
مشڪل سان پيدا ڪندي آهي.گجرات، پاڙو پاڙي سان
هئي، سنڌ ۽ گجرات وارن جي مٽي مائٽي به هئي، علاوه
ازين ثقافتي تعلقات به ڏاڍا ڳوڙها هئا. اتي سلطان
محمود بيگڙي جهڙو ناميارو بادشاهه (863- 917هه)
حڪومت ڪري رهيو هو، بهلول لودي دهليءَ (5-894هه)
جو بادشاهه هو، مانڊو ۾ غياث الدين بن محمود خلجي
(873-906هه) حڪمران هو. سلطان محمود بهمني دکن
جو(887-924هه) بادشاهه هو. اهڙيءَ طرح هڪ طرف
هندستان ۾ اهي عظيم الشان بادشاهه سرير آرائي
سلطنت هئا ۽ ٻئي طرف سنڌ جي ٻئي همسائي ملڪ خراسان
تي، شاهه حسين بايقرا (863-912هه) جي حڪومت هئي.
جنهن جي علم پروري ۽ ادب نوازي، تمدن ۽ تهذيب جي
تاريخ ۾، مثالي آهي ۽ جنهن جي دؤر جهڙو راحت ۽
سڪون امن ۽ امان ۽ جنهن جي زماني جهڙي فراغت ۽
فارغ البالي، خراسان جي خطي کي وري ڪڏهن نصيب ڪا
نه ٿي.
مولانا جامي انهيءَ دؤر جو شاعر ۽ انهيءَ بادشاهه
جو دوست هو، بهزاد مصور انهيءَ سلطان جي دربار جي
زيب ۽ زينت هو، مير علي شير نوائيءَ جهڙو اديب ۽
ادب پرور مدير، جنهنجو مثال تاريخ مشڪل سان پيدا
ڪندي آهي، سو سندس وزير با تدبير هو.
ڄام نظام الدين
جو مقبرو: جنهن جي واکاڻ ”مڪلي نامه“ جي مصنف ڪئي
آهي. تعميري فنڪاريءَ جو نهايت ئي نادر نمونو آهي،
تعمير ۾ مختلف طرزن کي هڪ ٻئي سان ملائي، اهڙيءَ
طرح پيوست ڪيو ويو آهي جو تعمير جي تاريخ ۾ اهو
مقبرو هڪ يگانو نمونو ۽ هڪ غير معمولي مثال ٿي پيو
آهي. بناوٽ ۾ گجراتي، هندو، اسلامي ۽ خالص سنڌي
طرزن کي گڏي، انهن جي دلڪش امتزاج مان، هڪ عجيب و
غريب شاهڪار تخليق ڪيو ويو آهي، جيڪو ڏسندڙن جي
نظر کي پهرين ئي نگاهه سان پاڻ ۾ جذب ڪري وٺي ٿو.
سامهين ديوار ۾ پکن جي قطار، سورج مکي ۽ ڪنول گل
جي مهاڙيءَ ۾ سٽا، جهروڪن جا وڏااوڙا ۽ انهن جا
پاوا، آڳر واري ٻاهر نڪتل حصي جي سموري سنجهٽ ۽
ٻاهيون، خواه داخلي دروازي جي چوڪور ساخت، مٿي
بيان ڪيل مختلف اثرات کي نمايان طرح ظاهر ڪري رهي
آهي.
گجراتي خواه هندي فن عمارت سازيءَ جو اهو اثر، ڄام
نظام الدين جي مقبري تي يا سمن جي ٻين چوڪنڊن ۽
مقبرن، انهن جي گنبذن ۽ پيل پاوَن تي، جن سببن ڪري
پيو ٿو ڏسجي، انهن مان اهم ترين سبب آهي، گجرات ۽
سنڌ جي پاڻ ۾ همسايگي ۽ انهيءَ ڪري عام جام آمدو
رفت. علاوه ازين ٻيو اهم ڪارڻ ٿيو سمن ۽ گجراتي
سلطان جي هڪ ٻئي سان مٽي مائٽي، جنهن نه فقط
سياسي طرح سنڌ ۽ گجرات کي هڪ ٻئي جي قريب ڪري
ڇڏيو، بلڪه سماجي خواه تمدني طرح پڻ ٻن ملڪن ۽
سلطنتن جا ناتا استوار ۽ مضبوط ڪري ڪيترا ثقافتي
ويڇا وچان مٽائي ڇڏيا.
سلطان نظام الدين جي روضي جي اترين طرف واري بند
ٿيل
دروازي جي مٿين سردر تي جيڪو ڪتبو اڪريل آهي، ان
مان معلوم ٿئي ٿو، ته سلطان نظام جي انتقال بعد،
ڄام فيروز
سنه 915هه ۾ اهو مقبرو ٺهرائڻ شروع ڪيو. ظاهر آهي
ته تعمير مڪمل نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ستت ئي تخت ۽
تاج تي خانداني وڳوڙ ۽ ڪشمڪش شروع ٿي، جنهن ٻيا
سڀئي رفاهي ۽ تعميري ڪم بند ڪري ڇڏيا. اهو سبب
ٿيو جو، نه گنبذ ٺهيو ۽ نه عمارت جو رٿيل نقشو،
مڪمل ۽ راس ٿي سگهيو.
ڪتبي جي عبارت مطابق ته مقبري جو ٺاهيندڙ ڄام
فيروز آهي، ليڪن ظاهر آهي ته هو ان وقت الهڙ
نوجوان هو، تنهن ڪري اهڙي نفيس تخليق، سندس ذهن جو
ايجاد ۽ دماغ جو اختراع ٿي نٿي سگهي، دريا خان جي
مقبري واريءَ ديوار جي ساخت کي جنهن کي هن سنه
895هه ۾ ٺهرايو. ڏسندي اسان جو خيال آهي ته پنهنجي
ولي نعمت ۽ پنهنجي منهن ٻولئي پيءَ جي مبقري
ٺهرائڻ ۽ ان جي رٿا ۾ ضرور
درياءَ خان دولهه
جو فڪر رسا ڪارفرما رهيو آهي.
مقبري جي چؤديواريءَ
اندر چار قبرون آهن، جن تي ڪو به ڪتبو يا نشان
ڪو نه آهي، جنهن مان معلوم ڪري سگهجي ته انهيءَ
خوشنام ۽ نيڪ نهاد سلطان جي ابدي آرام گاهه ڪهڙي
آهي.
سمن سلطانن جي خانداني شجري خواهه سلطانن جي ترتيب
۽ فرمانر وائي جي سالن ۾ سخت اختلاف آهي، هر ڪنهن
مئورخ جو بيان جدا جدا آهي، اسان هڪ سلسلي وار
شجرو ۽ ان تي وضاحتي حاشي
هن هيٺ ڏئي رهيا آهيون، جنهن مان پڙهندڙ، انهيءَ
خاندان جي سلطانن جو هڪ خاڪو به آساني ذهن نشين
ڪري سگهندا.
انهيءَ شجري مان اهو پڻ پتو پئجي ويندو ته، سنڌي
سلطان گجراتي حاڪم ۽ خانديش جا فاروقي فرمانروا
ڪهڙيءَ ريت مٽيءَ مائٽيءَ ۽ سنڱان بنديءَ ۾ هڪ ٻئي
سان ڳنڍيل ۽ پوئتيل هئا.
درياءَ خان سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط ۽ مسحڪم
ڪيو. فوجي سياسي خواه سماجي يا اقتصادي صورتحال
کي هن اهڙيءَ ڪڙيءَ تي پهچايو، جو مورخن جو متفقه
قول آهي ته: اهڙو زمانو سنڌ نه پهريون ڏٺو ۽ نه
پوءِ.
انهن تعميري ۽ رفاهي صلاحيتن سان گڏ منجهس
آزاديءَ ۽ وطن پرستيءَ جو جيڪو انگ هو، اهو سنڌ جي
تاريخ ۾ کيس هميشه هميشه زنده ۽ پابند رکندو.
سِرن جا سانگا لاهي، وطن کي ڌارين جي قبضي کان
آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪو جدوجهد ڪيو، اهو حقيقتاً
وطنيت جي تاريخ ۾ مثالي آهي.
سندس سمورو خاندان انهيءَ رنگ ۾ رتل هو، سندس سڀئي
پٽ، وطن دوست آزادي خواه جري جوان ۽ بهادر هئا،
علاء الدين منجهان عالم نڪتو، محمود خان ۽ مٺڻ
خان سپاهي مرد هئا، ٽلٽيءَ ۽ ڪاهان ۾- جتي سندن
علاقو هو، ارغونن سان خوب وڙهيا ۽ ڪيئي جوٽان
ڪيائون، سارنگ خان سندس چوٿون پٽ به انهيءَ ڏس ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هو، انهن سڀني هٿان، درياءَ خان جي
شهادت بعد ۽ ٺٽي تي قبضي ٿي وڃڻ کان پوءِ به ڪيتري
عرصي تائين، ارغونن کي ڏکيا ڏيهن ڏسڻا پيا.
درياءَ خان جو قبرستان، ڄام نظام الدين جي مقبري
جي ويجهو، اولهه پاسي کان آهي، پٿر جي محڪم
چئوديواري، اوڀر ۽ ڏکڻ کان ٻه دروازا، جن تي ڪتبا
اُڪريل اولهائين ديوار ۾ محراب ان جي لڳ سندس
قبر، جنهن تي خوبصورت خط ۾ اُبتون اڪريل آهن.
سيرانديءَ کان نالي جو ڪتبو هن ريت آهي:
يا الله
هٰذا مرقد المعطر
للخان الاعظم
شهيد مبارڪ خان
ابن سلطان نظام الدين
اوڀارين دروازي جي مٿئين سردر تي جيڪو ڪتبو آهي،
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته: سال 895هه ۾ درياءَ خان
قبرستان جي اها چوديواري ٺهرائي. ڏکڻين دروازي جي
سردر واري ڪتبي مان ظاهر ٿو ٿئي ته، کيس احمد نالي
پڻ هڪ پٽ هو، جنهن اهو ڪتبو قطب الدين بن محمود
کان اڪرايو، ڪتبي تي سندس نالو هن ريت اُڪريل آهي:
احمد بن درياءَ خان
غفر الله له
چؤديواريءَ اندر، درياءَ خان جي مزار کان سواءِ،
ستاويهه ٻيون قبرون آهن، جنهن مان ڪنهن تي به نانو
نشان اُڪريل ڪو نه آهي.
(1)
انهيءَ مان درياءَ خان جي شڪست ۽ شهادت جو سال
برآمد ٿئي ٿو، علاوه ازين سنڌ جي غلاميءَ جي بسم
الله پڻ انهيءَ خرابي سند، سان شروع ٿئي ٿي، اهو
مهينو به محرم جو هو، پوڻان نو سئو ورهه اڳ ٿيل
ڪربلا واريءَ تاريخ کان هڪ ڏينهن وچان وجهي، سنڌ
جي هن”ڪربلا وبلا“ جو واقعو واقع ٿيو. يارهين محرم
الحرام جو درياءَ خان دولهه، سنڌ مٿان سر صدقو ڏئي
سرهو ٿيو ۽ سنڌ انهن جي بي رحم قبضي ۾ اچي وئي،
جيڪي ڌريان ئي ڌاريا هئا.
(2)
هن هيٺ سمن سلطانن جي سلسلي ۾ حاشيا ڏئي رهيا
آهيون، انهن جو تعلق ڪتاب ۾ شامل ڪيل شجري سان
آهي، شجري ۾ نالن مٿان نمبر ڏنا ويا آهن، ساڳن
نمبرن جي تحت ڏسڻ گهرجي.
(1)
فيروز الدين ڄام اُنڙ اول:
·
همير بن دودي سومري کان سنڌ جي سلطنت کسي، هن سمن
جي صاحبيءَ جو بنياد وڌو.(مڪتوبات عين الملک
ماهرو)
اين بطوطو، سنه 737هه جو سنڌ ۾ پهتو، ان وقت همير
۽ ڄام اُنڙ جي جدوجهد هلي رهي هئي، جنهن جو هن ذڪر
ڪيو آهي.(سفرنامه ابن بطوطه)
محمد تخلق جي باغي طغيءَ ٺٽي ۾ وٽس پناهه ورتي،
جنهن ڪري محمد تغلق ٺٽي تي چڙهائي ڪئي.
محمد تغلق ڪاهه ڪري ٺٽي طرف ٿي آيو، ليڪن اڃان
چوڏهن ڪوه، کن پري هو جو 21 محرم 752هه جو فوت
ٿيو.
فيروز تغلق انهيءَ جاءِ تي تخت نشين ٿي، في الحال
موٽي دهليءَ هليو ويو.(ضياء ۽ عفيف)
ڊاڪٽر نبي بخش سندس وفات جو سنه 753هه ڏنون آهي،
خبر نه آهي ڪهڙيءَ سند تي.
2-
صدرالدين ڄام بابنيهيه ثاني:
پيءَ جي وفات (753هه) بعد پنهنجي چاچي(2/ب) علاءُ
الدين ڄام جوڻي اول کي پاڻ سان گڏي، تخت نشين ٿيو.
پاڻ وطن دوست ۽ ٻاهرينءَ مداخلت جي سخت مخالف هو،
دهليءَ وارن جي بالادستيءَ جو جاني دشمن هو، ڪيترا
دفعا هن دهلي جي هٿ هيٺ آيل علاقن تي حملا ڪيا.
فيروز تغلق جڏهن لکنو تيءَ تي فوج ڪشي ڪري ويو، ان
وقت ڄام، ملتان جي حدن تائين دهليءَ جي حڪمرانيءَ
۾ گهڙي ويو.(منشات ماهرو مطبوعه علي ڳڙهه از شيخ
عبدالرشيد. سنڌ تي سمن جو عروج از ڊاڪٽر رياض
الاسلام مطبوعه اسلامڪ ڪلچر).
فيروز تغلق، پهريون دفعو؟ حملو ڪري ٺٽي آيو، تنگ
ٿي شرم پرچائڻ خاطر، گجرات جي رستي کان واپس هليو
ووي. فيروز جي انهيءَ فرار تي ٺٽي وارن چيو:
هڪ مئو، هڪ ٽٺو
برڪت شيخ پٺو
فيروز تغلق ٻيو دفعو سنه 767هه ۾ ڪاهه ڪري ٺٽي
آيو، مقابلو تمام سخت ٿيو، آخر جهانيان جهان گشت
سيد جلال الدين بخاري جي، وچ ۾ پوڻ تي صلح ٿيو ۽
انهيءَ صلح پٽاندڙ هيٺين شرطن تي ڄام ٻاٻيهڻو
پنهنجي چاچي ڄام جوڻي سميت سلطان وٽ هلي آيو.
1- ساليانو خراج ڏيندا رهندا. 2- پاڻ ۽ چاچهنس
فيروز سان دهليءَ ويندا ۽ اُتي رهندا 3- سنڌ مٿان
سندن حڪومت قائم رهندي ۽ سندن نمائندا (اولاد)
پٺيان حڪومت سنڀاليندا رهندا.
پاڻ(سنه 769هه) ۾ دهلي ويا، پٺيان حڪومت، سندس
ڀاءُ، رڪن الدين ڄام تماچيءَ ۽ ڀاٽيس خيرالدين
ڄام طغاچيءَ جي حوالي ٿي، دهليءَ ۾ سندس وظيفو ٻه
لک ٽنڪو مقرر ٿيو.
صلح بعد، پهريون پاڻ شڪارگاهه ۾ پهچي فيروز تغلق
سان مليو. زياده تر شڪايت کانئس هئي، تنهنڪري ئي
پاڻ پهريون فيروز وٽ منهن ڏنائين.
فيروز تغلق سنه 790هه ۾ فوت ٿيو. غياث الدين تغلق
تخت تي ويهڻ کان پوءِ ڪجهه عرصو رکي، کينس وطن وڃڻ
جي اجازت ڏني ۽ تحفا تحائف ڏئي سنڌ ڏانهن
اماڻيائين، وطن ايندي، واٽ تي فوت ٿي ويو. (عفيف
654)
3_ صدر الدين ڄام بابنيه جا پٽ:
کينس پٽ هوا، جيڪي دهليءَ وٺي ويو، دهليءَ ويندي
واٽ تي ٻيڙيءَ ٻڌڻ جي خبرپيس، پٺتي موٽيو ته
ٻيڙيءَ .کي ڏسي متان سندس پٽن واري ٻيڙي نه هجي.
(عفيف 248)
ڪنهن به پٽ جو نالو ڪونه ٿو ملي.
4_ علاءُ الدين ڄام جوڻو اول:
هي صدرالدين ڄام ٻاٻيهڻي(2/الف) سان گڏ حڪومت ۾
ڀائيوار ٿيو. فيروزالدين شاهه ڄام انڙ اول جي وفات
(سنه 756هه) بعد.
صدرالدين ڄام ٻاٻيهڻون (2/الف) ڌاريءَ دست
اندازيءَ جي بلڪل خلاف هو، ليڪن هن جي پاليسي نرم
۽ سرنجان مرنج واري هئي. ملتان جي گورنر عين الملک
ماهروءَ ڏاهنس دهليءَ جي حڪومت جي ماتحتي قبول ڪرڻ
لاءِ خط پڻ لکيا.
جڏهن فيروز تغلق جي ٻئي حملي وقت ٻنهي ڌرين ۾ صلح
ٿيو. تڏهن پهريون هن صدرالدين ڄام ٻاٻيهڻي (2/الف)
کي فيروز وٽ پيش ٿيڻ لاءِ موڪليو، ان کان پوءِ پاڻ
وڃي ساڻس مليو ۽ پنهنجي هڪ شعر جو هي مصرعو سندس
اڳيان پڙهائين.
شاهه بخشنده توئي، بنديءَ شرمنده منم
5_ ٻيو دفعو:
ڪجهه سالن (؟) بعد، رڪن الدين ڄام تماچيءَ
(3/الف) کي دهليءَ روانو ڪيو ۽ پاڻ سنڌ جي حڪمت ي
ٻيو دفعو اچي فائز ٿيو.(عفيف)
ٻئي دفعي واري اچڻ جو نه سال معلوم آهي ۽ نه چئي
سگهجي ٿو ته پاڻ ڪيستائين حڪمران رهيو.
گُجي جي ڀر ۾ شيخ ترابيءَ جي مزار تي جيڪو ڪتبو
آهي، ان ۾ علاءُ الدين ڄام جوڻي جو نالو ۽ سال سنه
782هه اُڪريل آهي، جنهن مان ظاهر آيه ته انهيءَ
سال سنڌ تي، سندس حڪومت هئي، اهو سال دهليءَ کان
موٽي اچڻ کان پوءِ جو آهي، ليڪن ان معلوم ڪرڻ لاءِ
اڃان ڪا به تاريخي شهادت ميسر ڪا نه ٿي آهي ته،
سندس اهو دؤر ثاني، ڪڏهن کان شروع ٿيو ۽ ڪيستائين
هليو، ڪتبو هي آهي:
بعهد شهر يار دهر سلطان داور(کذا)
شههِ فيروز منصور و مظفر درصفِ شاهان
بامرِ سرفرازِ هند خاص حضرت عالي.
کہ پائي قدر او اعلا زفرِ فرقدِ تابان
ستوده جام جم سيرت علاء الدين دريا دل
کہ از مهماني لطفش جهان شد جمله آبادان
برآمد اين چنين گنبذ معلا کز صفا، گوئي
بسانِ بيت معمور آمد ست ازبار اين ايوان
مقام شيخ حاجي بو ترابي، آن ولي الله
کہ بردرگاه اوگردد روا، حاجات خلق آسان
بالِ هفصد و هشتاد و دو از هجرتِ احمد
زعونِ ايزد ذوالمن والا فضال والا حسان
بناشد، ثالثِ ماه صفر، ايمن روضه ميمون
بسعي کمتر بن بند گان موسيٰ بن شهجان
اهو ڪتبو تعليق ۾ آهي، مٿي جيڪا پڙهڻي ڏني وئي
آهي، اها مولانا محمد شفيع مرحوم جي آهي(اورينٽل
ڪاليج ميگزن 1935/2) 3 صفر 872 جو فيروز(تغلق جي
دؤر ۾ ڄام علاءُالدين جي حڪم تي موسيٰ بن شهجان
اهو مقبرو ٺهرايو، شهجان شايد شاهه جهان جو شعري
ضرورت سبب مخفف آهي.
انهيءَ ٻئي دفعي اچڻ وقت، هن ڄام تماچيءَ (الف 3)
۽ سندس پٽ سلطان صلاح الدين ڄام اُنڙ ثاني(6) کي
دهلي روانو ڪيو، جنهن لاءِ حديقه الا ولياءَ جي
حوالي سان تحفة الڪرام جو صاحب لکي ٿو ته:
”جام جونه، جام تماچي و پوش جام صلاح الدين رامقيد
بدهلي فرستاد، بود، و بتصرف شيخ(حماد جمالي)
نامبردها، از قيد هند خلاص شده بسند رسيد ند-“
(ص 32 خطي).
انهن بيتن مان هڪ بيت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ حديقته
الاوليا تان نقل ڪري(104) ڏنو آهي:
جوڻو، مت اوڻو، ڄام تماچي آء
سٻاجي ٻاجهه پئي، توسين ٺٽو، راء!
(2) تفصيل ڏسو تحفته الڪرام، ج 3 ص 182-183
(3) ڄام تماچي اها رقم 92-793 هه ڌاري ڏني ۽
مسجد انهيءَ بعد ٺهڻ شروع ٿي هوندي (ڏسو سمن
جو شجرو ۽ ان جو نوٽ نمبر 7) ۾ آهي ته شيخ بدن
تي ڪپڙو ڪو نه اوڍيندو هو، اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ فقط
کٿيءَ جو هڪ ٽڪر ٻڌي ڏيندو هو، ۽ ڳوڻ جي هڪ
ٽڪر تي رات جو سمهندو هو.
ڏسو
سمن جو شجرو ۽ ان جو نوٽ نمبر 7:
فان المغل لما دخلوالسند بہ طمعوا في الملک
فاحتا لوا علي وزيره دريا خان وکان وجوده به
وفي الفرص، قتلوه غد را مابلوابہ ص 128.
معصومي
ص 70 ماثر رحيمي ج 2 ص 273
انهيءَ مٽي مائٽيءَ جو صورتحال، سمن جي شجري
۽ ان تي هيٺ لکيل حاشي ۾ ڏسڻ گهرجي.
|