20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي نامو

باب: --

صفحو :35

شيخ حماد جمالي جو آس پاس:

مخدوم بلاول جي مزار شيخ جي جوار ۾ آهي.1

 

سبع حفاظ (ستن حافظن) جي قبرن مان ڇهه قبرون شيخ جي ڀر ۾ هڪ چبوتري (سڪوچه2) تي آهن ۽ هڪ جدا هيٺ آهي.3

قاضي عبدالله بن تاجي جي مزار شيخ جي رانڪ جي بلڪل پويان آهي.4

سيد عبدالرزاق (سيد يوسف بکريءَ جي ڀاءُ) جي قبر شيخ جي مقبري جي پويان ۽ قاضي عبدالله جي چوکنڊيءَ جي اولهندي ۾ آهي.5

___. شيخ حماد ساموئي جي دامن تي، جتي مدفون آهي، اتي ئي سندس خانقاه هئي.6

___. خانقاه جي ڀر ۾ - سندس چوڻ تي ڄام تماچيءَ مڪليءَ واري جامع مسجد ٺهرائي.7

___ . مسجد جي هڪ طرف ڄام نندي جي رانڪ ۽ ان جي ٻئي طرف قاضي عبدالله جي مزار آهي.8

___ . ڄام تماچي ۽ مائي نوريءَ جون قبرون شيخ جي پيرانديءَ کان هڪ هجري ۾ آهن.9

 

شاه درويش ۽ جمن جتي:

___ . شاه درويش جي جوار ۾ جمن جتي مدفون آهي.1

 

___ . جمن جتي جنهن جاءِ تي مدفون آهي، اتي سندس حجرو هوندو هو.2

___ .جمن جتيءَ جي ڀرسان شڪر الٰهي ساداتن جو قبرستان آهي.3

ساموئي:

پير مراد جي قبرستان کان اتر ۾ جيڪو نشيني علائقو آهي، اهو ساموئي آهي.

___ . ست ستيون، جيڪي سومرن جي سمي جون چيون وڃن ٿيون، سي اتي مدفون آهن.

___ . شيخ جهنڊي پاتڻيءَ جي مزار اتي آهي.4

___ . سيد يقعقوب مشهدي (متوفي 922هه) پڻ اتي مدفون آهي.5

___ . ملا عبدالرحمان لُٽر جي قبر پير مراد جي قبرستان کان لهي ساموئيءَ ڏانهن ويندي6 اتر اولهه جي ڪنڊ تي ڪچي پير چاري تي آهي. قبر ڪچي آهي، چوڌاري لوڙهو ڏنل آهي.

سهسه لنگ:

___ . سهسه لنگ سمن جي قبرستان ۾ هو. هر بادشاه رسم مطابق يادگار لاءِ هڪ ماڙي اڏائيندو هو. انهيءَ دؤر ۾ سهسہ لنگ تلاءَ تي عاليشان محل ۽ ماڙيون اڏيل هيون.

___. درويش ميرڪي انهن ماڙين کي ڊاهي، انهن جي پٿر ۽ گچ مان مڪليءَ تي هڪ منارو ٺاهيو، رات جو ان تي ڏيئو ٻاري ڇڏيندو هو، جيئن عربي سمنڊ مان ايندي سوداگرن جا ٻيڙا پنهنجو رستو ۽ رخ متعين ڪري سگهن.1

 

شيرازي سيدن جو قبرستان:

___. قاضي صدو بن حماد جي مزار شيرازي سيدن جي قبرستان ۾ آهي.2

___. سيد ملوڪ شاهه (ميرد قاضي صدو) قاضيءَ جي ڀڪ ۾ مدفون آهي.3

___. اهو قبرستان شروع کان قاضيءَ جي وڏن جو هو.4

___. چبوتري مٿان پٿر جي قبر سيد عبدالعليءَ جي آهي.5

شيخ عاليءَ جو قبرستان:

___. ميان لاکي جي قبر شيخ عاليءَ جي قبرستان ۾ آهي.6

___. موسيٰ مهربان جي مزار به شيخ جي قبرستان ۾ آهي.7

___. شيخ محمد غوث جي مزار ميان موسيٰ مهربان سان گڏ آهي.8

___. شيخ عالي انهيءَ ٽڪريءَ تي رهندو هو. دفن به اتي ٿيو.1

 

___. مخدوم ابو مصطفيٰ جي رهڻ جي جاءِ ساڳئي ٽڪريءَ تي شيخ عاليءَ جي جاءِ جي ڀر ۾ هئي.2

عبدالله شاهه صحابيءَ جو مرقد:

___ . گجرات مان شاه بيگ ارغون جي دؤر (27-928هه) ۾ ٺٽي آيو. فوت ٿيڻ بعد ڪيترو وقت سندس مزار جو پتو ڪونه ٿي پيو. شاه حافظ الله گجراتي پنهنجا ٻه خليفا شيخ محمد يعقوب ۽ خليفو ابو البرڪات ٺٽي موڪليا. جي سيد علي ثانيءَ وٽ پهتا. سيد سندن گذارش پٺيان، مڪليءَ تي پهچي مراقبي ۾ ويٺو ۽ ڪشف جي ذريعي قبر جو موجوده هنڌ متعين ڪري ڏنو. جنهن بعد ٻنهي خليفن پٿر ڍوئڻ شروع ڪيا ۽ سيد علي پنهنجي هٿن سان مزار تي رکندو ويو. اهڙيءَ ريت مزار کي نروار ڪيو ويو.3

___. موجوده درگاه جي تعمير 1175هه کان اڳ ٿي.4

درگاهه جي اولهه ۾ مسجد آهي، جنهن جي محراب مٿان هيٺيون ڪتبو ٻن سٽن ۽ پنجن حصن ۾ اڪريل آهي:

1-   سرفراز شد احمد از مصطفٰا

بنا کرد مسجد بنام ِ خدا

2-  بغير از عبادت نه باشد دؤر

بود قبه اش پر ز نور و ضيا

3-  خدا اين سر ِ خداد و عزو قبول؟

که تا هست دوران بما ند بجا

4-    زهي فيض مسجد که از يک دعا

شود حاجت ِ مسمندان روا

5-     بتاريخ هفد هم ِ ماہِ صفر

... ... ختم بالخير والظفر                 1093هه

مسجد مقبري جي اولهه ۾ ٿورو اتر طرف آهي. مسجد معمولي آهي، مختصر ايوان ۽ ننڍو ڇتائون ڪمرو.

___. عبدالله شاه جي مدح ۾ ٺٽي جي شاعر کاهل هڪ قصيدو چيو هو، جنهن جا ٻه شعر مير قانع نموني طور ڏنا آهن:

زهي لبريز نور ِ حق مزار ِ شاه عبدالله

سراغ ِ جنة المٰويٰ بيابد زائر از آنجا

برنگ ِ شعشہ خورشيد ِ انور، هر صباح و شام

همي بينم تجليات ِ حق را باهر از آنجا1

 

___. شيخ محمد يعقوب جي مزار سيد عبدالله جي پيرانديءَ کان هڪ ڪنڊ ۾آهي.

___. درگاه جي پٺيان اتر ۾ گڏوگڏ باغائي ساداتن جو مقام آهي. چوديواريءَ اندر هڪ وڏو احاطو آهي. تاريخ طاهريءَ جي مہلف مير محمد طاهر نسيانيءَ جي مزار انهيءَ ۾ آهي.2

قبر اوچي ۽ مٿس هي ڪتبو اُڪريل آهي:

بنمود وفات مير طاهر       کو اصل ِ نکو سرشتي آمد

زين واقعه، ديده گشت دريا     زان دريا، غم آب، بکشتي آمد

از لوح فنا سترد نتوان       اين حرف کہ سر نوشتي آمد

رفتم چو بفکر ِ سال ِ فوتش       سيد طاهر بهشتي آمد

       (1051هه)

___. مير نسياني باغائي سيدن مان هو، ٺٽي ۾ اڄ تائين سندس خاندان موجود آهي. قبرستان جي مرمت اهي پيا ڪرائين.

ميان علي شيرازي – آس پاس:

___. درس ڀنڀي جي مزار ميان عليءَ جي روضي جي اوڀر ۾ آهي.1

 

___. سيد قائم شاه پنجابيءَ جي مزار گنبد جي ڀڪ سان آهي.2

 

___. سيد نيرن ڪوٽي (حماد نيرن ڪوٽي) جي مزار گنبد جي جوار ۾ آهي.3

___. مراد پليجو نورايءَ وارو سيد علي جو مريد انهي گنبد جي ڀرسان آرامي آهي.4

شيخ عيسيٰ سنڌي لنگوٽي:

___. ساموئي جي ڪنڌيءَ تي ٽڪر جي دامن مٿان مدفون آهي.5

___. شيخ جي مقبري جي هيٺان ساموئي جا باغ هئا. هن وقت نشيب موجود آهن. باغن جو نالو نشان ڪونه آهي.

عيدگاه ۽ مصليٰ:

___. عيدگاه ڪراچيءَ کان ايندڙ رستي جي ڏکڻ ۾ ۽ نقشبندن جي قبرستان کان اوڀرڏکڻ جي ڪنڊ تي آهي.

___. درويش الهڏتو لوهر عيدگاه جي ڏکڻ ۾ آرامي آهي.1

 

___. عيدگاه جي ڀڪ ۾ رضوي ساداتن جو قبرستان اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ ۾ آهي.

___. عيدگاه ٺٽي جي مغل گورنر يوسف خان2 ٺهرايو هو. هيٺيون پٿر جو ڪتبو محراب جي مٿان لڳل آهي:

خان مالک رقاب يوسف خان

ساخت طاعت گهي ز بخت بلند

قدسيان بهر سال اتمامش

کعبہ اهل ِ فضل – يافته اند

    (1043هه)

___. عيدگاه جي مرمت ميان الهه بخش3 ڪرائي هئي، جنهن جو ڪتبو محراب مٿان آهي:

غفار 1281هه

چون اله بخش آل شہ عباس

زيب ترميم اين مصليٰ کرد

بي سر ِ جدوجهد خوان سالش

 کعبہ اهل فضل زيبا کرد    (1281هه)

___ . عيدگاه کي ئي مصليٰ چيو وڃي ٿو ۽ مڪلي نامه ۾ ”مصليٰ“ مان مراد غالباً عيدگاهه آهي.

پير غيب:

___ . ٽڪريءَ تي مدفون آهي، جيڪا سندس نالي منسوب آهي. اها ٽڪري جدا بيٺل آهي.1

 

فتحي ٽڪر:

___. سيد احمد غوث انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن آهي.2

___. مير ڪمال الدين ابو اسحاق جي قبر به اتي آهي. پٿر جو تعويذ اٿس ۽ قبر اولهه کان آهي.3

___. ميان ابوبڪر جي قبر به اتي آهي.4

___. خواجا ڪمال الدين هراتي به انهيءَ ٽڪريءَ تي مدفون آهي.5

 

ڪالڪان:

___ . ڪالڪان، هندن جي ديويءَ جو مندر آهي، هندو هر سال شاهي ميلو لارائيندا هئا.1

___. مندر جي چوڌاري پڪين عمارتن ۽ حجرن جو سلسلو آهي. جتي زائرين ميلي وقت يا عام زيارت لاءِ اچي رهندا هئا. اهي جايون هاڻي ويران پيون آهن. هڪ هندو مائي سنڀال ڪندي رهي ٿي. پر اهو سمورو ڪمام مرمت کان سواءِ شايد ستت برباد ٿي وڃي.

___ . ڪالڪان ديويءَ جي مورتي هڪ حجري ۾ رکيل آهي. مورتي تي سندر جا تلڪ روزانو لاتا وڃن ٿا. گلن جون ڪنڊيون پاتيون وڃن ٿيون. هر وقت ڏيو ٻرندو رهي ٿو. مورتي پٿر جي آهي.

___ . ڪراچي کان ايندڙ رستو جتي مڪلي کي ڪٽي ٿو، ڪالڪان جو مندر اتان ڏکڻ طرف نگاه ڪرڻ سان ڏسڻ ۾ پيو اچي. بلڪل پهاڙ جي دامن ۾ آهي.

___ . انهيءَ مندر جي مقابلي ۾ ميان محمد حفيظ ٺٽويءَ هڪ مسجد ٺهرائي جنهن جو نالو اسلام پور رکيو ويو.2

___. اها مسجد رستي جي اتر ۾ بلڪل سڻڪ تي آهي. معمولي چوديواري اها پڻ زبون. مندر ويران هجڻ جي باوجود مسجد کان هزار ڀيرا صاف ۽ آباد آهي. مسجد جي ويراني زبوني ۽ بربادي مثالي آهي.

پير مراد شيرازيءَ جو قبرستان:

___ . شيخ حسين صفائيءَ جي مزار پير مراد جي پيرانديءَ کان آهي.1

 

___. سيد محمد انجوي ۽ سندس پٽ احمد متوفي 845هه اتي دفن آهن.2

___. اهو قبرستان ٺٽي جي عباسي قاضين جو هو.3

ملڪيءَ جو دروازو:

___ .  درس امين جي مزار ملڪيءَ جي دروازي (؟) کان ٻاهر واريءَ سرزمين تي آهي.4

___. ملڪيءَ جي دروازي وٽ لکيءَ نالي هڪ مسلمان تمام سهڻي مسجد ٺهرائي هئي.5

ميڪرا:

___. ميڪرا ڍنڍ شيخ عالئ جي قبرستان جي ٽن پاسن ڏکڻ اوڀر ۽ اتر کان وري آيل آهي. هن وقت خشڪ آهي، فقط نشيبي آثار موجود آهن.

___. عيد گاه ۽ ميڪرا ڍنڍ جي وچ ۾ ميل کن جو فاصلو ٿيندو. عيدگاه جي اولهه ۾ آهي.

___. انهيءَ ڍنڍ جي ڀڪ ۾ هڪ غار آهي، جنهن منجهه شاه جنيد عبادت ڪندو هو.6

يوسف رضويءَ جو قبرستان:

___ . ميان بودلو قبرستان ۾ دفن آهي.1

 

___. سيد محمد قاسم ۽ سيد لطف الله پٽس جون قبرون سيد جي جوار ۾ آهن.2

___. سيد اسحاق (پير پرڏيهي) سيد يوسف جي پهلوءَ ۾ مدفون آهي.3

سيد ميران محمد جونپوري جي وٿاڻ واري جاءِ به انهيءَ قبرستان ۾ آهي.4

___ . ڪلهوڙن جي شادماني واري جاءِ به انهيءَ قبرستان اندر آهي.5

___ . سلطان سامٽيو ڪلهوڙن طرفان ٺٽي جو گورنر انهيءَ قبرستان ۾ دفن آهي.6

ضميمو ٻيو

هيٺين معلومات مير سيد محفوظ علي شاه ٺٽويءَ (1295هه) جي فارسي بياض تان ترجمو ڪري ڏجي ٿي. مڪليءَ جي سلسلي ۾ ڪيتريون مفيد ڳالهيون منجهانئس معلوم ٿين ٿيون.

تجر ڪريمڏنو شاه صوفي: مع کوه تعمير 1196هه.

جلوه گاه امامين: چار ديواري ۽ چبوترو يعني ٿَلهو جوڙايل نواب سيف الله خان جو سال 1140هه ۾. قبو جوڙايل ميان دائود خان ڪلهوڙي جو سال 1154هه ۾. تجر پڪي فقيرن جي ويهڻ لاءِ، جوڙايل مير محمد نصير خان جي سال 1248هه ۾.

چاه ڄام نندو: سندس رانڪ جي هيٺان. جوڙايل سال 920هه ۾.

درگاهه عبدالله شاهه: مشهور آهي ته خسرو خان اها درگاه جوڙائي. ليڪن پڪي تحقيق نه آهي. درگاه جو کوه مغلن جي دؤر ۾ ٺهيو، جنهن کي ساڍا ٽي سؤ ورهيه ٿيندا.

رانڪ ميرزا عيسيٰ اول: نزديڪ درگاه شاه عبدالله. سال 980هه ۾ تعمير ٿي. انهيءَ جي ويجهو ٻي رانڪ آهي، جنهن ۾ سندس عزيز قريب مدفون آهن.21

 

رانڪ ميرزا عيسيٰ ثاني: ميرزا ٻه دفعا ٺٽي جو حاڪم ٿيو. پهرئين دفعي جي نوابي ۾ (1037هه) تعمير شروع ٿي. ساڳي سال جهانگير فوت ٿيو. ارڙهن سال تعمير ورتا ۽ 1054هه ۾ مڪمل ٿي.

رانڪ مقابر امير خان: تعمير ڪرايل نواب امير خان جي، سال 1048هه ۾.3

رانڪ ملڪ عنبر: جمن جَتي فقير جي قبي سان مشهور آهي. تعمير سال 900هه ۾ ٿي. ملڪ عنبر انهيءَ قبي ۾ مدفون آهي ۽ فقير جمن جَتي قبي جي اوڀارين ديوار سان لڳولڳ دفن آهي. وفات جي سال جي خبر نه آهي. اهل الله جي زيارت جي جاءِ آهي.

رانڪ امير خسرو خان: رانڪ جي اتر ۾، ڄام (ميرزا) صالح وغيره اولاد ميرزا عيسيٰ ترخان ڪلان جي رانڪ آهي.4

قبہ مندرسہ: (؟) نزديڪ مقبره دولهه دريا خان. از ڄام صلاح الدين بن ملڪ انڙ بن ملڪ راهو بن ملڪ رانيدنه2 بن راهو بن فيروز شاه سلطان 861هه.31

 

قبہ مندرسہ: (؟) سرن جو ٺهيل ڄام تغلق جو. جوڙايل ڄام تماچي وڏي جو. 821هه.4

قبہ سبع حفاظ: عليهم الرحمة. جوڙايل امير خليل خان مهردار جيڪو ترخاني دؤر جو امير هو. 991هه.

قبہ عيسيٰ لنگوٽي: سرن جو ٺهيل وڏو قبو. شيرازي ساداتن جي مقام ۾. جوڙايل غفران پناه سيد علي شيرازي 862هه.

مسجد شريف مع رانڪ ڪاشي: ميرزا عيسيٰ ثانيءَ جي شمال کان. نواب امير خان جي زماني ۾ سال 1044هه ۾ نواب شرفا خان جوڙائي.

ملڪي: ڄام نظام الدين کان وٺي ڪراچي ۽ ٺٽي واري رستي تائين جملي ايراضي (محڪمه آثار قديمه جي سروي مطابق) 912 ايڪڙ آهي.5

ضميم ٽيون

(1) گورستان شاه مراد

قاضي نعمت الله جو قبرستان: ڏکڻ کان جڏهن شاه مراد جي گورستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اچجي ٿو ته پهريون سڄي هٿ تي، يعني اوڀر کان مسجد ۽ مجاورن جي رهڻ وارين جاين جي وچ ۾، قاضي نعمت الله ۽ سندس قبيلي جو قبرستان آهي. منجهس ڪيئي ڪچيون قبرون آهن، ابتدائي قبرن مان ڪي چوني گچ سان ٺهيل آهن. مرڪزي قبرن مان اولهه کان شمار ڪبو ته چوٿين قبر جيڪا ٻين کان وڏڀري آهي – مجاورن جي روايت مطابق – قاضي نعمت الله (بي بي فاطمہ جي والد يعني شاه مراد جي ناني) جي آهي. قبرون سڀئي ساديون ۽ سواءِ ڪنهن ڪتبي جي آهن.

محمد قاسم: شاه مراد جي داخلي دروازي جي ٻاهران هڪ پٿر جي قبر آهي – جنهن تي پيرانديءَ کان ڪتبو آهي:

مقبره منوره محمد

قاسم جوبري (کذا)

بتاريخ 26 ماه ذيقعده 1251هه

خطاب خانو: قبرستان جي اتر ۾ احاطي جي ديوار کان سٺ ستر قدم پري هڪ مقبرو آهي، جنهن ۾ چار قبرون آهن مجاورن جي قول مطابق ابتدا ۾ اهو شاه مراد جو – خطاب خانو – هو جتي پاڻ درس ڏيندو هو. جنهن کي پوءِ پنهنجي چئن شاگردن يا مريدن جي دفنگاه لاءِ مخصوص ڪيائين.

بي بي فاطمہ: شاه مراد جي والده (وفات 17 رمضان 836هه) جي مزار اترين ديوار سان لڳ احاطي کان ٻاهر آهي. قبر ڪچي آهي، چوني گچ جو ليپو اٿس. رات جو ڏيو ٻاريو ويندو آهي. قبر شاه مراد جي مٿن کان سڌ ۾ آهي.

شاه عبدالصمد: بي بي فاطمہ جي قبر ۽ خطاب خاني جي وچ ۾، عليحده چوني گچ جي هڪ وڏي قبر آهي، جيڪا مير منصور جي فرزند شاه عبدالصمد متوفي 968 هه جي چئي وڃي ٿي.

سيد احمد: شاه مراد جي والد سيد احمد جي قبر اترين ديوار سان لڳ – شاه مراد جي مٿن کان ڪٽهڙي کان ٻاهر پهلوءَ تي مُڙيل اولهه طرف کان آهي. پيرانديءَ ۾ چراغيءَ جو ٺل موجود آهي. قبر چوني گچ سان آهي.

شيخ ٽالو (؟) سيد جعفر، سيد علي اول: چراغيءَ واري ٺل اوريان، گويا سيد احمد جي پيرانديءَ ۾ شاه مراد جي سڄي پهلوءَ ۾ ڪٽهڙي کان ٻاهر ٻه قبرون آهن، جنهن مان ڪٽهڙي سان لڳ واري شيخ ٽالي (؟) جي چئي وڃي ٿي. جيڪو شاه مراد جي چوڻ تي مسلمان ٿيو هو، ممڪن آهي ته اهو شيخ ٽالو (طلحه) نه بلڪه شيخ مالهو هجي.

انهن ٻن قبرن جي پيرانديءَ ۾ ٻه قبرون آهن، جنهن مان اوڀارين شاه مراد جي ڀاءُ سيد جعفر متوفي 899هه جي آهي. جنهن جو اولاد گجرات ۾ رهيو ۽ اولهائين سندس وڏي ڀاءُ سيد علي اول متوفي 877هه جي آهي. قبرن تي ڪتبو ڪونه آهي. ضرورت آهي ته هن وقت انهن قبرن تي ڪتبا ثبت ڪيا وڃن.

شيخ حاجي محمد حسين صفائي: تذڪرة المراد جي مؤلف ۽ سيد مراد شيرازيءَ جي مريد شيخ حاجي محمد حسين صفائي متوفي 931هه جي مزار احاطي جي اندر ڏکڻين ديوار جي قريب شاه مراد جي پيرانديءَ کان ڪجهه وٿيءَ تي آهي. انهيءَ قبر تي چراغي روشن ٿئي ٿي ۽ قبر کي اهميت حاصل آهي.

سيد منصور، سيد حماد، سيد نعمت الله: سيد مراد جي ڪٽهڙي سان گڏ اوڀر يعني کٻي پاسي کان سترهن قبرن جي هڪٻئي سان گڏ يڪي قطار آهي، جنهن مان ڪٽهڙي سان لڳ وارن پهرين پنجن قبرن جي مدفونين جا نالا نمبر وار هي آهن:

1-               گل حسن شاه

2-              سيد منصور (880-968هه) بن شاه مراد

3-              سيد حماد (884-916هه) بن شاه مراد

4-              خدا ڏنو شاه

5-              نعمت الله (883-906هه) بن شاه مراد

شاه مراد جي احوال ۾ (ص 51) اسان ڏيکاري آيا آهيون ته اهي قبرون شاه مراد جي اولهه ۾ آهن، ليڪن اها غلطي ڪئي اٿئون. در حقيقت اهي قبرون اوڀر ۾ ۽ سيد جي کٻي پهلوءَ سان آهن.

انهن سترهن قبرن ۾ اولاد مان ٻيا به اهم بزرگ دفن هوندا، ليڪن في الحال نشاندهي نه ٿي سگهي.

(2) سيد علي ثاني

قبرستان: سيد علي جو گورستان شاه مراد جي اوڀر ۾ سو کن قدم جي وٿيءَ تي ٿيندو. قبرستان تمام وڏو آهي، جنهن ۾ قبرن جا ڪيترا مجموعا آهن. سيد جي مقبري جي چئن پاسن کان قبرون آهن.

پٿر جو احاطو: احاطي جي اولهائين ديوار سان متصل ۽ مقبري جي اترين ۽ اولهائين ڪنڊ تي، پٺيان ترخاني طرز تي پٿر جو احاطو آهي، اوڀر کان داخل ٿيڻ جو دروازو آهي اندر ٻه پٿر جون ۽ چند ڪچيون قبرون آهن.

انهيءَ گورستان جي ديوار ۽ قبرن جي ساخت بلڪل ترخاني آهي، مجاورن جي روايت مطابق اهو زنانو قبرستان آهي. گمان آهي ته انهيءَ گورستان ۾ سيد جلال ثاني جي گهرواري جيڪا ميرزا محمد صالح ترخان (اول) جي نياڻي ۽ سيد محمد مؤلف ترخان نامه جي والده هئي، مدفون هوندي. قبرن تي ڪبتو ڪونه آهي، ليڪن ساخت ۽ لوڙهه جي پهلوءَ تي آيات ۽ قبرن تي نقشي ترخاني نموني جي آهي.

سيد علي ۽ سيد جلال: قبرستان جي وچ ۾ سيد علي جو عظيم الشان سفيد مقبرو آهي. مقبري جي چوديواري مٿان ڇت ٻن حصن ۾ وراهيل آهي. اوڀارين حصي تي وڏو گنبد آهي، جيڪو گول ڦاڪدار آهي. اولهائين حصي تي ٻه ننڍا گنبد اتر ۽ ڏکڻ ۾ آهن.

گنبد جو داخلي دروازو ڏکڻ کان آهي. سيد علي ۽ سندس والد سيد جلال جون قبرون ڇت کي وراهڻ واري ونگ جي بلڪل هيٺان ڪاٺيءَ جي ڪٽهري اندر آهن. اوڀارين حصي جي چئن قطارن ۾ 43 قبرون آهن. جنهن مان 19 قبرون ٻارن جون معلوم ٿين ٿيون، باقي وڏيون قبرون آهن.

اتر واري پهرين قطار ۾ چوڏهن قبرون آهن، جنهن مان 9 ٻارن جون آهن. ان جي پيرن واري قطار ۾ 7 قبرون وڏيون آهن. ڀائنجي ٿو خاندان جي ڪن اهم ماڻهن جون آهن. انهيءَ قطار جي پيرن ۾ 14 قبرون آهن جنهن مان ٻه ٻارن جون اوڀارين ديوار سان گڏ آهن. انهيءَ قطار جي پيرانديءَ کان اٺ قبرون آهن، جيڪي قدري ننڍيون آهن، گمان آهي ته ٻارن جون هونديون.

ڪٽهڙي ۾ اوڀارين قبر سيد عليءَ جي آهي ۽ اولهائين قبر سندس والد سيد جلال اول (متوفي 903 هه) جي ڇئي وڃي ٿي، اسان سيد جلال جو احوال صفحي (44) تي ڏنو آهي. عبارت مان غلطفهمي ٿئي ٿي ته سيد جلال محمود جعفر سان گڏ دفن آهي، در حقيقت سيد جلال جو والد سيد علي اول سيد مراد جي سڄي پير کان سيد جعفر سان گڏ دفن آهي.

سيد عليءَ جي مقبري لاءِ تحفہ الڪرام ۾ عبارت آهي:

___ گنبد پر نور و ضيا واقع مکلي است -، (ص 187)

سيد جلال ثاني ۽ سيد جمال (؟) سيد عليءَ جي دروازي جي ٻاهران مخصوص ٿلهي تي ڪاٺ جي ڇٽيءَ اندر هڪ قبر آهي، جيڪا سيد جلال (ثاني) جي چئي وڃي ٿي. ڪٽهڙي کان ٻاهر اولهه ۾ لڳولڳ ٻي قبر آهي، جيڪا سيد جمال جي چئي وڃي ٿي. اها روايت مجاورن جي آهي.

اسان صفحه (75) تي انهيءَ ڇٽيءَ اندر سيد جلال ثانيءَ جي قبر ڄاڻائي آهي. مڪلي نامه ۾ دراصل سيد جمال جو نالو آيل آهي. سيد جمال علي اول جو پٽ ۽ سيد جلال اول جو ڀاءُ هو. مڪلي نامه جي عبارت آهي:

___ درگاه مظهر جلال و جمال ... سيد محمد جمال است. که گنبدش صندوقچهء نقد نزول رحمت باري ...(ص 17)

هن وقت سيد جمال جي ڪابه درگاه ڪانه آهي جنهن مٿان گنبد هجي.

انهيءَ ڇٽيءَ کان ٻاهر اولهه کان چار قبرون آهن، جن مان ڇٽيءَ سان متصل واري قبر سيد جمال (؟) جي چئي وڃي ٿي. اهو ممڪن نه آهي ته سيد جمال بن سيد علي اول جيڪو پيءُ جي زندگيءَ ۾ فوت ٿيو سو پنهنجي ڏاڏي احمد (قبرستان شاه مراد) جي دفن گاه کان ايترو دور دفن ٿيو هجي.

بهرحال سيد علي ثانيءَ جو پٽ سيد جلال ثاني ڇٽيءَ اندر دفن چيو وڃي ٿو ۽ سندس سڄي پهلوءَ ۾ سيد جمال جي مزار ٻڌائي ٿي وڃي. خود اها تعجب انگيز ڳالهه آهي ته سيد جمال ثاني پيءُ جي مقبري کان ٻاهر – جڏهن ته اندر جاءِ هئي – پاڻ کي ڇو دفن ڪرايو.

حسين علي ۽ لعل مير: مٿين ڇٽيءَ جي پيرانڌيءَ ۾ پٿر جي ڪٽهڙي اندر، پٿر جون ٽي قبرون آهن، جن مان پهرين قبر اوڀر واري بنا ڪتبي جي آهي، جيڪا ڀانئجي ٿي مير حسن علي جي آهي. ٻن قبرن تي پيرانديءَ کان تاريخي ڪتبا آهن. وچين قبر لعل مير بن مير حسن علي بن سيد عبدالله بن سيد مير محمد صاحب ترخان نامه بن سيد جلال ثاني بن سيد علي ثاني جي آهي. جنهن تي هڪ ڪتبو آهي:

1190هه

جست سال ِ وصل آن لعل ِ بدخشان ِ جلال

با حسين و با حسن پيوست سيد لعل مير

 

انهيءَ قبر جي ڀر واري اولهائين قبر لعل مير جي ڀاءُ حسين علي بن حسن علي جي آهي، جنهن تي ڪتبو آهي:

1168هه

نور چشم حسن، حسين علي

سال فوتش – غم حسين – بود

اهو شعر غلام علي مداح جي چيل هيٺين تاريخي قطعي جو آهي، جنهن کي مقالات ۾ مير قانع محفوظ ڪيو آهي.

نور چشم ِ حسن، حسين علي       کز غمش پر ز اشک عين بود

در غم ِ او ز قطره باريدن        عينها در نظر چو غين بود

در ارم شد بصحبت ِ جدش     آن که او، شاه ِ خافقين بود

چون نه گردد دل از غمش نالان       سال فوتش – غم ِ حسين – بود

1168هه

قانع جو قول آهي ته: انهيءَ سال پٽ جي وفات بعد، خود مير حسن علي به فوت ٿيو، مير قانع – رضوان مکان – مان تاريخ ڪڍي ۽ مداح ٻنهي لاءِ هي تاريخ ڪڍي:

اَللّهُمّ صَلّ عَليٰ بَغّبک وَ الوصيّ لَہ وَ الزَهراءِ وَالحسن ِ وَالحُسَين – 1168هه1

چاند مير: سيد علي واري گنبد جي ٻاهران اولهائين ديوار سان ڪي قبرون آهن، جن مان ٻه بنا نالي پٿر جي ڪٽهڙي ۾ آهن ۽ ٻئي ڪٽهڙي ۾ هڪ پٿر جي قبر آهي، جيڪا مير چاند بن مير علي اصغر جي آهي، جنهن جي پيرن کان ڪتبو آهي:

1132هه

چاند مير آنکه بادل ِ پر درد

سوئ عقبيٰ ز دار محنت شد

بر زمين زد سروش افسرو گفت

منزل ِ چاند مير جنت شد

1192-60- 1132هه

بقول مير قانع: اها تاريخ آخوند ملا محمد فاضل ٺٽوي محله موله ٺٽي واري جي جوڙيل آهي.2


1  تط صه 31      2 سَڪوچه: نشيمن گاهه.  درب خانهء برآمدگي از زمين که برائي نشستن سازند. (فرهنگ آموزگار)

3  تط صه 33        4 تڪ صه 135 صه 533      5 تڪ صه 504

6  تڪ 457      7 تڪ صه 459       8 مقالات صه

9  تڪ صه 129

1  تط صه 44 تڪ صه 350      2 تڪ 614           3 تط صه 52

4  تڪ صه 460                  5 تڪ صه 478       6 تڪ صه 460

1   تڪ صه 461-616      2 تڪ صه 532        3 تڪ صه 478

4  تڪ صه 532           6  تڪ صه 486       6_7 تط صه 94

8 تط صه 95

1  تڪ صه 526       2 تط صه 95       3 تط 58     4 مقالات صه 258

1  مقالات صه 675        2 تڪ صه 518

1  تط صه 25 تڪ 249 (مزارش پهلوئي زمين مرقد سيد علي شيراز بست)

2  تط صه 26         3 تط صه 27 تڪ 249        4 تڪ صه 613

5  مقالات صه 460

1  تڪ ص 617 تط ص 87

2 مائر الامرا (ج 3 ص 965) ۾ يوسف خان متعلق لکيل آهي:

پاڻ تاشقند جو هو، هندستان پهچڻ بعد پهريون عبدالله خان فيروز جنگ جي ملازمت اختيار ڪيائين. اڳتي هلي شاهجهان جو متصدي ٿيو ۽ پنجين سال شاهجهانيءَ ۾ سه هزاري ۽ دو هزاري سوار جي منصب سان ٺٽي جي صوبيداريءَ تي آيو، جتان بدلي ٿي بکر جو فوجدار ٿيو. يارهين سال ۾ سيوستان جي فوجدار سان گڏجي قندهار جي بندوبست لاءِ ويو، ٻارهين سال ۾ بکر کان بدلي ٿي ملتان جي صوبيداري تي ويو. 1049هه ۾ ملتان ۾ فوت ٿيو. کيس ٻه پٽ هئا: ميرزا روح الله ۽ ميرزا ابهرام، جيڪي پڻ سرڪاري ملازمتن ۾ آبرو مند ٿي رهيا.

3 تط ص 87 تڪ ص 617

 

1  تط صه 96      2 تڪ صه 616    3 _4 تڪ 617

5  تڪ صه 523

1  تڪ صه 560          2 تڪ صه 560

1  تط صه 22           2 تڪ صه 467        3 تڪ صه 467

4  تڪ صه 576        5  تط 19              6 تط صه 97

1  __2 تط صه 89         3 تڪ صه 505        4_5_6 تڪ صه 504

      هي ضميمو 1 سيپٽمبر 1964ع ساڍي ڇهين وڳي شام جو هانگ ڪانگ ۾ تيار ڪيو ويو. اضافا بعد ۾ ڪيا ويان.

1  درگاه جي اوڀر ۾.

2 ميرزا محمد باقيءَ جي رانڪ آهي.

3 تذڪرهء امير خانيءَ ۾ احوال ڏسڻ گهرجي.

4 اصل فارسي عبارت:

__ رانک امير خسرو خان: طرف شمال رانک مذکور، رانک جام صالح وغيره – اولاد ميرزا عيسيٰ ترخان کلان – ميباشد.

1  مندرسه جو مطلب معلوم ٿي نه سگهيو.

2 راڻي ڏنو

3-4 هن سلسلي ۾ سمن جو شجرو ۽ مٿس نوٽ ڏسڻ گهرجي.

5 هي اضافو راقم جي طرفان ٿيل آهي.

1  مقالات صه 750

2  مقالات صه 482

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org