مٿيون عريضو 1113 هه جو آهي، 1112 هه ۾ ٺٽي ۽
سيوهڻ جو صوبيدار نواب حفظ الله خان – جنهن
جو ذڪر مٿي ڪري چڪا آهيون – سيوهڻ ۾ پل ٺهرائنيدي
ڏينهن لڳڻ سبب فوت ٿيو، جنهن کان پوءِ ساڳي سال يا
1112 هه جي ابتدا ۾ سعيد خان (معروف به
خان زاد خان متوفي 1116هه) کي ٺٽي ۽ سيوهڻ جو
صوبيدار ڪري موڪليو ويو. جنهن ٺٽي تي پنهنجي پٽ
ارشد خان کي نائب ڪري رکيو ۽ پاڻ سيوهڻ ۾ رهڻ
لڳو. سعيد خان ستت ئي معزول ٿيو ۽ هو اڃا
سنڌ ۾ ئي هو جو، فضل الله کي فوجدار بڻائي
سيوهڻ موڪليو ويو. مٿئين خط مان ظاهر ٿئي ٿو ته: 5
جمادي الثاني جو فضل الله سيوهڻ جي قلعي ۾
داخل ٿيو. عريضي مان وڌيڪ هيٺين حقيقتن تي روشني
پوي ٿي:
(1)
– فضل الله جنهن وقت سيوهڻ پهتو، ان وقت ڍل
جي اوڳڙ جو وقت هو، خط لکندڙ جو قول آهي ته: ڪجيرن
جي تپي ۽ سن ۽ بوبڪن جي پرڳڻي ۾ غنيم (؟) جي هراس
ڪري ماڻهو پريشان آهن. تنهن ڪري فضل الله
فورن پنهنجا ٿاڻيدار اوڏانهن موڪلي ڇڏي، جيئن
سرڪاري وصوليءَ ۾ خلل نه پوي. ليڪن هن ائين ڪرڻ
کان مجبوري ظاهر ڪئي، ڇاڪاڻ ته، از روي منصب وٽس
نه ايترا ماڻهو هئا ۽ نه رپيا.
(2)
– فضل الله وٽ منصب جي ظرف مطابق جملي 43
سوار هئا، جن مان ڪجهه سوار هن کيبرن ۽ هالن جي
ٿاڻن ڏانهن نگهداري لاءِ موڪلي ڏنا هئا.
(3)
– مذڪوره سال ۾ سنڌ اندر شورش هئي، جنهن ڪري مغلن
جا ماڻهو، پريشان هئا. ڪاهان جي زميندار قيصر
کي گرفتار ڪيو ويو هو، جيڪو ايترو قوي هو ۽ انهيءَ
حد تائين مغلن جي ڪارندن جي حالت زبون هئي، جو
عريضي لکندڙ کي، معزول ٿيل صوبه دار، سندس ٻانهن
ڏيڻ گهري، ليڪن هو ست ساري ڪونه سگهيو جو ان کي
پنهنجي نگهداريءَ ۾ رکي.
(4)
– غالباً ڪو شهزادو سنڌ ۾ پنهنجي فوج سميت اچي
رهيو هو، جيئن سنڌ ۾ جيڪا تحريڪ ٿي هئي، ان جو
تدارڪ ڪري. عريضي لکندڙ ان لاءِ سخت انتظار
ڏيکاريندي لکيو آهي ته: مخالف گروهه ڪاهان ۾ منزل
انداز آهي ۽ تاخت جون تياريون ڪري رهيو آهي.
(5)
– هن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مزول ٿيل صوبيدار
سعيد خان جمادي الثاني کان اڳ بلڪه غالباً
جامدي الاول ۾ معزول ٿي چڪو هو. مخالف تحريڪ جو
مهندار قيصر خان وٽس نظربند هو، جنهن کي هن
سنڌ ڇڏڻ کان اڳ، عريضي لکندڙ جي حوالي ڪرڻ گهريو
ٿي.
(6)
– عريضي لکندڙ اهو به مشورو ڏنو آهي ته: پيدا ٿيل
تحريڪ جي سلسلي ۾ حمڪمت عمليءَ کان ڪم وٺڻ ضروري
آهي، لهٰذا تحريڪ جي علمبردارن کي دم دلاسي تي رکڻ
گهرجي. مصلحت ۽ وقت جي تقاضا اها آهي.
(7)
– عريضي موڪليندڙ اهو به اطلاع ڏنو آهي ته: هالن
جي پتڻ تي ٺٽي جي واپارن جا ٻيڙا جڏهن پهتا ته
انهن تان محصول جي اوڳاڙي فضل الله مذڪور
ڪئي.
مٿيون خط، ڀائنجي ٿو سيوهڻ جي ناظم جو لکيل آهي ۽
ان وقت سنڌ جو اهو صوبو عالمگير جي ڪنهن پٽ
جي جاگير ۾ هو، جنهن ڏانهن اهو عريضو موڪليو ويو
آهي.
ميرزا
فضل الله جي متعلق في الحال مٿي ڏيکاريل
احوالي کان وڌيڪ حقيقتون، دستياب ٿي ڪونه سگهيون
آهن. 1113هه کان پوءِ هو ڪٿي ڪٿي رهيو؟ ڪڏهن فوت
ٿيو؟ سندس قبر ڪٿي آهي؟ اهي سڀئي ڳالهيون الله پاڪ
جي علم ۾ آهن.
(13)
ميرزا عنايت الله:
ميرزا عيسيٰ جو وڏو پٽ هو
۽ پيءُ کان پوءِ خاندان ۾ سندس شخصيت اهم هئي. سڄي
ڄمار دربار شاهيءَ مان مختلف عزتون ۽ منصب حاصل
ڪندو رهيو.
سندس ڄم جي تاريخ يا ابتدائي زندگيءَ جو پتو ڪونه
آهي، ليڪن قياس چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ڄائو ۽
امڪان آهي ته پاڻ انهيءَ بيبيءَ مان هجي، جا
ميرزا جانيءَ جي چاچي هئي ۽ هن ميرزا
عيسيٰ کي ماماڻن مان ٺٽي موٽائي آئي، پرڻائي هئي.
ميرزا
جي سرگذشت حيات جا چند واقعات اسان کي ملي سگهيا
آهن، جيڪي سالن جي ترتيب سان هن هيٺ
درج ڪيون ٿا.
اڪبر آباد، ربيع الثاني 1037هه:
در حقيقت ميرزا عنايت الله جي احوال جي
ابتدا، تاريخ ۾ انهيءَ ڏينهن کان ٿئي ٿي، جڏهن
پيءُ جي حڪم تي هو گجرات منجهان شاهجهان سان گڏجي
اڪبر آباد روانو ٿيو.
ميرزا عيسيٰ
جي سرگذشت ۾ پڙهي آيا آهيون ته، بادشاهه دکن کان
اڪبر آباد – تخت نشينيءَ لاءِ ويندي – ربيع الثاني
1037هه جو گجرات ۾ اچي ترسيو، جتان ميرزا
عيسيٰ کي 18 ربيع الثاني 1037هه جو ٺٽي وڃڻ جو
آرڊر ڏئي، پاڻ اڪبر آباد ڏانهن ڪوچ ڪيائين.
ترخان نامه جو قول آهي ته: ميرزا عيسيٰ
پنهنجو وڏو پٽ ميرزا عنايت الله هڪ هزار
سوار سميت شاهي رڪاب ۾ روانو ڪيو.
”- ميرزا عيسيٰ ترخان، با هزار سوار
ميرزا عنايت الله پسر کلان خود را همرکاب
همايون نموده ...... – “
ڀائنجي ٿو ته، ميرزا عنايت الله 1032هه کان
وٺي 1037هه تائين، پيءُ سان گڏ گجرات ۾ هو ۽
شاهجهان بادشاهه سان سندس پهريون تعارف انهيءَ
موقعي تي ٿيو، جنهن وقت گجرات مان سندس اردل ٿي
هليو. جيتوڻيڪ اهو دستور هو، ليڪن پٽ کي گڏي موڪلڻ
مان ميرزا عيسيٰ جو اهو مطلب به هوندو ته
هو بادشاهه سلامت جي نظر اشرف ۽ ملاحظي ۾ اچي.
بهرحال انهيءَ مقصد لاءِ، ان کان زياده ٻيو ڪهڙو
مناسب موقعو ٿي سگهيو ٿي.
عهد جهانگيريءَ تائين ميرزا عنايت الله
متعلق پاڻ وٽ ڪابه شهادت ڪانه آهي ته هو ڪنهن
سرڪاري منصب يا عهدي تي فائز ٿيو هو. شاهي منصبدار
جي حيثيت ۾ سندس زندگي جو آغاز شاهجهاني دؤر جي
ابتدا کان سمجهڻ گهرجي.
منصب 1047هه:
بادشاه نامه جو مولف، شاهجهان جي پهرين ڏهاڪي جو
احوال پهرين جلد ۾ ڏنو آهي. پهريون ڏهاڪو ربيع
الثانيءَ 1047هه تي ختم ٿئي ٿو. جلد جي آخر ۾
منصبدارن جي فهرست آهي، جنهن ۾ ميرزا عنايت
الله کي ”هشتصدي چار صد سوار“ جي منصبدارن ۾
ڄاڻايو ويو آهي.
انهيءَ مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته 1047هه تائين
ميرزا جو منصب اهو هو.
اضافو جمادي الثاني 1049هه:
ميرزا عيسيٰ سورٺ جو فوجدار هو. بادشاه جي
منزل پنجاب (ڀيري) ۾ هئي
.
5 جمادي الثانيءَ جو ميرزا عيسيٰ جي منصب ۾
اضافي جو فرمان اتهن جاري ٿيو ۽ ميرزا عنايت
الله جي منصب کي به ساڳي ڏينهن وڌايو ويو.
بادشاه نامه جو مولف لکي ٿو:
”- و عنايت الله پسر کلان او، بمنصب هزاري ذات و
پانصد سوار از اصل و اضافه سرفراز گرديد –“
انهيءَ زماني ۾ پاڻ ڪهڙي عهدي تي ۽ ڪٿي هو؟ ان جو
پتو ڪونه هو پوي. قرين قياس آهي ته ميرزا
انهيءَ فرمان نڪرڻ وقت ڀيري ۾ شاهي منزل تي حاضر
هو. اڪثر هو پاڻ يا ڀاڻس محمد صالح سرڪاري
ڪمن جي سلسلي ۾ پيءُ جي طرفان شاهي دربار ۾ وقت
بوقت حاضر ٿيندا رهندا هئا.
سورٺ جي فوجداري، محرم 1052هه:
ميرزا عيسيٰ جي احوال ۾ ڄاڻائي آيا آهيون
ته بادشاهه گجرات جي صوبيدار اعظم خان کي،
بدانتظامين سبب بدلي ڪري، سورٺ مان ميرزا عيسيٰ
کي آڻي، گجرات جي صوبيداريءَ تي فائز ڪيو هو.
ميرزا عيسيٰ
جي جاگير سورٺ هئي ۽ گهڻي عرصي رهڻ ڪري سورٺ گويا
ميرزا جو وطن ٿي چڪو هو. غالباً
اهوئي لحاظ ڪري بادشاهه سندس جاءِ تي عنايت الله
کي فوجداريءَ جو پروانو ڏنو ۽ ساڳي وقت (12 محرم)
سندس منصب هزاري مان وڌائي دو هزاري ڪيو. ميرزا
عيسيٰ جي انهيءَ تبادلي جو ذڪر ڪندي، بادشاه نامه
جو مؤلف لکي ٿو:
”- ضبط سرکار سورتهه بعنايت الله ولد مومي اليہ
مفوض گشت، و از اصل و اضافه اورا بمنصب دو هزاري و
هزار و پانصد سوار ... نواختند -
انهيءَ موقعي تي سندس ننڍي ڀاءُ محمد صالح
جو منصب پڻ وڌايو ويو، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ
موقعي تي بادشاه مٿن ڏاڍو مهربان هو، هڪ ئي گهر جي
ٽن ڀاتين کي هڪ ئي وقت ۾ نوازڻ، معمولي ڳالهه ڪانه
هئي.
ميرزا عنايت الله
جو اڳيون منصب هزاري ذات و پانصد سوار هو ۽ هاڻي
هڪ هزار ذات ۽ هڪ هزار سوارن جو اضافو ڪري، دو
هزارن ۾ داخل ڪيو ويو.
عَلمَ، رجب 1054هه:
شاهي دربار مان عَلَم عطا ٿيڻ، گويا وڏي ۾ وڏي عزت
۽ هڪ امير جي لاءِ انتهائي سرفرازيءَ جو دليل
هوندو هو ۽ تمام اهم خدمتن کي خوش اسلوبيءَ سان
نڀائڻ بعد ئي عَلَم عنايت ڪيو ويندو هو. ڀائنجي ٿو
ميرزا عنايت الله پيءُ جي جاءِ تي سورٺ جي
فوجداريءَ ۾ رهي، نه ڇڙو پنهنجا دستوري فرائض پوري
ريت سرانجام ڪيا، بلڪه ڪي اهڙا خاص ۽ اهم ڪم پڻ
ڪيائين جو بادشاه کيس انهيءَ عزت جو مستحق سمجهيو.
عزت افزائيءَ جو اهو حڪم، غالباً 14 رجب جو نڪتو.
انهيءَ تاريخ جي روزنامچي ۾ بادشاه نامه جي مؤلف
ذڪر ڪندي لکيو آهي:
”- عنايت الله ولد ميرزا عيسيٰ صوبه دار در
گجرات، بعنايت علم عز افتخار اندوخت –“
مراة احمديءَ جي مؤلف لکيو آهي ته ميرزا عنايت
الله کي علم سان گڏ نقارو به عنايت ٿيو ”-
عنايت الله ... فوجدار جونه گره بعنايت علم و
نقاره رتبہ بلندي يافت–“
ليڪن نقاري جي تصديق بادشاه نامه مان ڪانه ٿي ٿئي.
فوجداري جو اختتام، ذي الحجه 1054هه:
اسن مٿي ميرزا عيسيٰ جي واقعات ۾ بيان ڪري
آيا آهيون، ته بادشاه پنهنجي گهرو مصلحتن سبب،
گجرات جي صوبه داري عالمگير جي حوالي ڪئي ۽
ميرزا کي موٽائي پنهنجي اصلي جاگير ۽ عهدي
تي سورٺ موڪليو.
اهو تبادلو 29 ذي الحج جو ٿيو. چنانچه پيءُ جي
پهچڻ بعد ميرزا عنايت الله سورٺ جي
فوجداريءَ تان سبڪدوش ٿيو.
منصب:
بادشاه نامه جي مؤلف ميرزا کي دو هزاري
منصبدارن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي
جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سورٺ جي فوجداري تي محرم
1052هه ۾ مقرر ڪرڻ وقت، شاهي دربار مان کيس جيڪو
منصب عطا ٿيو، تنهن ۾ وري اضافو ڪونه ٿيو ۽ اهو هو
– دو هزاري و هزار پانصد سوار.
وفات 1058هه:
ميرزا سورٺ جي فوجداريءَ تان 1054هه ۾
سبڪدوش ٿيو، جنهن کان پوءِ فقط چار سال کن سندس
زندگي رهي. انهن چند سالن متعلق پاڻ کي ڪابه
معلامت ڪانه آهي. سندس وفات جو اطلاع ماثرالامرا
مان هنن لفظن ۾ ملي ٿو:
”- عنايت الله خلف کلانش، که عمده بود، در سال بست
و يکم (1058هه) در گذشت –“
قبر:
ميرزا جي وفات گهڻو ڪري سورٺ ۾ ٿي هوندي،
جتان سندس لاش ٺٽي آڻي، ملڪيءَ تي پڻس واري مقبري
۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
سندس قبر مرڪزي ٿلهي مٿان سڄي ۽ کٻي کان 4 نمبر
تي، يعني پنهنجي والد جي کٻي پهلوءَ وٽ موجود آهي.
پيراندي کان ڪتبي تي هيءَ عبارت اُڪريل آهي:
1)
تاريخ وفات مرحوم
2)
ميرزا عنايت الله
1058هه
قبر جي لوڙهه تي چوڌاري قرآني آيات خوبصورت خط ۾
اُڪريل آهن: - لا اله الا الله محمد رسول الله –
قال الله تعاليٰ: قل يا عبادي ... انفسهم –
لاتقنطوا من رحمت الله ... غفور الرحيم – کل شيءِ
هالک ... ترجعون – قال الله تعاليٰ: لقد صدق الله
رسوله الرّوءيا ... آمنين محلقين رؤسکم ... فتحا
قريبا ... هو الذي ارسل رسولہ بالهديٰ و دين الحق
... محمد رسول الله ... والذين معه اشدآء علي
الکفار ... من اثر السجود ذالک مثلهم في توراة ...
وعد الله الذين آمنوا و عملو الصالحات منهم مغفرة
وّ اجراً عظيماً – ياء يهاالذين آمنو اذا نودي
للصلوة من يوم الجمعة فاسعوا الي ذکر الله وَ ذَرُ
وا البيع ذالڪم ... والله خير الرزاقين. – قال
الله سبحانہ و تعاليٰ: ان الذين آمنوا و عملو
الصّالحات کانت لهم جنات الفردوس نزلاً ... بعبادت
ربه احداً. – بسم الله ... تبارک الذين بيده الملک
... يا تيکم بمآءِ مّعين.
ميرزا
پيءُ جي زندگيءَ ۾ فوت ٿيو ۽ پڻس کانئس پوءِ ڪم و
بيش ساڍا چار سال جيئرو رهيو.
پهريون لاش:
ميرزا عيسيٰ جي رانڪ تي – بيان ڪيو وڃي ٿو
ته – سترهن سال ڪم هليو. انهيءَ حساب سان رانڪ
1054هه ۾ مڪمل ٿي. گويا جڙي راس ٿيڻ بعد منجهس
پهريون لاش ميرزا عنايت الله جو دفن ڪيو
ويو.
اولاد: ميرزا عنايت الله
جي سموريءَ اولاد جو احوال ڪونه ٿو ملي، ترخان
نامه به خالي آهي. فقط نسب نامه ۾ سندس پٽيتي اولا
هيٺينءَ ريت ڄاڻائي وئي آهي..
1)
ميرزا داراب
2)
ميرزا غازي (ثاني)
3)
ميرزا مظفر (ثاني)
4)
ميرزا مراد
5)
ميرزا ايرج
انهن مان ميرزا داراب ۽ ميرزا غازيءَ
متعلق ڪجهه معلوم ٿي ڪونه سگهيو، حتاڪه اها به ڄاڻ
ڪانه آهي ته ڪٿي مئا ۽ ڪٿي مدفون ٿيا.
ميرزا مظفر جي گهرواري: ميرزا مظفر
جي سلسلي ۾ ساڳو صورتحال آهي، البت سندس گهرواريءَ
جي قبر ميرزا عيسيٰ جي احاطي اندر اترين
ديوار سان لڳ هڪ جدا ٿلهي تي موجود آهي. جنهن جي
لوڙهه تي پيرانديءَ کان هي ڪتبو آهي:
1)
عصمت پناه و لينعمة ميرزا مظفر
2)
بتاريخ 10 شهر جميد الثاني
3)
1086هه برحمتِ حق شده
لوڙهه جي چوڌاري هيٺين ريت قرآني آيات اُڪريل آهن.
لا اله الا الله ... بسم الله ... تبارک الذي ...
ياتيکم بماء معين.
انهيءَ ٿلهي تي ٻي قبر پڻ موجود آهي، جنهن تي ڪتبو
ڪونه آهي.
|