ميرزا جا پٽ:
مٿي ڄاڻايل اولاد متعلق جيڪا معلومات فراهم ٿي
سگهي آهي، سا ترتيب سان، هر پٽ جي عنوان تحت هيٺ
درج ڪجي ٿي:
ميرزا عاقل محمد:
هن جي سلسلي ۾ ڪوبه تفصيل يا جزوي احوال ڪونه ٿو
ملي. ترخان نامه واري شجري ۾ سندس نالو موجود آهي،
ماثرالامرا جي مؤلف لکيو آهي ته : کيس شاهي دربار
جو منصب مليل هو، ڪيترو ۽ ڪهڙو؟ ان جي وضاحت ڪانه
ڪئي وئي آهي، فقط هنن چند لفظن تي اڪتفا ڪيل آهي –
و عاقل بمنصبي در خور را فرازي ... (يافت) ...
فتح الله معروف ميرزا فتحي:
ترخان نامه ۽ ماثر الامرا جي مؤلفن سندس نالو
فتح الله ڄاڻايو آهي، ليڪن ٻين ذريعن مان
معلوم ٿئي ٿو ته محمد فتح يا محمد فتحي
جي نالي سان به شمهور هو ۽ ميرزا فتحيءَ
جي عرف سان پڻ معروف هو، جيئن هيٺ معلوم ٿيندو.
افسوس آهي جو ميرزا عيسيٰ جي هن پٽ متعلق
به معلومات جو حال ساڳيو ئي آهي. ماثر الامرا ۾
فقط ايترو ڄاڻايو ويو آهي ته: کيس پنج صدي منصب
حاصل هو.
اسان کي تاريخي مڪتوبات جي هڪ مجموعي مان ڪي خط
مليا آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته، عالمگير
جي دؤر ۾ ميرزا فتحي مختلف ملازمن ۾ رهيو ۽
سنڌ اندر پڻ ڪيترين جاين تي، فوجدار وغيره جهڙن
عهدن تي ڪم ڪيائين. مثلاً هن هيٺ درج ڪيل خطن جي
ذرعي انهيءَ سلسلي ۾ مفيد معلومات ملي ٿي.
نصرپور ۾ ٿاڻيداري 80-1082هه:
مغلن جي ڪنهن عملدار سنڌ منجهان، شاهي دربار ۾ هڪ
عرضداشت موڪلي آهي، جنهن ۾ سنڌ اندر پيدا ٿيل
مخالف تحريڪ، قحط ساليءَ، بدنظميءَ ۽ پنهنجي
بدحاليءَ جي ذڪر اذڪار بعد، مشورو ڏنو ويو آهي ته:
سنڌ جي حالتن کي مدنظر لکندي مناسب ٿيندو ته
ميرزا محمد فتحيءَ کي سيوهڻ ۾ رکيو وڃي يا
نصرپور جي ٿاڻي داري ڏئي، کيس ٺٽي منجهه رهايو
وڃي. عرضداشت جي عبارت هن ريت آهي:
حضرت جهان پناه سلامت!
بعنايت الٰهي و اقبال جهانگشاي حضرت شهنشاهي،
تا حال نظم و نسق سرکار سوستان، بوجهه احسن براهِ
امنيت جاري، جميع قضايا بقانون شريعت غرا
احقر باين جرد ضعيفي در سرکار ......... تردد و
تدبير، تقصير نکرده، اماَ! سه سال علي الاتصال از
مَمَر ِ آفت سماوي، آنقدر بهم نرسيده که بمواجب ِ
طب داران، اکتفا کند. بدون ِ مصالح و سر انجام،
بندوبست اين استخوان معلوم. خصوصاً پراگندگي
زميندار پرگنه چاندو که سرکار بکهر، در هردو سکرار
تخلل يافته است، و پسران قيصر زميندار پرگنه کاهان
و ديگر واقعه جويان اين مرز بوم – که هنگامهارا از
خدا ميخواهنڌ – خيره شده، معه هذا احمد بلوچ
زميندار قلات، حيني که بختيار خان زنده بود، نيز
يکبار آمده بافغان آويزش کرده و به مذکور نيز دست
رسانيده. حالاکه، ميرزا پسر بختيار خان
درهم در آفتاده اند چنان خبر رسيده که احمد مذکور،
قابو وقت ديده، باز جنيده است. هنوز مشخص نشده که
مطلب ِ پرخاش باکه دارد؟ کجا سر خواهد کشِد؟ از
روي صلاح ِ دولت، بخاطر ناقص رسيده که، چناچنه
امارت پناه نصرت خان از مَمَر قرب و جوار واقف شدہ
در باب عفو تقصير، از درگاه ِ معليٰ درخواست
نموده، پيرايہ قبول يابد. از افامت او برجاي هر
آئينه اين تگاپوئ بيحاصل فرونشيند. والا هرچه
پذيرائ خاطر ِ مبارک مزکيٰ آيد، عين کرامت و محض
ثواب است. بنده را لازم است که حقيقت ِ ملک کماحقه
بعرض مقدس معليٰ رساند.
حضرت سلامت! قريب پنج سال است کي اين فقيرزاده
درين جا کشتي برخشگي رانده بضبط و مدارات عملي از
روي پيش رفت کار آنچه دانستہ، در مراتب جا نفشاني
بجان کوشيده و ميکوشد. لکين، الحال از عسرت ِ وقت
و حوادث ِ متعدده چنان طاقت طاق شده، که پاس ناموس
دعا گوي، درين جا معتذر است، و نميتواند ديد که
عبث اين هنگامها در ملک بادشاهي ... در آيد، و از
بي سر انجامي نشسة تماشا.... بمردن راض است.
بنقتضاي کار سرکار والا تجديد و نسق ملکداري اينست
که، خدمت اين سرڪار به يکي (از بندگان حضور) لامع
نور محرمنت شود، يا محمد فتحي پسر عيسيٰ ترخان
خانزاد درگاه والا، منصب مناسب... او بفوجدارئ اين
سرکار، بچندين وجود واسطه درخو ِ است..... حضور
قدسي ظهور شود که بشرف عبته بوسي رسيده، حيات
دوباره حاصل نمايد. يا محمد فتحي بهمين
منصب، تهانه نصرپور مفوض شود کي تعينات تتهه باشد.
اگرچه هرکس ترقي خود ميخواهد و عرض انکسار و تنزل
دشوار ميداند، اما ، فقير زاده جرد ضعيفئ خود
ديده. باوجودي که تا حال امري منافي نظم و نسق بسر
نبرده، اما منصوبه که بنظر ميآيد، از پيش انديشه،
بي کم و کاست، بعرض التماس جسارت نموده. چون ملک
بادشاه و بنده بادشاه است، واجب بود بعرض رسانيدن.
مٿين عرضداشت منجهان هيٺيون صورتحال ظاهر ٿئي ٿو:
(1)
– اها عرضداشت سيوهڻ جي فوجدار يا قلعدار جي ڪيل
ٿي ڏسجي ۽ عالمگير جي دؤر ۾ لکي وئي آهي،
ڇاڪاڻ ته منجهس ٺٽي جي گورنر نصرت خان جو
نالو آيو آهي، جيڪو پهريون دفعو 1080هه ڌاري ٺٽي ۾
هو ۽ ٻيو دفعو 1100هه ۾ مقرر ٿيو. هيءَ عرضداشت
پهرين عرصي (80-1082هه) ۾ ڪيل ٿي ڀائنجي. سندس
انهيءَ پهرين دؤر ۾ ميرزا فتحي زنده هو.
(2)
– لڳو لڳه ٽي سا سماوي آفتن جي سببان سنڌ جي زراعت
برباد ٿي رهي هئي، جنهن ڪري، مغل حاڪمن جي خرچن
لاءِ، رقم جي اوڳڙ ڪانه ٿي سگهي هئي.
(3)
– قحط ساليءَ ڪري اُڳاڙيءَ ۾ سندن ڪيل سختيءَ،
پرڳڻي چانڊوڪي جي زميندارن ۾ ”پراگندگي“ پيدا ڪئي
هي، جنهن ڪري بکر ۽ سيوهڻ جون سرڪارون ٿرٿلي ۾
هيون. ڪاهان پرڳڻي جي زميندار قيصر خان جا
پٽ انهيءَ تحريڪ جا مهندار هئا. قلات جا زميندار
پڻ انهيءَ سلسلي ۾ سندن همدرد ڄاڻايا ويا آهن.
(4)
– ٺٽي جي گورنر نصرت خان کان ڪا تقصير ٿيل
هئي، جنهن جي معافيءَ لاءِ هن دربار ۾ عريضو
موڪليو هو. عرضداشت لکندڙ جو خيال آهي ته نصرت
خان جنهن صورت ۾ حالتن کان وافق آهي، تنهن ڪري
کينس رهڻ جي مهلت ڏني وڃي. اهو ئي تحريڪ ختم ڪري
سگهندو.
(5)
– عرضداشت لکندڙ ظاهر ڪيو آهي ته: کيس رهندي پنج
سال ٿي ويا آهن، انهيءَ عرصي ۾ بک ڏک ۾، گويا هن
سُڪَ تي ٻيڙي پئي هلائي ۽ هاڻ منجهس طاقت ڪانه رهي
آهي، جو وڌيڪ ڪم هلائي سگهي، يا ويٺو هنگامه آرايو
ڏسندو رهي ۽ انهن کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪري نه
سگهي.
(6)
– ”تجديد و نسق مکلداري“ جي لحاظ کان سندس تجويز
آهي ته: محمد فتحي ولد ميرزا عيسيٰ
ترخان کي مناسب منصب ڏئي مذڪوره (سيوهڻ) سرڪار تي
فوجدار ڪري موڪليو وڃي. ڇاڪاڻ ته هو ڪيترن سببن
ڪري انهيءَ لاءِ مؤزون ترين آدمي آهي. يا نصرپور
جي ٿاڻي تي کيس مقرر ڪري، ٺٽي رهايو وڃي.
(7)
– هن عرضداشت مان اهو به ظاهر آهي ته: انهيءَ وقت
ميرزا فتحي ڪنهن به عهدي تي ڪونه هو، اهو
ئي ڪارڻ آهي جو، عرضي لکندڙ – ”بشرف عتبه بوسي
رسيده، حيات دوباره حاصل نمايد“ – جا لفظ ڪتب آندا
آهن.
ميرزا فتحي جي ناڪارڪردگي:
مڪتوبات جي ساڳي مجموعي ۾ ميرزا فتحي جي
نالي ڪنهن بالادست جو لکيل خط موجود آهي، جنهن مان
ظاهر ٿئي ٿو ته ميرزا جي مقرر ڪيل گماشتن
جي بدڪردارين ۽ ڪيل خرابين جون شڪايتون وٽس پهتل
آهن، جنهن لاءِ ميرزا کي تنبيهه ڪندي لکي
ٿو ته : اگرچه ڪنهن حد تائين ڪن لاٽار ڪري سگهجي
ٿي، ليڪن انهيءَ روش تي ضابطو نه ڪيو ويو ته ممڪن
آهي شڪايتون هلي هلي انهيءَ منزل تي رسن جو ڪابه
تلافي ڪانه ٿي سگهي ۽ شرمندگي پلءِ پوي. انهيءَ
بالادست، سندس اميرزادگيءَ کي نظر ۾ رکندي
في الحال کيس فقط لفظي چتاءُ ڏيڻ ضروري سمجهيو
آهي.
مٿي درج ڪيل عرضداشت جي سلسلي ۾ اسان شڪر ظاهر ڪري
آيا آهيون، ته جنهن وقت مٿين عرضداشت لکي وئي، ان
وقت ميرزا فتحي عتاب هيٺ آيو هو. هيٺين خط
مان انهيءَ شبهي جي تصديق ٿي رهي آهي. سندس عمل جي
زوبونئ ۽ سندس گماشتن جي غلط ڪارن جو، هلندي هلندي
اهو نتيجو نڪتو ٿو ڏسجي جو 1080هه ڌاري کيس معزول
ٿيڻو پيو. خط جي عبارت هن ريت آهي:-
رفعت و معالي پناه، ميرزا محمد فتحي، محفوف
العافيته باشد!
بعد هذا مستور نماند که، بمراتب کيفيت ِ بي روشي و
شيطنت بعض گماشتگان کهنه عمل آن رفعت پناه – که در
آنجا اقامت و رزيده مصدر امور نامنابس ميباشند –
بگوش رسيد. از سواد بزرگزادگي و احوال زمانه شناسب
آن معالي انتما رواداري اين معاني، از بس غريب و
تعهد نمود، چه سياست نوکر باز گشت بجنات آقايس
دارد، و از مردم با فهم و دورانديش تجويز اين معني
چه لائق. بمقتضاء اعڻاض تحملي که بعنايت قسام
حقيقي نصيب است، اگرچه رعايت حال هر يکي نموده،
چنين مقدمات را شنيده ناشنيده ميشود، اما انديشه
آن بايد که، مبادا قاله قاله بجاي رسد که تلافي از
متعذرات و اسباب ندامت گردد. نظر به اميرزادگي
و اصالت اعتبار حالت ِ شما به اين جانب لازم بود
که، در هرچه خيريت و بهبود باشد، رهنموني کرده
آيد. يقين که بگوشِ هوش راه ... مرتکب ِ تهاون اين
مراتب نخواهد بود!.
وفات:
ميرزا فتحي غالباً سنڌ ۾ فوت ٿيو، باڪ سندس
پٽ ميرزا محمد فضل الله جي هڪ خط
مان گمان ٿئي ٿو ته: سندس موت بکر ۾ ٿيو. جڏهن پٽس
فضل الله لاش کڻڻ لاءِ بکر پهتو، انوقت،
سؤٽ ميرزا محمد مراد (ولد عنايت الله) ساڻس
تڪرار ڪيو، جنهن جي شڪايت هن، نواب صاحب (؟) جي
حضور ۾ هيٺيون عريضو لکي ڪئي:
بندگان ِ رفيع مکان، امارت و ... مرتبت، شوکت و
ابهت منزلت، اميدگاه قدردان، ملجاء متوسلان، صاحبي
و قبله مهربان، فيض بخش فيض رسان، صاحبي نواب
صاحب، جيوزيد عمره، سلامت!
بنده محمد فضل الله ولد محمد فتحي عرض نياز
و بندگي بتقديم رسانيده، معروض ميدارد که:
چون خبر ارتحال والد ِ مغفور بفقير رسيد، از بس
ياس وشکستگي هيچ طاقتي نمانده بود. اما زين ممَر
که آوردن نعش، در عالم ِ ناموس، ضرور ولابدي بود،
لاجرم براه تري معه وابستها، عازم بکهر گرديد.
وقتيکه درينجا رسيد، ميرزا حمد مراد پيش از
بنده در بکهر رسيده طريقئه تعصبت وعداوت پيش
آورده، کاوش کردن گرفت. تا آنکه روزي کي فقير
ميخواست داخل حويلي شود، ميرزا مذکور با
جمعيت سوار و پياده از مردم سميجه وغيره – که
همراه آورده بود – سبقت نمود در حويلي خزيده
بهنگام درآمد، احقر دروازه را مضبوط گرفة، شمشيرها
و کتک و کلوخ برسر کسان ِ احقر – که جزوي بودند –
ريختند، چناچنه چند آدم ازين طرف مجروح گشتند، و
در بي ستري هيچ نمانده بود که درين اثنا، بعض مردم
ِ اين ديار، درميان آمده، از هم جدا ساختند. و بر
اين يتيم بيکس خيلي تطاول و زيادتي بوقوع آمد، که
درين ملک اجنبي، کس نيست که بفرياد من رسد.
و اکنون ملاحظه دارد که چنانچه درين جا در اضرار
فقير هيچ فرو نگذاشت، مبادا بکسان متعبه محال جا
گير تتهه نيز معترض گردد – لا جرم مصدع ِ اوقات ِ
حسنات گرديده که تدارک اين معني بذات کريم الصفات
وابستہ است، مهرباني فرموده حبسة لله، اين حقيقت
را بخدمت بندگان خانصاحب و قبله، بر نگاردن، که
بخشودن بر يتيمان بيکس اجرها دارد – زياده چه عرض
نمايد؟. دولت و اقبال مستدام!.
مٿين عريضيءَ مان هيٺيون حقيقتون ظاهر ٿين ٿيون:
(1)
– ميرزا فتحي غالباً سکر ۾ فوت ٿيو ۽
فضل الله ان وقت سنڌ کان ٻاهر هو، پيءُ جي
وفات جو اطلاع رسندي ٻيڙن ذريعي بکر پهتو.
(2)
– سئوٽس ميرزا محمد مراد کانئس اڳه بکر
پهچي چڪو هو، جنهن فضل الله جي اچڻ تي
”تعصب ۽ عداوت“ وچان کيس جنگ جوٽي. سميجا،
ميرزا محمد مراد جي مدد ۾ هئا. فضل الله
کي حويليءَ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، جنهن ۾
ڪيترا ماڻهو زخمي ٿيا، نيٺ چڱن مڙسن وچ ۾ پئي، في
الحال جهيڙو ٽاري ڇڏيو.
(3)
– فضل الله کي خطرو هو ته ٺٽي پهچڻ تي
مبادا وري ميرزا محمد مراد جا ماڻهو ساڻس
تڪرار ڪن، تنهن ڪري، اها ماجرا نواب صاحب (؟) کي
لکندي عرض ڪيائين ته: خان صاحب قبله (؟) جي خدمت ۾
سڄي روئداد پهچائي تدارڪ ڪرايو وڃي!.
(4)
– عريضي مان واضح ٿئي ٿو ته ميرزا عيسيٰ جي
اولاد جو سنڌ سان ڪو انس يا خاص تعلق باقي نه رهيو
هو. پٽ ۽ پوٽا خواه ڏهٽا، گهڻو ڪري سڀئي، هندستان
اندر پيدا ٿيا، محض ملازمتن سانگي ڪڏهن ڪڏهن هتي
اچڻ ٿيندو هين. البت قبرستان سو هتي هين. اهو ئي
سبب آهي جو فضل الله سنڌ لاءِ ”- ملک
اجنبي-“ جو لفظ ڪتب آندو آهي ۽ پاڻ کي سنڌ
اندر لاوارث ڄاڻايو اٿس.
(5)
– ميرزا فتحي جي وفات واري زماني (1093هه)
۾ ميرزا محمد مراد کي ٺٽي طرف جاگير مليل
هئي.
(6)
– مٿينءَ عرضداشت منجهان اهو به ظاهر آهي ته:
ميرزا عيسيٰ کان پوءِ سندس پٽن ۽ پوٽن ۾،
باهمي ربط ۽ ضبط ڪونه رهيو هو، هڪٻئي سان شانائتي
۽ شائستي سلوڪ ۾ ڪونه هئا.
قبر:
ميرزا فتحي سال 1093هه ۾ فوت ٿيو. بکر مان
سندس لاش فضل الله آڻي، ڏاڏي جي مقبري
اندر، مڪليءَ ۾ سپرد خاڪ ڪيو.
ميرزا
جي قبر گنبد ۾ مرڪزي ٿلهي تي اوڀر کان پهرين نمبر
تي آهي. قبر جو لوڙهه پٿر جو آهي، چوڌاري قرآني
آيات جي اُڪر آهي: لا الله ... بسم الله ... تبارک
الذي ... بمآء معين – قل يا عبادي الذين .. هو
الغفور الرحيم – ڪل شيءِ مالک ... و عليه ترجعون –
شهدالله انہ ... هو العزيز الحکيم – کل من عليها
فان ... والاکرام – الله لااله الاهو الحي القيوم
... هوالعلي العظيم– آمن الرسول بما انزل اليہ من
ربهہِ .... ان نسينا او اخطانا -.
قبر جي پيرانڌيءَ کان هي تاريخي ڪتبو آهي.
چون فتحي ميرزا ازني دار فنا
در ملک بقا گرفتہ آرام
رضوان تاريخ رحلتش گفت
فتحي به ارم نموده آرام 1093هه
اولاد – فضل الله:
ميرزا فتحي جي اولاد مان فقط ميرزا
فضل الله جي ڄاڻ، مذڪوره خطن ۽ عريضن جي
ذريعي، ٿي آهي. خان فضل الله جي سلسلي جا
ٻه خط ٻيا به پاڻ کي مليا آهن، جن مان حاصل ڪيل
حال نقل سميت هيٺ ڏجي ٿو.
کيبرن جي ٿاڻيداري 1111هه:
هڪ نشان جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته ميرزا فضل
الله 1111هه ۾ پرڳڻي کيبرن جو ٿاڻيدار هو.
نشان جو نقل هي آهي:
نشان عالي، بنام فضائل خان. شانزدهم (16) صفر سنه
44 براه داک روانه حضور مطلع النور گشت.
آنکه سيادت پناه، لائق العنايت و الاحسان، قابل
المرحمت والامتنان، فضائل خان، مفتخر و مباهي بوده
بداند که!
عبدالحافظ
و حرزانه پسران حفظ الله خان، خانزادان
موروثي و کار آمدني و شاسة تفضل جناب ِ فضل و کرم
اند. – اولين که بنايبت پدر بتقديم خدمت ِ فوجداري
قلعه گلبهلک (؟) – مضاف صوبہ پنجاب – قيام دارد.
باوجود دو صد سوار، مشروط خدمت ِ مذکوره، نظر
برکار بادشاهي جمعيت بسيار نگاه داشة بندوبست آن
ضلع – که از مدتي مختل بوده – و تنبيه مفسدان و
ترفيه رعايا، کماينبغي درست نموده. – و از دويمين
لوازم حسن ِ رفاقت ِ برادر بظهور مي رسد.()
والحال که آنها جوانِ قابل بندگيء درگاه خلايق ِ
پناه، شده اند، و باري هر کدام ساماني علٰحده
ميبايد، و مصالح مشروط خدمت ِ مذکوره، بغايت قليل
است، خان مسطور از عهده سرانجام ضروريات آنها،
نميتواند بر آمد – اگر از پيشگاه خانه زاد نوازي،
عبدالحافظ بمنصب – چهار صدي ذات دو صد سوار
– سرفراز شود، گنجايش دارد. و پرگنہ کهبيران مضاف
صوبهء تتهه همگي چهارم لک دام جمع دارد، تهانه
داري آنجا به هشتاد سوار مشروط، بفضل الله ولد
فتحي ترخان، متعلق است، و ناشائستگئ اوضاع و
زبونئ عملش، مکرر بعرض مقدس و معليٰ رسيده، و تعلق
خدمت آن محال، باين قدر مصالح گنجايش ندارد – اگر
آن پرگنہ بجا گير و فوجداريئ خان مسطور مقرر شود،
بدون مصالح مشروط، بکار آنجايہ از ديگران ميتواند
پرداخت. و درين صورت کفايت سرکاروالا و انتظام کار
هاست – بايد که آن سيادت پناه در وقت نيک بعرض
اقدس ارفع و اعليٰ برساند! و توجهات ما را نسبت
بحال خود، روز افزون شناسد. 14 ماه صفر 44
مٿيون نشان هيٺ حقيقتن کي ظاهر ڪري ٿو:
(1)
– هي ”نشان“ 44 سال عالمگيريءَ (1111هه) ۾
لکيو ويو آهي. مغليه دارالانشا جي مقرره شده قانون
مطابق ”نشان“ انهي مراسلي کي چيو ويندو هو جيڪو،
شاهي خاندان جو فرد – بادشاهه يا پنهنجي خانداني
بزرگن کان علاوه – ڪنهن اهم شخص ڏانهن لکي ٿو.
(2)
– چناچه هن نشان جو لکندڙ شهزادو محمد معظم
آهي جيڪو، انهيءَ زماني ۾ پنجاب جو گورنر هو ۽
سندس طرفان حفظ الله خان – جيڪو پوءِ ٺٽي ۽
سيوهڻ جو گرونر ٿيو – پنجاب ۾ نيابت ڪري رهيو هو.
(3)
– شاهزادي اهو نشان، فضائل خان
ڏانهن – جيڪو انهيءَ سال ۾ عالمگير جو منشي
بيوتات هو- لکيو آهي ۽ کينس حفظ الله
خان جي پٽن جي سفارش ڪندي لکيو اٿائين ته: هن
وقت ٻئي جوان ٿيا آهن، في الحال پيءُ جي طرفان
قلعي گلبهلک (؟) جي فوجداري تي آهن، ليڪن بادشاهه
کان ٻنهي کي جدا جدا منصب ڏياريو وڃي، جيئن هرهڪ
پنهنجي روءِ سان شاهي خدمت ڪندو رهي.
(4)
– تجويز ڪئي وئي آهي ته: عبدالحافظ
کي چهار صدي منصب ڏئي، سنڌ ۾ کيبران جي پرڳڻي جي
جاگير ۽ فوجداري ڏني وڃي. جنهن جي آمدني 4 لک دام
هئي. يقين ڏياريو ويو آهي ته: عبدالحافظ
انهيءَ پرڳڻي کي چڱيءَ پر سنڀالي سگهندو.
(5)
– اهو پرڳڻو انهيءَ وقت فضل الله جي ٿاڻي
داريءَ هيٺ هو، جنهن لاءِ شهزادي جو چوڻ آهي ته:
هو نااهل آهي، هن انتظام خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڳ
به شاهي دربار تائين سندس – ”ناشائستگيءَ اوضاع ۽
زبوني عمل“ جون شڪايتون پهچنديون رهيون آهن.
فضائل خان
کي آخر ۾ تاڪيد ڪيو ويو آهي، ته هو ڪنهن نيڪ ساعت
منجهه شاهي حضور اندر اهو عرض پهچائي، حڪم جاري
ڪرائي. اهو نشان 14 صفر 1111هه (سنه 44) جو لکيو
ويو ۽ ساڳي مهيني جي 16 تاريخ ڊاڪ چوڪيءَ جي ذريعي
دهليءَ موڪليو ويو.
سرڪار سيوهڻ جي فوجداري 1113هه:
فضل الله جي سلسلي ۾ ٻئي هڪ خط مان معلوم
ٿئي ٿو ته: هو 5 جمادي الثاني 1113هه (سنه 46
عالمگيري) جو سيوهڻ ۾ فوجدار ٿي پهتو. اهو خط در
حقيقت عريضو آهي جيڪو، سنڌ منجهان ڪنهن سرڪاري
عهديدار، ڪنهن مرڪزي بالادست ڏانهن موڪليو آهي.
عريضي جي عبارت هيءَ آهي:
و ...... مير ساند که، 5 شهر جمادي الثاني سنه 46
بموجب امر عالي، فضل الله بنيابت فوجداريء
سرکار سوستان داخل قلعه گرديد.
خانهزاد بمقتضائ فدويت، فضل الله مذکور
گفته فرستاد که: هنکام گرد آوري مال سرڪار والاست،
تهانه داران خود، درتپہ کجيره و گنهء بوبکان و
پرنگنہ سن – که اند کي از بيم ِ غنيم لئيم، در جان
اند – بفرستد، تا سلسلهء بندوبست انتظام پذير
گردد. – جواب داد که:ۡ بي امر عالي، نگاه داشتن
سپاه سوار نگاه داشة ام، ازان جمله چندي براي
استحکام تهانجات هاله کندي و کهيبران گذاشة،
معدودي براي شهر مقرر هستند.
قبلهء عالم و عاليمان سلامت! حقيقت ِ تسلط مفسدان
ِ اين ديار، بجناب عالمتاب روشن و هويدا. درين
ولا، از دريافت خصوصيات اوضاع و اطوارش، معلوم شد
که: در صورت ِ متوجهه شدن رايات باين سمت، عزم
تاخت مصمم دارد. از آنجا که مقاهير خذلان پذير، در
پرگنه کاهان دوازده کروه از سوستان اقامت دارد.
جمعي که، از جانب گردون رکاب، روانه اين صوب شده،
تا حال نرسيده، و امر والا در باب نگاه داشتن
جمعيت سرکار نظم و نسق بفدوي شرف اصدار نيافته،
و امارت پناه سعيد خان ناظم معزول، سپاه
خود برطرف نموده پر بجد است که: قيصر زميندار
پرگنهء کاهان که حبس ِ او بود، بخانه زاد حواله
نمايد، درس او از خانزاد بگيرده. خانزاد اگرچه در
کار... تاجان ِ خود را دريغ ندارد، لکين بدون ِ
جمعيت، که باعث ِ امنيت ملک است، در گرفتن زميندار
مسطور متردد است.
بهر تقدير، بحکمت عملي نظر بر صلاح زمان و برآمد
کار ِ و کلاي سرکار عالي، عاملان را در پر گنات
مذڪوره بر محال ساير قصبهء سوستان مقرر ساختہ،
باسر گروه مفسدان در مقام دلاساء و استمالت ء
عنايات والا افضال است. اگر استادهائ حضور پر نور
بر اين مرابت، تازينت افزاي گرديدن رايات عاليات
درين ملک، اورا مشمول دلاساء دارند، مثمر مدعا و
متضمن مصلحت امور اينجا ست .- کشتي هاي پر بار
متاع بيوپاريان از تهتهه باين صوب ميامدند، هنگام
رسيدن بر گذر هالہ کندي فضل الله مسطور،
مبلغي از محصول از آنها، متصرف شد. بتاريخ 11 شهر
صدر داروغه هاي محالات ساير و بندر لاهري درينجا
رسيد، سيد فتح الدين که بخدمت داروغگي محال سائر
سوستان مقرر بود، سرگرم کار گرديده، و داروغه هاي
محالات تهتم روبرو روانه شدند – خانه زاد را معروض
داشتن لازم بود، بنحوي که امر جليل القدر بسرعت
شرف نفاذ يابد، کاربند گردد – واجب بود بعرض
رسانيدن.
|