تاريخي جدول:
دارا شڪوه جي ذڪر ڪيل جدوجهد، شڪست
۽ زوال جي سلسلي ۾ هن هيٺ تاريخي جدول ڏجي ٿي،
جنهن مان تاريخن جي تعين سميت سڄو صورتحال معلوم
ٿيندوو:
29 مئي
1658ع
- سامو ڳڙهه وٽ دارا شڪوه شڪست
کاڌي. (7 رمضان 1068هه)
رات جي 9 بجي دارا آگري پهتو. سدنس ڏهه
هزار سپاهي جنگ ۾ قتل ٿيا ۽ نو راجپوت اڻويهه
مسلمان جرنيل ڪم آيا. بوندئ جو راءِ چترا جيڪو
ٻاونجاهه لڙايون لڙي چڪو هو پنهنجي ننڍي پٽ ڀارت
سنگ ۽ ڀاءُ مقيم سنگ ۽ ٽن ڀائيٽن سميت مئو. رستم
خان فيروز جنگ، محمد صالح ديوان، علي مردان
خان جا ٻه پٽ، دلير خان روهيلي جو ڀاءُ ۽
بارها سيدن جا پنج فرد ڪتب آيا.
3 بجي رات جو دارا شڪوه پنهنجي
عيال ۽ مخصوص ماڻهن سميت آگري مان نڪري دهليءَ طرف
روانو ٿيو. پٺيانس سندس محل جون سامان شهر جا
ماڻهو لٽي هليا ويا!.
دهلي طرف ويندي، ٻن ڏينهن اندر، دارا جي
لشڪر ۾ پنج هزار ماڻهو جمع ٿي ويا.
________________
1 جون
1658ع –
ساموڳڙهه مان فتح حاصل ڪري عالمگير آگري
پهچي نور منزل ۾ منزل انداز ٿيو. ڏهه ڏينهن انهيءَ
جاءِ تي مقيم رهيو. شهر جا مک، شاهي حلقي امير ۽
فوج جا اهم ارڪان – شاهي حلقي مان نڪري – ساڻس
شامل ٿيندا رهيا.
شاهه جهان حالتن جو اندازو ڪري
عالمگير ڏانهن قرب ڀريو پيغام موڪليو ۽ کيس
پاڻوٽ حاضر ٿيڻ لاءِ چوارايو، ليڪن عالمگير
ٽاري ڇڏيو. شاهه جهان ٻيو دفعو فاضل خان
کي موڪليو (5 تاريخ جون) وري به عالمگير
نٽائي ويو.
جون
1658ع
__ رات جو عالمگير شاهي قلعي جو محاصرو
ڪرايو.
دارا شڪوه دهلي پهچي بابر واري قلعي ۾
منزل انداز ٿي دهليءَ جي خزاني تي قبضو ڪيو.
8 جون
1658ع–
آگري جي قلعي تي قبضو ڪيو ووي. (جمع 11 رمضان
1068هه) عالمگير جي پٽ محمد سلطان پنهنجي
ڏاڏي کي (21 رمضان 1068هه) نظر بند ڪيو. ڪنهن
تاريخي چئي – و اعتبروا يا اولي الابصار – 1068هه.
12 جون
1658ع–
دارا دهلي ڇڏي، ڏهن هزارن فوجن سميت پنجاب
طرف روانو ٿيو.
13 جون
1658ع–
عالمگير آگري مان دهليءَ روانو ٿيو.
(22 رمضان
1068هه).
___________
3 جولاءِ
1658ع–
دارا لاهور پهتو. (جتي تقريباً ساڍا ٽي
مهينا رهيو) . لاهور جو صوبيدار سيد غيرت خان هو،
جيڪو پوءِ ٺٽي جو گورنر ٿي ٺٽي ۾
فوت ۽ دفن ٿيو. دارا وٽ لاهور جي منزل تي
ويهه هزار فوج جمع ٿي.
جولاءِ
1658ع–
علامگير دهليءَ پهتو
21 جولاءِ 1658ع–
دهليءَ جي ٻاهران شاليمار باغ ۾، عالمگير
پنهنجي بادشاهت جو اعلان ڪري، تخت نشينيءَ جي رسم
ادا ڪئي ۽ ابو المظفر محي الدين محمد اورنگزيب
بهادر عالمگير بادشاه غازيءَ جو لقب اختيار
ڪيو.
(1 ذيقعد
1068هه)
26
جولاءِ 1658ع–
عالمگير روپڙ وٽ ستلج جي ڪناري تي پهچي
منزل ڪئي.
18 آگسٽ
1658ع–
دارا لاهور ڇڏي ملتان طرف ڪوچ ڪيو.
21 آگسٽ
1658ع–
عالمگير مٿئين منزل تي اٺ ڏينهن قيام ڪيو،
جيئن سندس لشڪر ستلج اڪري.
25 آگسٽ
1658ع–
عالمگير واٽ تان، طاهر خان کي لاهور روانو
ڪيو، تاڪه هو اڳ ۾ پهچي دارا جي ڇڏيل مال ۽
ماڻهن تي قبضو ڪري.
29 آگسٽ
1658ع
__ طاهر خان جي پٺيان، خليل الله خان پڻ
لاهور پهتو، ليڪن هن فورن سڌو ملتان طرف
دارا جي پٺ ورتي.
______________
4
سپيٽمبر 1658–
عالمگير ٽي هفتا ستلج جي ڪناري تي مقيم
رهيو، جيئن سندس سمورو لشڪر ندي اڪري. (14 آگسٽ تا
4 سيپٽمبر).
5
سيپٽمبر 1658ع–
دارا ملتان پهتو، هن خزانو ۽ ٻيو
سامان فيروز ميواتيءَ ۽ بسنت ملازم
جي ذريعي ٻيڙين ۾ وجهي بکر روانو ڪيو.
11
سيپٽمبر 1658ع–
عالمگير بياس ندي اُڪري.
12
سيپٽمبر 1658ع–
عالمگير هيبت پور پهتو.
اچ واري رستي کان بکر روانو ٿيو.
13
سيپٽمبر 1658ع–
دارا خشڪي رستي ملتان ڇڏي اُچ واري
رستي کان بکر روانو ٿيو.
17
سيپٽمبر 1658ع–
عالمگير مومنپور پهتو، کيس خليل الله
خان طرفان نياپو پهتو ته: پاڻ سڌو ملتان
اچي، ممڪن آهي ته دارا ملتان ۾
مقابلو ڪري!. عالمگير سامان ۽ غير ضروري
ماڻهو پنهنجي پٽ اعظم سان لاهور موڪلي ڏنا
۽ پاڻ قصور ۽ شير ڳڙهه جي رستي ملتان روانو
ٿيو. سترهين تاريخ مومن پور پهچڻ تي کيس دارا
جي بکر وڃڻ جي حقيقت معلوم ٿي. چنانچه هن
ساڳي ڏينهن ڇهه هزار سپاهين جي لشڪر سان صف شڪن
خان کي پٺيانس روانو ڪيو.
21 سيپٽمبر 1658ع–
خليل الله خان پاڻ ملتان پهتو. يعني
دارا جي رواني ٿيڻ کان اٺ ڏينهن پوءِ.
23
سيپٽمبر 1658ع
– دارا، اُچ پهتو.
25
سيپٽمبر 1658ع
– عالمگير ملتان پهتو.
26
سيپٽمبر 1658ع
– ملتان مان عالمگير، شيخ مير
۽ دلير خان کي نون هزارن فوجن سميت دارا
پٺيان موڪليو.
30
سيپٽمبر 1658ع
– عالمگير پاڻ ملتان مان دهليءَ
واپس ٿيو.
صف شڪن خان اچ پهتو. دارا اتان
چار ڏينهن اڳ نڪري چڪو هو.
_____________
2 اڪٽوبر
1658ع
__ صف شڪن خان وٽ اسي هزار سونيون مهرون ۽
راڄ مزدؤر پهتا.
13 اڪٽوبر 1658ع
– دارا سنڌونديءَ جو سڄو ڪپ ڏئي بکر
پهتو.
17
اڪٽوبر 1658ع
– صفن شڪن خان بکر کان 126 ميلن جي فاصلي
تي مقيم هو ج وٽس شيخ مير پنهنجي لشڪر سميت
اچي پهتو.
شير مير درياءَ جي سڄي ڪپ سان بک روانو ٿيو ۽
صف شڪن کٻو ڪپ ورتو. علي الترتيب ٻنهي ڪنارن
کان بکر تائين 200 ۽ 126 ميل فاصلو هو.
18 اڪٽوبر 1658ع
– بکر ڇڏي دارا لوور سنڌ طرف روانو
ٿيو.
21 اڪٽوبر 1658ع–صف
شڪن بکر پهتو (3 صفر 1069هه). کيس
معلوم ٿيو ته: دارا حرم سراءِ جا ماڻهو،
خزانو، ڪجهه توبون، بارود ۽ ٻيو ڪيترو سامان
بسنت ملازم ۽ سيد عبدالرزاق جي تحويل ۾ ڏئي
اڳتي ويو آهي ۽ اهي امير بکر ۾ قلعي بند ٿي
ويٺا آهن. يورپي ملازم ۽ فرنگي توبچي ۽ سندس يورپي
مصاحب منوچي پڻ بکر جي قلعي ۾ آهن. دارا
لاهور مان 14 هزار لشڪر ساڻ ڪري نڪتو هو، واٽ تي
کانئس جدا ٿيندي، باقي وڃي ٽي هزار ماڻهو وٽس
بچيا. بکر کان پنجاه ميلن تي پهچي، هن
قنڌار طرف وڃڻ جو ارادو ڪيو، ليڪن سندس گهرواريءَ
۽ ٻين ماڻهن انڪار ڪيو، جنهن ڪري لاچار ٿي
سيوهڻ ڏانهن رخ رکيائين.
22
اڪٽوبر 1658ع
– صف شڪن خان، روهڙيءَ تي قبضو ڪيو ۽
بکر جي قلعي تي محاصري لاءِ ماڻهو مقرر
ڪيائين. (4 صفر 1029هه).
23
اڪٽوبر 1658ع
– صف شڪن پاڻ دارا پٺيان روانو ٿيو.
(5 صفر 1069هه)
30
اڪٽوبر 1658ع
– محمد صالح ترخان جو خط، صف شڪن
خان کي پهتو. جنهن ۾ کيس اطلاع ڏنل هو ته:
سيوهڻ کان ڏهن ميلن تي دارا موجود آهي،
پاڻ فورن پهچي سندس ٻيڙين تي قبضو ڪري.
صف شڪن
خان پهتو، (12 صفر 1069هه). ليڪن دارا گوهي
ڏئي سيوهڻ وٽان سلامتيءَ سان ٽپيو هليو
ويو.
صف شڪن
خان محمد صالح ترخان ڏانهن، لکي موڪليو ته،
دارا کي سيوهڻ وٽ روڪي! ليڪن هُن
مقابلي جي توانائي نه ڄاڻائي معذوري لکي موڪلي.
محمد صالح ترخان
تي انهيءَ ڪوتاهي جو الزام لڳو ۽ آخر معزول ڪيو
ويو.
______________
1 نومبر
1658ع
– صف شڪن، جيڪا جاءِ مقرر هئي ان تي
سيوهڻ جي قريب پهتو (12 صفر 1069هه) جئن
دارا کي گرفتار ڪري ۽ سندس ٻيڙيون روڪي.
2 نومبر
1658ع
– 9 بجي صبح جو ڏٺو ويو ته دارا خواه سندس
ٻيڙو سلامتيءَ سان ٽپيو هليو ويو. صف شڪن
جي توبچن فقط ٻن ٻيڙن کي نقصان پهچائي سگهيو.
3 نومبر 1658ع–
صف شڪن اتان منزل پٽي، کٻي ڪناري سان
دارا جي پٺ ورتي، هڪ جاءِ تي ٻه ڏينهن ترسي
پيو تاڪه شيخ مير به پهچي وڃين.
6 نومبر
1658ع–
شيخ مير، صف شڪن خان جي آمهون
سامهون اچي پهتو، ٻه ڏينهن درياه اڪرڻ ۾ لڳي ويا.
ٻئي لشڪر هڪ ٻئي سان مليا.
13 نومبر
1658ع–
دارا شڪوه اهي تڪليفون سهي ٺٽي
پهتو.
14 نومبر
1658ع–
صف شڪن منزل پٽي پٺيانس ٺٽي روانو
ٿيو.
17 نومبر
1658ع–
صف شڪن کي خبر پئي ته ٺٽي وٽان
دارا کٻي ڪپ تان درياهه اُڪريو آهي.
دارا
هڪ دفعو اڳ به پيءُ جي دؤر ۾ پيءُ سان ڪاوڙجي
ٺٽي آيو هو. بقول صاحب مقالات الشعرا: ليڪن
ٺٽو کيس پسند نه آيو، هڪ دروازي کان داخل ٿيو
۽ ٻئي دروازي کان نڪتو هليو ويو. قاضي ابراهيم
ٺٽوي سندس مصاحب هو، تنهن کي حڪم ڏنائين ته:
ٺٽو ساڙي ڇڏيو! حڪم جي بجا آوريءَ خاطر گهاٽ
واري پاسي ۾ چند ڀونگن کي باهه ڏني وئي. چنانچه
مير علي شير جي دؤر تائين انهيءَ باهه جا نشان
موجود هئا ۽ عرف عام ۾ ان کي ”سوخته گهاٽ“ يعني
سڙيل پتڻ سڏيو ٿي ويو.
قاضي ابراهيم ٺٽي جو امين الملک هو،
مخزن الاسرار جي شرح لکيائين ۽ شيخ عبدالقادر
گيلانيءَ جي هڪ تصنيف جو فارسي ترجمو ڪري، دارا
جي نالي معنون ڪيائين. اهو نسخو راقم جي ڪتبخاني ۾
آهي. شرح مخزن الاسرار جا ڪيئي نسخا موجود
آهن ۽ معروف ڪتاب آهي.
18 نومبر
1658ع–
صف شڪن 28 ميل طئي ڪري ٺٽي کان ٻن
ميلن تي اچي پهتو. ليڪن دارا ٺٽو
ڇڏي چڪو هو.
19 نومبر
1658ع
– صف شڪن ٺٽي پهچي دارا
جي ڇڏيل ٽپڙن تي قبضو ڪيو. شيخ مير به وٽس
ٺٽي پهچي ويو.
20 نومبر
1658ع
– صف شڪن ٺٽي کان اڳتي روانو
ٿيو. ڇهن ملين تي پهچي درياهه اڪرڻ لاءِ منزل
انداز ٿيو.
23 نومبر
1658ع
– صف شڪن درياهه پار ڪيو، دارا
جو کينس پتو پئجي ڪونه سگهيو.
24 نومبر
1658ع
– دارا بدين پهتو. جتان گجرات وڃڻ
لاءِ ڪڇ جي رڻ ۾ ڪاهي پيو.
27 نومبر
1658ع
– دارا ڪڇ جو رڻ اُڪري
پار پيو.
8 ڊسمبر
1958ع
– عالمگير طرفان صف شڪن خان
کي حڪم پهتو ته: شجاع جي بغاوت کي ختم ڪرڻ
لاءِ سنڌ وارو لشڪر هندوستان واپس ٿئي. چنانچه
ناڪام ٿڪل ۽ مايوس لشڪر في الحال بي نيل و مرام
پٺتي موٽيو.
____________
3 جنوري 1659ع–
شجاع جي خلاف عالمگير کجواهي ۾ شڪر
ڪشي ڪئي
9 جنوري
1659ع–
ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ مان ٿيندو دارا،
شاهنواز خان (عالمگير جي سهري) جي دعوت
تي، احمد آباد جي قلعي ۾ داخل ٿيو.
آخر جنوري 1659ع–
شهزادي مراد ۽ پٽس کي عالمگير قيد ڪري
گواليار جي قلعي ۾ موڪلي ڏنو، جتي بعد ۾ 4 ڊسمبر
1661ع (21 چهار شنبه ربيع الثاني 1070هه) جو کيس
علي ني جي قتل ۾، من گهرت ڏوهه هيٺ، قاضيءَ کان
فتوا ڏياري قصاص ۾ شهيد ڪيو ويو.
________________
13 فيبروري 1659ع–
دارا هڪ مهينو ست ڏينهن احمد آباد
جي قلعي ۾ رهيو. شاهنواز خان شهزادي مراد
جا رکيل ڏهه لک رپيا ڪڍي کيس ڏنا. دارا اهي
پيسا تقسيم ڪري ٽن هزارن مان وڌائي ٻاويهه هزار
لشڪر گڏ ڪيو. (عالمگير نامه:296، 299- خافي
خان:ج 2: ص 62، 63)
14 فيبروري 1659ع–
احمد آباد ڇڏي دارا اجمير
طرف روانو ٿيو. سندس خيال هو ته اهو رستو ڏئي آگري
پهچي ۽ پيءُ کي عالمگير جي قيد مان آزاد
ڪرائي.
واٽ تي کيس اطلاع پهتو ته شجاع هٿان
عالمگير شڪست کاڌي. کيس ڏاڍي خوشي ٿي، ليڪن ٽن
منزلن بعد کيس اصل حقيقت جي خبر پئي ته: در حقيقت
عالمگير هٿان شجاع شڪست کاڌي آهي.
راجپوتانا طرف، دارا جوڌپور جي راجا،
جسئونت سنگهه جي آڇ ۽ آسري تي وڃي رهيو هو.
عالمگير جئي سنگ جي معرفت جسئونت
سنگهه کي ٺاهي ورتو.
دارا اها خبر ٻڌي پهريون پنهنجي ملازم
دبيچند کي ڏياري موڪليو. ٻيو دفعو به دبي چند وٽس
ويو، آخر ٽئين دفعي پنهنجي پٽ سپهر شڪوه کي
ڏانهس ڏياري موڪليائين.
دارا جڏهن اجمير پهتو ته سپهر
شڪوه آخري طرح جسئونت سنگهه وٽان مايوس
ٿي موٽي آيو.
دارا مجبور ۽ مايوس ٿي پيو.
عالمگير ڌوڪيندو اجمير جي سامهون
اچي پهتو هو.
دارا لاءِ هاڻي ٻيو ڪو چارو ڪونه رهيو،
سواءِ هن جي ته، اجمير ۾ ترسي لڙائيءَ جو
انتظار ڪري.
__________________
11 مارچ
1659ع–
عالمگير اجمير جي ويجهو ديو راءِ
Deorai
کان هڪ ميل جي فاصلي تي پهچي منزل انداز ٿيو.
اجمير کان چئن ميلن جي پنڌ تي ديوراءِ جي
ڀڪ ۾ لڙائيءَ جو ميدان تيار ٿيو. عالمگير
جي منزل کان ٻن ميلن جي فاصلي تي، اجمير
طرف، دارا جو لشڪر هو.
12 مارچ
1659ع
– ٻنهي ڀائرن ۾ فيصله ڪُن جنگ شروع ٿي.
13 مارچ
1659ع
– جنگ چالو رهي.
14 مارچ
1659ع
– (29 جمادي الثاني 1069هه) دارا کي
شڪست آئي
سندس سڄو لشڪر تباه ٿي ويو.
عالمگير جو جرنيل شيخ مير قتل ٿيو،
دارا جو مددگار ۽ عالمگير جو سهرو
شاهنواز خان پڻ قتل ٿيو. ٻئي جرنيل خواجه
اجمير نگريءَ جي درگاهه ۾ دفن ٿيا.
دارا بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾، ڏهن
ٻارهن ماڻهن ۽ چند عورتن سميت، سخت پريشانيءَ ۽
بدحاليءَ جي عالم ۾ ميدا ڇڏي سنڌ طرف روانو ٿيو.
هُن کي پنهنجي مستقبل ۽ انجام جو ڪو پتو ڪونه هو،
کيس اها به سڌ نه ٿي ئي ته سنڌ ڏانهن ڇو ٿو وڃي؟.
سپهر شڪوه ۽ فيروز ميواتي ساڻس گڏ
هو. اڳتي هلي برنير پڻ ساڻس گڏ ٿيو.
15 مارچ
1659ع
– جئي سنگ ۽ بهادر خان پنهنجي لشڪر سميت
دارا پٺيان ڪاهي پيا.
20 مارچ
1659ع –
جئي سنگه مئرتا
Mairta
پهتو.
29 مارچ
1659ع
– دارا 29 ميلن جي فاصلي تي احمد
آباد جي ويجهو پهتو. خيال هيس ته احمد آباد
جي قلعي ۾ پناه وٺي، ليڪن اتي به ڪنهن پناه ڪانه
ڏنيس. سڄي راجپوتانا ۾ ڪٿي به کيس امان ڪانه ملي،
جيڏانهن منهن ٿي ڪيائين، اوڏاهين خطرو ۽ گرفتاريءَ
جون تياريون. احمد آباد جو قلعدار سيد احمد
بخاري جيڪو دارا جو ماڻهو هو گرفتار ٿي چڪو
هو.
31 مارچ 1659ع –
جئي سنگ سان جسئونت سنگ به اچي شامل ٿيو.
ٻئي گڏجي دارا شڪوه پٺيان پيا.
______________
5 اپريل
1659ع
– جئي سنگ سڌپور پهتو.
11 اپريل
1659ع
– جئي سنگ احمد آباد پهتو، هڪ ڏينهن رهي
اڳتي وڌيو. دارا قريباً 12 ڏينهن اڳ
احمد آباد جي پسگردائي مان نڪري چڪو هو.
_____________
شروع مئي
1659ع–
دارا رڻ اُڪري بدين وٽ پهتو جتي
معلوم ٿيس ته: قباد خان هڪ هزار سپاهين سميت سندس
اڳ جهليو ويٺو آهي. دارا سڌو وچ ڏئي،
سيوهڻ طرف هليو. سيوهڻ کان سندس ارادو
قنڌار وڃڻ جو هو.
لاهور جو گورنر خليل الله خان دارا
جي اڳ جهلڻ لاءِ لشڪر سميت بکر وٽ منتظر
هو. جئي سنگ پٺيان لڳو ٿي آيس. دارا جون
سڀئي واهون بند هيون.
اهڙي نازڪ موقعي تي فيروز ميواتي جيڪو هن
وقت تائين سندس جان سان گڏ هو، تنهن پڻ کيس ڇڏي
ڏنو.
3 مئي
1659ع–
جئي سنگ هلود کان ڇهن ميلن جي پنڌ تي پهتو. کيس
دارا جي رڻ اُڪري وڃڻ جي سڌ پئي.
13 مئي
1659ع –
جئي سنگ ڀڄ ۾ پهتو. جتي کيس بدين مان قباد
خان جو موڪليل اطلاع پهتو ته: دارا بدين
کان سيوهڻ طرف وڌيو هليو ويو.
رڻ ستر ميل هو، جئي سنگ رڻ اُڪرڻ
شروع ڪيو، سندس لشڪر تباه ٿيو، جنهن جو مذڪور سندس
خطن مان ظاهر آهي.
18 مئي
1659ع–
جئي سنگ رحمڪي بازار پهتو.
29 مئي
1659ع –
جئي سنگ نصرپور پهتو.
___________
6 جون
1659ع
– دارا سيويءَ ڊاڍر پهتو، سندس گهرواري
نادره بيگم فوت ٿي.
7 جون
1659ع
– جئي سنگ، هالا پهتو.
8 جون
1659ع
– دارا پنهنجي زال نادره بيگم جو لاش خواجه
مقبول جي ذريعي سيويءَ مان ميان مير سنڌيءَ جي
قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ لاهور روانو ڪيو.
9 جون
1659ع
– ملڪ جيوڻ جو گهر ڇڏي، دارا جنهن
وقت بولان پاس طرف هليو، ان وقت ملڪ جيوڻ
کيس گرفتار ڪيو.
(29 رمضان 1069هه)
15 جون
1659ع
– گرفتاريءَ جي سڌ جئي سنگ ۽ بهادر خان کي
پئي. بکر وٽ لشڪر ۽ سامان ڇڏي، ٻئي جرنيل
سيويءَ طرف تيز تيز روانا ٿيا.
23 جون
1659ع
– ملڪ جيوڻ دارا کي بهادر خان
جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ به بهادر خان سان گڏجي
دهليءَ روانو ٿيو.
بهادر خان دارا کان بسنت
قلعه دار بکر ڏانهن، زوريءَ خط لکرايو،
تاڪه هو بکر جو قلعو سرڪاري ماڻهن جي حوالي
ڪري.
28 جون
1659ع
– دارا قيديءَ جي حيثيت ۾ بکر جي
مٿان، اڀرندي کان درياهه پار ڪري، اڳتي روانو ٿيو.
_____________
2 جولاءِ
1659ع–
عالمگير کي ملڪ جيوڻ جو خط پهتو،
جنهن ۾ دارا جي گرفتاريءَ جواطلاع هو. ليڪن
عالمگير خاموش رهيو. ڪنهن سان اها ڳالهه
ڪانه کوليائين. محطاط هو، بي ڀروسي هو، کيس اعتبار
ڪونه ٿي آيو، سمجهيائين متان ڪو ڌوڪو هجي.
15
جولاءِ 1659ع–
بهادر خان جو عريضو عالمگير وٽ
پهتو. ان وقت کيس تسلي ٿي ۽ هن سرڪاري طرح دارا
جي گرفتاري جو اعلان ڪيو. دهليءَ جا ماڻهو سخت
مايوس ٿي ويا. کين بيحد ڏک ۽ ارمان ٿيو.
______________
23 آگسٽ
1659ع–
دارا شڪوه قيديءَ جي حيثيت ۾، سخت خسته ۽
خوار دهلي پهتو.
29 آگسٽ
1659ع–
دارا جو مٿو اگهاڙو ڪري ٻاهون پٺيءَ پاڏهن
ٻڌي، هاٿي تي چاڙهي، دهليءَ جي شهر ۾ گشت ڪرائي
رسوا ڪيو ويو.
اهو جلوس لاهوري دروازي کان شهر ۾ داخل ٿيو،
چاندني چوڪ وٽان ٿيندو، قلعي جو پاسو ڏيئي خضرآباد
پهتو، جتي خواص پور محل ۾ کيس لاهي سخت پهري هيٺ
قيد ۾ رکيو ويو.
ساڳي شام جو عالمگير خلاصي دربار ڪري،
دارا جي لاءِ قتل جي سزا جو حڪم جاري ڪيو.
دانشمند خان جان بخشيءَ لاءِ عرض ڪيو، ليڪن ٻين
سڀني (شائسته خان- محمد امين خان بهادر خان
حڪيم دائود)
بادشاه جي راءِ کي ملحوظ رکندي سندس قتل تي اسرار
ڪيو. روشن آرا بيگم پڻ انهن جي تائيد ڪندي زور
رکيو ته دارا شڪوه کي ضرور قتل ڪيو وڃي.
دارا جان بخشيءَ لاءِ درخواست ڪئي جيڪا
نامنظور ٿي.
مذڪوره جلوس ڏسي ماڻهن کي سخت مٺيان لڳي شهر
۾ آه و زاري پئجي وئي ۽ سڄي دارالسطنت ۾ هڪ محشر ۽
هڪ هنگامو بپا ٿي ويو.
30 آگسٽ 1659ع – ملڪ جيوڻ کي سندس انهيءَ
غداريءَ جي عيوض عالمگير هڪ هزاري منصب ۽
بختيار خان جو لقب مليو. ماڻهن کي تاءُ هو،
اڳئين ڏينهن تي هو دارا سان گڏ هاٿيءَ تي
سوار هو، فوجي پهرو سخت هو، تنهن ڪري ماڻهو ڪجهه
ڪري نه سگهيا.
اڄ جئين ملڪ جيوڻ درباري لباس پائي،
پنهنجي افغان سوارن سميت دربار ڏانهن ويندي بزار
منجهان لانگهائو ٿيو، تئين ماڻهن جي انبوه مٿس
گهيرو ڪيو. هيٺان ٿڪون ۽ بُجا، مٿان ڇتن تان عورتن
۽ ٻارن جا کهانگارا ۽ ٿوڪارا. ڦوڙ، پٿر، سر، ٺڪر،
موچڙا ۽ لتون. الغرض ڪيترا افغان مري ويا، ملڪ
جيوڻ زخمي ٿي ڪري پيو. سڄي شهر ۾ فساد جي
باهه ڀڙڪي اٿي.
سرڪاري فوج پهچي وئي، جنهن ڏاڍي مشڪل سان ملڪ
جيوڻ کي اتان کڻي حفاظت جي هنڌ تي پهچايو.
شام جو عالمگير حڪم ڪيو ته فورن دارا
کي ڪٺو وڃي، ممڪن آهي ته ماڻهو کيس بند مان آزاد
ڪرائي وڃن.
رات جو سيف خان جي نظرداريءَ هيٺ نذر
بيگ بندي خاني ۾ داخل ٿيو.
سپهر شڪوه پيءَ سان گڏ سمهيل هو، ان کي
زوريءَ جدا ڪري ٻئي ڪمري ۾ پهچائي، دارا جو
سر ڌڙ کان جدا ڪري، عالمگير جي منشا کي
پورو ڪيو ويو.(21 ذي الحج 1069هه)
دارا جو سر عالمگير جي اڳيان پيش
ڪيو ويو.
31 آگسٽ
1659ع–
دارا جو لاش هاٿيءَ تي رکي شهر مان گهمائي
همايون جي مقبري ۾ بي ڪفن دفن ڪيو ويو. جنازي جي
نماز به ڪانه پڙهي وئي.
محمد صالح جي معزولي 1069هه:
بهرحال محمد صالح جو قصور اهو ايترو هو.
اڃا دارا شڪوه جو قصو هليو ئي ٿي جو
محمد صالح کي معزول
ڪري رعايت خان کي سندس جاءِ تي سيوهڻ
موڪليو ويو. محمد ڪاظم لکيو آهي:
”- رعايت خان بفوجدارئ سيوستان، از تغير
محمد صالح ترخان، تعين يافتہ مشمول مراحم
خسروانه گشة-“
اهو حڪم رجب (1069هه) ۾ نڪتو، جڏهن ته دارا
اجمير وٽ شڪست کائي (29 جمادي الثاني
1069هه) سنڌ ۾ پهچي چڪو هو يا پهچڻ وارو هو.
رعايت خان
69- 1073هه: عالمگير نامه جو مؤلف رعايت
خان جي منصب وغيره جي سلسلي ۾ لکي ٿو:
”- منصب رعايت خان – که بفوجداريء سيوستان
از تغير محمد صالح ترخان منصوب شده بود –
باضافهء هفت صد سوار هزار و پانصدي، هزار و پانصد
سوار دو اسپہ و سہ اسپہ مقرر گشت-“
رعايت خان
سيوهڻ جي فوجداريءَ تي قريباً سوا چار سال
کن رهيو ۽ سال 1073هه ۾ سيوهڻ ۾ فوت ٿيو،
جنهن جو اطلاع عالمگيري سال ڇهين (رمضان 1073هه
کان شروع) جي ضمن ۾ محمد ڪاظم هن ريت ڏنو
آهي:
”- بعرض اشرف رسيد که: رعايت خان فوجدار
سيوستان باجل طبعي بساط حيات در نور ديد-“
محمد صالح
کي معافي 1070هه: محمد صالح
معزوليءَ بعد موٽي گجرات ويو يا سنڌ ۾ رهي پيو،
مؤرخن جو انهيءَ سان واسطو ڪونه هو، تنهن ڪري پتو
پوڻ مشڪل آهي. سندس سلسلي ۾ واري اطلاع ان وقت ملي
ٿو جڏهن، شاهي عتاب مٿانس لٿو ۽ سندس نالو وٺڻ
خواه لکڻ جائز ٿيو.
عالمگير
جي ٻئي سال ۾، جنهن موقعي تي، عالمگير
پنهنجي ڄم جو جشن منايو ۽ پاڻ شمسي حساب سان
ايڪيتاليهه سال پورا ڪري عمر جي ٻائيتالهين سال ۾
قدم رکيو، ان وقت هُن عتاب ۾ آيل ڪيترن اميرن جي
خطا معاف ڪري کين وري منصب تي بحال ڪيو – مٽلن
راجه جسئونت سنگ جو جيڪو خطاب ”راجگي“ ضبط
ٿيل هو سو ان موقعي تي واپس ڪيو ويو. اهڙي طرح
خان عالم کي به سندس تقصيرن جي معافي ڏئي سہ
هزاري منصب تي فائز ڪيو ويو. محمد ڪاظم
پنهنجي ڪتاب ۾ راوي آهي ته: محمد صالح ترخان
کي به انهيءَ موقعي تي ”بادشاه خطا بخش“ سندس
خطائن جي معافي ڏني:
”- محمد صالح ترخان کہ سابق قلعه دار
سيوستان بود، بنا بر تهاون تقصيري – هنگام رفتن
دارا بيشکوه بتتهه، چنانچه در مقام خود گذارش
يافتہ – ازو صادر شده، از منصب معزول گشة مغضوب و
معاتب بود، از مراحم، شهنشاه جرم بخش رخصت کورنش
يافتہ بمنصب هزار و پانصدي هزار سوار، کامياب تفضل
گرديد-“
عالمگير
جي عمر جو ٻائيتاليهون سال، خميس ڏينهن 5 تاريخ
ربيع الاول 1070هه جو شروع ٿيو ۽ انهيءَ ڏينهن
جڏهن سڀني اميرن ۽ دربارين تي انعامن اڪرامن جي
بارش ٿي، ان وقت محمد صالح جي خطا پڻ معاف
ٿي، کيس دربار ۾ حاضر ٿي ڪورنش بجا آڻڻ جي اجازت
ملي ۽ پندرهن صدي منصب کيس واپس ڪيو ويو.
ماثرالامرا جي مؤلف جو به ما اخذ ساڳو ڪتاب آهي،
لکي ٿو:
”- مورد عتاب خسرواني گرديد و از منصب و خطاب
برطرف شد. و باز در سال دوم عالمگيري بمنصب هزار و
پانصدي هزار سوار بحال گشت-“
انهيءَ ئي موقعي تي زاهد بيگ ترڪمان کي جيڪو صف
شڪن سان سنڌ جي مهم تي خاص خدمت ادا ڪري چڪو
هو – زاهد خان جي خطاب سان نوازيو ويو.
مٿين مذڪور مان ظاهر ٿيو ته محمد صالح رجب
1069هه ۾ معزول ٿيو ۽ قريباً نون ڏهن مهينن بعد
ربيع الاول 1070هه ۾ سندس خطا معاف ڪري کيس دوباره
منصب ۽ ملازمت تي بحال ڪيو ويو.
بهادر جي مهم، ربيع الثاني 1070هه:
ماثرالامرا جو مؤلف لکي ٿو ته: محمد صالح ترخان
کي منصب وا گذاشت ٿيڻ بعد، بهادر خان جي
سپه سالاريءَ تحت، بهادر پچڪوٽيءَ جي
تنبيهه لاءِ روانو ڪيو ويو، جنهن بسواري جي آس پاس
سخت فساد ۽ شورش پيد ڪئي هئي.
محمد ڪاظم
لکيو آهي ته: 8 تاريخ ربيع الاول 1070هه جو
بهادر خان کي، انهيءَ مهم تي مقرر ڪيو ويو.
يعني منصب بحال (5 ربيع الاول) ٿيڻ کان چوٿين
ڏينهن تي، محمد صالح کي اها مهم در پيش
آئي. عالمگير بادشاه ان وقت دهليءَ کان
نڪري ٻن ڪوهن پنڌ تي شڪار لاءِ منزل انداز هو:
”- چون وقايع سمت پورب، مکرر بعرض واقفان پايہ
سرير خلافت مصير رسيده بود که: بهادر نام مفسد از
طائفهء پچکوتي در سمت بيسواره سر بفتنه و فساد و
رهزني افساد برداشته است، و جمعي کثير و فرقهء
انبوه از کواران و متمردان طايفهء بيس و ديگر
واقعه جويان و خلاف منشان آن سمت، به او گرديده به
استظهار جمعيت و هجوم اوباش، لواي جرات و جسارت
بتاخت و غارت ان حدود افراشته و رعايا و مترددين
از سر شورش و طغيانش در امان نيستند، لهٰذا دفع او
نيز پيشنهاد خاطر اقدس گشة. بهادر خان با
جمعي از افواج نصرت مال بدفعه و استيصال آن بغي
انديش فتنه سگال تعين يافت، و بعنايت خلعت خاص و
شمشير و سپر هر دو با ساز مرصع مورد نوازش گشة،
درين تاريخ (8 ربيع اول) مرخص شد –“
بهادر خان،
جنهن دارا شڪوه جي مهم ۾ سنڌ اندر نمايان
سرگرمي ڏيکاري هئي ۽ دارا شڪوه کي ملڪ
جيوڻ کان وٺي، دهلي پهچايو هو، انهيءَ ساڳي
بهادر خان جي سرڪردگيءَ ۾ محمد صالح
روانو ٿيو. ساڻس ٻيا به ڪيترا امير ۽ منصبدار
انهيءَ مهم تي مقرر ٿي هليا مثلاً:- راءِ
امرسنگ چند راوت – جڳت سنگ هاده – رامسنگ راٺوڙ –
اغر خان – سيد مصطفيٰ – رگهناٿ – غيرت خان – مظفر
– بهادر افغان جا پٽ – بلوي چوهان وغيره.
محمد ڪاظم لکي ٿو: سڀئي امير ”- بمراهم
خسروانه سر بلند گرديدند-“
اهو لشڪر 8 تاريخ بسواري طرف روانو ڪري بادشاه پاڻ
ٻن ڏينهن بعد 11 تاريخ ڳڙهه مڪتيسر طرف شڪار لاءِ
ڪوچ ڪيو.
اختتام، 13 جمادي الثاني 1070هه: بادشاه اڃان
شڪار تي ئي هو جو بهادر خان ۽ سندس ساٿين،
پچڪوٽيءَ جي فساد کي ختم ڪري موٽ کاڌي.
بادشاه شڪار واري سفر کان واپس ٿيندي 13 جمادي
الثاني 1070هه جو (هڪ ڪوه دهليءَ کان ٻاهر) شاهدري
۾ منزل ڪئي. انهيءَ ڏينهن بهادر خان کي،
خان دروان جي تبادلي سبب، الهه آباد جي خالي
ٿيل صوبيدارئ تي، تقرر جو فرمان خلعت سميت ڏياري
موڪليو ويو.
شيواجي،
19 ربيع الاول 1075هه: 1070هه جي جمادي
الثانيءَ ۾ بهادر پچڪوٽيءَ جي مهم تان موٽڻ
بعد 1075هه تائين، پنجن سالن جو عرصو محمد صالح
ڪٿي ۽ ڪهڙيءَ مشغوليءَ ۾ يا خدمت تي گذاريو، ان جو
علم ٿي ڪونه سگهيو. محمد ڪاظم به خاموش آهي
۽ ماثرالامرا جي مؤلف به ڪجهه ڪونه لکيو آهي
محمد صالح جو نالو تاريخ ۾ وري 1075هه ۾
شيواجيءَ جي مهم وقت سامهون اچي ٿو.
ماثرالامرا جي مؤلف لکيو آهي ته: بهادر
پچڪوٽيءَ جي مهم تان موٽڻ بعد محمد صالح:
”- پس ازان تعين يساق دکن گرديده، بهمراهئ ميرزا
راجه جئسنگ در تسخير قلاع سيوائي بهونسله و تاخت و
تاراج ولايت او، کمر خدمتگاري محکم بست-“
شيواجيءَ
جي شورش ۽ بغاوت کي فرو ڪرڻ لاءِ پهريون راجا
جسئونت سنگ کي موڪليو ويو هو، ليڪن معاملو
هن اڪيلي جي ختم ڪرڻ کان ڏکيو ڏسڻ ۾ آيو، بادشاه
جيڪي چاهيو ٿي راجا اَئين ڪري نه سگهيو:
”- مهاراج جسونت سنگ که با عساکر قاهره باستيصال
او تعين يافتہ بود، اگرچه برسر ولايت اَن مردود
رفته يکچند بمحاصرهء بعض از قلاع او قيا م و رزيد
و در تخريب ولايت و تسخير حصون آن مقهور سعي موفور
بظهور رسانيد، ليکن اثري که مطلوب اوليائ دولت
بود، بر کوشش او مترتب نشد و هيچ يک از قلعهائ
عظيم اَن مخذول لئيم مفتوح نگشت، و مهم او بطول و
امتداد کشيد.-“
محمد ڪاظم
لکي ٿو ته: انهيءَ سبب ڪري بادشاه سلامت خيال ڪيو
ته جسئونت سنگ کي واپس گهرائي انهيءَ مهم
تي راجا جيسنگ کي جيڪو – ” – از راجهائي ذي
شان و بحسن تدبير و جمعيت لشکر و فور سامان سرداري
و سر لشکري را شايان بود –“ چند ٻين اميرن سميت،
موڪلي ڏئي. جسئونت سنگ خواه راجا
جيسنگ، ٻئي عالمگير جا معتبر امير هئا.
دارا شڪوه جي سلسلي ۾ انهن ٻنهي جا ڪارناما
گذريل صفحن ۾ اچي چڪا آهن.
دلير خان، دائود خان، راجا راءِ سنگ، احتشام خان،
شيخ زادو، قباد خان، راجا سبحان سنگ، بنديلو، ڪيرت
سنگ، ملا يحيٰ نايت، راجا نرسنگ گور، پورنمل
بنديلو، زبردست خان،
بادل بختيار، برق انداز خان ۽ ٻيا ڪيترا فوجي
جرنيل، چوڏهن هزار جوانن ۽ ٻئي ضروري اسلح ۽اسباب
سميت، انهيءَ مهم لاءِ نامزد ٿيا.
راجا
جيسنگ ڇنڇر 19 ربيع الاول 1075هه جو، شاهي
وزن جي جشن ۾ شريڪ ٿيڻ بعد، انعام خلعتون ۽ ٻيون
شاهي عنايتون حاصل ڪري، پنهنجي مهم تي روانو ٿيو.
25 شعبان 1075هه جو پوني پهچي
جسئونت سنگ سان مليو، جيڪو سندس انتظار ۾ هو.
کيس چارج ڏيئي جسئونت سنگ شاهي دربار ڏانهن
روانو ٿيو ۽ راجا جيسنگ 7 رمضان
1075هه جو پوني مان ڪوچ ڪري ساسور طرف
شيواجيءَ جي مقابلي لاءِ هليو. ساسور
وٽ شيواجيءَ جا ٻه مضبوط قلعا هئا، هڪ
رد رمال ۽ ٻيو پورنڌر. راجا
خيال ڪيو ته پهريون انهن ٻنهي قلعن کي فتح ڪري،
چنانچه 22 رمضان 1075هه جو راجا جيسنگ
ساسور کان هڪ منزل جي فاصلي تي پهچي حملي
ڪرڻ جي سانباهي لاءِ منزل انداز ٿيو.
محمد صالح ترخان:
راجا جيسنگ سان جيڪي امير گڏي ڏنا
ويا، انهن جي فهرست مٿي ڏني وئي آهي، محمد صالح
جو نالو انهن ۾ ڪونه آهي، ٿي سگهي ٿو ته جسئونت
سنگ جي ڪمان هيٺ محمد صالح اڳ ئي
انهيءَ مهم ۾ ويل هجي. جنهن وقت جيسنگ ۽
شيواجيءَ جو مقابلو ۽ معرڪو شروع ٿيو، ان وقت
محمد صالح ترخان موجود هو ۽ جنگ ۾ هن
نمايان ۽ قابل ذڪر حصو ورتو.
ٻارهين رمضان جو راجا جيسنگ مٿي
بيان ڪيل منزل تي رسي دلير خان کي اڳتي
روانو ڪيو جيئن هو رستي جون دشواريون طئي ڪري،
ساسور جي سامهون هلي خيما کوڙي، پاڻ به ٻئي
ڏينهن تي پٺيانس روانو ٿيو.
دلير خان:
منزل مقصود تي پهچي لشڪر لاهڻ جي لاءِ جاءِ ۽ زمين
منتخب ڪري رهيو هو ته مٿانس شيواجيءَ جو
لشڪر اچي پيو. اهو اوچتو ۽ پهريون حملو هو.
دلير خان جوابي ڪارروائي شروع ڪئي، جنهن جو
نتيجو اهو نڪتو جو حملي آور تاب نه سهي، پٺيءَ ڀر
موٽيا ۽ انهيءَ پهاڙ تي پهتا جنهن جي بلنديءَ تي
ٻه قلعا پورنڌر ۽ رد رمال هئا.
انهيءَ معرڪي ۾ شيواجيءَ جي لشڪر جو ڪافي
نقصان ٿيو. ڪي قلعي ۾ گهڙي پناه گزين ٿيا ۽ گهڻن
ڀڄي جان بچائي.
قلعي جو محاصرو:
دلير خان قلعي جو محاصرو ڪيو، راجا
جيسنگ خبر پوڻ شرط پنهنجي پٽ ڪيرت سنگ کي
ٽن هزارن سوارن سميت دلير خان ڏانهن موڪلي
ڏنو. ساڳئي وقت راجا رائنسگ، قباد خان،
مترسين، اندرمن ۽ بادل بختيار وارا به
پنهنجي پنهنجي دستن سميت ڏانهس روانا ڪيا ويا،
اهڙي طرح دائود خان پنهنجي سموري آب تاب سان قلعي
جي سامهون پهچي ويو.
محمد ڪاظم
محاصري جو تفصيل بيان ڪندي انهن اميرن جانال اڏنا
آهن، جن محاصري کي تنگ ڪندي پورنڌر قلعي جو
اچي در ورتو. مثلاً جنهن دستي سان محمد صالح
ترخان ساڻ هو، ان جي لاءِ لکي ٿو:
”دائود خان باتمام تابينان خويش و راجا
رايسنگ راتهور، و محمد صالح ترخان و رامسنگ
و سيد زين العابدين بخاري و حسين دائود زئ و شير
سنگ راتهور و راج سنگ گور و چندي ديگر از بندهائ
بادشاهي، عقب قلعهء پورندهر مقابل گهر کي، جايء
مورچال گزيدند –“
رد رمال
جي شڪست 6 شوال 1075هه: ٻئي ڏينهن تي
راجا جيسنگ به منزل کڻي، ساسور
وٽ پهچي – ٻن ڪوهن جي فاصلي تي لشڪر لاهي – قلعي
وٽ صورت حال ڏسڻ لاءِ پهچي ويو. 3 تاريخ شوال جو
منزل پٽي مستقل طرح قلعي جي قدمن ۾ اچي خيما
کوڙيائين.
روزانو مقابلا شروع ٿيا ۽ ٻنهي طرفن کان تير تفنگ
هلڻ لڳا. رد رمال قلعي جو هڪ برج مسلسل
توبزنيءَ سبب ڪري پيو. 6 تاريخ شوال جو دلير
خان انهيءَ برج مٿان حملو ڪري ان تي قبضو ڪيو.
انهيءَ قبضي ۾ ٻنهي طرفن کان جيڪو جاني نقصان ٿيو،
محمد ڪاظم ان جو بيان هڪ خاص انداز ۽ لفظن
۾ ڪيو آهي:
”- درين يورش و آويزش چهار کس از تا بينان دلير
خان، پيکر مردي بزينت زخم آراستند، و هفت تن
از مخالفان بر خاک هلاک افتاده، چهار کس زخمدار
شدند –“
يعني دشمن جا سپاهي موت جي مٽيءَ مٿان ڪري پيا ۽
دلير خان جي چئن جوانن، جوانمرديءَ جي جسم
کي، زخمن سان سنيگاري ڇڏيو.
بهرحال رد رمال جي قلعي وارا مقابلي جو تاب
نه سهي محاصري کان تنگ اچي دلير خان اڳيان
اچي پيش پيا ۽ قلعو سندس حوالي ڪيائون. انهيءَ
قلعي جي هٿ ڪرڻ ۾ شاهي لشڪر جو گهڻو نقصان ڪونه
ٿيو. محمد ڪاظم جو قول آهي ته:- در تسخير
آن حصار استوار از مبارزان جلادت شعار قريب پنجاه
سوار وسي پياده جان نثار گشتند، وسي و دو سوار و
هفتاد و هفت پياده را آسيب زخم رسيد –“
تاخت ۽ تاراج 19 شوال 1075هه: قلعي سر
ٿيڻ بعد، راجا جيسنگ مختلف دستا
مرتب ڪري، هن لاءِ مختلف سمتن ۾ روانا ڪيا ته، هو
دشمن جي ملڪ اندر پکڙجي چئني طرفن کان لٽ ڦر ۽ زود
و ڪوب ڪري، مخالفن لاءِ دشواريون پيدا ڪن.
”- بعد از فتح اين قلعه، راجا بصوابديد
رايء اخلاص پيرا، دائود خان را با راجا
رايسنگ و شرزه خان و امرسنگ چندراوت،
محمد صالح ترخان، و سيد زين العابدين بخاري و
اچل سنگ کچهواهه – نوکر عمدهء خود – و چهار صدر
سوار از تابينان خويش و جمعي ديگر از مبار زان
بسالت کيش، که همگي قريب هفت هزار سوار بودند،
معين نمود که: از دو طرف بولايت سيوايء مردود در
آمده بتاخت و تاراج پردازند، و بدين جهت کار بر آن
تيره روزگار تنگ سازند. –“
19 تاريخ شوال جو دائود خان پنهنجي انهيءَ
نئين مهم تي روانو ٿي ويو. محمد صالح ترخان
پڻ پنهنجي دستن سميت ساڻس شامل ٿي هليو. مقرر ڪيل
پروگرام تحت، اهو لشڪر جتان لنگهيو ٿي، اتي ساڙ
ٻار ڪندو، ملڪ کي رک بڻائيندو اڳتي وڌندو ٿي ويو.
مثلاً 21 شوال جو روهيڙه جي نواح ۾ قلعي راڄ
ڳڙهه وٽ پهچي پنجاه ڳوٺن (قريه) کي – چون خرمن
بخت اعادي – باهه ڏئي ساڙي ڇڏيائون. ازان سواءِ
چار وڏا ڳوٺ (موضع) پڻ تباه ڪري زمين سوان ڪيا
ويا، ۽ :
”- و رعايائي ضلالت گرا اسير گرديده مواشي و امتعه
و اشيائي آنها، بدست بهادران ظفر لوا در آمد –
23 شاول جو راجھ ڳ؟ڙهه قلعي طرف ڌوڪيندي شاهي
دستي:
”- بسياري از مواضع وقري را آتش در زده ويران
ساختند –“
24 تاريخ قلعي راڄ ڳڙهه وٽ پهچي بقول
محمد ڪاظم:
”- به تسخير مضافات و نواحئ آن پرداختند-“
قلطب الدين خان لاءِ لکيل آهي ته: هو پنهجي همراهن
سميت پورد گهوڙه ۽ تامي گهوڙه جي ويجهو
ڪنواري قلعي وٽ پهچي ويو ۽:
”- بتخريب ولايت اهل کفر و غدابت پرداخت از سکنهءَ
آن وبوم، اسير بسيار گرفت. و مواشي بيشمار بدست
آورد-“
29 شوال جو دائود خان ۽ قطب الدين خان
ٻئي پاڻ ۾ اچي مليا ۽ گڏجي قلعي لوه ڳڙهه
طرف وڌيا. قلعي وٽ پهچڻ شرط ٻنهي ڌرين ۾ جنگ ٿي،
جنهن ۾ مخالف شڪست کائي ڀڳا ۽ قلعو شاهي سوارن جي
هٿن ۾ اچي ويو. اهڙي طرح چوڌاري شاهي لشڪر جا دستا
– ”عاصيان مردود“ – جي ولايت کي – ”پامال و تاخت و
تاراج“ – ڪندا مقرر ڪيل پروگرام مطابق، پوني جي
قريب اچي پهتا.
شاهي لشڪر آخري معرڪي جي تياري راڄ ڳڙهه جي
قلعي وٽ ڪئي. ڇاڪاڻ ته شيواجيءَ جا ٻار ٻچا
۽ سندس سومرو مال خزانو انهيءَ قلعي ۾
موجود ۽ محفوظ هو.
پيش پوڻ، 7 ذي الحج 1075هه:
شيواجيءَ حالتن جو اندازو ڪري هڪ طرف
مقابلي لاءِ تياري ڪئي ۽ ٻئي طرف هڪ برهمڻ کي
راجا جئسنگ وٽ امان طلبيءَ لاءِ ڏياري موڪليو.
راجا سندس جان جي امان ۽ مال ۽ عيال جي
حفاظت جو واعدو ڪيو، جنهن کان پوءِ 7 ذي الحج
1075هه جو شيواجي طئي شده طريقي سان،
راڄ ڳڙهه مان نڪري راجا جي منزل ڏانهن
وڌيو. ٻئي ڏينهن تي راجا جئسنگ قلعي
جو محاصرو وڌيڪ تنگ ڪرائي جدال قتال کي زور
وٺرايو، جيئن شيواجي ارادي بدل نه ڪري.
آخر شيواجيءَ ڳوٺ شيواپور منجهان
اُتهنجي ٿاڻيدار سرفراز خان کي شفيع بڻائي،
ساڻس گڏجي اچي، راجا جئسنگ جي پيش پيو.
پيش پوڻ بعد
شيواجي
35 قلعن مان – جيڪي سندس قبضي ۾ هئا – 23 قلعا
شاهي لشڪر جي حوالي ڪيا، جن ۾ ٻه محڪم ترين قلعا
پورنڌر ۽ ردرمال به هئا. ازانسواءِ معاهدو
ٿيو ته: پنهنجي ملڪ جي آمدنيءَ مان ڏهه لک هون
شاهي خزاني ۾ پياريندو باقي ٻارهن قلعا، جن جي
آمدني قريباً هڪ هڪ لک هون هئي، سندس حوالي ۾
رهيا. علاوه ازين سندس اٺن سالن جو پٽ سنڀاجي
پڻ يرغمال طور شاهي دربار ۾ رهندو. جيڪڏهن ڪنهن به
مهم جي ضرورت ٿي ته شيواجي سرڪاري طلب تي
فوراً پنهنجي سر اچي حاضر ٿيندو.
انعام ۽ منصب:
شيواجيءَ جي پيش پوڻ، شرطن طئي ڪرڻ ۽ قلعي
جي حوالي ٿيڻ جو احوال، راجا جي عريضي
ذريعي 19 ذي الحج 1075هه جو شاهي دربار ۾ پهتو.
بادشاه خوشخبري پهچڻ شرط:
”- باشارهء معليٰ شاديانهء اقبال بنوازش آمد و
عواطف خسروانه راجه را بعطائ خلعت خاص و شمشير
خاصه با ساز مينا کار و يک زنجير فيل بايراز نقده
و جل زربفت نواخته. دو هزاري سوار از تابينانش دو
اسپہ سہ اسپہ مقرر فرمود که منصبش اصل و اضافه هفت
هزاري هفت هزار سوار دو اسپہ سہ اسپہ باشد-“
اهڙيءَ ريت راجا جي پٽ ڪنور رام سنگ،
دلير خان، دائود خان، راجا راءِ سنگ، ڪيرت سنگ،
سجان سنگ ۽ ترڪتاز خان کي پڻ درجي وار انعام ۽
اڪرام مليا ۽ سندن منصب وڌيا.
محمد صالح کي ڇا مليو؟:
محمد ڪاظم مٿي بيان ڪيل جرنيلن جي ناليوار
فهرست ڏئي، مهم ۾ ٻين شراڪت دارن لاءِ فقط مجمل
طور لکيو آهي ته:
”- ديگر بندها در خور حال باضافهء مناصب و ديگر
مواهب نوازش يافتند –“
محمد صالح
انهن ”ديگر بندها“ جي ضمن ۾ اچي ويو ٿو ڏسجي، جنهن
ڪري معلوم ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو ته سندس ڪهڙي قدر
افزائي ڪئي وئي.
بيجاپور جي مهم، 23 جمادي الاول 1076هه:
عالمگير شهزادگيءَ ۾ خواه بادشاهيءَ تي
پهچڻ کان پوءِ، زندگيءَ جون تقريباً ٽي پتيون دکن
۾ مسلمان حڪمرانن سان وڙهندي بسر ڪري ڇڏيون. تخت
نشينيءَ کان پوءِ، شيواجيءَ جي مهم بعد
سندس لشڪر کي ٻي مهم بيجاپور جي واليءَ عادل
شاهه جي پيش آئي، جنهن لاءِ هن راجا جئسنگ
جي ڪمان هيٺ اهوئي ساڳيو لشڪر بيجاپور ڏانهن منتقل
ڪيو جيڪو، شيواجيءَ جي سلسلي ۾ اڳ ئي دکن
جي سر زمين ۾ موجود هو.
محمد ڪاظم
عالمگير نامه ۾ عادل شاهه جي حسب
نسب تي سخت حملا ڪيا آهن، مثلاً:
”- عادل خان حاڪم بيجاپور ... در اصل از جوهر شعور
و دانائي محروم و بنقص فرومايه نزادي و صمت پستئ
نسب موسم است –“
محمد ڪاظم
جو قول آهي ته عادل خان کي مسند، سواءِ ڪنهن حق ۽
ارث جي ملي، ان وقت عالمگير جي شهزادگي هئي
۽ پاڻ اورنگ آباد ۾ رهيل هو.
”- دران ايام خير انجام که صوبهء دکن مرکز رايات
اقبال و آرام گاه موکب جاه و جلال بود، آن ناقابل
امر ايالت کي بي سابقهء ارث و استحقاق تازه بحکومت
آن ولايت رسيده بود، امور دولت و امارتش کمال فتور
و اختلال داشت –“
عادل شاهه
جي ملڪ ۾ ”فتور ۽ اختلال“ جو ڪوبه تفصيل ڪونه
ڄاڻايو ويو آهي، جنهن ڪري پڙهندڙن لاءِ ناممڪن آهي
جو الزام ۽ حقيقت، حق ۽ ناحق جي وچ ۾ تميز ڪري
سگهن. محمد ڪاظم تفصيل ڏيڻ کان گريز ڪندي
لکيو آهي ته: تفصيل ”موجب اطناب“ آهي.
عالمگير
پاڻ بيجاپور تي ڪاهه ڪري بيدر ۽ ڪلياڻ جو قلعو سر
ڪيو. ارادو هيس ته بيجاپور تائين پهچي توڙ ڪري،
ليڪن پٺيان مرڪز جي واقعن کيس پٺتي موٽڻ لاءِ
مجبور ڪري وڌو، علاوه ازين عادل خان به هڪ ڪروڙ
رپين جي پيشڪش ڏيڻ جو واعدو ڪري سردست مصيبت کي
ٽارڻ، مصلحت خاطر، ضروري سمجهيو.
تخت نشينيءَ بعد:
دارا ۽ شجاع جي مسئلن مان جڏهن فارغ
ٿيو ان وقت کيس بيجاپور واري پيشڪش وصول ڪرڻ جو
خيال آيو، ليڪن بقول محمد ڪاظم:
”- مجهول النسب –“
عادل شاهه،
مختلف بهانن جي ذريعي دير ڪندو رهيو.
محمد ڪاظم
دکن جي باشندن لاءِ تمام نفرت ۽ حقارت جو اظهار
ڪيو آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته،
عالمگير جي دربار خواه دؤر ۾ دکن ۽ دکن جي
رهاڪن لاءِ ڪهڙو ماحول هو. عادل شاهه جي
ٽار ٽور جو ذڪر ڪندي محمد ڪاظم لکي ٿو ته:
دکن وارا صل کان ”وباره خصلت“ آهن:
”- تاخير و تسويف در امور و کوته انديشي و ناعاقبت
بيني و مکيدت و احتيال از خصائص احوال دکنيان
روبه خصال است، در ادائ وجهه پيشکش تعلل و
تاخير و رزيد -
اها ليت و ليل هلي ئي ٿي، جو عادل شاهه جي
ڪن قلعن تي شيواجيءَ حملو ڪري قبضو ڪيو،
عادل شاهه ان وقت رهيل پيشڪش موڪلي عالمگير
ڏانهن امداد لاءِ درخواست ڪئي.
عالمگير
پنهنجو لشڪر شيواجيءَ جي سرڪوبيءَ لاءِ
روانو ڪري عادل شاهه ڏانهن حڪم موڪليو ته:
هو پڻ پريان شيواجيءَ تي چڙهائي ڪري، جئين
ٻنهي طرفن کان مٿس زور پوي. محمد ڪاظم لکي
ٿو ته: دراصل عادل شاه جي مرضي ڪانه هئي ته
شيواجي ختم ٿئي، هن فقط شاهي لشڪر جو دٻاءُ
وجهي شيواجيءَ کان پنهنجا قلعا خالي ڪرائڻ
گهريا ٿي، ورنه سندس نيت هئي ته: بيجاپور ۽
هندستاني حڪومت جي درميان شيواجي هڪ ديوار
جي صورت ۾ ضرور قائم رهندو اچي.
محمد ڪاظم
لکي ٿو ته: ڪج انديشي ۽ ڪوته نظري چونڪه
دکن وارن جي فطرت آهي. تنهن ڪري راجا جئسنگ
ڏانهن عالمگير حڪم موڪليو ته: شيواجيءَ جي
مهم مان فارغ ٿي سڌو بيجاپور تي ڪاهي وڃي.
”- بعد از بندوبست قلاع و ولاياتي کہ از سيوائ
بتصرف اوليائ دولت قاهره در آمده بود، با افواج
منصور بتاخت ولايت بيجاپور شتافتہ در تخريب توابع
و مضافات آن کہ همگي سکانش در کيش کفر و جهالت
و آئين بت پرست و ضلالت اند، جد و کوشش بکار برد
–“
ابتدا ۾ قصو شروع ٿيو هو، مجهول النسبي ۽ بي
ارث ملڪ هٿ اچڻ سبب، پيدا ٿيل ”کمال فتور ۽
اختلال“ ڪري، جنهن جو صورت حال بيان ڪرڻ
”طول کلام“ جو سبب ٿي بڻيو، وچ ۾ هڪ ڪروڙ جي
پيشڪش تي فتور ۽ اختلال جي مسئلي کي نظرانداز ڪيو
ويو، جڏهن وري انهيءَ هڪ ڪروڙ جي ڏالي ڏيڻ ۾ دير
مدار ٿي، تڏهن حملي ڪرڻ لاءِ ”کفر ۽ جهالت“
جو مسئلو پيش نظر ٿيو ۽ بيجاپور جي مسلمان حڪمران
تي، لشڪر ڪشي هر لحاظ سان جائز ۽ ضروري ٿي پئي.
راجا جيسنگ
جي ڪمان هيٺ 22 جمادي اول 1076هه جو پورنڌر
جي قلعي مان شاهي لشڪر، بيجاپورن جي تاديب ۽ تخريب
لاءِ روانو ٿيو.
انهيءَ مهم ۾ راجا سان ڪيترا نامور امير ۽
منصب دار شامل هئا، جن جي فهرست عالمگير
نامه (988- 989) ۾ موجود آهي. لشڪر جي برانغار جي
ڪمان دائود خان جي حوالي هئي، جنهن سان
منجمله ٻين فوجي جرنيل جي محمد صالح ترخان
به شامل هو، ڇهه هزار سوار انهن جرنيلن جي حوالي
ڪيا ويا.
شاهي لشڪر بيجاپور جي سلطنت ۾ گهڙي حملا شروع ڪري
ڏنا، ابتدا ۾ ڪي قلعا هٿ ڪري ورتائون، ليڪن پورو
سال وڙهندي بيجاپور کي سر ڪري ڪونه سگهيا. بيجاپور
کان پنجن ڪوهن جي فاصلي تي پهچي، شاهي لشڪر کي
مقابلن ڪندي، ڪيئي مهينا لڳي ويا.
واپسي 30 ذيقعده 1076هه:
لشڪر ٿڪجي پيو هو، مٿان برسات جي موسم به اچي پهتي
هئي، عالمگير وٽان راجا کي حڪم پهتو
ته: بيجاپور جي مهم کي في الحال ترڪ ڪري اورنگ
آباد ۾ موٽي اچي منزل انداز ٿئي. برسات گذرڻ بعد
ڏٺو ويندو.
راجا
جيسنگ انهيءَ حڪم پٽاندڙ 30 ذيقعد 1076هه
جو ڪوچ ڪيو ۽ 8 جمادي الآخر 1077هه جو موٽي اچي
اورنگ آباد پهتو.
محمد ڪاظم
لکي ٿو ته: مقابلن ۽ مجادلن سبب شاهي لشڪر گهڻو
تلف ٿي ويو هو، سواريون ۽ اصلح به برباد ٿي چڪا
هئا. مٿان جو موسم برشگال آئي ته هيڪاندو منجهن
مقابلي جو تاب ۽ توانائي نه رهي. پرواني ۾ مٿين
صورت حال جي بناءَ تي راجا ڏانهن اهو به
حڪم هو ته: پاڻ اورنگ آباد ۾ رهي پوي ۽ ٻين اميرن
۽ لشڪرين کي پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن موڪل ڏئي
ڇڏي، جيئن هو وڃي آرام وٺن ۽ سازو سامان به درست
ڪن.
”- براجه جيسنگه صادر شد که: با جنود مسعود
ببلدهء فاخره اورنگ آباد معاودت نموده موسم برشگال
را آنجا بگذراند، و برخي امرا و لشکريان را بمحال
تيول خويش، رخصت نمايد کہ مرفہ و آسوده حال شوند
–“
آخري اطلاع:
عالمگير نامه ۾ محمد صالح ترخان
متعلق اهو (1076هه جو) آخرين اطلاع آهي. بيجاپور
مان موٽڻ بعد، راجا جيسنگ سان اورنگ
آباد ۾ رهي پيو يا موٽي پنهنجي ڪنهن جاگير (؟) تي
ويو؟ اها سڌ پوڻ مشڪل آهي. پاڻ کي اهو به معلوم
ڪونه ٿي سگهيو ته سيوهڻ مان برطرف ٿيڻ بعد
جڏهن سندس قصور معاف ٿيو ته کيس ڪٿي جاگير ڏني وئي
هئي؟
وفات ۽ قبر؟:
ميرزا صالح جي آخري ايام جو مذڪور ڪنهن به ڪتاب ۾
ڪونه آهي، نه ڪنهن تاريخ وفات ئي ڄاڻائي آهي، نه
ڪنهن کي اها ڄاڻ آهي ته ڪٿي مئو يا ڪٿي دفن ٿيو.
ماثر الامرا جي مؤلف کي پڻ شڪايت آهي ته:- تاريخ
فوتش بنظر نيامد – اهڙي طرح ٻئي ڪنهن به تذڪري يا
تاريخ يا بياض جي ذريعي اها عقده ڪشائي ٿي ڪانه ٿي
سگهي.
سندس آخري ذڪر راجا جيسنگ جي
همراهيءَ ۾، عادل شاهه سان معرڪه آراين جي
سلسلي ۾ آيو آهي، جهڙيءَ ريت مٿي ڏيکاري چڪا
آهيون. انهيءَ کان پوءِ جي سُڌ نه آهي ته ڪيترو
وقت شاهي ملازمت ۾ رهيو ۽ ڪهڙيءَ ريت سندس پنهنجي
حياتي، توڙ کي پهتي؟
سندس قبر متعلق چئي نه ٿو سگهجي ته پيءُ سان گڏ
آهي يا نه. رانڪ جي مرڪزي قبرن مان ڪن قبرن تي
ڪتبو ڪونه آهي، جيڪڏهن مڪليءَ تي دفن ٿيو هوندو ته
ممڪن آهي انهن قبرن منجهان ڪا هڪ سندس هجي. جيڪڏهن
سندس انتقال هندوستان ۾ ٿيو ته لاش اتان ائين کڄي
مڪليءَ تي پهتو هوندو، جهڙيءَ ريت سندس ڀاءُ ميرزا
عنايت الله ۽ سندس والد ميرزا عيسيٰ جو لاش
گجرات منجهان کڄي سنڌ پهتو.
عالمگير جو ڪتابدار؟:
رساله معارف اعظم ڳڙهه ۾ خان خانان جي ڪتب خاني،
تي حافظ نظير احمد مرحوم جو هڪ مضمون اڄ
کان 44 سال اڳ شايع ٿيو هو، جنهن جي ڪن حصن جو
اعادو آڪٽوبر 1945ع جي اسلامڪ ڪلچر ۾ ڪيو ويو آهي.
مضمون نويس ايشاٽڪ سوسائٽي ڪلڪتي جي هڪ خطي ڪلام
مجيد جو ذڪر ڪندي، اُن تي لکيل هڪ عبارت کي
محمد صالح ترخان ڏانهن منسوب ڪيو آهي. عبارت
هي آهي:
”- مصحف مجيد بخط نسخ ترجمہ در بين السطور بخط خفي
نوشة، چهار لوح وجدول و طلارنگ آميز. اکثر اوراق
آب رسيده داغدار. بر حوالشي ارواق خط خانخانان
عبدالرحيم. ابري جلد، زر دوزي اطلس ... بابت پيشکش
محمد جعفر مخاطب به الهه وردي خان – بتاريخ 21
جمادي الاولي سنه 4 جلوس مبارک از تحويل محمد
منصور شد. العبد محمد صالح“-
حافظ نظير احمد
جو خيال آهي ته: اهو محمد صالح ترخان آهي.
هڪ ٻيو محمد صالح خوش نويس شاهجهاني ڪتب
خاني جو لائبريرين هو، ليڪن اهو 1061هه ۾ فوت ٿي
چڪو هو، تنهن ڪري مٿيون محمد صالح سندس
خيال موجب محمد صالح ترخان ئي ٿي سگهي ٿو.
اسان جي خيال ۾ فقط مٿين عبارت هن سمجهڻ لاءِ ته:
اهو محمد صالح، محمد صالح ترخان هو،
ڪافي نه آهي. عالمگيري عهد ۾ محمد صالح
ڪرمانيءَ نالي پڻ هڪ منصبدار هو، جيڪو بيوتات
عالمگيري جو ديوان هو ۽ عالمگير کيس
مڪرمت خان جو خطاب ڏنو هو
.
ٿي سگهي ٿو ته اهو محمد صالح ڪجهه وقت لاءِ
ڪتب خاني جو مهتمم ٿيو هجي. هڪ وقت هو اڪبر آباد ۾
پڻ شاهي بيوتان
جي ديوانيءَ تي رهيو هو.
اهل و عيال:
محمد صالح جا ذاتي ۽ خانگي حالات معلوم نه
آهن، سواءِ هن جي ته، سندس گهر ۾ دارا شڪوه
جي ڪوڪي جي ڌيءَ هئي، کيس هڪ پٽ هو جنهن جو نالو
ميرزا بهروز هو. اهي ٻئي روايتون
ماثرالامرا جي مؤلف جون آهن. سيوهڻ واري
واقعي جو ذڪر ڪندي مؤلف لکيو آهي ته: محمد صالح،
صف شڪن سان ڌوڪي بازي انهيءَ ڪري ڪئي جو
سندس همدردي دارا شڪوه سان هئي، ڇاڪاڻ ته
سندس گهر ۾ دارا جي ڪوڪي زادي هئي.
”- چون کوکہ زادهء دارا شڪوه در خانہ
محمد صالح بود اصلاً توفيق خدمت نيافت، بلکہ
هوا دارئ او بخاطر رسانيده بخان مذکور پيغام داد
که: ازين کنار عمق آب تا کمر است، ازان کنار آب
عبور خواهد کرد –“
اهڙي طرح پٽس بهروز متعلق به ساڳي ڪتاب ۾ هيترو
اطلاع آهي:
”- پسرش ميرزا بهروز پانصدي شاهجهاني بود
–“
ترخان نامه جي مؤلف، نه فقط محمد صالح جو
احوال ڪونه لکيو آهي، بلڪه نسب نامي ۾ سندس اولاد
جا نالا به درج ڪونه ڪيا اٿس. حالانڪه انهيءَ ڪتاب
جي ذريعي محمد صالح جا حالات گهٽ ۾ گهٽ
ضروري حد تائين ضرور لکڻ گهربا هئا.
ميرزا بهروز: ميرزا بهروز
جي متعلق وڌيڪ حقيقت ڪانه ٿي ملي، سواءِ هن جي ته
سندس قبر ڏاڏهنس جي قبرستان ۾ ٽئين نمبر تي آهي ۽
سندس وفات جو سال ڪتبي ۾ 1077هه مرقوم آهي.
شاهجهاني دور ۾ کيس پنج صدي دو صد و پنجاه سوار
منصب حاصل هو. خدا داد خان جي بياض ۾ ڪتبي جا
هيٺيان لفظ درج آهن:
وفات در سنه 1077هه مرحوم مغفور ميرزا بهروز
|