20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي نامو

باب: --

صفحو :19

جهانگير هن دفعي پنجن ڏينهن گهٽ ٽي سال اجمير ۾ مقيم هو تنهن ڪري حڪومت جو سمورو ڪاروبار آگري جي بجاءِ اجمير ۾ هليو ٿي. رجب 1023هه ۾ بکر جي حاڪم تاج خان جي وفات جو اطلاع به کيس اتي ئي پهتو. سيد بازيد کي اجمير منجهان بکر جي چارج وٺڻ جو حڪم صادر ٿيو ۽ شمشير خان اوزبڪ کي اتان ڦيرائي ٺٽي روانو ڪيو ويو. وري اجمير جي ئي منزل تان 15 ربيع الاول 1025هه جو مير عبدالرزاق مظفر خان معموريءَ کي ٺٽي جي صوبيداريءَ جو حڪم ڏنو ويو.

اهڙيءَ ريت ميرزا عيسيٰ جي منصب ۾ اضافو به اجمير ۾ ڪيو ويو ۽ کيس ساڳيءَ منزل تي سنڀل جي جاگير تان گهرايو ويو.

سنڀل 1024هه: تزڪ جهانگيري مان معلوم ٿئي ٿو ته 1024 ۾ ميرزا عيسيٰ سنڀل جو جاگيردار هو. خبر نه آهي ته راڌڻپور مان سڌو سنڀل بدلي ٿيو يا وچ ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ کيس مقرر ڪيو ويو هو. 1024هه ۾ اسين کيس سنڀل کان اجمير ۾ جهانگير جي دربار ۾ حاضر ٿيندو ۽ منصب حاصل ڪندو ڏسون ٿا. جهانگير چوٿين ماه آبان جي روزنامچه ۾ ميرزا جي آمد جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:

”ميرزا عيسيٰ ترخان، از ولايت سنڀل (11) که به جاگير او مقرر بودآمده ملازمت کرد. و يک صد مهر نذر گذرايند “ x

 

ساڳي مهيني جي ارڙهين تاريخ، يعني حاضر ٿيڻ کان چوڏهن ڏينهن بعد، ميرزا جي منصب ۾ اضافو ڪيو ويو، جنهن جو ذڪر روزنامچي ۾ ڪندي جهانگير لکي ٿو:

”در هيجد هم، منصب ميرزا را از اصل و اضافه هزار و پانصدي ذات وهشت صد سوار مقرر ساخة، خلعت و فيل مرحمت نمودم __ و بدکن رخصت يافت، *

 

دکن _ لاهور _ 1031هه: تي بادشاه ڪشمير جي ٻئي سفر تان موٽِ لاهور ۾ پهتو هو. اهو سترهون سال جهانگيري هو. ماه آذر جي ستين تاريخ کان پوءِ جي احوال ۾ جهانگير لکي ٿو ته: دکن کان ٻين اميرن سان گڏ ميرزا عيسيٰ به آيو ۽ ٻين سان گڏي کيس به خان جهان جي همراهيءَ لاءِ روانو ڪيو ويو: خان و اکرم ”__ الهداد خان افغان و خان و ديگر امرا که از صوبهء دکن و محال جاگير خود آمده بودند __ اسپ و خلعت لطف نموده بهمراهي خان جهان رخصت فرمودم ،

قنڌار جي شورش 1031هه: مٿين عبارت ۾ . صوبه دکن و محال جاگير خود، جي فقري سبب چئي نٿو سگهجي ته ميرزا عيسيٰ صوبه دکن مان آيو يا پنهنجي ڪنهن جاگير تان آيو. ڇاڪاڻ ته 1024 کان 1031هه تائين، اٺن سالن جي عرصي جو، سندس متعلق ڪو به اطلاع اسان وٽ موجود ڪونه آهي. بهر حال شوال 1031هه کان پوءِ ميرزا قنڌار جي مهم لاءِ هندستان مان بادشاه جي حڪم تي لاهور پهتو.

انهيءَ زماني ۾، قنڌار ۾، شاهه عباس صفويء جي اشاري تي ٻيهر شورش شروع ٿي هئي. جهانگير ڪشمير طرف ويندي حسن ابدال جي منزل تي هو جو کيس انهيءَ جو اطلاع مليو. پاڻ لکي ٿو:

” درين ولا، مکرر استماع يافته که: دارايء ايران از خراسان بعزم تسخير قنڌهار شتافة اگرچه اين حرن، نظر بر نسبتهايء سابق و حال، بغايت بعيد مينمود و از حساب دور بود که، اين قسم بادشاهِ بزرگ، خيالات سبکي و بيحوصلگي بکار برد، و برسر ادنيٰ بنده، از بندهايء من، که با سيصد چهار صد نوکر در قندهار باشد، خود بيايد*.

 

اطلاع ۾ شاه عباس جي پاڻ چڙهي اچڻ جو واقعو درج هو ۽ انهيءَ ڪري بادشاه کي حيرت هئي ته سندس هڪ معمولي امير مٿان ايڏو وڏو بادشاه پاڻ ڪيئن ڪٽڪ ڪشي آيو آهي! بهرحال بادشاه ڪشمير ڏانهن پنهنجو ٻيو صفر جاري رکندي معاملي کي منهن ڏيڻ جا بندوبست ڪندو ويو. پاڻ لکي ٿو:

”اما از آنجا که حزم و احتياط از شرايط جهانداري و لوازم سلطنت است، زين العابدين بخشيء احديان را با فرمان مرحمت عنوان، نزد خُرم فرستاده ام که: با عساکر فيروزي اثر، و فيلان کوه شکوه، و توپ عظيم که دران صوبه بکمکِ او مقرر بود، بسرعت هرچه تمام تر خود را بملازمت رساند. که اگر اين حرف مقرون تصديق شد، او را با لشڪري، از حساب و شمار بيرون و خزانه از حدود اندازه افزون، فرستاده شود، تا نتيجه عهد شکني و حق ناشناسي را دريابد!*

 

بادشاه دکن، گجرات، بنگال ۽ بهار جي سڀني اميرن ڏانهن لشڪر وٺي دربار ۾ پهچڻ جا فرمان جاري ڪري، ڪشمير پهتو. ڪجهه عرصو اتهن گذاري، 7 شوال 1031هه جو واپس اچي لاهور پهتو. ان وقت شاه عباس جا ايلچي، جيڪي اڳ ئي پهچي چڪا هئا، ساڻس مليا. شاه عباس قنڌار جي لشڪر ڪشيءَ متعلق عذر معذور لکيا هئا، جن جو مناسب جواب لکي جهانگير 7 تاريخ ماه آذر جو ايلچين کي واپس ڪيو ۽ پاڻ اهتمام ۾ مصروف ٿي ويو.0x

خان جهان ان وقت ملتان ۾ هو، سو پڻ لاهور پهچي ويو، بادشاه قنڌار طرف جيڪو لشڪر موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو هو. ان جو سربراه شهزادي شهريار کي ڪيو هئائين ۽ سپہ سالاريءَ لاءِ خان جهان سندس نظر ۾ هو. ايران جي ايلچين کي رخصت ڪرڻ بعد، جهانگير لکي ٿو:

”همگي همت به تنبيهه لشکر قندهار مصروف داشة فرزند خان جهان را، که بجهت بعضي مصلحتها طلب شده بود، ... رخصت فرمودم که تا رسيدن شاهزاده شهر يار با عسا کر ظفر آثار در ملتان توقف نموده، منتظر _ حکم باشد، *.

 

جاري ڪيل حڪم مطابق، لاهور جي منزل تي _ جيئن مٿي ڏيکاري آياسون _ دکن مان لشڪر خان ۽ پنهنجي پنهنجي جاگيرن تان الهداد افغان، مڪرم خان، اڪرم خان ۽ ميرزا عيسيٰ ترخان وغيره، پهچي چڪا هئا، انهن کي به خان جهان سان ساڳيو حڪم ڏئي ملتان منتظر رهڻ لاءِ رخصت ڪيو ويو.

شزادي خرم جي بغاوت 1031هه: بادشاه پاڻ اڃا لاهور ۾ منزل انداز هو، شهر يار ڪونه پهتو هو، خان جهان ۽ ٻيا امير ملتان ۾ انتظار ڪري رهيا هئا. اوچتو اطلاع پهتو ته شهزادي خرم جيڪو پوءِ شاه جهان جي نالي سان تخت تي ويٺو __ بغاوت شروع ڪري ڏني آهي. انهن حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو جو مجبور ٿي بادشاه کي سڀئي ڪم ڇڏي في الحال دهليءَ طرف ڪوچ ڪرڻو پيو.

معتمد خان بخشي ۽ تزڪ 1032هه: انهيءَ زماني ۾ بادشاه جي صحت ڪمزور ٿي چڪي هئي، ٻه سال اڳ بيماريءَ جي ٿيل حملي، سندس دل ۽ دماغ تي گهرو اثر ڪيو هو. جڏهن بادشاه لاهور ۾ هو ان وقت مختلف معاملن جي اهميت ۽ نزاڪت کيس ويتر پريشان ڪري رکيو  قنڌار جو مسئلو خرم جي بغاوت سندس پنهنجي صحت جي زبوني هن کان اڳ تزڪ بادشاه پاڻ لکندو هو، ليڪن انهيءَ صورتحال کان پوءِ لاهور جي منزل تي هن تزڪ نويسيءَ جو ڪم معتمد خان جي حوالي ڪيو، جيڪو پڻ انهيءَ وقت دکن کان اچي لاهور حاضر ٿيو هو.

قنڌار جي مهم ملتوي: شهزادي خرم سان انهيءَ بغاوت ۾ ڪيترا امير شامل هئا، خان خانان جهڙو قديم امير، جيڪو ستر سال کي پهچي چڪو هو، سو پڻ شريڪ هو. بادشاه لاهور کان نڪتو ۽ خرم آگري کان هليو. خرم ۽ شاهي لشڪر جو پهريون مقابلو سومر ڏينهن جمادي الاول 1032هه جو ٿيو. اهو ڏينهن بادشاه جي اڙهين جلوس جي آغاز جو هو. مقابلو ۾ خرم جو سپہ سالار سندر مارجي ويو، جنهن ڪري بغاوت ته بدستور جاري رهي، ليڪن انهيءَ ڏينهن مخالف لشڪر شڪست کائي في الحال ٽڙي پکڙي ويو.

اهو اندروني خلفشار اهڙي منزل تي پهتل هو، جو بادشاه کي مجبور ٿي، قنڌار تي لشڪرڪشيءَ وارو ارادو، في الحال ڇڏي ڏيڻو پيو.

ميرزا عيسيٰ جي حاضري 1032هه: ميرزا عيسيٰ قنڌار جي مهم تي وڃڻ لاءِ ملتان ۾ بادشاه جي حڪم ثانيءَ لاءِ ترسيل هو. جڏهن قنڌار لشڪر موڪلڻ جو ارادو لاهي، سڄو لشڪر خرم جي بغاوت فرو ڪرڻ لاءِ، مرڪزي هندستان طرف گهرايو ويو، تڏهن ميرزا عيسيٰ به ملتان مان پنهنجي سوارن سميت مڏي کڻي کول فتح پور جي منزل تي اچي 4 تاريخ ماه اردي بهشت (1032هه) جو شاهي حضور ۾ حاضر ٿيو. روزنامچه نگار انهيءَ تاريخ ۾ لکي ٿو:0

 

” ميرزا عيسيٰ ترخان از ملتان رسيدہ سعادت آستان بوسي دريافت  ، x

 

ميرزا عيسيٰ ۽ گجرات 32_1035هه: ذخيرة الخوانين ۽ ماثرالامرا جي انداز تحرير مان ظاهر آهي ته ميرزا عيسيٰ 1024هه ۾ جو راڌڻ پور جاگير تي ويو ته اڪويهن سال جهانگيريءَ (1035هه) تائين اتي ئي هو ۽ جنهن وقت انهيءَ سال شاهزادو خرم گجرات پهتو ته کيس خدمتگذاريءَ جو غيرمعمولي شرف حاصل ٿيو، جنهن جي اثر، مستقبل ۾ کيس وڏو فائدو پهچايو. ليڪن، در حقيقت جهڙيءَ ريت مٿي اچي چڪو آهي، ميرزا راڌڻ پور ۾ ڪجهه عرصو رهي باقي عرصي اندر، جدا جدا جاين تي مختلف خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. قريني مان معلوم ٿئي ٿو ته 1032هه ۾ جڏهن هو ملتان کان موٽي شاهي دربار ۾ پهتو، ان وقت کيس گجرات ڏانهن روانو ڪيو ويو _ ڪهڙي عهدي تي ۽ ڪهڙيءَ جاءِ تي فائز ٿي ويو؟ ان جو پتو ڪونه آهي، ليڪن معاملات مان اندازو ٿئي ٿو ته خاصي منصب ۽ آمدنيءَ واري جاءِ کيس ملي هئي.

شاهزادو خرم ٺٽي ۾ 1035هه: شهزادي خرم 1032هه ۾ پيءَ جي خلاف بغاوت شروع ڪئي هئي، جيڪا جهانگير جي وفات تائين مختلف صورتن ۾ قائم رهندي آئي.. اڪويهين سال جهانگيريءَ (1035) ۾ شاهزادو اجمير، ناگور، جوڌپور ۽ جيسلمير کان ٿيندو، ٺٽي پهتو. خيال هيس ته ٺٽو فتح ڪري آئنده لاءِ ان کي مرڪز بڻائي بغاوت جو سلسلو هلائيندو رهي.*

 

ٺٽو انهيءَ زماني ۾ شهزادي شهريار جي جاگير ۾ هو ۽ سندس طرفان شريف الملڪ نيابت ڪري رهيو هو. شهزادي خرم سان هن نه فقط برتاءُ ۽ سلوڪ سٺو ۽ شايان نه ڪيو، بلڪه جنگ و جدل لاءِ تيار ٿيو. تحفة الڪرام جي روايت آهي ته : هڪ دفعي شاهزادي جي گهر واريءَ ڏاڙهونءَ کائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ٺٽي جا ڏاڙهون شيرينيءَ رنگ روپ ۽ اصل نسل سبب تمام مشهور هئا. شريف الملڪ ڏانهن جڏهن پيغام موڪليو ويو ته هن، نه فقط ڏاڙهون ڪونه ڏنا، بلڪ شهزادي جي تنبوءَ تي توب مان گولو اڇلرائي، چورايائين ته: اجهو اهو ڏاڙهون اچيو ٿو!. شاهزادي مقابلا ڪيا، ليڪن کانئنس ٺٽو فتح ٿي ڪونه سگهيو، لاچار مايوس ٿي گجرات رستي دکن ڏانهن رخ رکيائين.0

 

تزڪ جهانگيريءَ ۾ شريف الملڪ ۽ خرم جي انهيءَ معرڪي جو احوال هن ريت آيل آهي:

”شاهه جهان با معدودي از بندها بجانب تته نهضت فرمود ... چون بحوالي تته پيوستند، شريف الملڪ که حارس آنملک بود، نُہ هزار سوار و دوازده هزار پياده فراهم آورده، حصار شهر را استحکام داده، قدم جرات پيش گذاشت. و با لجمله همگي سيصد چهار صد سوار از بندهايء وفادار همراه بودند، تاب صدمہ آنها نياورده، بحصار شهر در آمده، متحصن گشت. و چون از پيشتر مرمت قلع نموده توپ و تفنگ بسيار در برج و باره آماده ساخة بود، درينولا بدرون حصار درآمده، بمدافعه و مقابله پاي ضلالت افشرد. و شاهجهان مردم خود را منع فرمود که بر قلعه نتازند، و رعيت خود را به توپ و تفنگ ضايع نسازند. باوجود اين معني، جمعي از جوانان کار طلب بر حصار بند شهر يورش نمودند. و از استحکام برج و باره و کثرت توپ خانه کاري نساختند، و نا گزير عطف عنان نموده دائره کردند. و پس از روزي چند، باز بهادران شير دل زنجير گسل مانند برق لامع، بقلعه تاختند. و چون بر دور قلعه همه جا ميدان مسطح بود، و اصلاً پستي و بلندي و ديوار و درخت نداشت، سپرها بر روکشيده دويدند. قضا را دران قلع، خندق عميق و عريض، مملو از آب بود، پيش رفتن محال و پس گشتن ازان محال تر شد. درميان ميدان نشسة توکل را حصار خود ساختند. درين وقت شاهجهان تکسري بهم رسانيد، و بنا بر بعضي موانع، که نوشتن آن طولي دارد، سفر عراق در عقد توقف افتاد ... باوجود ضعف قوي بيماري صعب، پالکي سواره از راه گجرات و ملک بهار، متوجه دکن شدند *

 

مٿين عبارت مان، شاهجهان جي معاملي کان علاوه ٺٽي جي قلعي جي وصغ قطع ۽ صورتحال، خواه فوج جو احوال، پڻ معلوم ٿئي ٿو.

ذخيرة الخوانين جو مؤلف لکي ٿو ته:

” صاحب قران ثاني، که بحسب گردش فلکي از دکن براه باروار و امر کوت به تته رسيدند  شريف خان کور حاکم تته، که از قبل شاهزاده سلطان شهريار بود سعادت رهنمونيء او نگشت. قلعه را بر رويء دولت خود بسة از گستاخي بجنگ مبادرت نمود. آنحضرت بآن ملک محقر نپرداخت، نظر بر مطلب بلند داشة فسخ فتح تته نموده، مراجعت به جانب دکن نموده، به همين راه جبل و دشت گجرات، پايء دولت خود، به عزيمتِ دکن، در رکاب آورند “x+

 

ميرزا عيسيٰ ۽ شهزادو خرم 1035هه: شهزادو خرم مايوس ٿي جڏهن گجرات ۾ پهتو، ان وقت ميرزا عيسيٰ گجرات ۾ هو. شهزادي جي آمد جو ٻڌي، شاهي عتاب جي خوف کان پاڻ ته پاسيرو رهيو، ليڪن شهزادي جي سفر ۽ منزل لاءِ اُٺ، گهوڙا، اَن ۽ نقد روپيا، ايتري انداز ۾ موڪلي ڏنائين جو شهزادي جي سڄي ڪلفت دور ٿي ويئي. ذخيري جو مؤلف لکي ٿو ته: اهو ڏينهن ميرزا جي مستقبل جي سمورين اقبال مندين لاءِ، نقطهء آغاز ثابت ٿيو:

”__ ميرزا عيسيٰ بيگ از رهنمونيء بخت و افزونيء طالعِ خود، که ارباب دول تحقيق ملهم غيبي اند، اسپان و شتران و زر نقد و جِنس بسيار، در خدمت خديو ز مان پيشکش فرستاده، سرخرويء دين و دنيا و وسيلهء اعظم تمام عمر و آل و اولاد خود، حاصل کرد __“

ماثرالامرا جو مئلوف لکي ٿو:

” ميرزا بياوريء طالع از نقد و جنس و اسپ و شتر بطريق پيشکش در جناب شاهي ارسال داشة، ذخيرهء سود و بهبودِ روزگار خود، اندوخت “+

 

در حقيقت صاحب ذخيره جي چواڻيءَ ميرزا. ملهم غيبي، نه هو، بلڪه هو وڏو صاحب تدبير، فهميدو ۽ دانشمند هو. ان وقت جو سڄو سياسي جائزو ۽ صورت حال سندس سامهون هو _ بادشاه جي علالت _ سلطنت جي وزير اعظم الوالحسن آصف خان جي طبيعت جو لاڙو ۽ اقتدار __ ٻين شاهزادن جي مقابلي ۾ شهزادي خرم جي تخت نشينيءَ جا مواقع __ غرض ميرزا مڙس ذهين هو، مستقبل جي سمورن واقعن ۽ حادثن جو نقشو سندس دماغ ۾ هو، تنهن ڪري هُن انهيءَ موقعي تي جيڪو طريقو اختيار ڪيو، اهو هر لحاظ سان سوچيل ۽ سمجهيل هو. پاڻ شهزادي جي سامهون ڪونه ويو، تنهن ڪري شاهي عتاب ۽ خطاب کان به محفوظ رهيو. گهوڙا اٺ جنسون ۽ نقدي موڪلي آئندي جي ٿيندڙ بادشاه کي به پاڻ ڏانهن راضي ڪري، پنهنجو مستقبل محفوظ ڪري ڇڏيائين.

(8)

 

عهد شاهجهاني ۽ عيسيٰ ترخان: جنهن وقت جهانگير بادشاه وفات ڪئي، ان وقت شهزادو خرم دکن ۾ هو ۽ سندس صهرو ابوالحسن آصف خان بادشاه جي لاش وٽ موجود هو. ابوالحسن جي ڀيڻ نورجهان بيگم جي منشا هئي ته پنهنجي ڄاٽي شهريار کي شهريار بڻائي، مستقبل ۾ به پنهنجو اقتدار ساڳيءَ ريت قائم رکي. ان جي مقابلي ۾ ابوالحسن چاهيو ٿي ته تاج و تخت پنهنجي نياڻي خّرم جي حوالي ڪري، جيئن سڄيءَ مملڪت جو سربراه پاڻ ٿي پوي.

ڀيڻ ۽ ڀاءُ جو اهو اختلاف اڃان نيتن ۾ ئي هو جو ابوالحسن اڳرائي ڪري بادشاه جي مرندي  شهريار جي دروازي بند ڪرڻ خاطر __ داور بخش کي تخت تي وهاري، چڪر هٽيءَ جي منزل تان بنارسي داس هندوءَ کي شهزادي خرم ڏانهن __ صورت حال جي اطلاع لاءِ  روانو ڪري، پاڻ داور بخش جي شاهي ڇٽ جي پاڇولي ۾ سابق بادشاه جو لاش کڻي لاهور راهي ٿيو.

بنارسي داس ويهن ڏينهن بعد 19 ربيع الاول 1037هه جو شهزادي کي دکن جي هُن پار خيبر ۾ پهچي اطلاع رسايو. شهزادي ٻه ڏينهن وچ ۾ رکي، پنهنجي شاهيءَ جو اعلان ڪري 22 تاريخ جو خيبر مان منزل پٽي، گجرات جي رستي کان ٻن مهنن چئن ڏينهن جي هل هلان بعد، 26 جمادي الاول جو اچي اڪبر آباد ۾، نورجهان جي باغ ۾ منزل انداز ٿيو.

تيرهن ڏينهن بعد 8 جمادي الثاني 1037هه جو شاه جهان پنهنجي تخت نشينيءَ جي باقاعدي رسم ادا ڪري، بادشاهت جو آغاز ڪيو. شاهجهان جي انهيءَ آغاز جو رستو چئن مغل شزادن جي خون سان ڇڻڪاري تيار ڪيو ويو هو. پاڻ 26 جمادي الاول جو اڪبرآباد پهتو ۽ هڪ ڏينهن اڳ، يعني 25 جمادي الاول جو، لاهور ۾ سندس صهري ابو الحسن نه فقط عارضي تخت نشين داور بخش کي ماري ڇڏيو، بلڪ تخت جي ٻين دعويدارن جي پڻ صفائي ڪري ڇڏي. گويا شهريار، طهمورث، ۽ هوشنگ جي رتوڇاڻ ڪئي وئي، تڏهن وڃي شاهجهان جي شاهي سيج تيار ٿي.

گجرات ۽ ميرزا عيسيٰ جي حاضري: انهيءَ زماني ۾ ناهرخان مخاطب به شير خان گجرات جو صوبيدار هو. ميرزا عيسيٰ ترخان اڃان تائين گجرات ۾ جاگيردار ۽ غالباً ڪنهن هنڌ تي فوجدار هو. 1035هه ۾ ميرزا عيسيٰ ڏکئي وقت ۾ شاه جهان جي خدمت گذاري ڪري چڪو هو. هن دفعي جڏهن ٻناڍائين سالن بعد، ساڳيو شهزادو بادشاه ٿي گجرات مان لانگهائو ٿيو، ان وقت پڻ حاضر ٿي، سندس حضور ۾ سلامي ۽ نذرانا اچي پيش ڪيائين.

بادشاه نامه جو مؤلف لکي ٿو ته: ناهر خان المخاطب به شير خان جيڪو ان وقت گجرات جو صوبيدار هو، سڀني اميرن سان اچي محمود آباد جي منزل تي بادشاه وٽ حاضر ٿيو ۽ ميرزا عيسيٰ پڻ ساڻ گڏ آيو تزڪ جهانگيريءَ جو ضميمه نويس پڻ ساڳيءَ طرح لکي ٿو:x

”شير خان از ضبط و نسق شهر (احمد آباد) خاطر پرداخة با ديگر امرا، مثل ميرزا عيسيٰ ترخان و ميرزا والي وغيرهم، به محمودآباد به سعادت زمين بوسي کامروايء مراد گرديدند “0

ترخان نامه جي مؤلف جي روايت مختلف آهي، لکي ٿو: ميرزا عيسيٰ گجرات ۾ جاگيردار هو، جڏهن هن شاهجهان جي آمد جي خبر ٻڌي، ان وقت احمد آباد جي صوبيدار کان به ڪونه پڇيائين، سڌو احمد آباد پهچي عيدگاه ۾ وڃي سندس نالي تي خطبو پڙاهايائين. پڻ بادشاه وٽ به سڀ کان اڳ پهچي، بادشاهت جي مبارڪ پيش ڪيائين:

”از کمال اخلاص و دانائي _ بي استصواب و رخصت صوبه دار گجرات _ خطبہ بنام همايون حضرت صاحب قرآن ثاني، در عيد گاه احمدآباد خوانده، روانه خدمت گرديد. و بر کنارهء مهي که سي کروهي احمدآباد است، بشرف اقدام بوسي مشرف شده، و بسعادت کورنش مبارکباديء سلطنت، پيش از امرايان تعينات آن صوبه، استعاد يافت. مجرايء او خوب شده و حضرت بادشاه ظل الله در بارهء ميرزا کمال عنايت و مرحمت فرمودند“*

 

انهيءَ سلسلي ۾ ترخان نامه جي روايت هن ڪري قابل قبول ٿي سگهي ٿي، جو مئلولف براه راست ميرزا جو سوانح نگار آهي ۽ ٻيا مورخ واقعي جي ضمن ۾ ميرزا عيسيٰ جو نالو کڻي ويا آهن. ميرزا جي ذات سان سڌيءَ طرح سندن واسطو ڪونه هو.

ٺٽي جي صوبيداري 1037هه: تزڪ جهانگيريءَ جو ضميمه نگار لکي ٿو ته: شاه جهان محمود آباد مان منزل کڻي، احمدآباد ۾ ڪانڪريه تلاءَ وٽ اچي منزل ڪئي ۽ ست ڏينهن برابر انهيءَ دلڪش جاءِ تي رهي، گجرات جي معاملات جي تنظيم ڪندو رهيو.

شير خان کي منصب پنج هزاري ذات و سوار تي سرفراز ڪري ساڳيءَ طرح گجرات جي صوبيداريءَ تي قائم رکيائين، ۽ ميرزا عيسيٰ ترخان کي منصب چهار هزاري ذات و دو هزار و پانصد سوار تي فائز ڪري، ٺٽي جي صوبيداريءَ تي اماڻيائين*

 

بادشاه نامه جو مؤلف لکي ٿو ته: بادشاه، ميرزا عيسيٰ کي ٺٽي ڏانهن موڪلڻ جو فرمان 18 ربيع الثاني 1037هه جو جاري ڪيو ۽ کيس خلعت ڏئي ٺٽي اُماڻيو:

”باضافه دو هزار و سي صد سوار، بمنصب چهار هزاري ذات و دو هزار پانصد سوار، سربراه فراخته بدان صوب رخصت فرمودند “x

 

ماثرالامرا جي مؤلف انهيءَ تقرر تي لکيو آهي ته: ميرزا عيسيٰ ٺٽي جي ايالت حاصل ڪري ، کامروايء ملکِ خود گرديد ،+.

 

ٺٽي روانگي. ربيع الثاني 1037هه: ميرزا کي ٺٽي جي ايالت يا صوبيداريءَ جو فرمان 18 ربيع الثانيءَ 1037هه جو مليو. بادشاه هڪ اڌ ڏينهن رکي اڪبرآباد طرف روانو ٿيو ۽ ڀانئجي ٿو ميرزا عيسيٰ به چند ڏينهن اندر ئي ٺٽي هليو هوندو ترخان نامه جو مؤلف لکي ٿو: ميرزا عيسيٰ پنهنجي پٽ ميرزا عنايت الله کي هڪ هزار سوارن سميت بادشاه جي اردل ۾ روانو ڪري، پاڻ ٻن سو سوارن سميت ٺٽي اُسهيو. 0x

 

شريف الملڪ جو واقعو: ترخان نامه جي مؤلف جو بيان آهي ته: ٺٽي جي صوبيداريءَ جو حڪم ميرزا عيسيٰ کي ڏئي، بادشاه کيس حڪم ڪيو ته: ٺٽي پهچڻ سان، شريف الملک، يعني شريف خان شريف الملڪ کي گرفتار ڪري دربار ڏانهن اُماڻي!، تاڪه ايام شهزادگيءَ ۾ بادشاه سان سندس ڪيل بدسلوڪيءَ جي کيس سزا ڏني وڃي تا بخرابي کردار و افعال شنيعه خود برسد، وا اگر جنگي بکند اورا بکشند  *

 

انهيءَ سلسلي ۾، شريف الملڪ جي ڪيل بدسلوڪيءَ جو واقعو مٿي بيان ٿي چڪو آهي، تحفة الڪرام جو مؤلف مير ابوالبقا امير خان جي متعلق لکي ٿو ته: بادشاه هن کي ميرزا عيسيٰ کان پوءِ ٺٽي تي مقرر ڪري، انهن سڀني ڌرين جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو، جن شريف الملڪ سان گڏجي بادشاه سان بدتميزيءَ جو سلوڪ ڪيو هو:

”__ چون شاه جهان جلوس کرده بنسبت به نبقاري که از همراهيان شريف خان مذکور در دل داشت، و گستاخي جام ککراله که بازار لشکرش تاخته بود، و حسن خدمت رانايء دهاراجه، نکامره قوم، و حمل جت، صاحب ايل مواضعات دري، نامبرده را متعين بلده فرموده ...... دربلده ...... رسيد منصبداران متعينه تته را اکثر ماخوذ و معزول و مصادره فرمود...... 0

 

تحفة الڪرام جي مؤلف کان غلطي ٿي آهي، ميرزا عيسيٰ کانپوءِ مير ابوالبقا نه، بلڪه شير خواجه ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو. ميرزا عيسيٰ، جهانگير جي آخري سال ۾ ته برابر ٺٽي آيو، ليڪن جهانگير جي فوت ٿيڻ کانپوءِ شاه جهان جي فرمان تي آيو، جهڙيءَ ريت مٿي ڏيکاريو ويو آهي.*

 

شريف الملڪ جي واقعي متعلق چئي نٿو سگهجي ته ترخان نامه جي روايت ڪيتري قدر صحيح آهي. ڇاڪاڻ ته جهانگير پنهنجي جئري، رجب 1032هه جو، ميرزا ابو سعيد جي صوبيداريءَ جو فرمان جاري ڪيو هو. ترخان نامه جي مؤلف ته ايستائين لکيو آهي ته: شريف الملڪ چڱي طرح ميرزا عيسيٰ جو مقابلو ڪيو. ليڪن اقبال بادشاهي زور هو، آخر گرفتار ٿيو ۽ شاهي دربار ڏانهن اُماڻيو ويو. بادشاه انهيءَ ڪارنامي تي، ميرزا عيسيٰ کي هڪ لک روپيا انعام ڏنو:

”شرين الملک سپاهي اول و از شجاعان روزگار و دليران آوان بود، و جمعيت خوب داشة. اما باقبال بادشاهي (ميرزا) لشڪر از اطراف و جوانب جمع نموده برسر او آمد، و بعد از جنگ و جدال او را دستگير ساخة روانه درگاه فلک بارگاه نمود. و مجرايء عظيم ميرزا شد، و ميرزا را صاحب نوبت ساخة بانعام يک لک روپيہ نقد و هزاري اضافه منصب سرفراز فرمودند ،“x

 

يعني نه فقط هڪ لک روپيو انعام ميرزا عيسيٰ حاصل ڪيو، بلڪ سندس منصب ۾ به اضافو ڪيو ويو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه کيس .نوبت، جو اختيار پڻ ڏنو ويو __ جيڪو مغل دؤر ۾، سواءِ شهزادن ۽ وڏن وڏن اميرن جي ٻئي ڪنهن کي نصيب ڪونه هو.

ٺٽي مان تبادلو: ميرزا عيسيٰ ٺٽي ۾ پهچي ايڏو وڏو ڪارنامو به ڪيو، جنهن لاءِ شاه جهان جو انتظار ميرزا عيسيٰ کي ڏنل انعام ۽ اعزاز مان معلوم ٿئي ٿو، ليڪن بقول ماثرالامرا _ حسب اقتضايء وقت _ کيس اڍائي مهينن جي مختصر عرصي بعد اتان بدلي ڪيو ويو. خبر نه آهي ته اها . اقتصايء وقت، ڇا هئي ۽ سنڌ ملڪ جي . ضبط ۽ ربط، ۾ ميرزا جو وجود ڇو ڪونه مفيد ثابت ٿيو؟. ٿي سگهي ٿو ته، اهوئي سبب هجي، جيڪو 1021هه ۾ ميرزا غازيءَ کان پوءِ ميرزا عيسيٰ کي نه موڪلڻ لاءِ، بارگاه سلطانيءَ ۾ در پيش ٿيو هو. بهرحال 18 ربيع الثاني جو گجرات ۾ ميرزا کي ٺٽي وڃڻ جو فرمان ڏنو ويو  26 جمادي الاول جو بادشاه آگري ۾ پهتو __ 8 جمادي الثاني 1037هه جو تخت نشين ٿيو 1 رجب جو، يعني فرمان جاري ڪرڻ کان تقريباً اڍائن مهينن بعد، ميرزا عيسيٰ جي تبادلي جو حڪم جاري ڪري، سندس جاءِ تي شير خواجه کي مقرر ڪيو ويو  اهو ساڳيو ڏينهن هو جڏهن ابوالحسن آصف خان به تخت جي حاليه دعويدارن کي قتل ڪري تخت جي آئنده دعويدارن _ دارا _ شجاع _ اورنگزيب _ کي لاهور مان وٺي اچي، دربار ۾ پهتو هو. بادشاه نامه جي مؤلف ميرزا جي تبادلي ۽ شير خواجه جي تقرر جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:x

 

”خواجه باقي خان مخاطب به شير خواجه بخلعت و خنجر مرصع، و منصب چهار هزاري ذات، وسه هزار پانصد سوار، و علم و نقاره، و اسپ با زين مطلا و صوبيداريء تته سرفرازي يافت از تغير ميرزا عيسيٰ ترخان، که دراثنائي توجهه رايات جهان کشا از دکن بدارالخلافت اکبرآباد، هنگام وصول موکب اقبال بحواليء احمد آباد، بنظم صوبه مزبور دستوري يافة بود “0*

ماثرالامرا جو مؤلف ساڳو واقعو هيٺين طرح بيان ڪري ٿو:

” ليکن بعد جلوس برسرير فرمان روائي، حسب اقتضائ وقت، ضبط و ربط آنديار به شير خواجه مخاطب بخواجه باقي خان، تفويض يافت. و ميرزا بي نيل مقصود از عرض را معاودت نموده  “*

 

ماثر جي مٿين عبارت ۾ . حسب اقتضائ وقت ، __. و بي نيل مقصود، __ ۽ . عرض راه، جا لفظ قابل غور آهن. گويا هِن مؤلف جي چواڻيءَ، ميرزا ٺٽي پهتو ئي ڪونه هو جو کينس واٽ تان __ (از عرض راه) __ پٺتي موٽايو ويو، سو به بي نيل مقصود. ڪم از ڪم هڪ ڳالهه جو يقين آهي ته ميرزا ٺٽي پهتو هو. جهڙيءَ ريت ترخان نامه مان معلوم ٿئي ٿو.

ٺٽي جو قيام (ربيع الثاني 1038هه _ ربيع الاول 1038هه): ميرزا عيسيٰ جي تبادلي جو فرمان 1 رجب 1037هه جو نڪتو، ممڪن آهي ته شير خواجه ستت اچي ٺٽي پهتو هجي. ليڪن ميرزا عيسيٰ چارج ڇڏڻ بعد ڪم و بيش نو مهينا پوءِ به(رجب 1037هه تا ربيع الاول 1038هه) ٺٽي رهي پيو.

اسان جو خيال آهي ته انهيءَ عرصي اندر، ٺٽي ۾ رهي، هن پنهنجي ۽ پنهنجي والد جان بابا جي رانڪن ٺهرائڻ جو بندوبست ڪيو هوندو. ٻنهي رانڪن جي نقشي ۽ هڪ ٻئي جي آمهن سامهن سٽا مان انهيءَ گمان جي تصديق ٿئي ٿي. ازانسواءِ اهوئي پهريون ۽ پويون دفعو هو جڏهن سنڌ مان (11_1012هه) نڪرڻ بعد ميرزا کي هڪ دفعو وري ٺٽي اچڻ جو موقعو مليو هو.

ميرزا عيسيٰ جي ٺٽي اچڻ واري سلسلي ۾ هيٺيون تاريخون ذهن ۾ رکڻ گهرجن:

·       28 صفر 1037هه جهانگير وفات ڪئي.

·       19 ربيع الاول   ” شاه جهان کي دکن ۾ اطلاع مليو.

·       23                ”        ”   دکن مان روانو ٿيو.

§                          ”       ”    گجرات پهتو.

·       18 ربيع الثاني  ”             ميرزا عيسيٰ کي ٺٽي جي

                                    صوبيداريءَ جو فرمان مليو.

·       26 جمادي الاول        ”      آگري پهچي باغ نورجهان

                                    ۾ منزل ڪئي.

·       8 جمادي الثاني        ”      تخت نشين ٿيو.

·       1 رجب        ”                ميرزا عيسيٰ جي بدليءَ جو فرمان نڪتو ۽ شير خواجه ٺٽي تي رکيو ويو.

·       8 ربيع الاول 1038هه          ميرزا عيسيٰ کي مٿرا جي جاگير ملي.

·       7 ربيع الثاني           ”      ميرزا عيسيٰ ٺٽي کان اڪبرآباد پهتو.

مٿرا جي صوبيداري 1038هه:- تحفة الڪرام جي مؤلف لکيو آهي ته: ميرزا عيسيٰ ٺٽي مان تبديل ٿيڻ بعد گرنار تي مقرر ٿيو. ليڪن بادشاه نامه جي قول مطابق _ جيڪو صحيح آهي _ ميرزا کي مٿرا جو علائقو ڏنو ويو، جنهن لاءِ شاهي فرمان 8 ربيع الاول 1038هه جو جاري ٿيو:

” وهم بميرزا عيسيٰ ترخان، بعد از تغير، صوبيداري متهرا و نواحيء آن، جاگير عنايت شد“ماثرالامرا ۾ آهي:x

 

”بتيولداري متهرا و آن نواحي موردِ نوازش گشت“ 0

 

ميرزا عيسيٰ اڃا ٺٽي ۾ مقيم هو جو اهو فرمان جاري ٿيو. غالباً ميرزا ساڳئي مهيني ۾ ٺٽي مان روانو ٿيو. مٿرا وڃڻ کان پهريون، سلاميءَ لاءِ، برابر هڪ مهني بعد، 7 ربيع الثانيءَ جو شاهي دربار ۾ حاضر ٿيو، جنهن جو اطلاع بادشاه نامہ ۾ هن ريت مرقوم آهي:

”هفتم ربيع الثاني (1038هه) ميرزا عيسيٰ ترخان که صوبيداريء تته از و تغير يافته بود، و متهرا و نواحيء آن در تيولش مقرر شده، از تته آمده، بسعادت کورنش کامياب صوري و معنوي گرديد“*

 

ميرزا عيسيٰ قرين قياس آهي ته چند ڏينهن شاهي حضور ۾ گذاري، رخصت ياب ٿي، ساڳي مهيني ربيع الثاني ۾، مٿرا واري جاگير ڏانهن راهي ٿيو هوندو.

دولت آباد. جمادي الاول 1040هه: سال 1038هه کان پوءِ 1040هه تائين، ميرزا عيسيٰ جي متعلق پاڻ کي ڪو اطلاع ڪونه ٿو ملي. ٿي سگهي ٿو، اهي اڍائي ٽي سال ميرزا مٿرا ۾ بسر ڪيا هجن. بادشاه نامه جي ذريعي ميرزا متعلق وري 1040هه جي واقعات ۾ اطلاع موجود آهي، جنهن مطابق 10 جمادي الاول 1040هه جو عبدالله خان بهادر جي ڪمان هيٺ، ٻين سردارن سان گڏ ميرزا عيسيٰ کي به دريا خان جي بغاوت دور ڪرڻ لاءِ دولت آباد موڪليو ويو.

”عبدالله خان بهادر را که ........ از بالا گهات طلب فرموده بودند، بجهت تاديبي و تنبيہ آن شوريده بخت، معين گردانيدند، دهم جمادي الاول بعنايت خلعت و اسپي از طويله خاصہ بازين مطلا، سربلند ساخة رخصت فرمودند..

ميرزا عيسيٰ و ...... ديگر منصبداران و اهديان و کمانداران و تنگچيان همراه او مرخص گشتند، x

 

محمد طاهر آشنا قرنيه ۾ انهيءَ واقعي کي هن ريت درج ڪيو آهي:

”__ عبدالله خان بهادر را ...... بتاديب دريا خان (بدکن) تعين نمودند. دهم جمادي الثاني ... ميرزا عيسيٰ ترخان و رشيد خان و خواجه بابا و خواجه کامگار، که با عبدالله خان بهادر بودند، و سيف الملوک و شذره خان و ابوالبقا برادرزاده عبدالله خان بهادر و خليل بيگ ... و ديگر منصبداران و احديان و تفنگچي همراه او مرخص کردند “x

 

ناسڪ رمضان 1040هه: جمادي الاول ۽ شعبان 1040هه جي درميان، چئي نٿو سگهجي ته، ميرزا عيسيٰ مٿي ذڪر ڪيل مهم ۾ مصروف رهيو يا ڪي ٻيا ڪم به سندس سپرد ٿيا. شعبان ۾ ناسڪ طرف سخت ڏڪار پيو، جنهن ڪري عوام جي تڪليف کي منهن ڏيڻ لاءِ شاهي خزاني مان رپيا روانا ڪيا ويا. خواجه ابوالحسن ان وقت صوبي جو گورنر هو. شاهي خزانو جن اميرن جي نگهبانيءَ هيٺ موڪليو ويو، انهن ۾ ميرزا عيسيٰ به شامل هو. بادشاه نامه جو مؤلف 5 رمضان جو انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:*

 

”فرمان شد که: خزانه از درگاه والا نزد او (ابوالحسن) فرستاده شده، از هر راهي که مناسب داند، همراه ميرزا عيسيٰ ترخان و سردار خان و رشيد خان و خواص خان و چندي ديگر، بندهايء درگاه، بلشکر منصور ارسال نمايد، طاهرآشناقرنيه ۾ انهيءَ واقعي کي تقريباً ساڳن ئي لفظن ۾ دهرايو آهي: 0

 

”درين اثنا فرمان رسيد که: خزانه که از درگاه فرستاده شده بود، از هر راه که مناسب داند، بلشکر منصور ارسال دارد، مصحوب ميرزا عيسيٰ ترخان و سردار خان و رشيد خان و خواص خان و چند ديگر بفرستد “x

ايلچپور. شعبان 1041هه:     ميرزا رمضان 1040هه ۾ ناسڪ ويو، ان کان پوري هڪ سال بعد کيس ايلچ پور موڪليو ويو. بادشاه نامه جو اطلاع آهي ته:

”ميرزا عيسيٰ را بعنايت خلعت و اسپ بازينِ مطلا برنواخته به ايلچ پور رخصت نمودند  “*

گهوڙو سونن سازن سان ڏئي، خلعت قيمتي مرحمت ڪري، ميرزا کي ايلچ پور ڇو موڪليو ويو؟ مٿين عبارت ۾ اها شئي واضح ٿيل نه آهي. طاهر آشنا قرنيه ۾ پڻ وضاحت نه ڪئي آهي. ساڳي عبارت لفظي ڦيرڦار سان هن ريت لکي اٿس:

”ميرزا عيسيٰ ترخان را خلعت و اسپ شفقت کرده به ايلچ پور مرخص ساختند __ “

ماثرالامرا جي مؤلف لکيو آهي ته: ميرزا کي ايلچ پور ڏانهن جا گير ڏئي اماڻيو ويو:

”در سال پنجم در سواران، منصب افزوده، بجاگيرداريء ايلچ پور رخصت يافت، xx

بادشاه نامه جي قول مطابق ميرزا عيسيٰ کي 27 شعبان 1041هه جو انهيءَ طرف رخصت ڪيو ويو.

گويا ٺٽي کان بدلي ڪري 1038هه ۾ کيس مٿرا جي صوبيداري ۽ جاگير ڏني ويئي هئي، وچ وارو عرصو هو ريزڪي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، وري 1041هه ۾ کيس جا گير ڏئي مستقل طرح ايلچپور روانو ڪيو ويو. مٿرا کان پوءِ اها ٻي جاگير هئي جا ميرزا عيسيٰ کي ملي.

منصب ۾ اضافو. شوال 1041هه: ميرزا شعبان ۾ ايلچپور روانو ٿيو، رمضان جو مهينو وچ ۾ وجهي، شوال 1041هه جي ڏهين تاريخ، شاه جهان سندس منصب ۾ اضافي جو فرمان جاري ڪيو. انهيءَ کان اڳ شاه جهان طرفان ميرزا کي پهريون منصب 1037هه ۾ مليو، جنهن وقت کيس ٺٽي موڪليو ويو، ۽ اهو هو __ چهار هزاري ذات و دو هزار پانصد سوار __ جنهن بعد پنجن سالن کان پوءِ، هي ٻيو دفعو ميرزا جي منصب متعلق، شاهي فرمان صادر ٿيو. هن دفعي سندس منصب ۾ هن ريت اضافو ڪيو ويو:

” ميرزا عيسيٰ باضافه پانصد سوار، بمنصب چهار هزاري سه هزار سوار، نوازش يافت “*

 

يعني پهريون چئن هزارن سان گڏ اڍائي هزار سوارن جو منصب هيس ۽ هاڻي سوارن ۾ پنجن سون جو اضافو ڪري، چهار هزاري سان ٽن هزارن سوارن جي منصب تي کيس پهچايو ويو.

ماثرالامرا ۾ انهيءَ اضافي جو ذڪر ڪونه آهي. قرنيه جي مؤلف بادشاه نامه تان انهيءَ اضافي جو نقل هن ريت ڪيو آهي:

”ميرزا عيسيٰ ترخان باضافه پانصد سوار بمنصب چهار هزار سه هزار سوار نوازش يافته ، x

سورٺ جي جاگير ۽ منصب. صفر 1045هه: ظاهر ٿئي ٿو ته 1041هه جي شوال کان وٺي صفر 1045هه تائين ميرزا عيسيٰ ايلچپور رهيو، جتان 27 صفر 1045هه جو سندس تبادلو سورٺ (جونا گڙهه) ڏانهن ڪيو ويو. جاگير به کيس ڏني وئي ۽ منصب ۾ پڻ ٽيون دفعو اضافو ڪيو ويو. محمد طاهر آشنا لکي ٿو:

” بست و هفتم (صفر 1045هه) .......  سرکار سورتهه بجا گير ميرزا عيسيٰ ترخان مقرر گرديد. و منصب مشاراليه باضافه يک هزاري ذات سوار دو اسپه سه اسپه، پنجهزاري ذات و سوار ازانجمله يکهزار سوار دو اسپه و سه اسپه قرار يافت“*

 

اڳ چهار هزاري ذات ۽ سه هزاري سوار منصب هيس ۽ هاڻي پنجهزاري ذات ۽ چهار هزاري سوار جي منصب تي فائز ٿيو. هڪ هزار جو اضافو ذات ۾ ۽ هڪ هزار جي واڌ سوارن ۾ ڪئي وئي. ماثرالامرا جي مؤلف انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪيو آهي، لکي ٿو:

”در سال هشتم باضافه هزاري هزار سوار، بمنصب والاي پنجهزاري چهار هزار سوار دو اسپه سه اسپه برنواخة، بفوجداريء سرکار سورتهه مباهي گرديد “*

 

ميرزا عيسيٰ گويا جهانگير جي زماني ۾ پهريون ڀيرو 1021هه ۾ گجرات (راڌڻ پور) ويو هو، ٻيو دفعو 1032هه ڌاري ويو ۽ 1037هه تائين برابر اتي هو. انهيءَ عرصي ۾ ٻه دفعا شاهجهان سان سندس مهان ميل ٿي، پهريون دفعو 1023هه ۾ جڏهن شاهجهان ٺٽي کان موٽي گجرات پهتو ۽ ٻيو دفعو بادشاهي جي اعلان بعد 1037هه ۾ گجرات مان اڪبرآباد طرف لنگهندي. هي ٽيون دفعو هو جو نون سالن جي وٿيءَ بعد وري سندس قسمت گجرات طرف ٿي.

ڪڇيلا گهوڙا. رمضان 1047هه: ميرزا عيسيٰ 1047هه ۾ اڃان جونا ڳڙهه ۾ هو، جتان هُن شاهي حضور ۾ پيش ڪرڻ لاءِ 15 ڪڇي گهوڙا موڪليا، جيڪي بقول صاحب بادشاه نامه، 15 تاريخ رمضان 1047هه جو بادشاه جي ملاحظي مان گذريا:

”__ پيشکش ميرزا عيسيٰ ترخان پانزده اسپ کچهي که از جونا گره فرستاده بود............. از نظرِ اقدس گذشت __“

منصب ۾ ترقي. جمادي الثاني 1049هه: باشاه نامه مان معلوم ٿئي ٿو ته، 5 جمادي الثاني 1049هه جو بادشاه جي منزل ڀيره (پنجاب، ۾ هئي. جتان ميرزا جي منصب ۾ هڪ هزار سوار جي اضافي جو پروانو صادر ٿيو:

” ميرزا عيسيٰ ترخان حاکم ولايت سورة، باضافهء هزار سوار بمنصب پنج هزاري پنج هزار سوار، هزار سوار دو اسپه سه اسپه مفتخر گرديد “ *

 

اڳ پنجهزاري ۽ چهار هزار سوار جو منصب هيس، هاڻي پنجهزاري ذات سان گڏ پنجهزاري سوار ٿيو. ميرزا اڃا سورٺ ۾ ئي تعينات هو، معلوم نه آهي ته اهو فرمان سندس غير حاضري ۾ نڪتو يا ميرزا پاڻ ڀيري ۾ ان وقت شاهي منزل تي حاضر هو. سندس وڏي پٽ ميرزا عنايت الله کي به ساڳي ڏينهن ئي منصب ۾ اضافو مليو، جنهنجو ذڪر سندس سرگذشت ۾ ڪيو ويندو.

ڪڇي گهوڙا. 1050هه: ڀائنجي ٿو، ڪڇي گهوڙا بادشاه کي پسند هئا يا نسل جي لحاظ سان بهتر ٿين ٿا، غرض ميرزا عيسيٰ جوناڳڙهه مان ٻيو دفعو شاهي حضور ۾ ساڳي قسم جا چاليهه گهوڙا ڏياري موڪليا، جيڪي 11 محرم 1050هه جو شاهي ملاحظي ۾ پيش ڪيا ويا:

” (11 محرم 1050هه سال سوم دورهء دوم) پيشکش ميرزا عيسيٰ ترخان چل اسپ کچهي که از جونا گره ارسال داشة بود، بنظر انور درآمد “+

گجرات جي صوبيداري ۽ منصب ۾ اضافو. محرم 1052هه: جنهن دور جو ذڪر ٿي رهيو آهي، انهيءَ دؤر ۾ گجرات جو صوبيدار، اعظم خان هو، هو پنهنجي زماني ۾ گجرات جو انتظام پوريءَ طرح رکي نه سگهيو هو، جنهن ڪري عرصي کان بادشاه وٽ شڪايتون پهچنديون ٿي رهيون. بار بار شاهي دربار مان مٿس تاڪيد نڪتا ٿي، ليڪن حالات بدستور رهيا، جنهن ڪري 8 محرم 1052هه جو کيس معزول ڪيو ويو.

گجرات سان ميرزا عيسيٰ جو پراڻو تعلق هو، سموري صوبي ۾ سندس تدبر دانشمنديءَ ۽ انتظامي صلاحيت جي ساک هئي. انهيءَ زماني ۾ به پاڻ گجرات جي ئي هڪ مکيه پرڳڻي جو جاگيردار ۽ فوجدار هو، تنهن ڪري بادشاه سڀني ڳالهين کي مدنظر رکندي، اعظم خان کي معزول ڪرڻ بعد، چوٿين ڏينهن يعني 12 محرم 1052هه جو ميرزا عيسيٰ جي صوبيداريءَ جو فرمان جاري ڪيو. بادشاهه نامه مان معلوم ٿئي. ٿو ته: صوبيداريءَ تي فائز ڪرڻ سان گڏ، سندس منصب به وڌايو ويو:

” و از جمله سواران منصب او، هزار و پانصد سوار دو اسپه سه اسپه، مقرر فرموده ..... اورا بمنصب پنج هزاري ذات و پنجهزار سوار، دو هزار و پانصد سوار دو اسپه و سه اسپه، سر بلند گردانيدند “*

 

انهيءَ حڪم سان گڏ ساڳي ڏينهن ٻيو حڪم جاري ڪيو ويو جنهن مطابق، ميرزا عنايت الله پيءُ واريءَ جاءِ تي سورٺ جو فوجدار ٿيو. سندس منصب ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو ۽ ڀاڻس ميرزا محمد صالح جو منصب به وڌايو ويو.

شاه جهان جي انهيءَ سلوڪ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ميرزا عيسيٰ ۽ سندس اولاد لاءِ، بادشاه جي دل ۾ ڪيڏو نه قرب ۽ قدر هو. شيخ فريد بکري جو لکڻ واقعي حقيقت تي مدار رکي ٿو ته: ميرزا عيسيٰ ڏکئي وقت ۾ شاهه جهان جي خدمت ڪري.

”__ وسيلہ اعظم تمام عمر و آل و اولاد خود حاصل کرد __“

شاهي فرمان. محرم 1054هه: مراة احمديءَ جي مؤلف اتفاق سان انهيءَ فرمان جو نقل ڏنو آهي، جيڪو 12 محرم 1052هه جو اعظم خان جي معزوليءَ لاءِ جاري ڪيو ويو هو. بادشاه، اعظم خان جي بدانتظامي جو ذڪر ڪندي فرمان ۾ لکي ٿو:

”__ خود توفيق نيافت، و آن ملک را خراب ترساخت، و کار بجايء رسانيد که، اگر به تدارک نپردازم، ديگر ممکن نه باشد __“

انهيءَ فقري مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪهڙيءَ حد تائين اعظم خان گجرات اندر تباهي پيدا ڪئي هئي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ گجرات ۾ انتظام ۽ اصلاح جو ڪم ميرزا جي سپرد ڪيو ويو. ميرزا جي متعلق فرمان ۾ هيءَ عبارت آهي:

”__ بنا بر اين، برآن ملک و اهل آن ملک ترحم فرموده، صاحب صوبگي آن ملک، به امارت پناه، سزاوار لطف و احسان، ميرزا عيسيٰ ترخان __ که ملک سورته خراب را، بحسن سلوک و رعيت پروري، آباد ساخة بود __ از ابتداءِ خريف يونت ئيل مرحمت نموديم. ميرزا مذکور که داخل احمد آباد شود، صوبه را تسليم مشاراليه نموده، خود عازم درگاه عرش اشتباه گردد. و در عهد، دانسته تخلف و انحراف نورزنده تحرير دوازدهم شهر محرم سنه 15 جلوس مبارک __ موافق سنه يکهزار و پنجاه دو _ “ x

 

فرمان جي انهيءَ اقتباس مان ميرزا جي انتظامي صلاحيتن ۽ ڪارڪردگيءَ جي اهليت لاءِ، بادشاه جي ذاتي راءِ معلوم ٿئي ٿي، اهو پڻ ظاهر ٿو ٿئي ته سورٺ جي حالت ميرزا جي وڃڻ کان اڳ ڪيترو نه خراب ۽ برباد هئي. جنهن کي ميرزا وڃي درست ڪيو ۽ پنهنجي حسن سلوڪ ۽ رعيت پروريءَ سبب ستت ئي ملڪ کي آباد ۽ رعيت کي سکيو ستابو ڪري ڇڏيو.

اعظم خان. مراة احمديءَ جو مؤلف انهيءَ فرمان جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته: بادشاه روشن ضمير خيال ڪيو ته، متان انهيءَ خبر پوڻ سان اعظم خان رعايا ۽ زيردستن مٿان انتقامي ڪارروايون ڪري، سو ساڳي وقت ميرزا عيسيٰ ڏانهن پڻ شُقه خاص ڏياري موڪليائين:

” بادشاه روشن ضمير آگاه دل __ که مبادا بسبب استماع خبر تغيري صوبه، اعظم خان، بيش از پيش ستم و تعدي، عايد حال رعايا و زيردستان شود، شقه خاص بنام ميرزا عيسيٰ ترخان، با فرمان طلب حضور باعظم خان، شرف صدور يافت “x

 

مير محمد باقر عرف ارادت خان ملقب به اعظم خان ساوه شهر جي اصيل سيدن مان ۽ ميرزا جعفر آصف خان جو ڄاٽو هو. انهيءَ مٽيءَ سبب شاه جهان جي مهري يمين الدوله آصف خان جي وزارت عظميٰ ۾، هُن زبردست ترقي ڪئي. شهزادي محمد شجاع جي جڏهن پهرين گهرواري _ جيڪا ميرزا رستم مقويءَ جي نياڻي هئي _ گذاري وئي، تڏهن هُن اعظم خان جي نياڻيءَ سان 1049هه ۾ شادي ڪئي __ انهن مٽن مائٽن ڪري اعظم خان کي ايڏو اقتدار ۽ دٻدٻو حاصل هو، جو جڏهن هُن گجرات ۾ مظالم شروع ڪيا، ان وقت ڪنهن کي به جرائت ڪا نه پئي ٿئي ته بادشاه تائين صورت حال پيش ڪري. آخر سيد جلال بخاري جي ذريعي بادشاه جي ڪنن تائين، رعيت جي زبونيءَ جو احوال، پيش ڪيو ويو. مراة احمديءَ جو مؤلف لکي ٿو:

” از کهن سالان ثقات _ که از نياگان خود نقل نمودند _ استعماع يافته که: از ملاحظهء منزلت و نسبت با بادشاهزاده محمد شجاع بهادر، کسي را حد نالش تعديء اعظم خان نبود. اين معني بذريعه سيادت پناه سيد جلال بخاري بعرض رسيد __ لهذا چهاردهم(؟) شهر محرم الحرام سال هزار و پنجاه و دو، از تغير اعظم خان، صوبه گجرات بميرزا عيسيٰ ترخان ..... مرحمت شد  “ *

 

مطلب ته اهڙن مشڪلن سان، گجرات جي رعايا، خان مذڪور مان رهائي حاصل ڪري، ميرزا عيسيٰ لاءِ گجرات جي صوبه داريءَ جو رستو پيدا ڪيو.

گجرات جي اصلاح ۽ ڀاڳ بٽئي: گجرات جو صدر مقام احمد آباد هو، ميرزا عيسيٰ، اعظم خان کي شاهي دربار ڏانهن اُماڻي، پاڻ ملڪ جي انتظام ۽ اصلاح ۾ لڳي ويو.زمينون غيرآباد ٿي ويون هيون، انهن کي آباد ڪرايائين. ڳوٺ ويران ٿي چڪا هئا، انهن کي وسايائين. ماڻهو دربدر هئا، انهن کي جائيتو ڪيائين. ملڪ اندر بدنظمي ۽ انتظامي خرابي حد کان ٽپي چڪي هئي، وڏي جاکوڙ بعد ميرزا انهيءَ کي دور ڪري، نظم و نسق کي دوبارو رائج ڪيو.

اسان مٿي پڙهي چڪا آهيون ته درباري امير _ ميرزا جي خودداريءَ سبب __ کانئس هميشه ناراض ۽ نالان رهندا ٿي آيا، ۽ جڏهن ڪڏهن کيس، ڪوشش ڪري، مشڪل کان مشڪل مهم ڏانهن منهن ڏياريندا هئا، تاڪه هو ناڪام ٿئي ۽ سندس رسوائي ٿئي. ليڪن ميرزا پنهنجي تدبر دانشمنديءَ ۽ جرائت سبب، هر مشڪل مٿان فتح حاصل ڪري، هميشه سرخرو ٿي موٽندو هو. گجرات جو مسئلو به مشڪل هو، ليڪن هن دفعي اميرن جي سازش سبب سندس بدلي ڪا نه ٿي هئي، بلڪ، سندس صلاحيتن جي مدنظر، سوچي سمجهي، بادشاه پاڻ کيس موڪليو هو. چنانچه ميرزا اميد مطابق جلد ئي گجرات اندر نئين زندگي ۽ تازو روح پيدا ڪري ڇڏيو.

مراة احمدي جو گجراتي مؤلف قبول ڪندي لکي ٿو:

” و مرهم تسليء دلهايء ستمديدگانِ گجرات شد، ميرزا عيسيٰ ترخان باشتغال امور صوبه باستمالت رعايا پرداخته، در پرگنات عمل غله بخشي __ که باصطلاح اين ملک، بهاگ بتائي گويند __ قرارداد، و در اندک فرصتي ملک بمعموري آورد  “ *

 

ڪاشتڪارن شڪسته خاطر ٿي، زمينون آباد ڪرڻ ڇڏي ڏنيون هيون، زميندارن، جاگيردارن ۽ اهلڪارن جي ظلمن، سختين ۽ غير واجبي طلبن، کين ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. انهيءَ زماني ۾ مغل ڪارپردازن جي بيجا ڪاررواين، سنڌ اندر پڻ اها ساڳي صورتحال پيدا ڪئي هئي. ڳوٺ ويران،. زمينون غيرآباد، مُلڪ لاوارث ۽ عوام زير و زبر ٿي ويو هو.

ميرزا عيسيٰ .ڀاڳ بٽئي، جو رواج جاري ڪري، ڪڙمين کي وري کيت سرسبز ڪرڻ تي آمادو ڪيو. ڀاڳ بٽئي جو مفهوم شايد اهو هو جو، هڪ متعين عرصي تائين زمين جي پيداوار، ٻنهي سرين ڪڙمين جي حوالي ڪئي ويندي هئي.

هڪ انگريزي مورخ جي راءِ. ميرزا جي سلسلي ۾ گجرات جو مشهور مؤرخ Mr. Commissariat پڻ ڏاڍو معترف آهي، لکي ٿو ته:

In April, 1642, Azam khan was recalled from Gujrat by the emperor’s orders. … (122) … In succession to Azam khan, therefore, Mirza Isa Tarkhan the Governar of Sorath, became the next Viceroey of Gujarat ( 1642- 45). This noble had aquired a Good reputation when in charge of Junagadh and it was expected that his rule would bring relief and prosperity to the much harassed population of Gujarat. By force marches, the new viceroy travelled from Junagadh to Ahmadabad, and, proceeding without delay to the bhadra, delivered personally the Imperial farman of 2nd April 1642 to Azam khan for his recall. Inayatullah, son of Mirza Isa Tarkhan, was appointed governor or fouzdar at Junagadh in place of his father. Among the measures of the new Subahdrar was the introduction in the province of the ‘bhagvatai’ or Share system of levying revenue in kind. (1)

انعام، هاٿي. صفر 1052هه: محرم ۾ بادشاه، ميرزا کي احمد آباد روانو ڪيو، ڪجهه ڏينهن بعد 30 تاريخ صفر 1052هه جو پٽس محمد صالح هٿان، شاهي فِيل خاني جو خاص هاٿي، بطور انعام ڏاهنس ڏياري موڪليو:

” سلخ ماه (صفر) بميرزا عيسيٰ ترخان، معجوب محمد صالح پرش، فيل از حلقهء خاص عنايت نموده فرستادند “ x

 

مراة محمديءَ جو مؤلف لکي ٿو: ميرزا صوبي جو انتظام نهايت عمدو ڪيو. ڀاڳ بٽئي جاري ڪري زمينون آباد ڪرايائين، جنهن جي صلي ۾ بادشاه کيس هاٿي انعام ڏنو *.

 

ظاهر آهي ته ميرزا اڃان پهتو ئي مس هو ته پٺيان هاٿي روانو ڪيو ويو، تنهن ڪري، اهو انعام ڀاڳ بٽئي جي سلسلي ۾ نه، بلڪه ائين ئي شاهي خوشنوديءَ جي دليل طور، ڏاهنس موڪليو ويو. ميرزا صالح شاهي دربار مان رخصت ٿي پيءُ ڏانهن ويو ٿي، بادشاه کيس پڻس لاءِ هاٿي ڏئي ڇڏيو _ جيئن خالي هٿين نه وڃي.

اها حقيقت آهي ته گجرات ۾ رهندي، ميرزا تي شاه جهان گهڻيون ئي عنايتون ڪيون ۽ بار بار ڪيون. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ۽ انتظام جي بهتريءَ جا اطلاع دربار شاهيءَ ۾ پهچندا رهيا، تيئن تيئن شاهي انعام ۽ اڪرام به ڏانهس روانا ٿيندا رهيا.

خلعت ۽ گهوڙو. ذيقعد 1053هه: ٽيهين تاريخ ذيقعد 1053هه جو دوستڪام ولد معتمد خان احمد آباد جو بخشي ٿي دربار مان روانو ٿيو. بادشاه انهيءَ هٿ ميرزا ڏانهن خلعت ۽ خاص شاهي اصطبل جو هڪ گهوڙو سونن سنجن سميت ڏياري موڪليو:

” سلخ ماه (ذي القعده) دوستکام ولد معتمد خان ... بدان صوبه مرخص گرديد، و مصحوب او بميرزا عيسيٰ ناظم گجرات، خلعت و اسپ از طويلهء خاصه با براق طلا عنايت نموده فرستادند “ *

 

منصب جو اضافو. ربيع الثاني 1054هه: انعامن جو سلسلو اهڙيءَ ريت هر سال جاري رهيو. 7 تاريخ ربيع الثاني 1045هه جو، بادشاه ميرزا جي منصب ۾ هيٺيون اضافو ڪيو:

” دو هزار پانصد سوار، ميرزا عيسيٰ ترخان ناظم  احمدآباد، بجهت ضبط صوبه، دو اسپه سه اسپه، مقرر نموده، اورا بمنصب پنج هزاري پنج هزار سوار دواسپه سه اسپه، سرافراز گردانيدند ” x

جڏهن گجرات ٿي ويو ان وقت پنجهزار سوارن ۾ فقط ٻه هزار پنج سو سوار دو اسپه سه اسپه، هئا، ۽ هاڻي پنج هزار سوار دو اسپه ۽ سه اسپه ڪيا ويا.

شاه جهان جي آخري زماني تائين، ميرزا جو اهو منصب رهيو، ڇاڪاڻ ته بادشاه نامه جي منصبداران واريءَ آخريءَ فهرست ۾ ميرزا جو نالو پنج هزاريءَ ۾ لکيو ويو آهي.*

 

ترخان نامه جو مؤلف ميرزا جو منصب هشت هزاري لکي ٿو، جنهن جو ثبوت ٻئي هنڌان ميسر ٿي ڪونه سگهيو.

ترخان نامه جي عبارت هيءَ آهي:

” منصب ميرزا عيسيٰ ترخان ..... به هشت هزاري ذات و هفت هزار سوار دو اسپه و سه اسپه رسيده “ 0

 

وري سورٺ. ذي لحج 1054هه تا 1061هه: ميرزا عيسيٰ گجرات جي صوبيداري پورا ٽي سال ڪئي. شاه جهان جي پٽن ۾ ڪيترن سالن کان اختلاف جي جيڪا باهه دکي ٿي، سا انهيءَ زماني ۾ ڀڙڪي اٿي هئي. داراشڪوه بادشاه جو ولي عهد هو، عالمگير منجهان کيس مستقبل جو خطرو هو. ٻنهي جي رقابت باقي شهزادن کي پڻ برسر پيڪار ڪري ڇڏيو. 1054هه ۾ شاه جهان احمدآباد جي صوبيداري بقول مراة احمدي. ڪن خاص ملڪي مصلحتن، تحت عالمگير کي ڏئي، 29 ذي لحجه جو ميرزا عيسيٰ کي پنهنجي اصلي جاگير ۽ عهدي تي، سورٺ موٽائي موڪليو*.

 

جوناڳڙهه جو قلعو: ميرزا تقريباً زندگيءَ جو گهڻي ۾ گهڻو عرصو گجرات بلڪه زياده تر سورٺ جي صوبي ۾ گذاريو. ميرزا جو مزاج اصلاحي ڪمن ۽ رفاحي ڪارنامن ڏانهن گهڻو مائل هو، عمارت سازيءَ جو کيس خاص شوق ۽ انهيءَ ۾ هڪ خاص قسم جي ذوق جو حامل هو. جيڪڏهن هن مقبرن جي تعمير ۾ ايتري قدر نزاڪتِ ذوق کان ڪم ورتو آهي ته، اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، هن ٻيون جيڪي تعميرون ڪيون هونديون، انهن جي ڇا ڪيفيت ۽ صورت هوندي.

افسوس آهي، جو سندس انهيءَ قسم جا سڀيئي ڪارناما گجرات جي حصي ۾ آيا، جن جي تحقيق ۽ تجسس تائين اسان جي دسترس ڪانه آهي. سورٺ جي صوبي جو مرڪزي شهر جوناڳڙهه هو، ميرزا پنهنجي پهرين دؤر يا پوئين دؤر ۾ اتهنجو قلعو تعمير ڪرايو، جيڪو غالباً اڄ تائين موجود آهي. قرين قياس اهو آهي ته اهو قلعو هُن پهرين دؤر ۾ (45_1052هه) ٺهرايو هوندو.

قلعي جي تاريخ: تاريخ سورٺ جي مؤلف Ranchodji Amarji  جوناڳڙه جي قلعي جي تاريخ، هن ريت بيان ڪئي آهي:

The fort of Junagadh is called in Sanskrit Karana Kubja, but as an accont of it is given in the Prabhasa Khanda of the Skanda Purana. I Shall dexcribe its present state only. The citadel, called Uparkot is strongly builld of stone, and is situated in a velley at the foot of Mount Girnar; it has eighty-four turrets, two gates, and two wavsone of the latter called Adi, and the other called Chadi, - built by Raja Nonghan’s sleve-girls. There is also a kuvo (or draw-well) excavated by Nonghan and named after his. The stone dug out to from the fosse around the fort served for the construction of the towers and battlements, and, in case of a siege, there is a subterranean passage leading into the fort on the east side’ which might be used to convey provisions to the garrision.

There is a tradition that Uparkot, or fort, was built by the Yadav Raja Ugarasena, when he fled from Mathura in dread of Kala Yavana Shah of Khorasan, and came to the Sorath county. It is said that in Samvat 1507 (A.D. 1450) Raja Mandalik repaired the fort of Uparkot. Afterwards, in the reign of Shah Akbar, A’Isa Khan came from Sindh to be the Subahdar, and built the wall of the city in Samvat 1690 (A.D. 1633) with a hundred and fourteen turrets and nine gates, four of which were kept open, and five closed. In Samvat 1718 (A. D. 1661) the fort was improved by Mirza A’isa Torkhan. (1)

 

ملازمت مان سبڪدوشي. 1021هه: ميرزا جي لاءِ زندگيءَ جي جدوجهد ۽ ڪشمڪش جو صورت حال، ڄمڻ جي ڏينهن کان ئي شروع ٿي ويو هو، جيڪو آخري دم تائين قائم رهيو __ سموري ڄمار هُن هل هلان ۾ گذاري __ پيءُ جو قتل __ پنهنجي موت جو خوف __ ماماڻن وٽ لڪڻ __ ميرزا غازيءَ سان اختلاف __ ترڪ وطن __ شاهي دربار ۾ باريابي __ ميرزا غازيءَ جي رسوخ هوندي جهانگيري دؤر ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ __ وطن ڏانهن موڪلڻ ۾ درباري سازشون __ اميرن جي ڪدورت ۽ ڪينو __ انهن جي عداوتن کان پهلو بچائڻ __ هميشه احتياط سان هلڻ __ هر معاملي ۾ دامن بچائيندي سرخروئي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ۽ منهمڪ رهڻ __ غرض ميرزا جي اميري سمورو وقت ڪنڊن جي سيج رهي. ليڪن ڪمال هي جو، انهيءَ سڄي عرصي اندر، هڪ دفعو به سندس دامن تي داغ نه آيو. سندس تدبر، فهم ۽ فراست جو اهو ڪمال هو.

ميرزا 1061هه ۾ تقريباً ڇهاسي سال جو ٿي چڪو هو، جيتوڻيڪ شيخ فريد بکريءَ جي چواڻيءَ: اڃا به سندس بينائيءَ رجوليت ۽ قوت اشتها ۾ ڪمي ڪانه هئي، ڄڻ ويهن سالن جو جوان ٿي لڳو، تاهم ڇهاسي سال جا هڏ هاڻي آرامي ٿيڻ تي مجبور هئا، چنانچه جيئن هيٺ وفات جي عنوان تحت معلوم ٿيندو __ بادشاهه سورٺ جي فوجداري سندس پٽ محمد صالح جي حوالي ڪري، کيس ملازمت مان پنشن ڏئي، پاڻ وٽ ملاقات لاءِ گهرائي ورتو __ اهڙيءَ ريت ميرزا عيسيٰ جي عملي زندگيءَ جو طويل باب اختتام تي رسيو، بلڪ تمام خير ۽ خوبيءَ سان تمت تمام تي پهتو.

 

(9)

وفات: ميرزا عيسيٰ جي سلسلي ۾ آخري اطلاع اسان کي ذخيرةالخوانين جي مصنف شيخ فريد بکريءَ کان ملي ٿو. لکيو اٿائين:

”__ تاحال که سنه الف و ستين هجري ( 1060هه) هست، در رادهن پور وغيره آن ضلع، بکمال خواهش خاطر ميگذراند، و معزز و محترم و با آبرو هست __“

ساڳي سلسلي ۾ سندس ان وقت جي صحت ۽ تندرستيءَ متعلق هي اطلاع ڏئي ٿو:

”  عمر شريف ايشان از عمر طبيعي زياده است، در شنوائي و بينائي و رجوليت و قوت اشتها کمي نيست، بمثل جوان بست ساله دارد  “  *

 

ٻيءَ جاءِ تي لکي ٿو:

مراة احمدي جو گجراتي مؤلف قبول ڪندي لکي ٿو:

” و تا حال که سنه ستين و الف هجري هست ميرزا در صوبه گجرات بکمال عيش ميگدراند، و مصدر توجهات قدسي هستند. و عمر شريف ايشان زياده از يک صد دوازده سال است. شنوائي و بينائي و قوتِ بدن و رجوليت بحالِ خود است “  *

 

ماثرالامرا سندس عمر هڪ سو ٻارهن نه، بلڪ هڪ سو ورهن کان زياده ڄاڻائي، صحت ۽ قوت متعلق ساڳي راءِ ڏني آهي:

” با آنکه عمر ميرزا از صد متجاوز بود، اما قويٰ از درجهء طبيعي سقوط نيافته، باه هم جوانانه داشت  “ x

 

ذخيرةالخواني 1060هه تائين جو احوال ڏئي ميرزا جي سلسلہء سوانح کي ڇڏي ڏنو آهي.

ميرزا جي وفات جو ذڪر فقط ٽن ڪتابن ۾ ملي ٿو، ترخان نامه، عمل صالح ۽ ماثرالامرا.

ميرزا عيسيٰ 20_1021هه ڌاري پنهنجو سڄو ڪاروبار پنهنجي پٽ ميرزا محمد صالح جي حوالي ڪري، پاڻ عملًا رٽائر ڪري چڪو هو، ليڪن قيام پنهنجي جاگير راڌڻ پور ۾ هيس.

مراة احمديءَ جو مؤلف لکي ٿو ته: شاهجهان بادشاه ميرزا عيسيٰ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ سورٺ جي فوجداري سندس پٽ ميرزا محمد صالح جي سپرد ڪئي. ماثرالامرا مان پڻ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته: پنجويهين سال شاهجهانيءَ ۾، ميرزا کي بادشاه پاڻ وٽ گهرايو. ۽ ميرزا اوڏانهن ويندي، جنهن وقت سانڀر ڳوٺ ۾ پهتو، ان وقت سندس حياتيءَ جو پيمانو، جيڪو هڪ مدت کان پُر ٿي چڪو هو، سو ڇلڪي هارجي پيو.

” فرمان طلب ميرزا بحضور، صادر گرديد، در محرم سنه ( 1062هه) هزار و شصت و دوم بقصبہء سانبهر رسيده بود که، پيمانہء حياتش برآمود “ *

 

وفات جي تاريخ ترخان نامه جي مؤلف لکي آهي ليڪن ڪتاب جي هڪ نسخه ۾ 12 محرم آهي ۽ ٻئي ۾ 13 محرم . سال بجاءِ 1062 جي 1061 ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو غلط آهي ۽ ڪتابت جي سهو ٿي ڀائنجي.x

 

” در تاريخ 12 شهر محرم الحرام سنه احدي و ستين الف (1061) هجري ميرزا عيسيٰ ترخان برحمت حق پيوست “ 0

 

عمل صالح جي مؤلف صراحت سان لکيو آهي ته ميرزا جي وفات 13 محرم جو سانڀر ۾ ٿي، جنهن جو اطلاع، لاهور جي منزل تي، پنجين صفر جو بادشاه کي پهتو:

”  پنجم صفر بعرض مقدس رسيد که: ميرزا عيسيٰ ترخان که از جونہ گره روانهء درگاه آسمان جاه شده بود، سيزدهم محرم در سانبهر پيمانہ حيات بر آمود. بادشاه بنده نواز محمد صالح پسر کلانش را از اصل و اضافه بمنصب دو هزاري پانصد سوار و دو پسر ديگر را بمنصبي در خورِ عز و امتياز بخشيدند  “ *

 

مراة محمدي جي مؤلف ميرزا جي وفات جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته: ميرزا دورو ڪندي، سانڀر ۾ اچي منزل انداز ٿيو، جتي 1062هه ۾ انتقال ڪيائين 0.

 

ميرزا جي مزار تي هيٺيون ڪتبو لڳل آهي، جنهن مان سال وفات 1062هه برآمد ٿئي ٿو.

چو رحلت کردااز دارِ فنا، آن سرورِ ترخان به بستانِ جنان، آسوده شد در منزل اعليٰ بپرسيدم چو سالِ رحلت او، از خرد، گفتا: نموده ميرزا عيسيٰ بگلَزارِ ارم ماوا

1062هه

جيئن مٿي ڏيکاري آيا آهيون، ميرزا جي عمر لاءِ مختلف رايا آهن، ليڪن قرين قياس اهو آهي ته سندس ولادت سال 75_976هه ڌاري ٿي ۽ وفات وقت سندس عمر 86_87 ورهه هجڻ کپي.

سانڀر کان يا راڌڻ پور مان سندس لاش کڄي سنڌ ۾ پهتو ۽ کيس پنهنجي ٺهرايل رانڪ ۾ سپرڪ خاڪ ڪيو ويو __ ٺٽي منجهان 1012هه ڌاري نڪتو هو ۽ پوريءَ اڌ صديءَ بعد 1026هه ۾ سندس مٽيءَ پنوڙو پرديس مان کڄي اچي پنهنجي اختياري ديس ۾ پهتو.

(10)

 

ميرزا عيسيٰ جي شخصيت: ميرزا جي زندگيءَ جي واقعات مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو بهادر، خود دار ۽ عزت پسند امير هو. بادشاه کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي ڪاڻ ڪا نه ڪڍيائين، درباري امير انهيءَ خودسريءَ ڪري مخالف رهيس، ليڪن، هن ڪڏهن انهن جي پرواه نه ڪئي. مشڪل کان مشڪل مهم تي هليو ويو ۽ پنهنجي قوت بازوءَ جي زور تي ان کي سر ڪري، سرخرو ٿي موٽي آيو. جيڪي ڪجهه شاهي دربار مان حاصل ڪيائين. سو سڀڪجهه پنهنجي همت، مردانگيءَ ۽ ڪارڪردگيءَ سبب، نه ڪ، ڪنهن جي سفارش جو سهارو ورتائين. غرض ته سڄي عمر لاغرض رهيو ۽ الغرضائي سان گذاريائين. فهم و فراست، دانشمندي ۽ تدبر سندس هر عمل مان ظاهر ٿئي ٿو. زندگيءَ جو سڄو سفر نهايت شان مان ۽ خوش اسلوبيءَ سان طئي ڪيائين. دل جو ڪشادو ۽ مزاجاً سخي هو. ارغونن ۽ ترخانن جو سنڌ مان خارج ٿيل قافلو، جڏهن سندس سپرد ٿيو، تڏهن، نهايت درياه دليء سان هُن انهن جي پرورش جو بار پاڻ تي کنيو ۽ چڱيءَ پر نباهيائين. ترخان نامه جو مؤلف سندس وصف هن ريت ڪري ٿو:

” مردي خليق و اديب و حليم و بردبار، صاحبِ همت و غيرت، قبيله پرور، سپاه دوست، آبادان کار. در جواني کسب کمالات نموده در علوم دستگاهي هم رسانيده. بجمع مکارم اخلاق آراسته و پيراسته. شيوه عدالت و سخاوت، شعار خود داشتہ. در شجاعت و دلاوري نظير نداشت “ *

 

مٿين اقتباس مان سندس سڄو ڪردار، آئينو ٿي اسان جي سامهون اچي ٿو.

ذخيرةالخوانين جي مؤلف سندس سلسلي ۾ هيٺين عبارت لکي آهي:

” مردي است حريص، جمله کيفها و در سرود و نغمہ سندي و هندي قابل است. خود هم، در علم نظم و نثر و موسيقي و نواختن سازها، دستگاهي دارد. و اوقات را به عياشي و بي غمي ميگذراند  “ 0

 

يعني ميرزا عيسيٰ راڳ رنگ جو شوقين، ساز سرود جو ڪوڏيو، نظم ۽ نثر ۾ ڪامل، سنڌي سُرن ۽ آلاپن مان واقف، عياش، آزادمنش ۽ خوش باش شخص هو. ڪيف ۽ سڪر جي چاٽ پڻ هيس. ساڳي مٿين عبارت، ذخيره تان ماثرالامرا جي مؤلف هن ريت ورتي آهي.

”  بسيار عيش دوست و شيفة ء مسکرات و دلدادهء راگ و رنگ بود، و در نغمه خواني و ساز نوازي خالي از کمال نبود __“ x

 

ترخان گهڻو ڪري سڀيئي علم دوست، شاعر، راڳ رنگ جا دلداده ۽ هنر پرور هئا. ميرزا عيسيٰ اول علم دوست ۽ هنر پرور هو. ميرزا باقي باوجود شقي القلب ۽ ظالم هجڻ جي علم ۽ هنر جو پرستار هو. ميرزا پائندو اڌ چريو هو، ليڪن شعر چوندو هو ۽ شعر جو ذوق هيس. ميرزا جاني بيگ شاعر، راڳ جو ڄاڻو ۽ نهايت خوش ذوق امير هو. ميرزا غازيءَ کي شاعريءَ، نغمہ نوازيءَ ۽ علم پروريءَ ۾ خاص مقام حاصل هو. تنهن ڪري ميرزا عيسيٰ ثانيءَ ۾ جيڪڏهن مٿي ڄاڻايل خوبيون هيون ته اهي، ذاتيءَ کان علاوه خانداني وراثت طور به کينس مليل هيون ۽ اهي خصوصيتون سندس خون بلڪ رڳ ۽ ريشي ۾ پيوست هيون.

افسوس آهي ته جو ميرزا جي نظم جو نمونو محفوظ رهي نه سگهيو، راڳ روپ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن سندس ڪي ايجاد هئا ته، اهي به لوڪان لڪل رهجي ويا. 

(11)

 

اهل و عيال. جيئن پاڻ مٿي ڏيکاري چڪا آهيون، ميرزا عيسيٰ جي پهرين شادي ميرزا جاني بيگ پنهنجي چاچيءَ (؟) سان ڪرائي هئي. ذخيرةالخوانين جو قول آهي ته: 1060هه ۾ جڏهن ته هو طبعي عمر کان به مٿي چڙهي چڪو هو، سندس قوتون ويهن سالن جي نوجوان جهڙيون هيون. ظاهر آهي ته ميرزا پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ شاديءَ تي اڪتفا ڪانه ڪئي هوندي. ترخان نامه مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس وفات کان پوءِ به ڪي گهرواريون جيئريون هيون، جن کي بادشاه وظيفا مقرر ڪري ڏنا. *

 

ميرزا عيسيٰ ڪثيرالاولاد چيو وڃي ٿو، جهڙيءَ ريت ذخيره جي مؤلف لکيو آهي ته:- اولاد امجاد کثير بهم رساند ، يا انهيءَ جي تقليد ڪندي ماثرالامرا جو مؤلف پڻ چوي ٿو .  اولاد بسيار بهم رسانيد ، انهن ئي سوانح نگارن جي نوشتن مان معلوم ٿئي ٿو ته گهڻي اولاد سندس جيئري گذاري وئي هئي، جئن ته صاحب ذخيرة الخوانين جو چوڻ آهي ته 1060هه ۾ سندس فقط هڪ پٽ (؟) زنده هو، جيڪو پيءُ کان پوءِ خانداني اثاثي جو وارث بڻيو.x

”__ همه داعي حق را لبيک اجابت گفته اند. يک پسر مسن و معمر يادگار دارد __“

ليڪن ائين درست نه آهي ته ميرزا جا سڀيئي پٽ، سواءِ هڪ جي، سندس زندگيءَ ۾ فوت ٿي چڪا هئا. سندس هڪ پٽ ميرزا فتحي پيءُ کان پوءِ ٽيهارو ورهه جيئرو هو. اهڙيءَ طرح ترخان نامه مان ظاهر آهي ته وفات کان پوءِ، ميرزا صالح کان سواءِ به ميرزا جا ڪيئي پٽ جيئرا هئا، جن کي بادشاه جدا جدا منصب ڏنا.

” پسران خورد ميرزا عيسيٰ ترخان و نبير هاي و اقربا و عاجزهايء ميرزا، جدا جدا بمنصب و مدد معاش سرفراز ساختند “ *

 

ترخان نامه جي مؤلف ميرزا عيسيٰ جي هيٺين پٽن جا نالا نسب نامہ ۾ ڏنا آهن:

(1) ميرزا عنايت الله بهادر

(2)                     ميرزا محمد صالح

(3)                     ميرزا فتحي

(4)                     ميرزا عاقل محمد

(5)                     ميرزا جان بابا ثاني

مؤرخن جي مٿي ڄاڻايل راين جي آڌار تي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته، اها فهرست ڪامل ڪا نه آهي، بلڪه، ترخان نامه جي مؤلف انهيءَ مسئلي ۾ پڻ دستوري غفلت ۽ لکڻ جي سرسري روش کان، ڪم ورتو آهي.


x   تزڪ صه 169

+  تزڪ صه 132

**  تزڪ صه 157 – صه 309

*  تزڪ صه 157 صه 309

0  اهو ڏهون سال جهانگيري هو، جيڪو ڇنڇر 8 صفر 1024هه کان شروع ٿيو. مطابق غره فروردي سنه 10

x  تزڪ صه 149

*  تزڪ صه 149

0   7 شوال 1031هه جو بادشاهه ڪشمير مان روانو ٿيو ۽ 4 ماهه آبان جو لاهور ۾ پهتو. اهو 17 سال جهانگيري هو، جيڪو شب دو شنبه جمادي الاول 1031هه کان شروع ٿيو هو. تزڪ صه 350

**  تزڪ صه 359 – صه 360

*  تزڪ صه 350

*  تزڪ صه 350

0  بادشاهه 2 تاريخ اردي بهشت جو ڪشمير پهتو

x  اهي ٻئي خط جهانگير تزڪ ۾ درج ڪيا آهن. صه - 356

*  تزڪ صه 359

0  بادشاهه غره ماه اردي بهشٽ جو کنارء کول فتح پور تي منزل انداز ٿيو.

x  تزڪ صه 368

*  تزڪ صه 421

0  تحفة الڪرام فارسي صه 94

*  تزڪ 425-426

+  شريف الملک ملازم سلطان شهريار، که حکومت دهولپور داشت، دريا خان افغان جنگ کرده و تيري بر چشم شريف الملک رسيد او را کور ساخت _ ذخيره قلمي صه 186.

x  نسخہ خطي صه 287 ماثر الامرا ان جو اختصار ڏنو آهي ج 3 صه 486

+  ماثرالامرا ج 3 صه 287

x  بادشاهه نامه ج 1 صه 78

0  تزڪ نولکشور صه 438 و تاريخ گجرات مؤلفه ڪميشيرت ج 2 صه 108

*  ترخان  نامه ص 97

*  تزڪ صه 438

x  بادشاهه نامه ج 1 صه 78_79 تحفة الڪرام جي مولف غلطيءَ کان ميرزا جي تقررکي جهانگير جي زندگيءَ جو واقعو بيان ڪيو آهي__ ”و در ابتدائي سال سي و هفت هجري، آخر سال جهانگيري بمنصب چهار هزار سوار ايالت تته يافته __“ ص 94

+  ماثر الامرا ج 3 صه 486

x  محمد طاهر آشنا، بادشاهه نامه جي  پهرين ڏهن سالن جي تلخيص ڪئي آهي جنهن جو نالو ”قرنيه“ آهي. انهي ۾ ميرزا جو تقرر بحيثيت صوبيدار جي بيان ڪيو اٿائين__ ”ميرزا عيسيٰ ترخان را بمنصب چهار هزاري و دو هزار و پانصد سوار نواخة به صوبيداري تته تعين فرمودند__“ خطي نسخه ب 15

0  ترخان نامه ص 98

*  ترخان نامه صه 98

0  تحفة صه 95

*  مير ابوالبقا جهانگير جي وفات وقت ۽ شاهجهان جي تخت نشينيءَ واري زماني ۾ يمين الدوله ابوالحسن طرفان ملتان ۾ سندس جاگير تي  نيابت ڪري رهيو هو. کيس مرتضيٰ خان جي وفات بعد 12 ربيع الاول 1039هه جو ٺٽي موڪليو ويو (_ڏسو تذکرهء امير خاني).

x  ترخان نامه صه 98

x  بادشاهه نامه ج 1 صه 177

*  اصل نالو سيد بادشاهه خواجه، بادشاهه سندس نالو شير خواجه رکيو هو، خواجه باقي خطاب. ٺٽي جي صوبيداري تان موڪل تي هندوستان راهي ٿيو: واٽ تي 1038هه ۾ فوت ٿي ويو. ماثر الامرا ج 2 صه 648

0  بادشاهه نامه ج 1 صه 181

*  ماثرالامرا ج 3 صه 487

x  بادشاهه نامه ج 1 ص 130

0  ماثرالامرا ج 3 ص 486

*  بادشاهه نامه ج 1 ص 244

x  بادشاهه نامه ج 1 ص 329

x  قرنيه خطي 74 _ ب.

*  خواجه ابوالحسن تربتي متوفي 1042هه ٺٽي جي گورنر ظفر خان احسن جو والد ۽ قرنيه جي مؤلف محمد طاهر آشنا جو ڏاڏو.

0  بادساهه نامه ج 1 ص 363

x  قرنيه 93/اکف

*  بادشاهه نامه ج 1 ص 418

xx  ماثر جلد 3 ص 487

*  بادشاهه نامه جلد1 ص 423

x   قرنيه ص 118 _ ب

*  قرنيه ص 216 _ الف

*  ماثر جلد 3 ص 488

*  بادشاهه نامه جلد 2 ص 12

  0 بادشاهه نامه جلد 2 ص 162

+  بادشاهه نامه جلد 2، ص 193

*  بادشاهه نامه جلد 2، ص 290

x  مراة احمدي، چاپ قديم، جلد اول، ص 228

x  مراة ڇاپ جديد، ص 216

*  مراة ڇاپ جديد جلد 1 ص 216__ اعظم خان آخري عمر ۾ جونپور ۾ هو، جتي 76 ورهن جي ڄمار ۾ سال 1059هه ۾ انتقال ڪيائين. ”اعظم اوليا“ مان اُهو سال برآمد ٿئي ٿو. کيس درياءَ جونپور جي ڪناري تي انهيءَ باغ ۾ دفن ڪيو ويو. جيڪو هن پاڻ 1058هه ۾ٺهرايو هو ۽ جنهن جي تاريخ __ بهشٽ برلب بابجو _ مان نڪري ٿي. _ماثرالامرا جلد 1 ص 180)

*  مراته احمدي ڇاپ قديم ص 229

(1)   A History of Gujrat Vol II P 123

x  بادشاهه نامه جلد  . ص 202

*  مراة محمدي اردو ص 180

*  بادشاهه نامه جلد 2 ص 353

x  بادشاهه نامه ج 2 ص 377

*  بادشاهه نامه جلد 2 ص 719.  عمل صالح ۾ پڻ پنج هزارن جي فهرست ۾ سندس نالو موجود آهي (جلد 3 ص 450).

0  ترخان نامه ص 98

*  مراة احمدي 180

(1)   Tarikh-i-Sorat 1882. P. 26-24 هن ۾ ڏنل سال غلط ٿا ڀائنجن.

*  ذخيره خطي ص 286

*  ذخيره خطي ص 163

x  ماثر جلد 3 ص 488

*  ماثر جلد 3 ص 488

x  13 صفر 1062هه مطابق 16 ڊسمبر 1651ع _ تاريخ گجرات ڪميشريت 123

0  ترخان نامه ص 98

*  عمل صالح جلد 2 ص 134

0  مراة محمدي اردو ص 180

*  ترخان نامه ص 96

0  ذخيره قلمي ص 287

x  ماثر لامرا جلد 3 ص 487

*  ترخان نامه ص 99

x  ماثر جلد 3 ص 488

0 ذخيره ص 288

*  گترخان نامه ص 98

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org