ميرزا محمد مراد:
فضل الله ۽ ميرزا محمد مراد جي
سلسلي ۾ مذڪور مٿي اچي چڪو آهي. 1093هه ۾ نقل ڪيل
عريضي مطابق – محمد مراد کي ٺٽي ۾ جاگير
هئي ۽ سميجن جي قوم سندس پشت پناه هئي. ميرزا
عيسيٰ جي اها ناناڻڪي آڪهه هئي. ڀائنجي ٿو
سندس گهراڻو کانئس پوءِ به سميجن سان مٽي مائٽي
ڪندو رهيو.
جهانگير آباد، هاڪڙو ۽ ساوڙو:
هڪ تاريخي خط جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته: محمد
مراد سنڌ ۾ جهانگير آباد هاڪڙي ۽ ساوڙي جو
ٿاڻيدار هو، جتي پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ هن نهايت ئي
عمدو انتظام رکيو. خط جي عبارت هن ريت آهي:
”- مسند ِ ابهت و کامراني و وسادهء مکنت و
مهرباني، بذات بابرکات صدر آراي انجمن امارت و
اقبال، بهار پيراي گلشن ...... و اجلال، خان
والاشان، قدردان صداقت نشان، آراسته و پيراسته
باد!
بعد ادايء ادعيہ اجابت طراز و اثنيهء نياز پرداز،
مشهود ضمير خورشيد نظر ميگرداند که: بعد دريافت
خصوصيات اين صوبه ظاهر شد که، پيش ازين، صوبه
جهانگير آباد و هاکره و ساوره – متعلقه سرکار
نصرپور – به محمد مراد نبيره ميرزا
عيسيٰ ترخان مقرر بود. بحسن ِ ضبط و ربطش، مفسدان
مجال شوخي و شيطنت نمي يافتند، و رعايا و برايا
بفراغ خاطر اشتغال بکسب و کار ِ خود داشتند. ظاهرا
استغاثه بعض مردم – که هرآئينه از راه افترا
بتحريک اهل غرض خواهد بود – باعث عزلش گرديد. و
بعد تغير او، تهانه جهانگير آباد به محمد باقي
تفويض يافت. بعلت زبونئ عملش، متمردان مصدر حرکات
دؤر از کار و متوطنين و مسافرين مورد اضرار و
آزار، ميشوند. و تهانہ هاکره و ساوره – که سرِ راه
قوافل احمد آباد و جيسلمير و ملتان است – تا حال
خالي و آمد و شد قوافل اطراف مذکوره، در موانع
مزاحمت نشده آنجوانب است، و فکر بندوبست اين
تهانجات و حفظ حال خلائق لازم. نظر بر صلاح ِ
امور، اميدوار است که، اين معافي معروض مقدس
گرديده، تهانه داري آن محال به محمد مراد
مسطور – که خانه زاد موروثي و بندهء کار آمد و بي
تقصير است – بدستور سابق مقرر شود، تا سر رشتہ نظم
امور آن امکنہ مضبوط گردد!. زياده مهرباني و
قدرداني باد!.
مٿين خط جو ماحصل هي آهي:
(1)
– جهانگيرآباد، هاڪڙي ۽ ساوڙي جا صوبا جيڪي نصرپور
جي سرڪار ۾ هئا – محمد مراد ترخان جي تحت
هئا.
(2)
– پنهنجي دؤر ۾ هن تمام سٺو انتظام رکيو. مخالف
تحريڪون بند ٿي ويون. بقول عريضہ نويس، رعيت
اطمينان سان پنهنجي ڪم ڪار ۾ مشغول هئي، ڪا گڙٻڙ
ڪانه هئي، ڪنهن کي ڀئو ڀولو ڪونه هو.
(3)
– ڪن خود غرض ماڻهن جي رپورٽن تي – جن جو مطلب هو
ته فتنو ۽ فساد ٿيندو رهي – محمد مراد کي
معزول ڪيو ويو.
(4)
– سندس جاءِ تي محمد باقي نالي هڪ منصبدار
کي، مذڪوره پرڳڻن جو عملدار ڪري موڪليو ويو، جنهن
اچي انتظام خراب ڪيو. ملڪ ۾ بدامني پيدا ٿي ۽ اچ
وڃ جا رستا مسدود ٿي ويا، قافلا اچڻ وڃڻ بند ٿي
ويا. اهي ٿاڻان آمد و رفت جي لحاظ سان تمام اهم
جاءِ تي هئا. هاڪڙو ۽ ساوڙو احمد آباد، جيسلمير ۽
ملتان جي شاهراهن تي هو.
(5)
– عريضي لکندڙ (؟) گذارش ڪئي آهي ته: انهن جي
ٿاڻيداري وري محمد مراد جي حوالي ڪئي وڃي،
ڇاڪاڻ ته هو نه فقط موروثي خانه زاد آهي، بلڪه
نهايت ڪمائتو مؤزون ۽ برجستو آهي، ساڳي وقت بي
قصور آهي. سندس اچڻ ڪري يقين آهي ته، انتظام بهتر
ٿي ويندو ۽ ملڪ جو اهو حصو وري سک جو ساه کڻي
سگهندو.
ميرزا مراد
جي سلسلي ۾ فقط ايتري معلومات حاصل ٿي سگهي آهي.
معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ نهايت برجستو هو، انتظام
هلائڻ جو منجهس خاص سليقو هو ۽ سن ڌاندر سميجن سان
ملي هن ايتري قوت حاصل ڪئي هئي جو فضل الله
کي لاچار ڪري وڌائين ۽ هن لاءِ سواءِ هن جي ٻيو
چارو نه رهيو ته عرضداشت لکي بالا دستن کان انصاف
طلب ڪري. ٺٽي تائين پيءُ جو لاش کڻي وڃڻ ۾ به کينس
تردد ۽ خدشو هو.
ميرزا مراد
ڪڏهن فوت ٿيو؟ ڪٿي سندس قبر آهي؟ انهيءَ سلسلي ۾
ڪا سڌ ڪانه اٿئون.
ميرزا ايرج:
ميرزا عنايت الله جو پنجون پٽ ايرج هو،
جنهن جي متعلق پڻ ڪجهه معلوم ٿي نه سگهيو آهي،
سواءِ هن جي ته، سندس قبر ڏاهنس جي مقبري ۾ سڄي
کان ٽئين نمبر تي ۽ کٻي کان ڇهين نمبر تي آهي.
يعني پنهنجي پيءُ جي کٻي پهلوءَ ۾ دفن آهي.
قبر جو ڪتبو:
قبر جي پيرانديءَ کان ميرزا ايرج جي وفات
جي تاريخ ڪتبي تي هن ريت آهي:
1)
بتاريخ 02 شهر شوال 1061هه قرة العيون
2)
ميرزا
ايرج از دار فنا
3)
به دارالبقا رحلت نمود
قبر جي چوڌاري قرآني آيات آهن:- بسم الله ......
لا اله الله ... انّ الذين آمنو و عملوا الصالحات
... جنات الفردوس – ناد عليا مظهر العجائب ...
لافتيٰ الا علي لاسيف الاّ ذوالفقار -.
ميرزا مراد
پنهنجي والد جي وفات کان قريباً چار سال پوءِ فوت
ٿيو، يعني پنهنجي ڏاڏي جي وفات کان ڪم و بيش، ٻه
مهينا ويهه ڏينهن اڳ. اهو ڪتبو ڀائجي ٿو ته ڏاڏهنس
جي حڪم تي لکيو ويو، ڇاڪاڻ ته منجهس ”قرة العيون“
جو اکر اُڪريل آهي.
ميرزا عنايت الله
مرحوم خواه سندس اولاد لاءِ مٿئين کان وڌيڪ ٻيو
ڪجهه معلوم ٿي ڪونه سگهيو.
(14)
ميرزا محمد صالح:
ترخان نامه جو مولف سندس لاءِ هي شعر لکي ٿو:
ز ترخانيان، مثل او، گوهري نياورده از
آسمان ديگري
ديباچي ۾ لکي ٿو:
-
” با اخلاق ِ حميده و اوصاف پسنديده آراستہ، و
باکتساب کمالات صورت و معنوي پيراستہ بود –در حين
حيات ِ پدر بزر گوارش، حضرت ... ظل سبحاني بالطاف
و اکرام بادشاهنہ، و عنايت و مراهم خسروانہ، بين
الاقران سر بلند مسلکِ امرائ عظام انتظامش فرمود-“
يعني شاهه جهان بادشاه کينس پيءُ جي ئي
زماني ۾ اعليٰ منصب ڏئي پنهنجي اميرن جي ڪڙيءَ ۾
آڻي ڇڏيو هو:
بر افراخت، شاهنشهي قدردان
سر ميرزا صالح از فرقدان
بالطاف شاهانه اش سرفراخت
ميان ِ گروهش سر افراز ساخت
پاڻ ميرزا عيسيٰ جو ٻيو نمبر پٽ هو ۽ سندس
نالو عيسيٰ اول جي پٽ محمد صالح پهرئين جي نالي
پٺيان رکيو ويو. غالباً ميرزا عنايت الله ۽
سندس وچ ۾ ڪوبه ٻيو پٽ ڪونه هو تنهن ڪري
ماثرالامرا کنيس – پسر دومش- لکيو آهي.
منصب محرم 1052 هه: ميرزا صالح
کي شاهي دربار مان پهريون منصب غالباً ان وقت
مليو، جڏهن شاهجهان پڻس کي اعظم خان
جي جاءِ تي گجرات جي صوبيداري ڏني ۽ (12 محرم)
سندس وڏي ڀاءُ کي منصب ڏئي سورٺ جو فوجدار ڪيو
ويو. محمد صالح کي انهيءَ وقت هزاري منصب مليو،
جهڙيءَ طرح بادشاه نامه جي مولف لکيو آهي:
” و محمد صالح ديگر پسر اورا بمنصب هزاري هزار
سوار نواختند “
انهيءَ موقعي تي جهڙيءَ ريت مٿي ڏيکاريو ويو آهي،
پڻس کي پنجهزاري ڪيو ويو هو ۽ ڀاڻس عنايت الله جو
منصب دو هزاري ٿيو.
ميرزا صالح
جي سلسلي ۾ اهو پهريون اطلاع آهي، جيڪو پاڻ کي
شاهجهاني تاريخن مان ملي ٿو.
گجرات روانگي، صفر 1052هه:
ڀائنجي ٿو، محرم 1052هه ۾ جنهن وقت بادشاه
ميرزا عيسيٰ ڏانهن گجرات جي صوبه داريءَ جو
فرمان ڪڍيو، ميرزا صالح شاهي دربار ۾ موجود
هو، ڇاڪاڻ ته تقريباً 48 ڏينهن بعد، هو پيءُ لاءِ
شاهي انعام طور فيل خانهء خاص مان هاٿي ڪهرائي،
گجرات روانو ٿيو. بادشاه نامه ۾ آهي:
”- سلخ ماه صدر بميرزا عيسيٰ ترخان، مصحوب
محمد صالح پسرش، فيل از حلقهء خاصه عنايت نموده
فرستادند“
ميرزا
صالح جو دربار ۾ هجڻ، اسان ان ڪري فرض ڪيو آهي جو،
شاهي حضور ۾ پيش ٿيڻ ۽ موٽي واپس وڃڻ لاءِ اجازت
ملڻ جي سلسلي ۾ جيڪي مرحلا درپيش ٿين ٿا، انهن کي
طيءِ ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويندو هو، انهيءَ ڪري،
گمان ٿئي ٿو ته ميرزا صالح گجرات جي فرمان
نڪرڻ وقت اتي حاضر هو ۽ پڻس ۽ ڀاڻس جي منصب ۾
اضافو ڪندي بادشاه سندس منصب به وڌائي ڇڏيو.
منصب ۾ اضافو، محرم 1057هه: اهو معلوم نه
آهي ته، پهرين منصب ملڻ کان پوءِ ميرزا
صالح جي سپرد ٻي ڪهڙي سرڪاري خدمت ٿي؟. سندس متعلق
ٻيو اطلاع وري پنجن سالن کان پوءِ 3 محرم 1057هه
جو ملي ٿو، جڏهن شاهي دربار مان سندس منصب جي
اضافي جو حڪم صادر ٿيو. جنهن جو پڻ تفصيل ڪونه
آهي، فقط بادشاه نامه جو موقف هيٺين چند لفظن ۾
اضافي جي خبر ڏئي ٿو:
”- (3 محرم) محمد صالح ولد جو ميرزا عيسيٰ
را باضافهء پانصدي ذات، بمنصب هزار و پانصدي هزار
سوار مفتخر ساختند-“
انهيءَ زماني ۾ پڻس گجرات جي صوبه داريءَ تان
تبديل ٿيڻ بعد، سورٺ مٿان فوجدار جي حيثيت ۾ ڪم
ڪري رهيو هو. ڀاڻس عنايت الله پيءَ جي واپس
ٿيڻ بعد (1054هه) سورٺ جي چارج ڇڏي غالباً سورٺ ۾
ئي مقيم هو، جتي محمد صالح جي انهيءَ اضافي
کان هڪ سال پوءِ فوت ٿي ويو، جنهن بعد ميرزا
عيسيٰ جي خاندان ۾ باقي هڪ وڃي محمد صالح
بچيو، جنهن کي مؤرخن قابل ذڪر سمجهيو آهي.
سورٺ جي فوجداري 1061هه:
تاريخ جي ڪتابن ۾ - جهڙيءَ ريت مٿي ڄاڻائي آيا
آهيون – محمد صالح جي منصبن جي اضافي جو ته
اهو هڪ اڌ اطلاع ملي ٿو، ليڪن سندس عهدي يا ٻين
سرڪاري خدمتن متعلق اشارتاً به ڪٿي ذڪر آيل ڪونه
آهي. سڀ کان پهريون دفعو سورٺ جي فوجداريءَ جو
مذڪور اچي ٿو، جڏهن پيءَ جي رٽائر ڪرڻ بعد، کيس
مستقل چارج ڏني وئي.
ميرزا
عيسيٰ کي بادشاه 1061هه ۾ سرڪاري عهدي تان رخصت
ڏئي، پاڻ وٽ گهرايو ۽ سندس جاءِ (سورٺ ۾) ميرزا
صالح جي حوالي ٿي. ماثر الامرا جي مؤلف ڄاڻايو
آهي:
”- محمد صالح پسر دوم ميرزا عيسيٰ است، در
سال بيست و چهارم شاهجهاني، پدرش از فوجدارئ
سورتهه طلب حضور گرديد. و نظم سرکار مذکور بالا
صالة بمشار اليہ تفويض يافت –“
فريد بکريءَ جي راءِ:
مٿي اسان ڄاڻائي آيا آهيون، ذخيرت الخوانين جي
مولف شيخ فريد بکريءَ جو چوڻ آهي ته: سواءِ هڪ پٽ
جي ٻيا سڀئي پٽ، ميرزا عيسيٰ جي زندگيءَ ۾
ئي فوت ٿي ويا هئا. اهو قول صحيح ڪونه آهي ڇاڪاڻ
ته، جنهن وقت ميرزا فوت ٿيو ان وقت محمد
صالح کان سوءِ ڪم از ڪم ٻيا ٻه پٽ ميرزا فتحي
۽ ميرزا عاقل جيئرا هئا. جيڪي پيءُ جي وفات
بعد به ڪيترا سال زنده رهيا. شيخ فريد 1060هه ۾
ذڪر ڪيو آهي ته: ميرزا عيسيٰ هن وقت راڌڻ
پور طرف رهي ٿو ۽ سندس هڪ پٽ وڃي بچيو آهي، جيڪو
ڪنهن قابل ڪونه آهي:
”- اولاد امجاد کثير بهم رسانده، همہ داعي حق را
لبيک اجابت گفة اند – يک پسر مسن و معمر يادگار
دارد ... مدار سرکار خود بر پسر نا آورده انداخت،
اگرچه اورا لياقت اين بار گران ِ وکالت ِ ميرزا
نبوده، اما از مساعدت طالع، برين نوازش، امتياز
دارد -“
اهو قول، ميرزا صالح جي متعلق آهي، ڇاڪاڻ
ته ميرزا عيسيٰ جي جاگير ۽ سرڪار جو سمورو
انتظام ميرزا جي رٽائر ٿيڻ بعد سندس حوالي
ٿيو. ذخيري جو مولف نه سندس نالو کنيو آهي ۽ نه
کيس انهيءَ قابل سمجهيو اٿس ته هو ڪو ايڏي بار کڻڻ
جي لائق ۽ قابل هو.
ميرزا صالح
جي سلسلي ۾ خبر نه آهي ته شيخ فريد اها
راءِ ڪهڙن سببن جي بناءَ تي قائم ڪئي آهي، خاص طرح
اهڙي حالت ۾ جڏهن ته، پيءُ جي وفات بعد اسان کيس
مختلف عهدن ۽ معزز منصبن تي سرفراز ڏسون ٿا. علاوه
ازين ماثرالامرا جو مولف جنهن جو ما اخذ به شيخ
فريد جو ڪتاب آهي، کيس ”ارشد اولاد“ لکي ٿو.
بهرحال شيخ فريد جي انهيءَ گهراڻي سان ”قرابت
قريبہ“ هئي، ٿي سگهي ٿو ته محمد صالح جي ڪردار جا
ڪي پهلو، کيس ناپسند هجن، جنهن ڪري هن کيس نااهل
سمجهيو ۽ لکيو آهي.
پيءُ جي جاءِ نشيني 1064هه:
بقول شيخ فريد بکري، جنهن وقت محمد صالح پيءُ کان
چارج ورتي، ان وقت هو پاڻ مسن يعني سَن رسيدو هو.
چئي نه ٿو سگهجي ته انهيءَ مان شيخ جي مراد ڪيتري
عمر آهي؟ جنهن صورت ۾ ولادت خواه وفات جي تاريخ
پيش نظر نه آهي، تنهن ڪري عمر جو تعين ڪرڻ ممڪن نه
آهي.
1062هه جي محرم ۾ سندس والد هي جهان ڇڏيو، جنهن
بعد هو پيءُ جي سڀني شين جو وارث ٿيو، جهڙيءَ ريت
ترخان نامه جو مولف لکي ٿو:
”- بعد از رحلت نواب غفران پناه، بکمال عطوفت و
مرحمت شاهانه، قائم مقامش کردند – و آن جوان بخت
دولتِ قرين بہ مسند ِ حکومت و ايالت ِ پدر ِ
نامور، متمکن گشة، ايل او الوس و سپاه و رعيت،
بانعام ِ عام ِ خود، بنواخت. و اهل الله و سادات
کرام و فضلاء عظام و فقرا و صلحا و گوشؤ نشينان را
بالتفات و اکرام راضي ساخت-“
يعني مسند نشينيءَ بعد انعامن اڪرامن ڏيڻ سان، هن
چڱيءَ پر پنهنجي عزيزن، خويشن، سپاهين، ساداتن ۽
مشائخن کي راضي ڪيو. جيئري ئي پيءُ جي جاگير ۽
عهدي جو مالڪ ٿيو هو، وفات بعد ڇاڪاڻ ته پاڻ وڏو
پٽ هو تنهن ڪري خانداني منسد نشيني به سندس سپرد
ٿي.
منصب جو اضافو، 1062هه:
ماثر الامرا ۾ آهي ته چوويهين سال شاهجهانيءَ ۾
ميرزا عيسيٰ جي وفات ٿي، جنهن بعد شاهجهان
بادشاهه، ميرزا صالح جو منصب وڌايو
چوويهون سال شاهجهاني 1061هه ۾ ختم ٿئي ٿو ۽
ميرزا 1062هه جي محرم ۾ وفات ڪئي، جيئن خود
ماثر ۾ ئي وضاحت ٿيل آهي.
تنهن ڪري، جيڪڏهن منصب جو اضافو پيءُ کان چارج وٺڻ
وقت نه بلڪه پيءُ جي وفات بعد کيس ميسر ٿيو ته، ان
حالت ۾، ان جي تاريخ 1062هه جي محرم ۾ يا ان کان
پوءِ سمجهڻ کپي.
انهيءَ کان اڳ ميرزا صالح پندرهن صدي هو، ۽
پيءُ جي وفات بعد ماثر جي قول مطابق دو هزاري ٿيو:
”- چو در همين سال (بست و چهارم) والد بزرگوار ِ
او در گذشت، او باضافه پانصدي، منصب دو هزاري،
هزار و پانصد سوار، چهرهء امتياز بر افروخت-
سورٺ تان سبڪدوشي، 1064هه:
ميرزا صالح سورٺ جي فوجداريءَ تي ڪم و بيش
چار سال بسر ڪيا. جنهن بعد مراة احمدي جي قول
مطابق 1064هه ۾ سورٺ جي فوجداري نظر بهادر جي پٽن
شمس الدين ۽ قطب الدين کي ڏني وئي.
ماثر الامر جو مولف شمس الدين جي احوال ۾ لکي ٿو:
”- سال بست و هفتم (63-1064هه) از تغير محمد صالح
پسر ميرزا عيسيٰ ترخان، بفوجداري جونا ڳرهه
و تيولداري برخي محال آن، دستوري يافت –“
سورٺ تان سبڪدوش ٿيڻ بعد ميرزا صالح گجرات
۾ ئي قيام ڪيو. ممڪن آهي ته راڌپور واريءَ جاگير ۾
وڃي مقيم ٿيو هجي، ڇاڪاڻ ته ابتدائي دؤر کان اها
سندن جاگير هئي ۽ گهڻي عرصي تائين جاگير قائم رهڻ
سبب انهيءَ گهراڻي پنهنجو خانداني مرڪز، راڌڻ پور
کي بڻائي ڇڏيو هو.
ترخان نامه جي تاليف، 1065- 1066هه:
راڌڻ پور ۾ ميرزا تقريبن پوڻان ٻه سال فارغ
هو، يعني 1065هه جو سڄو سال ۽ 1066هه جا تقريباً
ڏهه مهينا کن هو ملازمت جي مصروفيتن ۽ زندگيءَ جي
سڀني هنگامن کان فارغ ٿي يڪسوئيءَ سان ويٺو هو.
کيس ان وقت پنهنجي ابن ڏاڏن جي تاريخ معلوم ڪرڻ
طرف توجهه ٿيو – اهڙي ئي وقت ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجا
اباڻان ياد به ايندا آهن، مخصوصاً جڏهن ته سندس
خاندان ۾ باقي ڪي فرد وڃي بچيا هئا. پڻس گذاري ويو
هو، وڏو ڀاڻس عنايت الله به جهان ڇڏي چڪو هو،
جهڙيءَ ريت ذخيري جي مولف لکيو آهي: سندس ڪيترا
ٻيا ڀائر پڻ گذاري ويا هئا ۽ خاندان ۾ کانئس سواءِ
شايد ٻه ننڍا ڀائر باقي جيئرا هئا. ان وقت پاڻ به
ڪو جوان ڪونه هو، بلڪه شيخ فريد جي چواڻي مڙس
”مُسن“ ٿي چڪو هو – اهڙي ئي دلگير ڪندڙ سمي ۾ کيس
پنهنجا ”گذشتگان“ ياد آيا ۽ هن چاهيو ته، پنهنجي
بزرگن جي حالات سان پنهنجو پاڻ وندرائي.
سنڌ ۾ سندس ڪوبه ڪونه هو، هتان گهراڻي جو بنياد
تقريبن نڪري چڪو هو. تنهن ڪري هن، ٺٽي ۾ پنهنجي هڪ
سنگيڻين رشتيدار سيد محمد شيرازي ٺٽوي ڏانهن –
جيڪو ميزا صالح وڏي جو ڏهٽو هو – لکيو ته: هو سنڌ
منجهان ڪتاب ”ترخان نامو“ ڳولي لهي، ڏانهن ڏياري
موڪلي!. چنانچه سيد محمد تلاش ڪئي، پر اهڙي نالي
سان ڪوبه ڪتاب کيس ملي ڪونه سگهيو. جنهن بعد هن
مختلف ڪتابن جي مدد سان ساڳين مطالبن تي مشتمل،
نئون ڪتاب تاليف ڪيو، جنهن جو نالو – ترخان نامو –
رکي، ڏانهس ڏياري موڪليو. مقدمي ۾ مولف انهيءَ
روئداد کي هن ريت بيان ڪيو آهي:
”- از روئ قبيله پروري، ميلي تمام و رغبتي مالا
کلام، بمطالعه احوال اسلاف عالي نزاد خود داشت ...
بنا بر شفقت و مهرباني طريقهء مسلوکهء آبا و اجداد
کرام – که باين سلسلہ فقرا داردند – مبذول فرمود.
بنا براين اقل العباد ... نامہ نگارش فرمود که:
کتاب ترخان نامه را ارسال نمايد!- هر چند اين خادم
... تفحص و تجسس نمود، در بلاد سند کتاب ِ مذکور
پيدا نشد، هيچ کس از آن نشان نداد. و امتثال امر ِ
متاع ِ آن بزرگ برخود لازم ديد، لاجرم باوجود تعلق
خاطر باموري که انتظام مهام اين نشاء را از آن
ناچار است، رجوع کتب معتبره ... نموده، آنچه مطلبو
و مرغوب آن ... بود، انتخاب نموده ......... آن را
مسميٰ به و ”ترخان نامه“ گردانيد-“
اسان جو خيال آهي ته اهو ڪتاب، جيڪو مولف مڪمل ڪري
ميرزا جي نالي منصوب ڪيو، غالباً
1065هه جي آخر يا 1066هه جي ابتدا ۾ تاليف ٿيو.
مولف پاڻ تاريخ ڪابه ڏني آهي، ليڪن اهو ظاهر آهي
ته ميرزا عيسيٰ جي وفات (12 محرم 1062هه)
کان پوءِ ڪتاب لکيو ويو. ميرزا صالح خود
1064هه تائين ته مالزمت ۾ مصروف هو، تنهن ڪري ظاهر
آهي ته ڪتاب تڏهن لکيو ويو، جڏهن ميرزا
صالح کي نوڪريءَ تان لهڻ بعد يڪسوئيءَ جا پوڻان ٻه
سال (65- 1066هه) مليا.
سيوهڻ جي فوجداري، آخر 1066هه:
بظاهر جئن مٿي ڏيکاري آيا آهيون، ميرزا
سورٺ مان اچڻ بعد پوڻان ٻه سال کن ڪنهن به ٻئي
سرڪاري عهدي تي ڪونه هو ۽ پنهنجي جاگير راڌڻ پور ۾
ويٺو رهيو. 1066هه جي آخر ۾ بلڪ ممڪن آهي ته پوين
ٻن مهينن جي اندر ميرزا صالح کي، سيوهڻ جي
فوجداريءَ لاءِ شاهي فرمان پهتو. ماثر الامرا حسب
دستور تاريخ ڪانه ڏني آهي، فقط هيترو لکي ٿو:
”- در سال سي ام بخدمت فوجداري و تيولداريء
سيوستان از تغير ميرزا ابوالمعالي ... تارک
افتخار بر افراخت...“
کانئس اڳ، سيوهڻ جو فوجدار ميرزا ابو المعالي
هو، جنهن جو تقرر بقول صاحب ماثر ڇويهين سال
شاهجهانيءَ ۾ سيوهڻ تي ٿيو هو.
”- در سال بست و ششم (62- 1063هه) جلوس اعليٰ حضرت
بمنصب دو هزاري هزار و پانصد سوار و جاگيرداري و
فوجداري سيوستان تارک عزت بر افراخت-“
ماثر جو مؤف هن جي تذڪري ۾ تبادلي جو سال ايڪٽيهون
لکي ٿو، حالانڪه ميرزا صالح جي سلسلي ۾ لکي
چڪو آهي ته، هو ٽيهين سال شاهجهانيءَ ۾ سيوهڻ جو
فوجدار ٿيو. بهرحال هڪ خط جي بناءَ تي – جيڪو هن
هيٺ اچي ٿو – معلوم ٿئي ٿو ته: ميرزا صالح
کي سال 1066هه جي آخري ٻن مهينن ۾، سيوهڻ جي
فوجداريءَ جو حڪم مليو ۽ ٻه مهينا کن تياريءَ ۾
وٺي، هو محرم 1067هه جي ٽين تاريخ سيوهڻ پهتو.
منصب جو اضافو، 1066هه:
سيوهڻ جي فوجداريءَ سان گڏ، بادشاه سندس منصب ۾ به
اضافو ڪيو، هن کان اڳ هو، دو هزاري ذات ۽ پندرهن
سو سوارن جو منصبدار هو ۽ هن دفعي سندس سوارن ۾
پنجن سون جو اضافو ڪري – دو هزار ذات و دو هزار
سوار – تي پهچايو ويو.
محمد صالح
کي – جهڙيءَ طرح هتي اچي چڪو آهي – پهريون منصب
محرم 1052هه ۾ مليو هو، جنهن کان پوءِ پهريون
اضافو محرم 1057هه ۾ ٿيس ۽ ٻيو اضافو کيس پيءُ جي
وفات بعد 1062هه جي غالباً محرم مهيني ۾ مليو، هي
ٽيون اضافو هو، جيڪو پڻ محرم جي مهيني ۾ ئي عمل
هيٺ آيو.
سيوهڻ ۾ آمد، 3 محرم 1067هه:
ميرزا صالح کي – اسان جو قياس آهي ته –
سيوهڻ جي فوجداري حڪم رمضان 1066هه ڌاري مليو ۽
اچڻ جي تياري ۾ ڪم و بيش کينس مهينو ڏيڍ لڳو
هوندو، ذي الحج جي عيد غالباً پنهنجي جاگير راڌڻ
پور ۾ پڙهي ڏهه ڏينهن کان پوءِ به رهي سيوهڻ –
يعني پنهنجي اباڻي ملڪ ڏانهن – روانو ٿيو هوندو.
سيوهڻ ۾ هو 3 محرم 1067هه جو داخل ٿيو، جهڙيءَ ريت
هيٺين عريضي مان ظاهر ٿئي ٿو.
دربار ڏانهن عريضو، 3 محرم 1067هه:
ميرزا صالح سيوهڻ پهچڻ شرط هڪ عريضو اطلاع
لاءِ دربار ڏانهن موڪليو هو، جنهن جو نقل خوش
قسمتيءَ سان هڪ خطي بياض مان مليو آهي – اهو خط
ڪيترن اهم ڳالهين تي روشني وجهي ٿو، خط جي عبارت
هن ريت آهي:
ماثر ج 3 ص 560 پرشن لٽريچر جي مؤف مسٽر
اسٽوري غلطيءَ کان ترخان نامه جو ذڪر ڪندي
محمد صالح لاءِ لکيو آهي ته هو 1061هه ۾ ٺٽو
جو صوبيدار هو. ٿي سگهي ٿو ته صاحب ممدوح سورٺ
جي بجاءِ سهو کان ٺٽو لکي ويٺو آهي. پرشن
لٽريچر صـ 655
|